ڦورو ۽ باد شاھہ
ٻہ ٽي ڏينھن تہ سڪون جا گذريا پر وري بہ ملڪ ۾ ڪي چورين ۽ ڦر جا واقعا ٿيا جنھن هڻي بادشاھہ جي ننڊ ڦٽائي ڇڏي هڪ نوجوان انھن واقعن ۾ قتل ٿي ويو. بادشاھہ محمد يوسف وڏي وزير هارون کي گهرائي تمام گهڻي ڇنڊ پٽي ۽ کيس حڪم ڏنو تہ مسئلي کي حل ڪري نہ تہ هاڻي جيڪو بہ ڪو ڦر لٽ جو واقعو ٿيو تہ ان جو ازالو کيس پنھنجي هڙان ۽ وڙان بہ ڪرڻو پوندو ۽ کيس وڏو وزارت تان بہ هٿ ڌوئڻا پوندا. هارون وزير جو بہ دماغ گهمي ويو کيس سمجهہ ۾ نہ پيو اچي تہ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ مشورن لاءِ ٻيا وزير، امير ۽ پوليس جا عملدار گهرايائين سڀ فڪرمند هئا ۽ سندن موجب تہ ڪو بہ ڦورو هن ملڪ جو ناهي اها شرارت ڀر واري ملڪ جي آهي تہ جيئن ملڪ رشيد آباد اندر و اندر ڏوهن ۽ ڏوهارين جي ڪري ڪمزور ٿي وڃي تہ پوءِ انھيءَ ملڪ تي حملو ڪرڻ سولو ٿي سگهي. پر بادشاھہ انھيءَ ڳالھہ سان مڪمل طور متفق نہ ٿيو.
سندس چوڻ موجب، ”جيڪڏهن اهو فرض ڪيو وڃي تہ اها دشمني ڀروارو ملڪ پيو ڪري تہ بہ ڏوھہ اسان جو آهي جو اسين پنھنجي گهر جي حفاظت ڪرڻ ۾ قاصر آهيون“. هُو وقتي طور تہ ماٺ ٿي ويو پر کين پتو لڳائڻ لاءِ گهڻو زور ڀريائين نيٺ وڏي وزير چيو تہ، ” جيئندا قبلا! توهين فڪر نہ ڪريو آئون روز رات جو ويس مٽائي گهٽين ۾ گشت ڪندس ڌڻيءَ گهريو تہ جلدي چور توهان وٽ حاضر ڪندس“ بادشاھہ يوسف خوش ٿيو، وزير روز ويس مٽائي شھر جي گهٽين ۾ گهمندو هو ۽ صبح مھل ماندو ٿي اچي گهر پھچندو هو پر کيس ڪا بہ خبر ڪونہ پئي سگهي. هفتي اندر وڏو مسئلو ٿيو هو ٿڪجي درٻار ۾ بادشاھہ وٽ ويٺو ئي مَسَ هو تہ هڪ پوڙهي عورت روئيندي ٻاڪاريندي درٻار ۾ آئي ۽ اچي بادشاھہ جي پيرن تي ڪري پيئي چيائين تہ، ”چور رات سندس ٽي ٻڪريون ۽ چار ڇيلا ڪاهي ويا آهن. هاڻي وٽس گذران لاءِ بہ ڪجهہ ڪونھي“. بادشاھہ هڪدم هُن پوڙهيءَ جي خزاني مان مدد ڪري کيس روانو ڪيو ۽ پوءِ وڏي وزير ڏي توجهہ ڪيائين جو شرمساريءَ ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺو هو. ۽ چوڻ لڳو تہ، ”بادشاھہ سلامت! آئون بلڪل دِل سان معافي ٿو گهران سڄيون راتيون گهٽين ۾ ويس مٽائي گهميو آهيان پر مون کي چورن جو ڪوبہ پتو ڪونہ پيو آهي، آئون اها ڳولھا ڪرڻ ۾ بلڪل ناڪام ٿيو آهيان“.
