مھاڳ
مورَ ٿو ٽلي راڻا، مور ٿو ٽلي،
راڻا راڻا، مور ڀلي ٿو ٽِلي گُجر جو.
۽ ھيءَ بہ، ڇا تہ سُھڻي ڳالھہ، گذريل ڪجهہ سالن کان سنڌ جي ھن نشانبر پبلشر، جنھن جو پنھنجو اشاعت خانو آھي: ”ساحل پرنٽرس“. پَڪي پُختي عزم سان، ساري سنڌ جو سئر سفر ڪري، ساڻيھہ ياترا بابت ھھڙا سفرناما لِکڻ جو شروع ڪري ڏِنا آھن، تہ ڀاسيم، اڙي واھہ، ھي مور تہ سچ ۾ واقعي بہ پيو ڄڻ: ”ٽِلي ٽِلي“.
مٿان ھي بہ سندس ڇا تہ مستحڪم ارادو، تہ حياتي بخير، ھو ساري سنڌ جي چَپي چَپي جو سئر ڪري پنھنجي محبوب مشاھدن جا موتي ميڙي ڇُھندڙ ۽ دِل وڻندڙ نـثر ۾ پوئي، بصورت ڪتاب، سنڌي ادب جي شيلف لاءِ هو ھھڙا سياحت ناما لِکندو ئي رھندو.
اجهو ان ڏِس ۾ مُـڙي، ماضيءَ ڏانھن ٿو ڏِسان، تہ اسان جي عظيم ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن تہ، لوڪ ادب ۽ لوڪ سُگهڙائپ جا ھيرا جواھر ميڙڻ لاءِ، سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ جو سئر ڪيو ۽ اسان توھان لاءِ ڇا تہ شاندار ۽ شاھڪار ڪتاب مُرتب ڪري، سنڌي ادب جي جهول کي ڪَنا تار ڀري ڇڏيو هو.
اسان جي هِن يار پياري مورَ ساگر وري پنھنجي رنگ ۽ يارن جي منڊليءَ سان گڏجي سنڌ جند جي سئر سفر، منظرن ۽ اھنجن بابت احوال لِکڻ جو ھي خاص سعيو ڪري، هِن ھر سال باقائده ھھڙا ڪِتاب لِکڻ جو ارادو/عزم جو ڏيکاريو آھي، تہ ھِتي ڇا لِکان، هِن لاءِ سواءِ کيس ھھڙي دُعا ڏيڻ جي
جاڏي پيرُ تاڏي خير...
تڪُ ڌِنان ڌنِ!
ياد پيو اچيم؛ ان ڏس ۾، ھيءَ بہ ڪيڏي نہ سھڻي روايت، تہ ڪجهہ سالن کان ڪيئي سنڌي قلمڪارن، پنھنجن پنھنجن ضلعن ۽ ڳوٺن بابت علمي، ادبي، تاريخي ۽ ثقافتي پس منظر ۾، پيرائتا احوال لِکي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائڻ بہ تہ شروع ڪري ڏِنا آھن، جيڪا پڻ ڏاڍي سُٺي روايت، ڀانئيان ٿو تہ سڀني اھڙن ڪتابن جي حيثيت ۽ اھميت پڪ سان تہ ايندڙ زمانن ۾ زبردست تاريخي ليکبي.
اجهو ان ڏس ۾ اسان جي مور، سنڌ جي سئر سياحت بابت ھيءَ تہ صفا ڪا نئين طرح ايجاد ڪئي ٿي ڏِسجي ۽ ان ڪم لاءِ زندگيءَ جي ڪاروھنوار مان ڪي ڏھاڙا پاڇي ڪري، ھو يارن سان سنگ سنگ، کُليل اکين ۾ ڪئميرا ۽ بئگ ۾ قلم ڪاڳر رکي، سيلاني بڻجي نِڪري ٿو پوي ۽ رات وقت پوءِ سارا پنھنجا مشاھدا، منظر ۽ يارن جون دِلچسپ ڳالھيون، ڪنھن گوشي ۾ ويھي چِپ چاپ لِکي ٿو وڃي ۽ پوءِ جيئن ڦُـڙي ڦُـڙي تلاءُ ٿيندو آھي، ھو ھھڙا ڪتاب ٿو جوڙي وٺي.
