لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

طبي پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب ”طبي پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن ۽ چوڻين جي ڪتاب جو سهيڙيندڙ عبد الوهاب سهتو آهي.
Title Cover of book طبي پهاڪا ۽ چوڻيون

9. اڻ ڄاڻ طبيبن جي مذمت ۾ چيل پھاڪا ۽ چوڻيون

پيٽ پالڻ يا روزگار خاطر هر ڪو حيلا هلائي ٿو. ڪنھن کي ڪھڙو ڌنڌو آهي ته ڪنھن کي ڪھڙو. جھڙيءَ طرح هڪ هنديءَ واري چيو آهي.
هرهڪ انسان جي آهي ڌرت پنھنجي، هرهڪ انسان جي آهي ڪرت پنھنجي،
لوھر کي ڪا شيءِ ڪٽڻ لاءِ گهرجي، ويڄ کي ڪو بيمار ڇُٽڻ لاءِ گهرجي،
پروهت کي سدا ججمان گهرجي، وٽانئس کيس ڪجهه دان گهرجي.
هر ڪو دل وٽان ڪري واپار، ٻئي جي سون ۾ ٿئي ڀائيوار.
آئون رشي، بابو ويڄ، امان پينھين اَنُ،
ڪرت خاطر هر ڪو ڊوڙي، جتي لڳيس مَنُ.
اڻ ڄاڻ جي کاريل کي قبر جي ڪوٺي سنواري، باقي ٻيو دارون ڪونھيس. جيئن ڪوٽ غلام محمد جو هڪڙو ڊاڪٽر، مدي جي بخار وارن کي ڪونين جي سُئي ڏوري ۾ هڻندو هيو. هاڻي اتان جي اڪثر ماڻھن جون ٻانھون ڦريل آهن. ان ڪري اناڙي يا انڌي حڪيم کان پري ڀڄجي.
مطلب:
انڌي جو ڌڪ، يا کاري يا ماري.
9.1 جان جان ناهه ضرور، تان تان طبيب ناهِ ڪو. (شاهه، چوڻي)
الف: جيستائين مرض ئي ناهي ته حڪيم جي ضرورت به ناهي.
ب: جيستائين حڪيم کي گهرج، ضرورت ناهي، تيستائين دل و جان سان حڪمت جي ڪرت به نه ڪندو. ضرورت ئي ماڻھوءَ کان هر ڪم ڪرائي ٿي. بنا ضرورت جي دنيا ۾ ڪو ئي ڪم نه ٿو ٿئي.
مطلب:
ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي.
9.2 جنھن هزار ماڻھو ماريا، سو حڪيم آهي. (فارسي، چوڻي)
نيم حڪيم/ اڌ حڪيم، بجاءِ صحيح علاج ڏيڻ جي، ڌُڪي تي علاج ڪندو آهي. سندس مريض بجاءِ صحتياب ٿيڻ جي ويندو آهي ويتر مريض ٿيندو. تان جو موت ئي کيس مرض مان ڇوٽڪارو ڏياريندو آهي. اهڙي انسان-دشمن حڪيم/ ڊاڪٽر کان علاج نه ڪرائجي. هٿائين کيس اهڙي ڪم کان باز رکجي.
ھر ڳالھ سکڻ لاءِ، تجربا حاصل ڪرڻ ضروري آھن، جيڪي نقصان/ گھاٽي مان ئي حاصل ٿيندا آھن.
مطلب:
سو سوار ئي ناھي، جنھن ٿاٻو نه کاڌو آھي.
ڀيٽيو؛ نيم حڪيم خطرھ جان.

