شھزادي حميرا ۽ شھزادو دانيال
هڪ ڏينھن شعيب بادشاھہ پنھنجي محل جي ڇت تي بيھي ويجهي سمنڊ جو نظارو ڪري رهيو هو. ٿوريءَ دير ۾ ڏٺائين هڪ تجارتي جهاز اچي سمنڊ جي ڪناري سان لڳو. سمجهيائين تہ ضرور هن جهاز ۾ ڪي سوداگر سامان سودي آيا آهن، امالڪ خيال آيس ڇو نہ انھن کي گهرائي کانئن معلومات وٺان، پنھنجي ماڻھن کي حڪم ڪيائين” انھن سوداگرن کي درٻار ۾ حاضر ڪيو“ جڏهن سوداگر بادشاھہ شعيب جي درٻار ۾ پھتا تڏهن کين مخاطب ٿي چيائين، ” آئون توهان کي پنھنجي ملڪ ۾ واپار لاءِ اچڻ تي ڀليڪار ٿو چوان، توهين هتي رهو، کائو پيئو، گهمو ڦرو، واپار ڪريو ڪابہ روڪ ٽوڪ ڪانہ ٿيندي پر فقط منھنجي لاءِ هڪ ڪم ڪريو!“ سمورن سوداگرن شعيب بادشاھہ جي ڳالھہ ڌيان سان ٻڌندي ڏانھس سواليہ نگاهن سان ڏٺو، بادشاھہ ٿوريءَ دير کانپوءِ چوڻ لڳو، ”منھنجو شھزادو دانيال تمام وجيھہ، سمجهدار، بھادر ۽ وڏين لياقتن وارو آهي آئون هُن جي شادي ڪنھن سھڻيءَ، دانا ۽ هوشيار شھزاديءَ سان ڪرائڻ چاهيان ٿو، توهين ملڪ ملڪ گهمندڙ ڦرندڙ آهيو ڇا توهان جي نظر ۾ ڪا اهڙي لياقتن واري سُندر شھزادي آهي؟ ڇا توهان انھيءَ نيڪ ڪم ۾ منھنجي مدد ڪندا؟“
انھن سوداگرن ۾ هڪ وڏيءَ ڄمار جو ڄاڻو سوداگر بادشاھہ جي ڳالھہ ٻڌي سوچي پوءِ چوڻ لڳو، ”بادشاھہ سلامت! مون ٻڌو آهي تہ ملڪ ترڪستان جي شھزادي حميرا پنھنجو مٽ پاڻ آهي، لاثاني حسن، بي مثال ڏاهپ ۽ ۽ عقل جي ڄڻ ديوي آهي، سندس والد کيس پاڻ سان گڏ تخت جي ڀر ۾ ويھاريندو آهي ۽ صلاح مشورا وٺندو اٿس“.
باد شاھہ شعيب پڇيس تہ، ” اهو ملڪ ڪٿي آهي؟ ان تائين ڪھڙيءَ ريت پھچجي؟ ۽ پوءِ شھزاديءَ حميرا جي پيءُ بادشاھہ نادر کي هن سڱاونديءَ لاءِ ڪھڙي نموني تيار ڪجي؟ ڪا صلاح ڏيو؟“.
سوداگر چوڻ لڳو، ”اهو ملڪ تمام پري آهي وڌيڪ جي اسان کي ڪا بہ خبر ڪونھي جيڪي ٻڌو آهي اهو توهان کي ڄاڻايو اٿئون“.
