لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

طبي پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب ”طبي پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن ۽ چوڻين جي ڪتاب جو سهيڙيندڙ عبد الوهاب سهتو آهي.
Title Cover of book طبي پهاڪا ۽ چوڻيون

11. طبي تشبيھن تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون

11.1 تپن مؤمن ڪيو اٿس. (سنڌ، اصطلاح)
جنھن کي تپ/ بخار ٿيندو آهي، سو ٿورو ڪمزور ٿيندو آھي يا لھڪارجي پوندو آهي. اهڙيءَ طرح اللھ جو خوف رکندڙ مؤمن ٻانھو به ڪمزور ۽ لھڪاريل هوندو آهي.
ھڪڙو مثل مشھور آھي؛
ھڪڙا پٺاڻ، سنڌ جي ٻھراڙيءَ ۾ واپار جي لحاظ کان وڃي رھيا ھيا. واٽ تي ھڪ پل وٽ ڪي ٻه ڄڻا سنڌي سنگت ڪيو ويٺا ھيا. انھن کين مسافر سمجھي سلام ڪرڻ ۾ پھل ڪئي ته پٺاڻن کين ورندي نه ڏني. سندن پويان ھڪڙو پٺاڻ آھستي پئي آيو. پوئتي ھيو، تنھنڪري مٿس پوءِ سلام ورايائون. جنھنجي موٽ ۾ ھُن به کين وعليڪم السلام چيو. اھو جواب ٻڌي، سنڌي پاڻ ۾ چوڻ لڳا؛ “ھيءُ لالو مڙيئي مؤمن ٿو نظر اچي.”
ٻھراڙين ۾ ھلندڙ پٺاڻ ٿوري گھڻي سنڌي سمجھندا آھن. سندن گفتو ٻڌي، سلام جو جواب ڏيندڙ پٺاڻ موٽ ۾ چين؛ “لالو مؤمن ناھي، لالي کي تپ آھي.”
“پاڻ ڀلياسين، لالو مؤمن ناھي!” سنڌي پاڻ ۾ چوڻ لڳا؛ “لالي کي تپن مؤمن ڪيو آھي.”
اھڙو ھڪ ٻيو ٽوٽڪو پڻ مشھور آھي:
هڪڙو ڪوئو، هاٿيءَ سان مليو. پھرين ملاقات ۾ هاٿيءَ کان پڇيائين؛ “تنھنجي عمر گهڻي آهي؟!”
“منھنجي عمر!” هاٿيءَ ٻڌايس؛ “اها ئي ٻه سال کن ٿيندي! ۽ تنھنجي گهڻي آ!”
“بس اها به اهائي” ڪئي وراڻيس؛ “ساڳي ئي ٻه سال کن ٿيندي! ....پر!”
“پر ڇا؟” هاٿيءَ پڇيس.
”پر!” ڪئي مٿو کنھندي ٻڌايس؛ ”مون کي سال کن تپ ٿيو هيو. جنھن ڪري ساڳائي نه سگهيس ۽ لھڪاريل آهيان!”
مطلب:
اللھ طرفان آيل آفت/ عذاب/ آزمائش بعد، جيڪو سڌري، ان لاءِ ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.
11.2 پيريءَ جو پڪو هڏ، ڀڄڻ بعد جڙي نه ڪڏِ. (سرو، چوڻي)
ننڍي ٻار جو هڏ ڪچو ۽ لچڪدار Flexible ٿيندو آهي. جلد مُڙي به ويندو آهي ۽ ڀڄڻ بعد جُڙي به ويندو آهي. پوڙهي، ڪراڙي ماڻھوءِ جو هڏ پڪو ۽ ٽاڪئون Brittle ٿيندو آهي، ورندو به گهٽ ۽ ڀڄڻ بعد جڙندو به گهٽ آهي. ان ڪري پڪي پوڙهي کي ٻاراڻين حرڪتن کان گريز ڪرڻ گهرجي. اڃا به عمر ٿئيس سٺ ته هٿ ۾ کڻي هلي لٺ وانگر، ٽيڪ ڏئي هلڻ گهرجيس.
