ٻاراڻو ادب

ثاقب جي آئيسڪريم

ڊاڪٽر پروين موسيٰ جون ڪھاڻيون پڙهي ايئن لڳندو آهي تہ ڄڻ هوءَ ٻارڙن جي ڀَرِ ۾ ويھي ٻارن سان سندن ئي ٻوليءَ ۾ ڳالھائي رهي آھي. هن ڪتاب ۾ تيرهن ٻاراڻيون انوکيون ۽ دلچسپ ڪھاڻيون ڏنيون ويون آهن ۽ هر هڪ ڪھاڻيءَ ۾ عقل ۽ ڏاهپ جا ٻُڪ ڀري وڌا اٿس. هھڙا ڪتاب ٻارن جي هٿن ۾ ايندا تہ ٻارن ۾ ڪتاب پڙھڻ جو شوق جاڳندو ۽ اهو شوق کين علم جي دروازي تي وٺي ويندو.

Title Cover of book ثاقب جي آئيسڪريم

ڪاوڙ ۽ ڪاٺ جو تختو

رحيم بخش واڍو، محنتي ۽ پنھنجي ٻانھن جي ٻَلَ تي ڀاڙڻ وارو انسان هو. سڄي تَرَ ۾ هُن جھڙو هوشيار واڍو ڪونہ هو ڪو بہ ڪم ڪرڻ چاهيندو هو تہ سندس لاءِ ڪا بہ مشڪل ڪونہ هئي. وڏن وڏن بنگلن جي ڪم ۾ پڻ نمونن جي ڪتابن ۾ ڏسي مالڪن جي پسند مطابق کين دروازا، دريون، ڪٻٽ ۽ بورچيخاني جا ڪيبينيٽ ٺاهي ڏيڻ سندس لاءِ آسان هو. ان ڪري هن جي هاڪ پڻ هئي تہ اخلاق ۽ ايمانداريءَ جي ڪري هيڪاري ناماچاري وڌنڌي ويس، گهر ۾ پئسو بہ صحيح اچڻ لڳو، پنھنجو بہ هڪ ننڍو سھڻو گهر سٺي پاڙي ۾ ٺاهي ڇڏيائين. کيس ٻہ نياڻيون ۽ هڪ پٽ جو اولاد هو جي سڀ اسڪول ۾ پڙهندا هئا. ڇوڪريون پڙهڻ ۾ هوشيار تہ گهرو ڪم ڪار ۾ پڻ ماءُ جو هٿ ونڊائڻ واريون سلڇڻيون هيون، باقي پٽ عمار جي ڪابہ خوشي ڪونہ هيس، چوندا آهن تہ، ” پٽ تہ سپوٽ ڪپوٽ مان ڪڄاڙو جڙي” سوهن سان بہ ساڳي ڪار هئي سندس پٽ ننڍپڻ کان ئي ڇيڳرو ۽ ارڏو هو ”سڀاڳو پٽ پينگهي ۾ پڌرو“ جيان رحيم بخش هن جا افعال ننڍپڻ کان ئي ڏسي ڇڏيا. جوڻس کي ھميشہ ٽوڪيائين تہ، ”نينگر کي گهڻو مٿي تي نہ چاڙھہ“ ڪٿي وڏو ٿي غلط ڪم نہ ڪري جيئن تہ سنڌي عورتن ۾ هڪ وڏي خامي آهي تہ اهي پُٽاڻي اولاد کي نياڻين کان مٿي سمجهنديون آهن سو هوءَ پڻ عمار جا لاڏ کڻڻ ۾ خوشي محسوس ڪندي هئي نڪ پڪو ڪري مڙس کي ورندي ڏنائين تہ، ” خير آهي اڃا