پر يارو، اُن کان اڳ جو مورَ جي ھن سنڌ ياترا جي ورقن ۾ آئون لھان، مون ھِن جا، ڇا تہ مزيدار مزيدار ۽ شاعراڻن عنوانن وارا ھي ٻہ سياحت ناما، ڪنھن وقت اڳي ئي پڙھي ورتا ھئا:
”حيدرآباد کان ھنزه تائين“
۽ ٻيو ”موَرُ اِن ملائيشيا“.
ڀانئيان ٿو، سنڌ کان ٻاھر وارا، اھڙا سئر سپاٽا ڪندي ڪندي پڪَ سان تہ مور کي خيال آيو ھوندو تہ ٻاھرين دُنيا گهڻي ئي مون گُهمي ڦِري ڏِٺي، سو ڇو نہ، پنھنجي سڀاڳي سدوري سنڌ جا سُھڻا من مھڻا، گڏوگڏ ڏکڻا سکڻا منظر بہ تہ ھلي ملي وڃي ڏِسجن ۽ شھر شھر، ڳوٺ ڳوٺ جي ملوڪ ماڻھن سان ڪي روح رچنديون ڪجن ۽ سندن حال احوال بہ ويھي لِکجن.
تہ بس، ڪيئي سال اڳي اھڙي سنڌ ياترا شروع ڪري، ساڻيھہ بابت پھريون پُستڪ جيڪو هِن لِکيو، ان جو نالو رکيائين: ”زندگيءَ جا پَل، جي مون گهاريا پنڌ ۾“.
بيشڪ، پيارو مور... ڄمندي ڄام سياح مزاج... سئر سفر جو شائق، سنڌ جي سِرَ سِرَ تي پير رکڻ جو مشتاق، پر سندس نثر جي نٽنگ ۽ عنوانن ۽ تصويرن جا سندن تجويز ڪيل جيڪي ڪئپشن ۽ انھن ۾ سه حرفي نما سُريلي ٻولي جو پڙھيم،.. تہ لڳو، مور تہ پورو پورو شاعر سڀاءُ نثر نگار... اجهو ھتي مثال طور، سندس اھڙن شاعرائـڻن عنوانن جا ھي ٿورا ڪي نمونا بہ ڏِسو...
سُھڻي منھنجي سنڌ...
جي مون گهاريا پنڌ ۾.
يا اختصار سان ڪن تصويرن ھيٺان ڏنل سندس ڪئپشنز جو ڍنگ بہ ڏسو:
راھوڪيءَ جي راھہ تي
گورک ڏانھن گُهت
منصوره ڏانھن مُنھن
ڀِٽ تان ڀيرو
ڪلانڪر ڪَپَ تي
مور جي سفرن جي ھيءَ بہ ڪيڏي نہ سُٺي ڳالھہ، تہ ھر سفر جي ابتدا ۾ ھو سفر واري دُعا پڙھڻ قطعي نٿو وِساري. واٽ ۾ نماز جو وقت اچي ٿو تہ اُھا بہ ھو ضرور ٿو پڙھي... سفر جي سلسلي ۾ سندس ھي بہ، ڇا تہ اسان توھان لاءِ مشورو تہ سفر ڪجي تہ سياري ۾، جو گُهمڻ ڦِرڻ، کائڻ پيئڻ ۽ ويندي ڪمبل ويڙھي سُمھڻ جو بہ جھڙو مزو، سياري ۾ ايندو آھي، ٻي ڪنھن بہ موسم ۾ اصل نه!. مور جي سنڌ ياترا واري ھن ٽئين ڀاڱي کي پڙھندي ان کي ڪو ڪتاب ڪِٿي پئي مون ڄاتو، ڀانئيم ڪا سواري آھي ۽ ٽِپ ڏيئي آئون اُن ۾ مور جي ڀر وٺي ويھي رھيو آھيان ۽ سفر ۾ سندس ٻي سنگت سان آئون بہ ھمسفر آهيان ۽ پياري مور جي اکين سان سڀ ڪجهہ ڏِسندو پيو وڃان، اِجهو ھي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جا ساوا ستابا باغ، وڻ ٽِڻ، سُھڻا نظارا، نظارا ئي نظارا ۽ مٿان واٽ ۾ ڪھڙا ڪھڙا نہ ڏيک ڄڻ چيخوف جي ڪنھن ناول جو باب پيو پڙھان. اجهو ھي شيخ ڀرڪيي واري بزرگ آچاريءَ جو مُقبرو ۽ اُن بابت مور جو دِلچسپ بيان پوءِ بُڪيرا شريف.... اِيلي ڙي، اُن ديار ۾ بہ افغاني پٺاڻ جي چينڪ ۽ کير پتي چانھہ جو ڍاٻو! معنيٰ تہ اِھي ماري اِتي بہ پھچي ويا. پوءِ داستان گو حاجي حقير ابن مڱڻ وارو ٽنڊو قيصر، جتي ھر طرف صوفي ٻيرن ۽ انبن جا باغ. سھڻي شاعر آسي زمينيءَ جي اوطاق ۽ آس پاس کان ايندڙ قنبراڻين جا آواز شيدي باشا ھم باشا..... وري اُن ديار مان ڦِرندا، اچو تہ چوھڙ جمالي، اڙي واھہ، ھن ڳوٺ ۾ ڪنھن وقت، ڇا تہ انڊين پَتي وارين ٻيڙين جا ٻاڌو رھندا ھئا ۽ ڇا تہ سمارٽ ۽ نازڪ ٻيڙيون ٻڌندا ھئا، صفا ھالي ووڊ، بالي ووڊ جي فلم ھيروئنز جينا لولو ۽ ايشوريا جي چيلھہ جھڙيون ٻيڙيون.... چوھڙ جي اھڙين نازڪ ٻيڙين کي ڏِسي سدائين چپن تي ھي گيت ايندو ھئم؛ ”پتلي ڪمر ھئه، تِرڇي نظر ھئه، آجا ميري من ڀائي بالم، آجا تيرا آنکھون مين گهر ھئہ...“ ’چوھڙ تان چڪر‘ ماتلي ڦاٽڪ اڳيان گُذرڻ وقت، مور ٻُڌائي ٿو، ڪنھن وقت ھِتي ڪو بزرگ رھندو ھو ”مولوي نظر محمد“، ان جو جنازو کڄاڻو تہ ڪانڌي ڇا ڏسن، سوين پکي اُن جي ڏوليءَ مٿان ڇانوَ ڪندا پيا ھلن. پوءِ ڪڙيو گهنور ۽ اُن جي ڀرسان ڳوٺ سھراب خان نظاماڻي، اڙي بابا، ھي ناميارو شاعر حافظ نظاماڻي ان ئي تہ ڳوٺ جو آھي، جنھن ھي ڇا تہ يادگار نظم لِکيو آھي ”ڪو آ رحمان جي پاسي، ڪو آ ڀڳوان جي پاسي“.... پوءِ سجاول ڏانھن ويندي دولھہ دريا خان پُل، پوءِ سجاول پبلڪ لائبريري.... ۽ ايئن جتان جتان بہ مور وٺي پئي ھليو، اُتان اُتان جا ڪيئي تاريخي حوالا ۽ سنڌ گزيٽيئر مان گُفتا بہ ٻُڌائيندو ٿو رھي. پوءِ بدين سامھون ”بڙ جو ڍورو“ سبحان اللھ. لطيف سائين جي ياد حافظ مائي گنگا جتڻ وارو گام. اڳيان دودي شھيد واري روپا ماڙي، پوءِ شيخاڻي گهاڙي.... جتي لطيف ايوارڊ يافتہ ناٿو فقير لُنڊ رھندو ھو. ڪيڏا منھنجا ڀاڳ، ٿورا ئي سال اڳ، مون شاھہ سائين جي ميلي ۾ روبرو ھِن کي ڏِٺو ھو ۽ ايوارڊ وٺڻ وقت، ھزارن جي ھجوم ۾ سندس تعارف بہ مائيڪ تي مون ئي پڙھيو ھو. اجهو بدين جي ئي سياحت دوران مور، لواريءَ جي لعل خواجہ محمد زمان قدس سرہ جي مزار جو منظر بہ ڏيکاريو آھي، تڏھن يڪدم ئي شاھہ صاحب جو سندن بابت ھي بيت بہ ياد اچي ويم:
مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرين کي.