مطلب:
پيريءَ ۾ ھلڻ ڪرڻ وقت احتياط ڪجي. ھٿ ۾ لٺ کڻجي، تڪڙو نه ھلجي. ٿڙڻ کانپوءِ عضوو ڀڳو ته جڙي نه سگھندو.
11.3 جڏهن ڏند هئا، حلوو نه هئو،
هاڻي حلوو آهي ته ڏند ناهن . (اردو، پھاڪو)
چاٻو حلوو، چٻاڙڻ لاءِ مضبوط ۽ پڪا ڏند کپن. جڏهن ڏند هئا ۽ جواني هئي ته اهڙو موقعو نه مليو ته حلوو چٻاڙجي. هاڻي پيريءَ ۾ ڏند هليا ويا آهن ته حلوو چٻاڙڻ لاءِ موقعا ميسر ٿي ويا آهن. خدا تعالى جي قدرت جا به عجيب کيل آهن. ڪڏهن هڪڙي نعمت سان نوازي، ٻي کسي ڇڏي ٿو ته ڪڏھن وري ٻي ڏئي، پھرين کسي ڇڏي ٿو. هونئن به کنئي وَٿُ جو مُلھه ڪونھي.
مطلب:
نه منه مين وھ دانت ھين، نه پيٽ مين وھ آنت ھين. اردو
پيريءَ ۾ ھر شيءِ ڪمزور ٿيو وڃي.
کنئي کپي ڪانه، ڳولھي لڀي ڪانه.
11.4 جنھن ڏٺو ناهي زخم، سو ڇيت کان پيو ڇرڪي. (انگريزي، پھاڪو)
تجربي کانسواءِ ڪڏهن به حقيقي علم ميسر نه ٿيندو آهي. هڪ همراهه ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻ کانپوءِ ڏاڍو ڊنو پئي ۽ رڙيون پئي ڪيائين. ٻيڙيءَ جي سربراهه کيس ٻيڙيءَ مان اڇلائڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن کيس درياهه ۾ اڇليو ويو ته اڻ تارو هئڻ ڪري گهوتا/ غوطا کائڻ لڳو. ان کان پوءِ کيس ڪڍي، ٻيڙيءَ ۾ ويھاريائون ته سڄي واٽ ماٺ ۾ ويٺو هليو. اهڙي طرح جنھن کي زخم نه رسيو آهي، سو به ڏاڍو ڊڄڻو ٿيندو آهي ۽ ڪک ڪاڄر کان به ونءٌ پيو ويندو آهي.
مطلب:
جنھن تڪليف نه ڏٺي آھي، تنھن کي ان جو احساس به نه ٿو ٿئي.
11.5 جيڪي سڄڻ هٿان ملي سو کاءُ،
ڇو جو طبيب کان بيمار سياڻو ناهي. (پھاڪو)
بيماريءَ سبب مريض جو ايترو حوصلو نه هوندو آهي جو پنھنجي لاءِ صحيح علاج جواندازو ڪري سگهي. ڀلي پاڻ ڪيڏو به ڀلو ڊاڪٽر ڇونه هجي پر مريض ٿيڻ بعد، ڪنھن وڏي معالج کان ئي علاج ڪرائيندو آهي. ڇو جو بيمار هئڻ جي صورت ۾ اڳلي ڊاڪٽر کان عقل ۾ وڌيڪ ناهي. اهڙيءَ طرح روحاني بيمارين کان بچڻ لاءِ جيڪي نسخا اللھ جي رسول ٻڌايا آهن، سي اکيون ٻوٽي اختيار ڪرڻ گهرجن. ڇو جو سندن کان سواءِ، نه ڪو وڌيڪ ڄاڻو آهي ۽ نه ئي ڪو وڏو سڄڻ يا همدرد آهي.
مطلب:
بيمار کي، طبيب جي صلاح تي ھلڻ گھرجي.