ننڍو آهي جاڏي ويندو تاڏي خير ٿيندو“. رحيم بخش زال سان تہ پڄي ڪونہ سگهيو. سو دل ۾ پيو پڄرندو هو ڪيڏيءَ ڪيڏيءَ مھل وهلور ويندي سوچ ٿيندي هيس تہ اڻاسيءَ اولاد کان تہ ڀينگ ئي ڀلي، جيڪي ڪمايم سو تہ هيءُ ڪاري ڪلر ۾ وڃائي ڇڏيندو. آئون تہ اُتي جو اُتي بيٺو هوندس جي پئسا ٿو بند ڪريانس تہ گهر ۾ سامان ٿو ٽوڙي نہ تہ ماڻس لڪائي ڪڍيو ٿي ڏيس، سنگتي سٺا ڪونہ اٿس آخر هن ڇوڪري جو ڇا ٿيندو؟“ پنھنجي دوستن سان صلاح مشورو ڪيائين جن چيس، ”ٻہ ڳالھيون آهن هڪڙو تہ مئٽرڪ پوري ڪرڻ وارو آهي اها پوري ڪرائينس، نوڪريون ملڻ مشڪل تہ برابر آهن پر تون جو هيترو پنھنجي ڌنڌي مان گهر پاري ويٺو آن انھيءَ کي بہ اهوئي ڪم سيکار حرڪت ۾ برڪت آهي. هنر هوندس تہ بک ڪونہ مرندو“، ان ريت وقت گذرندو ويو عمار مئٽرڪ تہ پاس ڪئي پر کيس گهٽ مارڪن جي ڪري ڪاليج ۾ داخلا ڪونہ ملي. سندس نياڻين کي پڙهائيءَ ۾ سٺيءَ رزلٽ تي ڪاليجن ۾ داخلا ملي ويئي، هاڻي تہ هيڪاري پٽ جو فڪر وڌي ويس، سڪيلڌو هڪڙو سو بہ گهٽين ۾ رُلي ۽ وتي سينڊا وڄائيندو جي کيس ڪي چئو تہ تارا ڦريو وڃنس ۽ گهر ۾ ممڻ مچائي ڇڏي.
پٽ جي ڏک رحيم بخش کي بيمار پڻ ڪري ڇڏيو نينگرين کي بي ايس سي ڪرائي شاديون ڪرايائين کين سٺا گهر ملي ويا، ڇوڪريون ٻئي خوش هيون هاڻي باقي هي ٽيئي فرد گهر ۾ هئا. رحيم بخش سڄو ڏينھن دڪان تي هوندو هو. جوڻس اڪيلي پئي پٽ لاءِ پور پچائيندي هئي کيس هاڻي سمجهہ اچي وئي تہ مون غلط ڪيو، پٽ جي اولاد کي پيءُ جي ويجهو رکڻ ضروري آهي تہ هُو دنيا بہ سکي تہ پيءُ جي رضامندي حاصل ڪري. ڇوڪرو ذات پوتي پائي گهر ۾ تہ ڪونہ ويھندو، هڪ ٻن عورتن کيس پٽ جي سڱ ڳولھا جي آڇ ڪئي. پر رحيم بخش کين سختيءَ سان منع ڪري ڇڏي چيائين تہ، ”جيڪو پاڻ کان ڪونہ سڌريو آهي ان کي پرائيءَ ڄائيءَ جي ڪنڌ ۾ وجهڻ سان هيڪاري گهر ۾ ڪروڌ ٿيندو“.