بادشاھہ کين انعام اڪرام ڏيئي روانو ڪيو وڌيڪ اللھ ۾ اميد رکي اڳيان جي لاءِ سوچڻ شروع ڪيائين، کيس بہ ڪو چٽو حَل ڏسڻ ۾ ڪونہ پئي آيو. هڪ ڏينھن شھر جو گشت ڪندي ڪندي بادشاھہ اڳيان هليو ويو. سامھون ڏاڍو سٺو باغ ڏٺائين جنھن ۾ گل ٻوٽا انتهائي دلپذير هئا. ميون جا وڻ قدرت جي صناعيءَ جا شاهڪار پئي ڏٺا سندس روح کي راحت رسي ٿوري دير انھيءَ باغ ۾ وسرام ڪرڻ جو خادمن کي چئي اندر گهڙي پيو باغ تہ ڇا هو! ڄڻ قدرت جي ڪاريگريءَ جا ڪمال پنھنجي اوج سان ايندڙن جي آجيان ڪري رهياهئا. گلاب جي گلن جا جهڳٽا، اڇي موتئي جون هٻڪارون، طرح طرح جا گل، قسمين قسمين ميوا، پکين جون لاتيون، ٿڌي ۽ دلفريب هوا ۾ وڻن جي پنن جو لڏڻ هڪ مسحورڪن موسيقيءَ جو ماحول پيدا ڪري سندس دِل کي اُتي ٽِڪڻ لاءِ هِرکائي رهيو هو. بادشاھہ باغ ۾ موجود هڪ خوبصورت بئنچ تي ويھي آسمان ڏي نھاري دُعا گهرڻ لڳو تہ، ” يا اللھ منھنجي هن دلي نيڪ خواهش جو ڪو پورائو خيريت سان ڪرائي“. ٿوريءَ دير ۾ مالھي ڊوڙندو آيو ساڻس گڏ ٻہ قدر آور جوان جي شڪل وشبيھہ ۾ مالھيءَ سان مشابھت رکندڙ هن جا پٽ هئا. اچي نِوڙي بادشاھہ کي سلام ڪيائيون هو بہ هن دلفريب صبح ۾ ساڻن خوش ٿي ڪچهري ڪرڻ لڳو، کانئن سندن ڪم ڪارجو پڇيائين. مالھي چوڻ لڳو تہ، ” منھنجا پٽ وڏا هنر مند ۽ ڄاڻو آهن باغ سنڀالڻ ۾ منھنجي مدد ضرور ڪندا آهن پر حقيقت ۾ سندن ٻيا ڪمال آهن“، بادساھہ وڏي اڪبر ڏي سواليہ نظر سان ڏٺو هو، چوڻ لڳو تہ، ”بادشاھہ سلامت آئون ڪڪرن جي اوچائيءَ جيترو مينار ٺاهي سگهان ٿو، جنھن مان توهان وڏيءَ دنيا جو نظارو ڪري سگهو ٿا“ ننڍو اصغر خود ئي ڳالھاڻو تہ، ” آئون ساز وڄائڻ ۾ ايترو تہ ماهر آهيان جو ماڻھو منھنجي وڄايل ساز تي مست ٿي خود کي وساري ويھندا آهن، بعضي تہ مدهوش ٿي وڃن ٿا“.
بادشاھہ ڏاڍو خوش ٿيو اصغر کي سيمنٽ، سرون، لوھہ ۽ ٻيو سامان ڏنو ويو تہ هُو جيئن ڊگهي ۾ ڊگهو مينار ٺاهي، ۽ هن واقعي ٻن سالن ۾ تمام اوچو مينار ٺاهيو، جنھن ۾ دور بين سان دنيا جا ڪيترائي ملڪ ڏسجي سگهيا پئي. بادشاھہ پڻ اهو مشاهدو ڪيو ان ريت هو شھزادي حميرا جو ملڪ بہ ڏسي خوش ٿيا.
