من منھنجو موهن آ
روانگي
مَن منھنجو موهن آ، مھراڻ جھڙي تون آن،
ڇا سونھن سندءِ پياريِ چانڊاڻ جھڙي تون آن.
صبح جي پھرين ڪِرڻن سان گڏ پھتاسين راڌڻ ريلوي اسٽيشن تي. ڪجهہ گهڙيون اُتي گُذاري، ريلوي اسٽيشن جو نظارو ڪري پوءِ اسٽيشن کان بس ٿوري هيٺ لھي اڳتي هلياسين، منھن ڪيوسين موئن جي دڙي ڏانھن تہ سائين آزاد قاضي ٻُڌايو ’مور ساگر هاڻي پاڻ ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي ڏوڪري ۾ هلي رهيا آهيون،‘ ڪجهہ پنڌ اڳتي هلياسين تہ ڊاڪٽر آزاد قاضي چيو ’ادا منظور گاڏي کي ٿورو سائيڊ ڪريو‘، گاڏي بيٺي مونکي چيائين ’مور ساگر اِهو شيشو ٿورو هيٺ ڪريو،‘ آءٌ پوئين سيٽ تي ويٺل هئس، آزاد آڱر جي اشاري سان ٻُڌايو او اهو پريان ڳوٺ ڏِسو پيا اِهو نامياري اديب سوڀي گيانچنداڻي جو ڳوٺ ٻِنڊي اٿوَ.
سوڀي سان مختصر ملاقات جي ياد
’هاڻي سوڀو تہ نہ رهيو آهي، سندس ننھن آهي ‘ڪلپنا ديوي‘ جيڪا سُٺي قانوندان آهي.‘ آزاد قاضيءَ چيو. منھنجي من مونکي ماضي جي ميلي سان ملايو.”ڪراچي يونيورسٽي ۾ ويٺو آهيان، سنڌي ادبي سنگت سنڌ مرڪز طرفان ٻہ روزه سنڌي ادبي سنگت جي گولڊن جوبلي تقريب/ ڪانفرنس، ڪراچي يونيورسٽي جي هال ۾ ٿي رهي آهي، پھرين ڏينھن تي، خاص مھمان جي ڪُرسي تي محترم سوڀو گيانچنداڻي جن آهن، سڀني سوڀي سان يادگار فوٽو پي ڪڍرايا تہ مونکي ۽ اصغر گُگو کي بہ شوق ٿيو تہ سائين سوڀي سان يادگار تصوير ڪڍرايون، سُڀاڻي هُجون نہ هجون، سو اسان بہ سوڀي سان اسٽيج تي يادگار فوٽو ڪڍرايو ۽ محترم يوسف سنڌي اسان جو تعارف سوڀي سان ڪرايو. اسان ساڻس هٿ ملائيندي حال احوال ڪيا، طبيعت جو پُڇيو ۽ پوءِ گروپ فوٽو ڪڍرايو،“ هِن ڪانفرنس جي صدارتي پينل ۾ ٻيا جيڪي مھمانِ هئا اُنھن ۾ شمشيرالحيدري، تاجل بيوس، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شوڪت حسين شورو، پيرزاده قاسم.مظھرالحق صديقي، افتخار عارف.
’مور ساگر سامھون اٿئي موئن جو دڙو،‘ آزاد قاضي جي اوچتي ڳالھائڻ سان آءٌ بہ موٽي آيس ماضي منجهان. ’جي سائين واھہ واھہ جلدي پھچي وياسين.‘
هر حساب پاڻ رکو
انساني تاريخ جي پنج هزار سال پُراڻي ثقافتي ۽ تھذيبي آثار موهن جي دڙي جي مين گيٽ تي پھچي پھرين چار ٽڪيٽون ورتيوسين 20 في ماڻھو ۽ 30 روپيا في گاڏي، اسين چار ماڻھو ۽ ٻہ ڪارون تنھن ڪري ٽوٽل 140 روپيا ٿيا. اسان حساب ڪرڻ بِنا پُڇيو گهڻو ٿيو، همراه سوچي ٻُڌايو، 200 سئو ڏئي ڇڏيو، سندس چوَڻ جو انداز ايئن هو ڄڻ اسان تي ٿورو پيو ڪري پئسا وڌيڪ ٿا ٿين، 200 ڏِناسين، پرچيون مِليون، حساب ڪيو تہ 60 روپيا وڌيڪ پيو وٺي، کيس چيوسين ’اسانجا ڪُل 140 روپيا ٿين ٿا ۽ تون 200 روپيا پيو وٺين، پوءِ همراه مُنھن ڦِٽائيندي 60 روپيا واپس ڪيا، هر حساب پاڻ رکو تہ ٺيڪ نہ تہ سمجهو اوهان کي اُبتي ڇُري لڳندي، هي ڪھڙو دؤر آهي، ماڻھن مان خوفِ خدا ختم ٿي چُڪو آهي.