ڀيڻن جي ٻارن سان البت عمار جي دل لڳندي هئي اهي جڏهن بہ اينديون هيون تہ ٻارن کي کيڏائي خوش ٿيندو هو. ننڍي ڀيڻ گهڻي ذهين ۽ ٿڌي طبيعت جي هئڻ ڪري ڳالھين ۾ کيس پئي سمجهاڻيون ڏيندي هئي. عمار جي دماغ ۾ پڻ ڪجهہ حد تائين اها سوچ ضرور پيدا ٿي تہ پَڪَ ڪو نقص مون ۾ بہ آهي جو سڀ گهر ڀاتي مون مان ئي خوش ڪونہ آهن. اڄ تہ هيڪاري جو ڀيڻ چيس تہ، ”رسول پاڪ جو فرمان آهي، ”پيءُ جي رضا ۾ اللھ تعاليٰ جي رضا آهي“ پوءِ تہ سوچن ۾ غلطان ٿي ويو ۽ پڪو ارادو ڪيائين تہ خود کي سڌاريان پر کيس ڪو رستوئي نہ پئي سُجهيو، اڃان خيالن ۾ ئي هو جو دوست رفيق اچي سڏيس، ٻاهر نڪري ساڻس هليو ويو تان جو اچي رات ٿي، رفيق سڀني سنگتين ۾ رولو ڇوڪرو ۽ روز جهيڙا ڪندڙ، نشو پتو ڪندڙ مشھور هو. اڄ تہ هڪڙي گاڏي واري کان مفت ۾ ڪيلا کائڻ ٿي چاهيائين سو زوريءَ بحث ڪري گاريون ڏيڻ لڳو، گاڏي واري بہ هڪ ٻن کي سڏي کيس ڌَڪَ هنيا، پوليس وارا بہ ڪي اُتان گذريا سي کيس پوليس ايمبولينس ۾ کڻي وڃي ٿاڻي پھتا هڪ ٻن ٻين ڇوڪرن کي بہ کنيائون جن ۾ عمار بہ شامل هيو. جيئن ئي رحيم بخش کي خبر پئي تہ پُٽس کي ٿاڻي کڻي ويا آهن ويچارو ٿڙندو ٿاٻڙندو رت هاڻيون اکيون کڻي اچي ٿاڻي پھتو. انسپيڪٽر صاحب کيس سڃاڻي ويو جو سندس چاچي جي بنگلي جو سڄو ڪاٺ جو ڪم رحيم بخش واڍي ڪيو هو. سو کيس ڇوڪري جي ٻانھن حوالي ڪيائين. هن سڄي واقعي ۾ عمار بي ڏوهي هوندي بہ بي ڏوهي ڪونہ ٿيندو جو هو غلط سنگتين سان شامل تہ ضرور هو کڻي هن گاڏي واري جو نالو نہ ورتو هو.
پڻس گهر ۾ آڻي ساڻس ڳالھائڻ بند ڪري ڇڏيو ماءُ جي مدد سان وڃي پيرن ڪري معافيون گهرڻ لڳو، روئيندي چيائين، ” بابا مون تعليم تي ڌيان ڪونہ ڏنو منھنجي وڏي غلطي آهي ۽ نہ ئي ڪو هنر سکيس پوءِ گهر واندو ٿو ويھان تہ رُڳي ڪاوڙ ٿي اچيم ڀانيان سڀني سان وڙهان گهر جا سامان ٽوڙيان وري ڏک ۾ ٻاهر وڃان تہ اُتي بہ اڻ پڙهيل لوفر آهن جي منھنجي لاءِ نقصانڪار آهن آئون بہ سمجهان پيو پر ڇا ڪريان؟“
رحيم بخش ڳراٽڙي پائي پيار ڪندي وراڻيو، ”پٽ ماڻھوءَ پاڻ تي سڄو دارومدار آهي رزق ڪمائڻ لاءِ ڪوشش ڪونہ ڪبي تہ آسمان مان ڍاڪون ڍڪجي ڪونہ ايندا ويھي کائبو تہ خزانن جا خزانا ئي کٽي وڃن ٿا، تون همٿ ڪر، صبح کان روز مون وٽ ويھہ ڀلي ڪم نہ ڪر فقط ويھي ڏس تہ ڪم ٿيئي ڪيئن ٿو. پوءِ هڪڙو ڪاٺ جو تختو ۽ ڪلين جي ڳوٿري کيس ڏنائين چوڻ لڳس، ”جڏهن بہ ڪاوڙ اچيئي هن ڪاٺ جي تختي تي هڪڙي وڏي ڪلي ٺوڪج ان ۾ محنت ضرور ٿيندي، ڪِلي چٻي بہ ٿيندي هٿ کي بہ ڌڪ لڳي سگهي ٿو پر اها مشق پيو ڪر جيستائين ڪاوڙ تي ضابطو اچي“.