هاڻي بادشاھہ پنھنجي دل جي سڄي ڳالھہ کين ٻڌائي، اهي کيس خاطري ڏيئي هڪ وڏي ٻيڙي ٺاهي ان ۾ سوداگريءَ لاءِ سامان، خاص هيرا جواهر ۽ ريشمي ڪمخواب، اطلس ۽ بخِمل جي ڪپڙن جا ٿان کڻي ٻيئي ڀائر بادشاھہ شعيب جي خادمن سان شھزادي حميرا جي ملڪ ڏي روانا ٿيا، اڪبر جيڪا ٻيڙي ٺاهي ان ۾ هڪ جادوئي خاصيت اها هئي تہ ظاهري طور سادي شڪل جي هن ٻيڙيءَ جي رفتار تمام تيز هئڻ جي ڪري اها ٻن ڏينھن ۾ ترڪستان جي ملڪ پھچي ويئي، بندرگاھہ تي سخت پھري جي ڪري حفاظتي دستن کين روڪيو، هنن ڄاڻايو تہ، ”اسين سوداگر آهيون ملڪ ترڪستان جي بادشاھہ وٽ هيرن جواهرن جو وڏو قدر آهي سو کيس اهي تحفي طور ڏينداسين ۽ ڪجهہ ڏينھن هتي واپار ڪنداسين“. سڄي ڳالھہ نادر بادشاھہ تائين پھچائي وئي هن ٻيڙيءَ جي تلاشيءَ کان پوءِ انھن کي پاڻ وٽ اچڻ جي اجازت ڏني، اڪبر ۽ اصغر خوش ٿي بادشاھہ شعيب جا ڏنل قيمتي هيرا جواهر بخمل جي دٻين ۾ بادشاھہ نادر کي پيش ڪيا، بادشاھہ اهي هيرا ۽ جواهر ۽ انھن جي چمڪ، سونھن ۽ سوڀيا ڏسي حيران ٿي ويو. مٿان وري هنن جو اطلس ۽ ڪمخواب جا اعليٰ ٿان درٻار ۾ کولي شھزاديءَ حميرا جي اڳيان وڇايا تہ شھزاديءَ جو تہ روح ئي خوش ٿي ويو، انھن تي هٿ ڦيري تعريف ڪرڻ لڳي، اصغر چيس تہ، ”شھزادي صاحبھ! هيءُ تہ ٿورو سامان آهي ٻيو اسان واپار لاءِ بہ آندو آهي جو ٻيڙيءَ ۾ آهي اهو بہ الاهي خوبصورت آهي، جي توهين هلي ڏسي پسند ڪريو تہ اسين توهان کي اهي ڪپڙا پڻ تحفي ۾ حاضر ڪريون. اهو ڪم اسان لاءِ عزت ۽ خوشيءَ جو سبب ٿيندو“
شھزاديءَ بادشاھہ ڏي نھاريو جو سندس اشتياق پروڙي ويو چيائين ”سپاهين جي پھري ۾ شھزاديءَ کي اجازت ڏني ٿي وڃي ۽ پوءِ شھزادي وڏي اٽالي سان ٻيڙيءَ تائين پھتي پر جيئن تہ ٻيڙي ننڍي هئي سڄو عملو ان ۾ اچي ويھي نٿي سگهيو، ان ڪري شھزاديءَ پاڻ سان هڪ وزير ۽ ٻہ فوجي آفيسر ٻيڙيءَ تي اندر وڃڻ لاءِ کنيا.
اڪبر پڪائيءَ سان آهستي اهستي ڪپڙا ۽ زيور ڏيکارڻ شروع ڪيا، تيستائين سندس ننڍي ڀاءُ اصغر ساز وڄائڻ شروع ڪيا. ٻيڙيءَ جو سڄو وايو منڊل منڊجي ويو، وزير ۽ فوجين کي ڄڻ ننڊ جا گهيرٽ اچڻ لڳا، هو جهومندي جهومندي هوش وڃائي ويٺا، اڪبر ۽ اصغر سان آيل بادشاھہ شعيب جي ماڻھن کين رسين سان ٻڌي شھزاديءَ کي بہ هڪ الڳ هنڌ تي بند ڪري ٻيڙيءَ کي تيزيءَ سان پنھنجي ملڪ ڏي ڪاهيو. پھرين کان بہ تيز ٻيڙيءَ کي هلايائون جلدي وڃي ملڪ پھتا، بادشاھہ نادر جا ماڻھو سندن پويان ٻيڙيون کڻي سمنڊ ۾ لٿا پر پھچي ڪونہ سگهيا واپس وڃي سموري حقيقت روئي نادر بادشاھہ کي ٻڌايائون جو شھزاديءَ حميرا جي هن ريت اغوا ٿيڻ تي روئي روئي بي حال ٿي ويو. پر هاڻي ڪجهہ بہ ٿي نٿي سگهيو.