موهن جي دڙي جو ديدار
جيئن ئي اندر داخل ٿيون ٿا، تہ صفائي واريون ويڪريون واٽون/رستا پاسن کان ساون وڻن جون قطارو، ڪِٿي ڪِٿي گُلن وارا ٻوٽا، اِهي سڀئي ساز و سامان ماحول کي وڌيڪ خوبصورتي بخشي رهيا آهن. (5 جنوري 2008ع ۾ جڏهن نئون ديرو هائوس تي آصف زرداري سان محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت تي تعزيت ڪرڻ لاءِ آيا هئاسين، تڏهن واپسي ۾ هِنن واٽن تان پير پائي ويو هئس،) پر گهڻو وقت گُذرڻ سان شيون بہ ترقي ڪري پنھنجا رُخ يا بيھڪون بدلائي ڇڏينديون آهن. تنھن ڪري سڀ ڪجهہ نئون پيو لڳي.
جيئن شاھہ عبداللطيف جي رسالي لاءِ اسان ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ کي جس ڏيندا آهيون، جنھن شاھہ لطيف جو رسالو پھرين ڀيرو جرمني مان پرنٽ ڪرائي پڌرو ڪيو، تيئن ئي، اسين جڏهن موهن جو دڙو گُهمڻ لاءِ اچون ٿا تہ سر جان مارشل جا ٿورا مڃڻا پوندا، جنھن 1922ع ۾ سرد موسم جي ڏينھن ۾ کوٽائي شروع ڪرائي، جيڪو اُن وقت انڊيا جي قديم آثارن واري کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل هو. هِن مسلسل پنج سالن تائين کوٽائي جاري رکرائي، جنھن جو هِن سمورو احوال پنھنجي ٽن ضخيم جُلدن ۾ ڇپرايو. موهن جي دڙي جي کوٽائي جو سلسلو وري ٻيھر ارنيسٽ مئڪي جي نگهباني ۾ ٿيو. جيڪو بہ چار سال جاري رهيو ۽ 1931ع ۾ ختم ڪري هِن بہ پنھنجي تحقيقات تي جُدا ڪتاب شايع ڪرايو. ۽ پوءِ ڊگهي ساهي کانپوءِ 1950ع ۾ ڊاڪٽر سر آر ايم وهيلر ٽيھر کوٽائي شروع ڪرائي. اُن کانپوءِ يونيورسٽي آف پينسلونيا جي پروفيسر جارج ايف ڊيلز جيڪو آمريڪي آرڪيالاجيڪل مشن جو اڳواڻ هو، تنھن 1965ع ۾ ٽيھر ڇڏيل ڪم کي اڳتي وڌائيندي کوٽائي شروع ڪئي ۽ ايئن ايترين کوٽاين کانپوءِ وجود ماڻيندڙ هي موهن جو دڙو جيڪو هِن وقت منھنجي اکين جي اڳيان آهي ۽ موهن جي پَٽن تي پنھنجا پير ڌري ڌيري ڌيري هلي رهيو آهيان. موهن جي هرسو مھڪار من موهي رهي آهي ۽ مونکي منھنجي ئي گيت ’مومل‘ جون هي سِٽون ياد اچي رهيو آهن.
مَن منھنجو موهن آ، مھراڻ جھڙي تون آن،
ڇا سونھن سندءِ پياريِ چانڊاڻ جھڙي تون آن.