11.6 چاق ٿيڻ کانپوءِ، ويد به ويري (هندي، پھاڪو)
چاق ٿيڻ يا مطلب نڪرڻ کانپوءِ، حڪيم ڏانھن وٽ ڪير به موٽي نٿو اچي. دنيا جي ياري به مطلب ڦاسڻ تائين آهي. مطلب:
مطلب نڪتو ياري پوري.
ڪم لٿو، ڊکڻ وسريو.
ڪم لٿو، ڪاھر ڦاٽو.
سيرو کاڌو، پاتل ڦاٽي.
11.7 خوشيءَ جھڙي خوراڪ ناهي، ڳڻتيءَ جھڙو ڳارو ناهي. (سنڌ، پھاڪو)
خوش رهڻ ۾ تندرستي آهي ۽ ڳڻتي ڪرڻ ۾ بيماري آهي. ان ڪري دنياوي شين جو غم نه کائڻ گهرجي. بلڪ هر معاملي ۾ شڪر ۽ صبر کان ڪم وٺڻ گهرجي. هر معاملي کي اللھ تعالى طرفان سمجهجي ۽ هر معاملي جي حل لاءِ ڏانھنس رجوع ڪجي. اصل خوشي انھيءَ ۾ آهي ۽ سڪون به انھيءَ ۾ ڪم آهي.
مطلب:
اندر جي خوشي ۽ اندر جو غم، ماڻھوءَ کي خوش رکن ٿا يا نھوڙي ڇڏين ٿا.
11.8 دائيءَ کان دُنُ، ڳجهو ناهي. (سنڌ، پھاڪو)
ٻار ڄڻائڻ وقت، دائيءَ جا ٻه ڪم آهن؛ هڪ ته ٻار ماءُ جي پيٽان صحيح سلامت نڪري ۽ ٻيو ته ناڙو وڍي، ٻار جو دُنُ ٻڌڻ. ناڙو ڪپي، دُنُ کي چڱيءَ طرح ڏُهي، ڳنڍ ٻڌڻ به ڀليءَ دائيءَ جو ڪم آهي. عام مائيءَ کان دن نه ٻڌجي سگهندو. جيڪا دائي،گھران سيڙجي ٻار ڄڻائڻ آئي آهي. کانئس اهو اهم ڪم ڪيئن وسرندو؟ کيس ان وقت ٻار جي دن بابت تعليم ڏيڻ معنى ھٿ سان کيس چڙ ڏيارڻ.
مطلب:
ھنرمند، پنھنجي ھنر جو مھا ڄاڻو ٿيندو آھي.
11.9 ڏيڏريءَ کي زڪام ٿيو آهي؟ (اردو، پھاڪو)
زڪام، آبي بيماري آهي، جيڪا خشڪيءَ تي رهڻ وارن ساھدارن کي ٿيندي آهي. پاڻيءَ ۾ رهندڙ کي نه ٿيندي آهي. ڏيڏر پاڻيءَ ۾ رهندڙ آهي، اهو جيڪڏهن زڪام جو عذر ڏئي ٿو ته کل جھڙي ڳالهه ٿيو پوي. جيڪو ماڻھو، جنھن ماحول ۾ رهي ٿو ۽ ان جي غير موافق هئڻ جو عذر ڏئي ته کيس ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.
مطلب:
ساڳئي ماحول ۾ رھندڙ تي ماحول جو الٽو اثر نه پوندو آھي.
11.10 سائيءَ واري کي سڀ ساوا ڏسڻ ۾ ايندا آهن. (لاڙ، پھاڪو)
هر ماڻھو ٻئي جي معاملي کي پنھنجي اندروني ڪيفيت آهر سمجهندو آهي. سڃي جي نظر ۾ سڄي دنيا سڃي ۽ ڍاول جي نظر ۾ سڄي دنيا ڍايل آهي. تندرست جي نظر ۾ سڄي دنيا تندرست ۽ بيمار جي نظر ۾ بيمار هوندي آهي.
