ٻاراڻو ادب

ثاقب جي آئيسڪريم

ڊاڪٽر پروين موسيٰ جون ڪھاڻيون پڙهي ايئن لڳندو آهي تہ ڄڻ هوءَ ٻارڙن جي ڀَرِ ۾ ويھي ٻارن سان سندن ئي ٻوليءَ ۾ ڳالھائي رهي آھي. هن ڪتاب ۾ تيرهن ٻاراڻيون انوکيون ۽ دلچسپ ڪھاڻيون ڏنيون ويون آهن ۽ هر هڪ ڪھاڻيءَ ۾ عقل ۽ ڏاهپ جا ٻُڪ ڀري وڌا اٿس. هھڙا ڪتاب ٻارن جي هٿن ۾ ايندا تہ ٻارن ۾ ڪتاب پڙھڻ جو شوق جاڳندو ۽ اهو شوق کين علم جي دروازي تي وٺي ويندو.

Title Cover of book ثاقب جي آئيسڪريم

سونو ڪُڪڙ

ڳچ سالن جي پراڻي ڳالھہ آهي تہ ڪنھن ڳوٺ جي ننڍي گهر ۾ هڪ رَنَ زال پنھنجي ننڍڙي پٽ سالار سان گڏ رهندي هئي. ماءُ جي وڏي خواهش هئي تہ سندس پُٽ پڙهي لکي وڏو ماڻھو ٿيئي پر جيئن تہ اسڪول سندن گهر کان پري هو ۽ ڇوڪرو اڪيلو نٿي وڃي سگهيو، عقلمند ماءُ هڪ استاد کي سوال ڪيو تہ هو سالار کي گهر اچي پڙهائي جنھن جي لاءِ پئسا بہ آڇيائين، هُوءَ سيبو ٽوپو ڪري پنھنجو گذران ڪندڙ هڪ خوددار عورت هئي، استاد بہ غريبن جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي هو سو هن پئسا وٺڻ کان جواب ڏنو، سالار جي ماءُ کيس هڪ ويلو ماني کارائڻ جي صلاح ڪئي جا استاد يعقوب قبول ڪئي.
استاد پنھنجي طور گهڻي محنت ڪندو رهيو، پر سالار جو پڙهائيءَ ۾ ڌيان ذرو بہ ڪونہ لڳو، هُو نہ ڪم جو کوٽو هو ۽ نہ ئي راند روند ۾ دل هيس، پر مسئلو اهو هو جو جڏهن استاد کيس پڙهائيندو هو تڏهن اها ڳالھہ سمجهي ڪونہ سگهندو هو ۽ اها حقيقت آهي تہ جڏهن بہ ڪا شيءَ سمجهہ ۾ ڪونہ ايندي تڏهن لازمي آهي اها ياد بہ ڪونہ ٿيندي. سالار ڪلاڪن جا ڪلاڪ پڙهندو رهيو پر کيس سبق ياد ڪڏهن بہ ڪونہ ٿيو. استاد يعقوب قابل استاد هوندي بہ اها ڳالھہ نوٽ ڪري ڪونہ سگهيو تہ هو سبق سمجهي ڪونہ پيو، هن کي ڪاوڙ اچي ويندي هئي جڏهن سالار کي سبق ياد ڪونہ هوندو هو تہ کيس ماريندو هو. ان ريت استاد جي مار جو خوف سالار جي دِل ۾ ويھي رهيو.
هڪ ڏينھن هُن گهڻي دير سبق ياد ڪيو پر کيس ياد ڪونہ ٿيو تہ اچي خوف ورايس تہ اڄ سائين يعقوب ڏاڍي مار ڏيندو گهران ئي نڪري وڃان تہ نہ ماستر هجي ۽ نہ ئي مار، اهو سوچي هُو گهر مان نڪتو گهڻو اڳتي ويو تہ هڪ وڻ جي ويجهو کيس جبل هيٺ هڪ غار ڏسڻ ۾ آيو، ڊپ ٿيس تہ رات جو ڪير مون کي کڻي نہ وڃي يا ڪو جانور کائي نہ وڃي ڇو نہ هن غار ۾ لڪي ويھي رهان، هُو انھيءَ غار ۾ ئي ويھي رهيو. کيس بک بہ لڳي ۽ ماءُ جي ياد بہ اچڻ لڳي پر وري بہ ساڳيو ڊپ تہ امان بہ ماستر يعقوب وانگر مار ڏيندي، اهي سڀ ويچار ڪندي کيس ننڊ اچي ويئي. ٻيو ڏينھن شروع ٿي ويو، سخت پريشان ٿي پيو تہ ڇاڪري؟ وٽانئس ڪو فيصلو بہ نہ ٿيئي بک بي حال ڪري ڇڏيس، منھن مان نڪتس تہ، ”بک کان تہ مار چڱي آهي“، اهي لفظ منھن مان ڪڍيائين ئي مَسَ تہ ٻہ ننڍا ماڻھو غار جي منھن وٽ آيا کيس جهنگ جا ميوا ۽ کير ڏنائون هن نہ ڪڏهن اهڙو مٺو ميوو کاڌو ۽ نہ ئي ڪڏهن اهڙو لذيذ کير پيتو هو. کائڻ کانپوءِ انھن ماڻھن کيس پنھنجي دنيا ۾ هلڻ لاءِ چيو، هُو هڪدم تيار ٿي ويو جو گهر وڃڻ کان وري بہ انھيءَ دنيا ۾ وڃڻ بھتر هو جتي ڪو بہ نہ ڏک هو ۽ نہ ئي غم.
هڪ نئين دنيا ۾ پھچي سالار حيران ٿي ويو هتي سھڻا باغ، چشما ٿڌيون هوائون. اُهي ماڻھو کيس پنھنجي بادشاھہ وٽ وٺي ويا جنھن کانئس سندس جي دنيا جون ڳالھيون پڇيون آخر ۾ چيو تہ، هو منھنجي شھزادي سان گڏ کيڏي بہ سگهي ٿو ۽ پڙهي بہ سگهي ٿو، هتي ڪير ٻار مار ڪونہ کائيندو آهي، سالار تہ ڏاڍو خوش ٿيو هُو شھزادي سان راند بہ کيڏندو هو تہ پڙهندو بہ هو. هيءَ هڪ حسين دنيا هئي جتي سڀ ننڍي قدر وارا ماڻھو مھربان، محنتي ۽ سچار هئا نہ ڪنھن کي دوکو ڏيندا هئا ۽ نہ ئي ڪنھن سان وڙهندا هئا. سالار کي هيءُ امن وارو ماحول ڏاڍو پسند آيو. هو پنھنجي دنيا وساري ويٺو کيس پورو هڪ سال ٿي ويو جنھن ۾ هن سٺو پڙهيو ۽ شھزادي جو بہ پڪو دوست ٿي ويو، سال کان پوءِ کانئس پڇيو ويو تہ جيڪڏهن هو پنھنجي دنيا ۾ امڙ وٽ وڃڻ چاهي تہ ڀلي وڃي، ان ريت هو پنھنجي ماءُ سان مليو جيڪا تہ سالار جي حياتيءَ جو ئي آسرو پَلي ويٺي هئي، ساڻس ملي ڏاڍي خوش ٿي کيس زنده سلامت ڏسڻ سان هن جي اندر کي آٿٿ آئي مٿان جو ٻيءَ دنيا جون سٺيون خبرون مليس سمجهيائين سندس پٽ اُتي خوش آهي، سالار ٻڌايس تہ، ”اتي هر شيءِ سون جي آهي ٿانو ٿپا، بال، رانديڪا مطلب هُو گهڻا امير آهن، پر منجهن ذري بہ لالچ ڪونھي ڪير ڪنھن جو حق نٿو کائي ۽ سندس پڙهائي بہ اتي سٺي ٿي ٿيئي“، ماءُ کيس واپس وڃڻ کان ڪونہ روڪيو پر ايترو سو ضرور چيائين تہ، ”ڪا سون جي شيءِ کڻي اچي مون کي بہ ڏيکار“.