ڪنگ پريسٽ جي پاسي ۾
سڀ کان پھرين ڪنگ پريسٽ سان ملاقات ٿئي ٿي، جنھن کي مورتيءَ جي شڪل ۾ نصب ڪيو ويو آهي، جنھن جي ڪُلھي تہ ٽِن پتن واري ڦُلڙي نما اجرڪ پيل آهي، (جيڪا هن وقت اسانجو يار نور ميمڻ هالائي جي تخليق ڪيل ’بادشاھہ اجرڪ‘ جي نالي سان سنڌ، هند جو سير ڪري پَري پَري تائين پھتي آهي، اسانجون دعائون نور ميمڻ هالائي ”نمھا“ سان گڏ آهن،) انھي ڪنگ پريسٽ جي پاسي ۾ بيھي فوٽو ڪڍرايو ۽ سيلفي بہ ٺاهي.
اسٽوپا ڏانھن اڳيان وڌياسين
اڳتي ۽ مٿاهين جي طرف وڌون ٿا، هِڪڙو رستو جيڪو آر سي سي ٺھيل آهي، مٿي جي طرف وڃي ٿو، مٿي اسٽوپا تائين پھچڻ لاءِ سيڙهيون چڙهڻيون پوَن ٿيون، اُهي سيڙهيون جيڪي اصلي ناهن، پر پوءِ سياحن جي سھولت ڪاڻ ٺاهيون ويون آهن. مٿي اسٽوپا تائين وياسين، ٽِن طرفن کان هِڪ لوھي تار لڳل آهي. جنھن جي اندر وڃڻ جي اجازت ناهي، اُن تار ’حد‘ تائين پھچي فوٽوگرافي ڪري واپس ٻي پاسي کان لٿاسين، هِتي مختلف ننڍڙا ننڍڙا بورڊ لڳل آهن، جيڪي ٻُڌائين ٿا، هي رستو ڳجهو رستو آهي، هي رستو ٻاهر جي طرف وڃي ٿو، هي سيورج نظام آهي، هي ڪاليج آهي، هي کوھہ آهن، هي اجتماعي حمام آهي، هي الڳ الڳ واش روم آهن، وغيره وغيره، سڀ بورڊ پڙهندا، گُهمندا، فوٽو ڪڍندا، دڙي جي باري ۾ گفتگو ڪندا، ڪنھن وقت آزاد قاضي کان سوال بہ ڪري پيا وٺون، جن جا جواب ڪنھن وقت آزاد قاضي تہ ڪنھن وقت عبدالجبار نظاماڻي ڏيندا رهيا. ايئن دڙي کي چئني طرفن کان گُهمي ڏِسي واپسي جي رستي تان هيٺ لٿاسين.
هِن دڙي جي صفائي جو بہ گهڻو خيال رکيو ويو آهي، خاص ڪري ثقافت جي وزير سردار شاھہ جي اچڻ کانپوءِ، آثارن کي وري ٻيھر جيئاري اُجاريو ويو آهي. اسان موهن جي دڙي جي ڊٺل شھر جون سڀئي گهٽيون، گُهميون، پاڙا ڏِٺا، گسن ۽ گهٽين تان گُذرندي اُنھيءَ وقت جي ماڻھن کي جس پيا ڏيون تہ ڪيترا نہ عقلمند هوندا، تڏهن تہ هھڙا شھر اڏي ويا آهن.