9.3 ڄاڻي وڇونءَ جو مَنڊُ به نه، هٿ وجهي نانگن جي ٻر ۾. (سنڌ، پھاڪو)
جيڪي جوڳي نانگ پڪڙي، ٽٻڻيءَ ۾ وجهي، مرليءَ تي نچائي، دان ڪمائيندا آهن، سي نانگ جو مَنڊُ به ڄاڻندا آهن. جيڪڏهن کين مَنڊُ نه اچي يا وسري وڃي ته پوءِ پڪڙيل نانگ، کين به ڪکي وجهندو آهي.
جن جوڳين کي وڇونءَ جھڙي موذيءَ جو منڊُ نه ٿو اچي، تن کي وڏي نانگ ۾ هٿ نه وجهڻ گهرجي. جيڪڏهن نانگ جي ٻر ۾ هٿ وجهندو ته پنھنجي هٿ سان پنھنجي حياتي وڃائيندو.
مطلب:
ھٿ جي وڍيءَ جو، نه ويڄ نه طبيب. پھاڪو.
خود ڪردني را علاجي نيست. فارسي، چوڻي.
ڀيٽيو؛ ۳.۱۰ پنھنجي ڪِئي جو، نه ويڄ نه طبيب.
9.4 حڪيمين ۽ حاڪمين، شال نه ڪو تات پوي. (سرو، پھاڪو)
جنھن کي جسماني مرض وچڙندو آهي، سو حڪيمن ڏانھن ڀڄندو آهي. جيڪي پئسا به ڦُريندا اٿس، ڪؤڙيون دوائون به ڏيندا اٿس ۽ بي سوادي کاڌن کائڻ جو ڏَسُ به ڏيندا اٿس. ڪڏهن ته غلط دوائون ڏئي، ٻئي جھان ڪڍي ڇڏيندا اٿس. اهڙيءَ طرح معاشرتي معاملن ۾ ڦاٿل، وري حاڪمن ڏانھن ڀڄندو آهي. جيڪي رشوت طور، سندس مال ملڪيت به هڙپ ڪري وٺندا آهن ۽ انصاف به نه ڏياريندا آهن. ٻنھي ڌرين وٽ وڃڻ وارو لوڙي لوڙي يا چُڻي چُڻي مري ٿو.
مطلب:
طبيبن تات، دشمن به نه پوي. (ساهتي)
9.5 ڪئي لڌي هئڊ ڳڙي، چي؛ “مان پساري آهيان!” (سرو، پھاڪو)
هڪڙا اهڙا حڪيم هوندا آهن، جن کي هڪ اڌ نسخو ملي وڃي ته پاڻ کي وڏا حڪيم پيا چوائيندا آهن. هڪڙي ڳوٺ ۾ به اهڙو حڪيم اچي ساماڻو، جيڪو دوستن يارن کان ٽوڻا، نسخا ٻڌي پيو دوائون ٺاهيندو، کائيندو هيو. پوءِ ڪڏهن سندس منھن سڳل ته ڪڏهن سڄي بت جا وار چٽ هوندا هئس. سدائين ٻوٿ ويڙهيو وتندو هيو. ڳوٺ جي ماڻھن به فيصلو ڪري ڇڏيو هيو ته هن حڪيم جي دوا کان مريض مئو ڀلو آهي.
مطلب:
ڀيٽيو؛ ۷.۹ نيم حڪيم، خطره جان.
9.6 مرض کان وڌيڪ، ڊاڪٽر کان ڊڄڻو پوي ٿو. (فرينچ، چوڻي)
مرض، خدا طرفان يا آزمائش هوندو آهي يا عذاب. جيڪڏهن آزمائش طور لڳندو آهي ته ستت ئي ڇڏي ويندو آهي. ڪک مان به جان ڇٽي ويندي آهي. دعا جا هٿ کڻڻ سان به درد دفع ٿي ويندو آهي.
جيڪو مرض عذاب طور لڳندو آهي، اهو دوائن تي بجاءِ دفع ٿيڻ جي چڙندو آهي ۽ وڌندو ويندو آهي. اردوءَ واري چواڻي؛ مرض بڙهتا هي گيا، جون جون دوا ڪي. ان ڪري مرض کان نه پر ڊاڪٽر يا حڪيم کان ڊڄجي.
مطلب:
مرض کي وڌيڪ ڀوائتو، حڪيم جي جھالت ڪندي آھي.