مطلب:
چور جي نظر ۾ سڀ چور آهن.
سانوڻ جي انڌي کي ساواڻ ئي ساواڻ سُجهندي آهي.
11.11 ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ، وڏو ظلم آهي (سنڌ، پھاڪو)
ڦٽ/ زخم، لوڻ پوڻ تي پوسربو، رِسندو ۽ ڳارِ ڪندو آهي. ڦٽ تي لوڻ ٻرڪڻ، علاج ڪرڻ يا سڄڻائپ ڪرڻ ناهي بلڪ دشمني ڪرڻ آهي. ڪنھن مجبور جي، بجاءِ مدد ڪرڻ جي، سندس مجبوريءَ مان فائدو وٺڻ به ائين ئي ظلم ڪرڻ آهي.
مطلب:
ٻئي کي ھٿ وٺي تنگ نه ڪجي.
11.12 ڪي مٺا مرض ۽ لذتي دوائون به آهن ڇا؟ (هندي، پھاڪو)
مرض ڏکوئيندڙ ٿيندو آهي. مٺو، مزيدار، فرحت بخش ڪين ٿيندو آهي. اهڙيءَ طرح تندرستي ڏيندڙ دوا به اُگري، ڪؤڙي ٿيندي آهي، مٺي نه ٿيندي آهي. معاشرتي، اخلاقي، نفسياتي بيماريون به ڏکوئيندڙ ٿينديون آهن. انھن جا علاج به ڪؤڙي گوري ڳھڻ جھڙا هوندا آهن.
مطلب:
مرض مان يا دوا مان ڪير به خوش نه ھوندو آھي.
11.13 مرض غالب پوي، حواس باخته ٿين. (فارسي، پھاڪو)
مرض جسماني هجي يا روحاني، ذهني طرح مفلوج ڪري ڇڏيندو آهي. اهڙيءَ طرح اخلاقي، معاشرتي، نفسياتي مرض يا بيماريون به معاشري کي اڏوهيءَ وانگر کائي چَٽُ ڪري ڇڏينديون آهن. قوم جو مجموعي ذهن مفلوج ٿي ويندو آهي. کين ڪوبه علاج نه سُجهندو آهي.
مطلب:
مرض، نھوڙي ڇڏي ٿو.
11.14 مريض مئو، وزن جي خبر پئي. (ساهتي، پھاڪو)
سيکڙاٽ ڊاڪٽر، غلط دوا ڏئي، مريض مارڻ کان پوءِ پاڻ کي ائين تسلي ڏيندا آهن. سندن طرفان غلط دوا تجويز ڪرڻ سان ٻئي جو سر ھليو ويندو آھي ۽ پاڻ ان ۾ به پيا خير سمجھندا آهن. ڇو جو کين اڳتي لاءِ تجربو حاصل ٿيندو آھي. چوندا آھن؛ ھاڻي جيڪو مريض اسان وٽ ايندو اھو ته ڪم از ڪم نه مرندو، بلڪ شفاياب ٿي پوءِ موٽندو.

مطلب:
تجربو حاصل ڪرڻ لاءِ نقصان برداشت ڪرڻو پوندو آھي.
مريض مئو ته خير آهي، وزن جي ته خبر پئي.
مروان موت، ملوڪان شڪار.

11.15 موت جو ڊپ، جنھن کي ڏبو سو تپ تي راضي ٿي ويندو. (ساهتي، پھاڪو)
وڏي مصيبت جو ڀؤ ڏبو، تڏھن ماڻھو ننڍي مصيبت سھڻ لاءِ راضي ٿيندو. لاهو گاهو ڪرڻ کانسواءِ ڪنھن کي ڪابه اگري ڳالهه مڃرائڻ آسان ڪم ناهي.
مطلب:
گھڻي تڪليف جي ڀوَ کان، ٿوري تڪليف سھڻ لاءِ ھر ڪو راضي ٿي ويندو.