سمبارا سان سيلفي
هاڻي اسان ميوزيم جي طرف وارو رستو ورتو، اُن رستي تي ويندي وچ تي سمبارا جو مجسمو لڳل آهي، جنھن سان فوٽو تہ ڪڍرايو، پر مونکي صفا نہ وڻي، خبر ناهي هي ڪھڙي ذهن جي تخليق آهي، تہ اُن دؤر جي ناچڻي ايتري بدصورت هُئي، جڏهن تہ هر دؤر جون ناچڻيون، ماڊلز خوبصورت ڇوڪريون رهيون آهن، پوءِ موهن جي دڙي جي ناچڻي اهڙي ڇو رنگ جي بہ صفا ڪاري، هٿ، پير، چَپَ سڀ ڪنھن آفريڪي شيدي جا لڳي رهيا آهن، ڇا اِهو رنگ بليڪ جي بجاءِ اسڪن ڪلر نٿي ٿي سگهيو، ڇا چھرو اھڙو اڻ وڻندڙ جي بجاءِ خوبصورت نٿي ٿي سگهيو، ڪولمبو ايئرپورٽ تي جيئن ئي اِن ٿيندا تہ اوهانکي ٻُڌ جو وڏو مُجسمو نظر ايندو، ڇا تہ مجسمي جي خوبصورتي، نفاست، دلڪشي آهي، ڇا ٻُڌ ايترو خوبصورت هو جو مجسمو ٺاهيو ويو آهي، پر هِتي تہ اگر ان کي موهن جي دڙي جي ناچڻي جو نالو ڏِنو ويو آهي ۽ ڏيکاريو ويو آهي تہ پوءِ اهڙو بدصورت ڇو؟ سچ پَچ تہ اِن تخليقڪار سان مونکي سخت اختلاف آهن. يا تہ هِن کي سونھن سمجهہ ۾ ئي نٿي اچي/آئي يا تہ ڄاڻي واڻي حُسن سان ويڌن ڪئي اٿس. (ڪڏهن مِليو تہ ضرور پُڇندومانس). اُن سمبارا جي ٺاهيل بد صورت مجسمي سان نہ چاهيندي بہ فوٽو ڪڍرايم، يادگار طور.
موهن ميوزيم ۾ موڪلاڻي
موهن جي دڙي جي ميوزيم ۾ آياسين، رسيـپشن تي ويٺل همراه اسان کي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ چوَن ٿا، کائن پُڇون ٿا گهڻي جي ٽڪيٽ آهي، ’20 روپيا، اڃا ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ سائين ڊاڪٽر عبدالجبار اڳتي وڌي ٿو، تہ آزاد قاضي کيس روڪيندي چوَي ٿو: ’منھنجي صلاح آهي، هاڻي مونکي ڏيو موڪل مونکي پويان ڪم پيا آهن، اوهان گُهمي ڦِري پوءِ لاڙڪاڻي وڃو تہ پوءِ اوٺا چونڪ کان سِڌو اڳتي هليا وڃو، جي ڀلا خيرپور وڃڻ چاهيو تہ پوءِ اوٺا چونڪ کان اوڀر طرف مُڙجو‘ اِهو ڏس ڏيڻ کانپوءِ پين سان پَني تي نقشو ٺاهي ڏِنائين، چيوسين ’سائين پھچي وينداسين‘ ۽ پوءِ کانئس ڀاڪر پائي موڪلايوسين. اسان ٽي ٽڪيٽون ورتيون.
سيڙهين تي چڙهي مٿي آياسين تہ اُتي همراه اسانکي چيو ’سائين هيڏانھن سِڌي هٿ تي اچو تہ اوهان کي ترتيب ۾ ٻُڌائيندو هلان ۽ هڪ ٻيو ٽولو بہ اسان کان اڳ ئي اُتي موجود هو، اُنھن کي بہ اسان ڏانھن سڏيندي چيائين تہ اوهانکي ترتيب سان سمجهڻو ۽ ڏِسڻو آهي تہ منھنجي پويان اچو، پاڻ شروعات کان ٻُڌايندو هليو، مختلف هنڌن تان لڌل شيون ۽ مختلف دؤرن ۾ مِليل شيون ٻُڌائيندو، ڏيکاريندو ۽ سمجهائيندو هلي.
موهن دڙي مان مِليل شيون ڏِٺيون
موهن جي دڙي مان مِليل مھرن ڏانھن اشارو ڪندي، ’هي اُهي مھرون آهن جيڪي موهن جي دڙي مان مِليون آهن، جن ۾ سوراخ بہ نظر اچي ٿو، ممڪن آهي، موهن دڙي جا ماڻھو مھرن کي ڳچين ۾ پائيندا هُجن ۽ جڏهن ڪو ماڻھو ٻاهر ويندو هو تہ گهر جي تالي مٿان مھر هڻي ويندو هو، جيستائين واپس وري تيستائين سندس گهر حفاظت ۾ هوندو هو.‘
پٿرن جي ٽُڪرن ڏانھن اشارو ڪندي ٻُڌائي ٿو، ’هي جيڪي پٿر ڏِسو پيا اهي عقيق يا سنگِ سليماني، پيروز ۽ نيلم آهن، پوءِ هڪ هار ڏانھن اشارو ڪندي ٻُڌايائين، ’هي اُهو هار آهي، جنھن جي کوٽائي ڪندڙ انگريز وڏي ساراھہ ڪن ٿا، تہ هي هار هُنر/ڪاريگري جو اعليٰ مثال آهي. ايئن ترتيب ۾ سڀئي شيون ڏيکاريندي ۽ اُنھن بابت مختصر ٻُڌائيندو هلي ٿو.