بادشاھہ يوسف هڪ ذهين، سمجهدار ۽ ٿڌي دماغ وارو شخص هو. ٿوريءَ دير لاءِ سوچ ۾ پئجي ويو. پر پوءِ جڏهن ڪنڌ مٿي کنيائين تڏهن هن هڪ فيصلو ڪري ڇڏيو ۽ درٻار ۾ سڀني جي منھن تي اعلان ڪيائين تہ سڀاڻي کان آئون درٻار ۾ نقاب پائي ويھندس“. سڀ حيران ٿي ويا پر ڪنھن بہ بادشاھہ کان ڪجهہ پڇڻ جي همٿ ڪانہ ڪئي. جڏهن درٻار مان سڀ هليا ويا ۽ بادشاھہ ۽ وزير خلاصا ٿي ويٺا تڏهن بادشاھہ يوسف وزير هارون کي چيو تہ، ”ڏس مون اهو اهم فيصلو ڪيو آهي تہ ڦورن جي ڳولھا ۾ آئون پاڻ نڪرندس پر تون منھنجي غير موجودگيءَ ۾ نقاب پائي شاهي لباس پھري تخت تي بادشاھہ ٿي ويھج ۽ ملڪ جو انتظام هلائيج مون کي توتي پورو ڀروسو آهي ۽ اها اميد آهي تہ ايئن ڪرڻ سان آئون چورن کي جهلي وٺندس“
وڏو وزير بادشاھہ جي چوڻ تي عمل ڪري پنھنجو پاڻ نقاب ۾ لڪائي ملڪ کي هلائڻ لڳو ۽ بادشاھہ هڪ غريب هاريءَ جي ويس ۾ چورن جي ڳولا ۾ نڪتو کيس بہ جلدي ڪا ڪاميابي ڪونہ ٿي. هڪ رات جو گهوڙن جو آواز ٻڌائين سمجهيائين تہ شھر کان نڪتا آهن سو سندن پويان هليو پر جيئن تہ انھن وٽ سواريون هيون ۽ بادشاھہ پيادو هو سو کين پھچي ڪونہ سگهيو پر ايترو سو ضرور معلوم ٿيس تہ انھن جو رخ جهنگ طرف هو. بادشاھہ جاکوڙي طبيعت جو هو، سو ماٺ ڪري ڪونہ ويٺو. ٻئي ڏينھن جهنگ ڏي هلڻ لڳو تہ ڪٿي انھن ظالمن جو ٺڪاڻو ڳولھيان جن سندس خوشحال ملڪ جي جهانگين سان ايترا ڪلور ڪيا آهن. سندس دِل ۾ اُڌما اٿڻ لڳا تہ هنن بي رحمن کي ماري ڳڀا ڳڀا ڪندس جن ڪيترن جون رڌيون ڪُنيون رُلايون آهن. وري دل کي سمجهائڻ لڳو تہ هيءُ وقت جوش جو ڪونھي هوش ڌارڻو آهي. ايئن نہ ٿئي جلد بازيءَ سان ڪنھن ڏچي ۾ نہ پوان! سوچيندو سوچيندو جهنگ ۾ هيڏي هوڏي، جاڏي تاڏي نھار ڪرڻ لڳو تہ ڪو ڦورن جي رهڻ جو ٺڪاڻو يا غار ڏسڻ ۾ اچي تيستائين هڪ نقاب پاتل چوڪيدار اچي کيس جهليو، ”تون ڪير آهين ۽ هن جهنگ ۾ ڇو پيو گهمين؟“ بادشاھہ ورندي ڏنس، ”آئون هڪ غريب ماڻھو آهيان ۽ منھنجو ڪو گهر ڪونھي ان ڪري جهنگ ۾ پيو گهمان“.
نقابي ماڻھوءَ چيس ” آئون توکي قتل ڪري ڇڏيان ها پر منھنجي سردار جي حڪم کان سواءِ نٿو ڪري سگهان“ ايئن چئي بادشاھہ کي رسين سان هڪ وڻ سان ٻڌي ڇڏيائين. نماشام جو چورن جو سردار نئين معرڪي لاءِ سنڀري وڃي رهيو هو جو سندس نظر وڻ سان ٻڌل ماڻھوءَ تي پئي، چوڪيدار ڏي ڏٺائين تنھن سڄي حقيقت بيان ڪئي. ان وچ ۾ يوسف بادشاھہ سردار کي چيو، ”آئون غريب ماڻھو آهيان مون کي مھرباني ڪري نوڪر ڪري رکو توهان جي سٺي خدمت ڪندس“ سردار راضي ٿي چوڪيدار کي اک سان اشارو ڪيو تہ هن کي غار ۾ وٺي وڃ پر هن کان واعدو ورتائين تہ، ”ڪڏهن بہ ڪنھن ڪم لاءِ جواب نہ ڏج، اسان کان اڳ ۾ ماني نہ کائج، سجاڳ رهج ۽ ڪوبہ سوال اسان کان نہ ڪج ۽ نہ ئي هن جهنگ کان ٻاهر وڃج“. يوسف بادشاھہ اهي سڀ شرط مڃيا.