11.16 نڀاڳي کي نڪھير، مانيءَ تي اچي. (اسرو، پھاڪو)
نڪھير؛ نڪئون رت اچڻ
مانيءَ کائڻ وقت نڪھير ايندي ته ماني نه کائي سگهبي. نڪھير، گرميءَ سبب، ننڍن ٻارن ۾ ٿيندي آهي ۽ ان جو خاص علاج ناهي. مانيءَ وقت نڪھير اچڻ، ڪمبختي/ نڀاڳ جي نشاني آهي. اهڙي ماڻھوءَ جي ماني نِرَهُ هوندي آهي.
مطلب:
نڀاڳي مڱڻھار کي، گهور مھل ٽورو ايندو آهي.

11.17 نه مئو مري ٿو، نه منجو ڇڏي ٿو (هندي، چوڻي)
بيمار، ڪمزور، نامرد مان گهر واري به بيزار هوندي آهي. اهو گهر ۾ کٽ ۽ ماني سيڙايون ويٺو هوندو آهي. وس ويندي زال نه چاهيندي آهي ته پيريءَ ۾ مڙس جي ڇانءَ مٿانس هلي وڃي. تنھن هوندي به بيزاريءَ کان ائين چئي ڏيندي آهي.
مطلب:
بيمار/ ڪمزور، ٻين تي چٽي/ آزار ھوندو آھي.
11.18 نه وات ۾ اهي ڏند، نه پيٽ ۾ اهي آنڊا (اردو، پھاڪو)
کاڌو هضم تڏهن ٿيندو، جڏهن مضبوط ڏندن سان چڱيءَ طرح پيھي، طاقتور آنڊن ۾ موڪلبو. پيريءَ ۾ ڏند ڀڄي پون ۽ آنڊن ۾ اها طاقت نه رهي ته ائين چيو ويندو آهي. معاشرتي طور تي اهو اوج نه رهي تڏهن به ائين چيو ويندو آهي.
مطلب:
پوڙھپ ۾ ھر عضوو جواب ڏئي ويندو آھي.
11.19 ويائي، آهي ڪھائي. (ساهتي، چوڻي)
ويامڻ واري عورت ائين آهي، جيئن ڪنھن ڪٺو هجيس. يعني ويم وقت ڳورھاري عورت کان ايترو رت وھي ٿو، جيترو سير پوڻ تي رت وھي.
مطلب:
ويم واري عورت، ڪٺل مثل آھي.
11.20 ويائيءَ کان وڌيڪ سور، دائيءَ کي. (سنڌ، پھاڪو)
ويم جا سور، پيٽ واريءَ کي ٿيندا آهن. عام طور ائين ڏٺو ويو آهي ته ان کان وڌيڪ ڦٿڪو دائيءَ کي هوندو آهي. ويامندڙ، سور کان ايتريون ڦيٽون نه کائيندي آهي جيترو دائي انعام حاصل ڪرڻ لاءِ مڪر/ ڇند يا رڙيون ڪندي آهي. ٻئي جي تڪليف مان فائدو وٺڻ لاءِ مڪر ڪرڻ واري کي ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.
مطلب:
گهوٽ-ماءُ کان اَهنر-ماءُ تڪڙي.
شاهه کان وڌيڪ شاهه جو وفادار نه ٿجي.
11.21 هڪ انار، سؤ بيمار. (فارسي، پھاڪو)
جڏهن هڪڙي بيماريءَ جو علاج، ڏاڙهون کائڻ سان ٿئي ۽ اهڙا مريض سوين هجن ۽ بازار ۾ ڏاڙهون هڪ هجي ته حالت ڪيڏي نه ڏکي ٿي پوندي آهي؟ محلي ۾ سھڻي ڇوڪري هڪ هجي ۽ چاهيندڙ سؤ هجن، پوءِ صورتحال ڪيڏي نه ڳنڀير ٿي پوندي؟ اهڙيءَ صورتحال ۾ ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.
مطلب:
ستارون سي آگي جھان اور ڀي ھين، محلي مين دو لڙڪيان اور ڀي ھين.