هٿيارن ڏانھن اشارو ڪندي، ’هي مختلف هٿيار ڏِسو پيا اِهي ٽامي جا ٺھيل آهن،‘ هٿيارن ۾ بہ صرف، تير ڪمان، ڀالا ۽ ڪٽاريون آهن، جِن مان اِهو اندازو ڪري سگهجي ٿو تہ اُن وقت جا انسان جنگيون نہ ڪندا هئا، نہ تہ تلوارون، تير، زرھہ، ڍال يا ڪي ٻيا هٿيار ضرور مِلن ها.
آخر ۾ اسان کانئس سندس نالو پُڇون ٿا، پاڻ پنھنجو نالو غلام رسول ڪوري ٻُڌايو، جيڪو هِتي ملازم آهي ۽ سياحن کي ايئن سمجهائيندو، ڏيکاريندو، ٻُڌائيندو آهي، شايد اِها ئي هِن جي ڊيوٽي آهي. هِن سان بہ گڏ گروپ فوٽو ڪڍيوسين. ۽ اسان سان گڏ آيل ڏوڪري جا ڏوڪرا، انجنيئر ظھير ميمڻ، ڪاشف سولنگي، ڊاڪٽر راڻا، گلشير مل اوڏ، وقار علي چنڙ سڀني جو تعلق ڏوڪري سان آهن، انھن سان بہ گڏجي هِڪڙو گروپ فوٽو ڪڍرايو.
عاشق نظاماڻي سان چاھہ جون چار گهڙيون
ڪجهہ فاصلو طئي ڪري آياسين اوٺا چونڪ تي، اُتان کان پُڇيوسين لاڙڪاڻو ٿا وڃون، همراه ٻُڌايو سِڌو روڊ وٺي هليا وڃو. سائين عبدالجبار نظاماڻي، عاشق نظاماڻي سان رابطو ڪيو ۽ ٻُڌايو تہ اسان کي اوهان سان مِلڻو هو، چيائين ’هليا اچو، شھر پھچو تہ فون ڪري وٺجو،‘ شھر ۾ داخل ٿي عبدالجبار ساڻس وري رابطو ڪيو، ٻُڌايائين تہ ’اوهان ايس پي چونڪ تي پھچو آءٌ اچان پيو،‘ اسان ايس پي چونڪ تي پھچي، سمبارا هوٽل جي ڀر ۾ بيھون ٿا، ڪجهہ دير بعد وائٽ ڪلٽس ۾ وائٽ ڪاٽن پھريل اُهو عاشق نظاماڻي اچي سامھون بيٺو، جيڪو منھنجي پسند جو گلوڪار آهي، سندس سڀئي واليوم تقريبن منھنجي ڪيسٽ لائبرري ۾ موجود آهن.
خير محمد نظاماڻي جي اڱڻ تي 5 مارچ 1965ع ۾ جنم وٺندڙ عاشق علي، جنھن جي پرورش ماءُ ڪئي، اڃا ٽن سالن جو هو تہ والد وفات ڪري ويو، هن پنھنجي تعليم ايم.اي (سنڌي) ۽ بي ايڊ ڪري تعليم کاتي ۾ استاد ٿي شيخ زيد هاءِ اسڪول کان شروعات ڪئي، 1980ع ڌاري پنھنجي ڳوٺ نئون آباد، تعلقي ڏوڪري کي الوداع ڪري اچي هِتي شھر لاڙڪاڻي ۾ رهيو. عاشق نظاماڻي راڳ جي سِکيا پنھنجي استاد انور علي سانگيءَ کان ورتي ۽ ريڊيو تي پھرين ڀيرو براڊ ڪاسٽر نصير مرزا هِن جو غزل رڪارڊ ڪيو. ۽ 1989ع ۾ پي ٽي وي تي پروڊيوسر بيدل مسرور ڪچھري پروگرام ۾ ڪاظم ٽالپر جو ڪلام ’اويلا مسافر تون هيل نہ اچجان‘ ڳارايو،... اِهو غزل منھنجي بہ پسند جو آهي.