جيئن ئي ٻيڙي ملڪ مھرآباد جي ويجهو پھتي تہ بادشاھہ شعيب شھزادي دانيال، وزيرن ۽ اميرن سان گڏجي سمنڊ جي ڪناري استقبال لاءِ پھتو سڀ کان پھرين شھزادي حميرا ٻيڙيءَ مان لٿي هُن جو حسين مُک ڏسي سمورا حيران رهجي ويا ڄڻ ڪا آسمان مان حور لٿي هجي يا ڪا ڪوھہ قاف جي پري هجي!! شھزاديءَ کان پوءِ ترڪستان جو وڏو وزير ٻيڙيءَ مان لھي سخت ڪاوڙ ڪرڻ لڳو ۽ بادشاھہ سان وڏو احتجاج ڪيائين ۽ جنگ جي ڌمڪي پڻ ڏنائين شعيب بادشاھہ بلڪل سمجهيو پئي تہ سندن طريقي ڪار غلط آهي انھيءَ ڪري بلڪل نئڙت سان کانئن معافي گهريائين ۽ ڄاڻائين تہ، ”جيڪڏهن توهين راضي نہ آهيو تہ پوءِ اسين ڪنھن بہ ريت بنا رضامنديءَ جي شھزادي دانيال ۽ شھزادي حميرا جي شادي نہ ڪنداسين باقي بادشاھہ نادر کي درخواست ڪنداسين تہ هُو دانيال کي پنھنجي داماد طور قبول ڪري تہ اسان جي خوش نصيبي ٿيندي“.
ان ريت داناءُ بادشاھہ سندن دِل کٽڻ لاءِ کين پنھنجو سڄو ملڪ گهمائي، سٺيون دعوتون کارائي، تحفا تحائف ڏئي روانو پئي ڪيو، اتي وڏي وزير پڻ محسوس ڪيو تہ هيءُ بادشاھہ ۽ سندس فرزند بادشاھہ نادر جي جيس جا آهن بھتر آهي تہ اها سڱاوندي ڪئي وڃي. آخرڪار کين ساڳيءَ ٻيڙيءَ ۾ پنھنجي ملڪ ڏي موڪليائون. جتي پھچي وزير سمورو سچو پچو احوال بادشاھہ نادر کي ٻڌايو. جنھن سندن سان گڏ آيل ٻين وزيرن کي عزت ڏني ۽ تحفا ڏيئي شھزاديءَ جي رشتي جي هائوڪار ڪري عزت سان روانو ڪيو، جيئن ئي اها اطلاع بادشاھہ شعيب کي پھتي هن سڄي ملڪ ۾ جشن جو اعلان ڪيو ۽ ان ريت شھزادي دانيال جي هن حسين پري جمال ۽ عقلمند شھزاديءَ حميرا سان شادي ٿي، سڄي ملڪ ۾ ڪيترائي ڏينھن خوشيون ملھايون ويون، راڻي صبا تہ پٽ جي شاديءَ جي خوشي ۾ ڄڻ چڱي ڀلي ٿي وئي.
ٻن هفتن کانپوءِ بادشاھہ مالھيءَ ۽ سندس ٻنھي پٽن اڪبر ۽ اصغر کي گهرائي چيو تہ، ”توهان نيڪ نيت ۽ محنتي نوجوان آهيو اوهان جي ئي ڪري منھنجي دلي خواهش ۽ هڪ ناممڪن ڪم ممڪن ٿي سگهيو آهي. انھيءَ ڪري جيڪي گهرڻو هجيوَ دل سان گهرو“ هنن نِوڙي ادب سان سلام ڪندي چيو تہ، ”بادشاھہ سلامت!اسين توهان جي رعيت آهيون توهان جي ئي ڏنل زمين جي ٽڪري کي آباد ڪري ويٺا آهيون اسان نمڪ جو حق ادا ڪيو آهي. اسان کي ڪجهہ بہ نٿو گهرجي. جيڪي اسان ڪيو آهي اهو ڪوبہ احسان ڪونہ ڪيو آهي. اللھ تعاليٰ ھميشہ توهان ۽ راڻيءَ کي شھزادي دانيال ۽ شھزاديءَ حميرا کي خوشيون عطا ڪري ڪڏهن بہ ڪو ڪم ڪار هجي اسين حاضر آهيون“. بادشاھہ سندن جواب ٻڌي سَرَهو ٿيو. کين وڏا انعام ۽ اڪرام هيرا ۽ جواهر ڏيئي پاڻ وٽ صلاحڪار ڪري درٻار ۾ رکيائين.