وچ ۾ ”ڪڍڻ“ جو ديار، اُھو تہ ڄڻ بدين جي دل ۾ ھو، جيڪو عظيم شاعر شمشير الحيدريءَ جو جنم شھر آھي. ياد آيم ڪنھن وقت شمشير کِلي کِلي چوندو رھندو ھو:
”بديڻان نہ ديکا، تو ڪُجهہ ڀي نہ ديکا“
وِچ وِچ ۾ مور ڪيڏيون نہ مزيدار مزيدار ڳالھيون بہ گوشِ گذار ڪندو ٿو ھلي، مثال طور؛ پيرو جي پَٽن تان لنگهندي، ھِن ٻُڌايو پئي.... ”مڇي کنيم پَٽ تان، مَڇي ڏِنم شعيب کي...“ ۽ ايئن مور کي ھي مڇي ڇا مِلي ھئي، ڄڻ ”لڇمي“ ديوي مِلي وئي ھئي.
اجهو ڳوٺ دينار ٽالپر ۾ ڪچھري دوران جڏهن سڀني سان تعارف ٿيو تہ هِڪ دوست جي لاءِ ويٺلن چيو سائين هي ماستر آهي، هِن سان ڪچھري ڪريو، جنھن ٻُڌايو تہ هو ايم اي انگلش آهي، ڊاڪٽر عبدالجبار فوراَ چيو ’معنيٰ چريو‘ تڏھن سڄي ڪچھريءَ ۾ ٽھڪڙو مَچي ويو.
يا الله، اڳتي مور پوءِ ھي بہ ڪھڙي نہ عجيب ديار جو قصو ڇيڙيو.... اھڙي ديار، جو جِتي ايل. بي. او. ڊي ڄڻ ڪو ارڙ بلا ۽ مٿان ھي قصو تہ ڪنھن وقت شديد سامونڊي طوفان آيو ھو تہ سڀ ڪجهہ ملياميٽ ۽ ھر طرف وڻن ۾، ماڻھن جا لاش ئي لاش! اُن ديار ۾ ھاڻي مور سان گڏ سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شھر سکر ۾ داخل ٿيس تہ، سامھون لئنسڊائون پُل.... ۽ چپن تي جيڪو لوڪ گيت، اھو ھي ”او جيڪو سکر واري پُل تي ـــ ھو جمالو ۽ جنھن جي سوني مُنڊي چيچ ۾ ــــ ھو جمالو.“ اجهو سکر بئراج جا ھي ڇا تہ 66 جهريل دروازا ۽ ڪُنڊ تي يادگار ميوزيم. جتان سڏ پنڌ تي درياھہ سنڌ، وچ ۾ ”ساڌ ٻيلو“ جتي پاکنڊي بابائن جو پراچين مندر... جنھن جي باغ ۾ ڪُنڊ سان لال گلال گُلن سان ڀريل ”بنفشھ“ جا وڻ. پوءِ پُراڻو سکر جتي جنات چوڪ ۾ شيخ اياز صاحب جو گهر. سکر ڀرسان بسنت بھار رُت جھڙو شڪارپور جو شھر، سامي، شيخ اياز صاحب ۽ آغا سليم جو جنم ديار ۽ جنھن کي مور جي اکين ڀرسان ويھي ڏٺم، تہ کنڊر کنڊر... تباھہ حال ۽ سارو شھر اُجاڙ اُجاڙ. جتي عظيم ليکڪائن روشن آرا مغل ۽ بادام ناتوان جون حويليون، جن جي در درين مان ايندڙ سرگوشيون جا ھھڙا آواز
تو وڇوڙيا سوين اي زمان،ا ھاءِ زمانا.
پوءِ خيرپور... جتي مور سان گڏجي مون مريم توب ڏِٺي ۽ ھي محاورو يادم آيم ”ڪاڏي مُنھن مريم جو، ڪاڏي الھيار...“ پوءِ ياد آيو. دؤرِ حاضر وارو ھي زبردست سُگهڙ خليل کوسو اُن ئي تہ الھيار واري شھر جي مِٽيءَ آھي، جنھن سنڌ جي ٽنڊن بابت ھڪ طويل نظم ۾، سنڌ جي سڀني ٽنڊن جو ڇا تہ دلپذير انداز ۾ بيان لکيو آھي. پوءِ خيرپور شھر اندر بھترين پبلڪ لائبريري، مير واھہ ڪِناري، صفحہ ھستيءَ تان گُم ٿي ويل عظيم شاعر ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب وارو ”سرمد جو گهر“ پوءِ دُور درازا اندر، سچل سرڪار جي مزار جتان سندن آواز ايندڙ
بي فائدو بازار گُهمين ٿو
يار ملي ڪک پن ۾ الا،
محبوب ڳولي ڏس.