چيائين تہ ’هلو بيٺڪ آهي، اُتي هلي ٿا حال احوال ڪريون، اڳيان پاڻ پويان اسين، ٿورڙو مفاصلو ڪري اچي هِڪڙي دُڪان اڳيان گاڏيون پارڪ ڪيوسين، دڪان جي مٿان ڪلب آهي، تالو کولي، اسانکي مٿي ويھاري، پاڻ ويو گهر ڏي، گهڻو ئي چيوسين تہ عاشق سائين بنا ڪنھن حجاب/ تڪلف جي ٻہ ٽي گهڙيون گڏ ويھو ڪچھري ڪريون، پوءِ موڪلايون، چيائين ’بس دير ڪانہ ٿي لڳي، گهر ويو ۽ اڌ ڪلاڪ کان پوءِ موٽي آيو، ناشتو کڻي، ناشتو ڏاڍو مزيدار هو، ناشتي کان پوءِ وري چانھہ گهرايائين، چانھہ پي گڏجي هيٺ لٿاسين ۽ رُخ رکيوسين لائبريري ڏانھن.
’منھنجا ڀاڳ ڀلا، بس آئون پھچان ٿو،‘
پياري دوست ۽ صحافي ياسين مشوري کي ڪجهہ دير پھرين فون ڪيو هيم، ۽ چيم ’پيارا وقت هُجي تہ ٻہ ٽي پل اسان ڏانھن اچو، اسين اوهان جي شھر ۾ آهيون، سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري ڏانھن اچون پيا.‘ چيائين ’منھنجا ڀاڳ ڀلا، بس آئون پھچان ٿو،‘ سندس قرب جو اڌ ڪلاڪ اندر، اسانجي پھچڻ کان بہ پھرين لائبرري جي گيٽ تي اسانجي انتظار ۾ بيٺو هو، ساڻس مِلياسين، پوءِ گڏجي اندر مين گيٽ کان مَٽي گاڏين کي هڪ سائيڊ کان پارڪ ڪيوسين.
سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري ڏِٺيسين
مون پنھنجا پير اُنھن پٽن تي رکيا، جنھن پَٽن تان علم جي لاٽ روشن ٿئي ٿي ۽ هر سال پنج کان ڇھہ شاگرد سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري آفيسري ماڻيندڙ ’سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري جا ئي شاگرد آهن. هي لائبريري اُن شخص جي پويان قائم ڪئي وئي جيڪو ڪتابن جو ايئن چئون تہ عاشق هو، ها سر شاهنواز ڀٽو جنھن کي ڪتاب پڙهڻ سان وڏو چاھہ هو، هِن پنھنجي ڳوٺ ڳڙهي خدابخش ۾ ذاتي لائبرري قائم ڪئي، جنھن ۾ ڪتابن جو تعداد وڌي پنج هزار کان بہ اڳتي اُڪري ويو. هن لائبريري ۾ ٻاهرين ملڪن جا قيمتي ڪتاب بہ موجود آهن، جيڪي سر شاهنواز پاڻ وٺي ايندو هو، جڏهن بہ ڪنھن ملڪ جي دوري تي ويندو هو. اُن کانپوءِ سندس ٻن پُـٽن سڪندر علي ڀٽو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو بہ هِن لائبريري ۾ ڪتابن جي واڌاري وارو سلسلو جاري رکيو.
1984ع ۾ جڏهن لاڙڪاڻي جو ڊپٽي ڪمشنر محمد هاشم ميمڻ هو، جيڪو هڪ علم دوست آفيسر چيو وڃي ٿو، تنھن هن لائبريري کي ’سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري‘ جي نالي سان لاڙڪاڻي ۾ بُنياد رکيو ۽ اُها سموري لائبريري هِتي شفٽ ٿي. هن لائبريري کي ڏهن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. (1) ريفرنس هال، (2) آڊيٽوريم هال، (3) ٻارن جو شعبو، (4) سي ايس ايس جو سيڪشن، (5) عورتن جو شعبو، (6) اخبارن ۽ رسالن جو شعبو، (7) انٽري ٽيسٽ سيڪشن، (8) مک لائبرري جي ڪتابن جو سيڪشن، (9)، بلائينڊ سيڪشن، (10) لنڪن ڪارنر.
’مور اِن ملائيشيا‘ تحفي طور ڏِنو،
پھرين 1986ع ۽ پوءِ 94-1993ع ٻن مرحلن ۾ هِن لائبريري کي مڪمل ڪيو ويو، هِن لائبريري ۾ روزانو 37 کن تہ اخبارون ٿيون اچن، جن ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزي شامل آهن، چاليھن جي لڳ ڀڳ رسالا/مخزن اچن ٿا. هِن وقت هي سموري لائبريري سينٽرلي ايئرڪنڊيشن آهي.
آياسين مٿي لائبريري ۾ پھرين هِڪڙي هال ۾ آياسين جِتي حج عمره وارن لاءِ پروگرام هلي رهيو هو، ٽرينر حاضرين کي حج عمره جا احڪام وغيره ٻُڌائي/سمجهائي رهيو هو، ڪجهہ دير ٻُڌڻ کانپوءِ هيٺ لٿاسين، عاشق نظاماڻي فون ڪئي، شمس الدين شيخ کي جيڪو ’سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري‘ جو ڊائريڪٽر آهي. شايد اُهو بہ انھيءَ ليڪچر پروگرام ۾ ويٺل هو، اُٿي آيو سندس ايئرڪنڊيشن آفيس ۾ ويٺاسين، پٽيوالي کي سڏ ڪيائين، فروٽ وٺڻ لاءِ موڪليائين، کوڙ فروٽ وٺي ڪَٽي پليٽن ۾ وجهي کڻي آيو، کاڌوسين، پوءِ مون پنھنجو ڪتاب ’مور اِن ملائيشيا‘ تحفي طور ڏِنو، ’سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري‘ کي. سائين ڊاڪٽر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي بہ پنھنجا ٽي ڪِتاب تحفي ۾ ڏنا، اڌ ڪلاڪ کانپوءِ اسانکي ٿئنڪس ۽ رسيونگ جا ليٽر بہ مِلي ويا. هاڻي نِڪتاسين لائبريري جي وزٽ لاءِ هيٺ لٿاسين.
مختلف رومز/سيڪشن وزٽ ڪندا ڏِسندا ۽ حيران ٿيندا رهياسين، سڀئي رومز/سيڪشن ڇوڪرن سان ڀريل وڏي رش، ڄڻ ڪو ڪاليج يا يونيورسٽي هلي رهي هُجي، اسان واري پاسي لاڙ سڄي ۾ اهڙي نہ ڪا لائبرري آهي، نہ ئي اِن طرح شاگردن ۾ پڙهڻ جو رُجحان، هِتي ٻارن جي لاءِ الڳ رومز آهن جن ۾ ٻار اسٽڊي ڪري رهيا آهن ۽ گرلس شاگردياڻين لاءِ بلڪل الڳ پورشن آهي، جتي شاگردياڻيون علم پرائڻ ۾ مگن هيون، هِتي هن گرلس سيڪشن جي سامھون هڪڙي موبائيل بس لائبريري سروس نظر آئي، جنھن جو بہ فوٽو ورتم، پر حيران ٿيس تہ موبائيل لائبريري بہ آهي، جيڪا شايد ڳوٺن يا مختلف علائقن ۾ شاگردن کي علم سان روشناس ڪرائيندي هوندي.