ان ريت سالار هڪ ڏينھن شھزادي سان راند کيڏيندي هڪ ننڍو رانديڪو سندس وڃڻ کانپوءِ کيسي ۾ وجهي ڇڏيو. هن سوچيو تہ منھنجي ماءُ اهو سون جو ڪڪڙ ڏسي خوش ٿيندي هن شھزادي کان اجازت ڪونہ ورتي جيڪا ڳالھہ ملڪ جي قانون مطابق خيانت ۽ چوريءَ ۾ شمار ٿِي ٿي، سالار اهو سونو ڪڪڙ کيسي ۾ وجهي غار جي منھن ڏانھن وڃڻ لڳو تہ هن ڏٺو اهي ٻہ ننڍا ماڻھو سندس پويان اچي رهيا آهن. هن کي خوف ٿي ويو تہ غلط ڪم سبب مون کي ڪا سزا نہ ملي سو وٺي ڊوڙ لڳايائين جيئن تيز ڊوڙيو تہ اهي ٻئي هن کان بہ تکا ٿي اچي رسيا. غار جي منھن وٽ سالار ڪري پيو ۽ ڪڪڙ کيسي مان نڪري وڃي پٿر سان لڳو، سڄي غار ۾ گهنٽيون وڄڻ لڳيون ڄڻ سائرن پئي وڄيا، سالار پگهر ۾ ٻڏي ويو اکين ۾ لڙڪ تري آيس انھن ٻنھي کي منٿون ڪرڻ لڳو تہ ”مون چوريءَ جي نيت سان اهو ڪڪڙ ڪونہ کنيو آهي آئون تہ فقط پنھنجي ماءُ جي خواهش مطابق ان کي ڏيکاري هتي واپس کڻي اچان ها پر مون غلطي ڪري اجازت ڪونہ ورتي مون کي معاف ڪريو واپس پنھنجي دنيا ۾ وٺي هلو آئيندہ لاءِ ڪڏهن بہ اهڙي حرڪت ڪونہ ڪندس“.
ٻئي ڄڻا پھرين چپ رهيا پوءِ هڪ چيو تہ، ”اسان جي دنيا انھيءَ ڪري آرام ۽ سڪون واري ۽ جنت جيان آهي جو اِتي بي ايماني ڪونھي ۽ نہ ئي اصولن جي انحرافي. اصول مطابق توکي موڪل گهرڻ کپندي هئي قانون مطابق هتان جي ڪا بہ شيءِ ٻاهر جي دنيا ۾ ڪونہ ويندي آهي، انھيءَ ڪري اسين توکي واپس وٺي نٿا هلي سگهون جو تو امانت ۾ خيانت ڪئي آهي“. سالار جون اکيون ڀرجي آيون، هو ٻئي واپس هليا ويا. روئي روئي گهر اچي ماءُ کي سڄو احوال ٻڌايائين ماءُ کي ڏاڍو افسوس ٿيو تہ ان هڪ ناممڪن ڪم جي خواهش ڪري پنھنجي پٽ کي تڪليف ڏني ۽ ٻئي ڏينھن کيس وري غار وٽ موڪليائين پر اتي نہ ڪو غار هو ۽ نہ ئي ڪو جبل، سالار سمجهيو تہ اهي نعمتون دائمي طور هن کان لالچ سبب کسجي ويون آهن، صبر ڪري ويھي رهيو هاڻي سندس دل پڙهائيءَ ۾ لڳڻ لڳي وقت گذرڻ سان گڏ هُن جو ڏک بہ گهٽجي ويو. جڏهن هُو پوڙهو ٿي ويو تڏهن بہ انھيءَ سھڻي دنيا جون ڳالھيون وساري نہ سگهيو. استاد جي حيثيت ۾ رهندي جڏهن بہ شاگردن سان ڳالھيون ڪندو هو انھيءَ دنيا جو قصو ضرور ٻڌائيندو هو. قصي جي اختتام تي پھچندي سندس اکين مان ضبط جي باوجود لڙڪ لڙي پوندا هئا.