۽ اُن ئي رستي جي پاسي کان، شاندار ڪوٽ ڏيجي وارو ويران قلعو.... ۽ مور جي، مور پرن جھڙي رنگين نثر ۾،، ھاءِ وي جي ٻنھي پاسن کان، باغ ئي باغ ۽ رنگ ئي رنگ ٿو ڏسان ۽ کجين جا ڏوڪن ۽ ڏنگن سان ڀريل وڻ.... اُتان پوءِ درياھہ جي پار وٺي ويندي مور ڳالھين ئي ڳالھين ۾، سنبارا... ”دي ڊانسنگ گرل“ واري اُجاڙ شھر موھن جي دڙي ۾ گُهمائڻ لاءِ وٺي ٿو ھلي، جتي ويران کنڊرن جي ڀرسان درياءِ سنڌ سان لڳولڳ سُپت سنڌو تھذيب جا آثار. جنھن سڄي دنيا ۾ اسان سنڌ واسين کي نمايان سُڃاڻپ ڏياري ڇڏي آھي. موھن جي دڙي وارن انھن کنڊرن ۾ مور سان گڏ داخل ٿيندي، مکيہ دروازي وٽ ھڪ اوچي چبوتري تي پروھت بابا يعني ڪنگ پريسٽ جو وڏو شاھي مجسمو... جيڪو کنڊرن مان مليل اصل مورتيءَ کي ڏِسي نامياري مجسما ساز پياري دوست نعمت خلجيءَ وڏو وڏو ٺاھي ان ھنڌ تي نصب ڪرايو ھو.
موھن جي دڙي مٿان اسٽوپا واري ھنڌان، مور سان گڏجي دور دور ڇا ٿو ڏِسان.... درياھہ سنڌ، ڪُميت ۽ ابلخ گهوڙي کان بہ تيز تر، سکر بئراج ڏانھن ڊوڙندو ٿو نظر اچي ۽ ڀرسان ڳوٺ ”ٻنڊي“ جيڪو ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو جنم ھنڌ ۽ پوءِ اُتي ئي چِتا کي اگني سنسڪار بعد، ھو ڀسم ٿي ويو ھو.
اجهو ھن سنڌ ياترا ۾، مور ساگر سان گڏ گڏ، سفر ۾ ڪنھن شھر ۾ صبح ٿو ٿئي، تہ ڪنھن ۾ شام، ڪِٿي واٽُون ويران تہ ڪِٿي رستا خراب ۽ سفر دوران ڪنھن وقت مٿان ڏِسان، ڇا چانڊوڪيون راتيون تہ ڪنھن وقت وري گجگاھہ اونداھيون راتيون ۽ ھر اھڙي صورتحال ۾ بہ مور جو سفري بيان جاري و ساري، يعني ڳالھہ مان ڳالھہ ۽ قصي مان قصو ۽ بس ايئن ڏِسندي ئي ڏِسندي... سنڌ ياترا بابت ڀاڱي ٽئين وارو ھي سفرنامو تمت بالخير ”يار زنده صحبت باقي.“ تڏھن ويندي ويندي ۽ موڪلائيندي پياري مور وچن بہ تہ مون سان ڪيو، ٿوري آرام ۽ ساھيءَ بعد هھڙو سفر وري آئون ڪندس ۽ سنڌ ياترا جو ھھڙو چوٿون ڀاڱو پڻ ضرور لِکندس سال بہ سال... جي حياتي بخير، وري بہ اسين گڏ ھونداسين.
تڏھن ”سنڌ منھنجي جند“ واري ھن سفر جي پُڄاڻي جڏهن ٿي ۽ پنھنجي پنھنجي اسٽاپ تي ھِڪ ٻئي کان اسين جُدا ٿياسين تہ چيومانس چڱو پيارا مور، توھان پنھنجي گهر خوش ۽ آئون پنھنجي گهر!
نصير مرزا
حيدرآباد
10 ڊسمبر 2022ع