يوسف هاڻي روز غار جي صفائي ڪرڻ، ماني ٺاهڻ، چورن لاءِ نديءَ تان پاڻي ڀري اچڻ ۽ ٻيا ڪم ڪرڻ ۾ ڀڙ ٿي ويو، آهستي آهستي سردار جو مٿس وڏو ڀروسو قائم ٿي ويو ٻن مھينن ۾ هن ڏٺو تہ اهي رات جو چوريءَ تي ويندا هئا، صبح جو آندل سڄو مال پاڻ ۾ ورهائيندا هئا. هُو سڀ پيو ڏسندو هو پر ڪجهہ بہ ڪونہ ڪڇندو پڇندو هو دِل ۾ گهڻو ئي لڇندو هو تہ سندس ملڪ جا ماڻھو پيا ڦُرجن پر هُو هن وقت ڪجهہ بہ ڪري ڪونہ ٿي سگهيو جو مٿس بہ هڪ چوڪيدار پھرو ڏيندڙ هو.
هڪ دفعي سردار کي چيائين تہ، ” مون کي کٽون واڻڻ اچن ٿيون تہ تڏا توريون بہ سھڻا ٺاهي ڄاڻان ٿو آئون سڄو ڏينھن واندو ٿو هجان مون کي جيڪڏهن مختلف رنگن جا سُٽ آڻي ڏيو تہ ايتري سھڻي توري ٺاهيندس جو بادشاھہ توهان کي انعام ۽ اڪرام ڏيندو.
اهڙيءَ ريت سردار کيس سامان گهرائي ڏنو هن هڪ اعليٰ درجي جي توري ٺاهي، جا هڪ سھڻي غاليچي جو ڏيک ڏئي رهي هئي. سردار گهڻو خوش ٿيو. يوسف بادشاھہ چيس ان کي مون ٻڌي ڇڏيو آهي توهين بادشاھہ وٽ وڃي کولجو نہ تہ انھيءَ جا گل پن کُلڻ سان پاڻ ۾ گڏجي ويندا“.
سردار اها ڳالھہ مڃي ۽ ٻئي ڏينھن بادشاھہ جي درٻار ۾ ويو جتي نقاب واري بادشاھہ جي اڳيان اها توري کولي پيش ڪيائين اهو نقاب وارو وڏو وزير هارون تمام ذهين هو هن حڪم ڪيو تہ هن شخص کي شاهي مھمان خاني ۾ رهايو وڃي اسين هن کي وڏو انعام ڏينداسين، سردار اهو ٻڌي خوش ٿيو. وزير سپاهين جي هڪ دستي کي تيار ڪري هڪ نقشو سمجهائي جهنگ ۾ موڪليو جتي جيڪي بہ چور هئا انھن کي گرفتار ڪيو ويو، ٻئي ڏينھن جيئن ئي سردار درٻار ۾ پنھنجو انعام کڻڻ حاضر ٿيو تہ ڏسي حيران ٿي ويو سندس سڀ ساٿي پھرين ئي درٻار ۾ گرفتار ٿي پھچي چڪا هئا پر انھن ۾ اهو غريب نوڪر موجود ڪونہ هو. تيستائين ڏٺائين تہ بادشاھہ اچي تخت تي ويٺو، وڌيڪ حيراني ٿيس جو اهو تہ ساڳيو سندن نوڪر هو. بادشاھہ چورن کي قيد ڪرائي جيل ۾ موڪليو ۽ ڦريل ۽ چوري ڪيل سڄو سامان اصل مالڪن کي موٽايو،
حقيقت ۾ ڦورن کي اها خبر ڪونہ پئي تہ جيڪا توري بادشاھہ يوسف ٺاهي کين انعام جي لالچ ۾ موڪليو انھيءَ ۾ سندن جي غار جو نقشو هو. نقاب پوش ذهين وزير اهو توريءَ تي ٺھيل نقشو ڏسي سڄي ڳالھہ سمجهي ويو ۽ ان ريت اهي سڀ ڦورو گرفتار ٿيا عقلمند ۽ هڏڏوکي بادشاھہ يوسف جي ڪري ملڪ ۾ ٻيھر امن ۽ امان قائم ٿي ويو.