عمار حيران ٿي ويو تہ، ” هيءُ ڇا حَل ڪڍيو آهي؟“. پر پوءِ ڪجهہ بہ ڪونہ ڪڇيو اندر ۾ لڇيو پڇيو سھي تہ بابا کان سوال ڪريان پر وري بہ عھد ڪيو هئائين تہ بحث ڪونہ ڪندس سو چپ ڪري ويو.
ٻئي ڏينھن کان هُن کي جڏهن بہ ڪاوڙ آئي ٿي هن ڪاٺ جي تختي تي ڪلي ٺوڪي پئي ان ريت هفتي ۾ جام ساريون ڪليون تختي ۾ لڳي ويون هن ڌيان ڏنو تہ شروع ڏينھن ۾ ڪلين لڳائڻ جي رفتار تکي هئي. کيس ڪاوڙ بہ گهڻي ايندي هئي پر هاڻي تہ فقط ڏينھن ۾ هڪ يا ٻہ دفعا ڪاوڙ آئي ٿي ۽ ان ڪري هن کي گهٽ تعداد ۾ ڪليون لڳائڻيون پيون پئي، ڪِلين لڳائڻ ۾ پڻ چڱي محنت هئي جو اهي وڏيون بہ هيون ۽ ڪاٺ جو تختو بہ مضبوط ڪاٺ جو هو. آخر اهو ڏينھن بہ اچي پھتو جنھن ڏينھن هِن کي سڄو ڏينھن ڪنھن بہ ڳالھہ تي ڪاوڙ ڪونہ آئي ۽ هن ڪا بہ ڪِلي ڪونہ لڳائي. هاڻي هو دوڪان تي پنھنجي پيءُ جي ڪم کي ڏسندي ڏسندي انھيءَ کي سمجهڻ بہ لڳو هو ۽ ڪاوڙ بہ ختم ٿي وئي هئي. ڪاٺ جو تختو کڻي پيءُ کي ڏيکاري چيائين ”ڪالھہ کان مون کي ڪاوڙ ڪونہ آئي آهي هاڻي انھيءَ تختي جو ڇا ڪريان؟“ رحيم بخش کيس ڀاڪر ۾ ڀري وراڻيس ” هاڻي جنھن ڏينھن ڪاوڙ نہ اچي ان ڏينھن هڪ ڪِلي ڪڍندو اچ“ ڇوڪري ان ريت ڪرڻ شروع ڪيو. اهڙيءَ ريت 52 ڪِليون هن 52 ڏينھن ۾ ڪڍي ورتيون جڏهن سڀ نڪري ويون تڏهن تختو کڻي اچي ٻيھر پيءُ کي ڏيکاريائين. سمجهدار پيءُ چيس تہ، ”پٽ ڏس! انھن ڪِلين هيڏي مضبوط ڪاٺ جي تختي ۾ ڪيترا بدنما سوراخ ڪري ڇڏيا آهن، ۽ هيءُ تختو هاڻي پھرين جھڙو ڪونہ رهيو آهي، انسان جڏهن ڪاوڙ ٿو ڪري تڏهن سندس ساڃاھہ ختم ٿي ٿِي وڃي ۽ هُو پوءِ پنھنجي زبان سان ٻين کي وڍي ٿو ۽ اهو ايئن آهي جيئن ڪنھن کي توهين چاقو هڻي زخمي ڪريو، زبان جو زخم ڪڏهن ڪونہ ڀربو آهي اهو هٿيار جھڙو هجي ٿو جو ٻئي جي دل ڦٽي ٿو،
حياتيءَ کي سھڻو گذارڻ لاءِ خوش اخلاقي وڏو هٿيار آهي. جنھن سان ادب، محبت ۽ شفقت پيدا ٿيئي ٿي ۽ اها ئي سٺي ڪردار جي ضمانت آهي“. عمار پيءُ جي نصيحت هنيئن سان هنڊائي ۽ واعدو ڪيائين تہ آئيندہ لاءِ هو محنت ڪندو ۽ سڀني سان محبت سان پيش ايندو.