9.7 نيم حڪيم، خطره جان،
نيم ملا، خطره ايمان،
نيم نان، صحتِ جان. (فارسي، پھاڪو)
گهٽ ڄاڻ رکندڙ، هميشه نقصان ۾ پوندو يا ٻئي کي نقصان ۾ وجهندو آهي. ڪم-علم حڪيم کان، ڀلجي به دوا نه وٺجي. صحتياب ٿيڻ بجاءِ، ماڻھو کرندو يا مرندو. گهٽ ڄاڻ وارو حڪيم، مريض جي ڄڙھ ڪڍي ڇڏيندو آھي. اھڙيءَ طرح وري گهٽ علم يا گھٽ ڄاڻ رکندڙ، وڏو نقصان ڏيندو آھي. گهٽ علم وارو ملان، ايمان کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو آھي.
جڏهن ته چار شيون گھٽ ھئڻ گھرجن، ان ۾ ئي فائدو آھي. سي آھن؛ گهٽ کائڻ، گهٽ کلڻ، گهٽ ڳالھائڻ ۽ گهٽ سمھڻ.
مطلب:
نيم حڪيم، دوا اندر دم ٻاهر.
نيم حڪيم خطره جان، نيم ملان خطره ايمان.
نيم حڪيم/ نيم طبيب، خطره جان.
نيم طبيب خطره جان، نيم ملان خطره ايمان، نيم نان صحت جان.
نيم ملان خطره ايمان، نيم حڪيم خطره جان.
نيم طبيب، بَلائي جان.
نيم ملان، خطره ايمان.

9.8 ويڄ! ڏنڀئين ڇو ٻانھن! سور هيئين کي سامھان! (شاه، بروو سنڌي، چوڻي)
علاج اهو ڪجي، جيڪو مخصوص مرض لاءِ ھجي. سور دل ۾ هجي ته ٻانھن جو علاج نه ڪجي. غلط علاج ڏيڻ سان مريض مريو وڃي. جسماني/ روحاني مرضن جو علاج ڪجي. غلط نسخا ٻڌائي مريضن/ ماڻھن کي ويتر پريشان نه ڪجي. نه ئي کين پاڻ ۾ ويڙهائي ڍانگو ڍانگ نه ڪجي.
مطلب:
اک ۾ ڪک، ڦوڪ ڪن ۾ پئي اچي. (سنڌ)
مغز جي سور جو علاج، تاج ناهي. (فارسي)

9.9 هاريا ويڄ مياس، سُڌِ نه لھنم سور جي،
پريان کي چوندياس، ته ترس طبيبن ڇڏيو. (شاه، چوڻي)
جنھن طبيب/ حڪيم کي ترس يا دل ۾ رحم ناهي، تنھن جي دوا ته اثر نه ٿي ڪري هٿائين مريض کي کاريو ڇڏي. اهڙيءَ طرح جنھن عالم وٽ، علم سان گڏ خلوص ناهي ۽ من ۾ لالچ اٿس، ان جو علم ٻين کي ته فائدو نه ٿو رسائي پر کيس به نه ٿو ڏئي. انھيءَ ڪري ڀٽائي مڙني حڪيمن کي نصيحت ڪندي چوي ٿو؛ دل ۾ رحم ڌاريو. ڪاسائي نه ٿيو. خدا تعالى ماڻھن کي ان لاءِ مرض نه ڏنو آهي ته توهان ڳجهن وانگر سندن آنڊا ۽ گجيون به پٽي کائو. پر مٿن رحم کائو. توهان سان به ساڳي ويڌن ٿي سگهي ٿي. جيڪو زمين وارن تي رحم نه ٿو کائي، تنھن تي آسمان وارو رحم نه ٿو ڪري. جيڪو ٻين تي ترس نه ٿو کائي، تنھن تي ڪير به قياس نه ٿو کائي.
مطلب:
ارحموا في الارض يرحمڪ في السمآءِ.
تون ڌرتيءَ وارن تي رحم ڪر ته تو تي آسمان وارو رحم ڪري.