ڊائريڪٽر واتان اِهو ٻُڌي حيراني ٿي تہ روزانو لڳ ڀڳ هڪ هزار شاگرد پڙهڻ اچن ٿا، اسان پاڻ پنھنجي اکين سان اهڙي رش بہ ڏِٺي،
سمورا شعبا وزٽ ڪري آياسين گرلس سيڪشن جي ليڊيز انچارج جي آفيس ۾، انچارج اسانکي سلام ڪري ٻاهر نِڪري وئي، اسان ويٺاسين، ڊائريڪٽر صاحب پٽيوالي کي گهنٽي هڻي گهرايو، ۽ چانھہ بسڪيٽن لاءِ چيائين، چانھہ آئي پيتيسين، اُٿياسين، گُهمندا ڦِرندا ٻاهر آياسين، پارڪ ۾ سامھون ڪونو وڻ مان الله جو نالو ٺھيل ڏِسي حيرانگي سان گڏ سرهائي بہ ٿي، مون اُن جو فوٽو بہ ڪڍيو، ٻاهر گيٽ وٽ سڀئي گڏ بيٺاسين يادگار گروپ فوٽو ڪڍيوسين، پوءِ سڀني گلي مِلي موڪلايو، ياسين مشوري گهڻو ئي اسرار پيو ڪري تہ مانجهاندو مون وٽ ڪري پوءِ وڃو، پر اسان کيس چيو، يار اسانجي منزل اڃا بہ اڳتي وقت گهٽ پنڌ پري تنھن ڪري مانجهاندو جِتي نصيب اُتي ڪنداسين. عاشق چيو آءٌ اوهانکي نئون ديرو روڊ تائين ڇڏي ٿو اچان. عاشق نظاماڻي جي رهنمائي ۾ نئون ديرو روڊ تي پھتاسين، سندس اِهي محبتون ياد رهنديون، کائنس ڀاڪر پائي موڪلايوسين.
نئون ديرو کي بہ نظرن ڏِٺو
نئون ديرو شھر کان پھرين باءِ پاس تي لڳل بورڊ، شھيدن جي مزار جي گس جو ڏس ڏي ٿو، پر گاڏي اسپيڊ ۾ هئي، تنھن ڪري اڳتي شھر ڏانھن نِڪري وياسين، شھر ۾ اندر روڊ سوڙهو هو، گاڏين جي رش جي ڪري ٿورو وڌيڪ وقت لڳي ويو، پر ان بھاني نئون ديرو شھر جو ديدار ڪري ورتوسين.
ضلعي لاڙڪاڻي، تعلقي رتي ديري جو هي ننڍو شھر آهي، پر رش جي حساب سان اِهو حساب لڳائي سگهان ٿو تہ، هي شھر ٻھراڙين جو مرڪزي شھر آهي، بلڪل ايئن جيئن منھنجو شھر پيرولاشاري. پر پيرولاشاري بلڪل ننڍو شھر آهي، جڏهن تہ نئون ديرو ٽائون ڪميٽي جي حيثيت وارو شھر آهي. هن شھر کي ’نئون ديرو شگر مل‘ بہ آهي، هن ئي يونين ڪائونسل ۾ شھيدن جو اباڻو ڳوٺ ’ڳڙهي خدابخش‘ آهي. جنھن ۾ شھيدن جو قبرستان بہ آهي، ملڪ جي ٻن وزيراعظمن جون مزارون، اُن خاندان جا ٻيا بہ اهم فرد ۽ سوين ڪارڪن ڪارساز واقعي وارا بہ هِتي ئي دفن ٿيل آهي. شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جو اباڻو گهر بہ هِن ئي شھر نئون ديرو ۾ موجود آهي. شھر مان شھيدن جي مزار ڏانھن ويندڙ رستي جو پُڇي روانا ٿياسين.
شھيدن جو ڳوٺ ڳڙهي خدا بخش
ڳڙهي خدابخش کي ڀلي ڪير ضلعي لاڙڪاڻي، تعلقي رتي ديري جي يونين ڪائونسل 7 سڏي يا ڳڙهي خدا بخش کي هِن يونين ڪائونسل 7 جو صدر مقام سڏي، پر آءٌ تہ هن کي شھيدن جو ڳوٺ ڳڙهي خدابخش ڪري سڏيندس. هِن ڳوٺ جا باشندا هِن ڳوٺ جا واسي سڀني وڃي پرديس وسايو، جِتان ڪو بہ واپس ناهي وريو، پيءُ (ذوالفقار علي ڀٽو) بہ شھيد، ڌيءُ (بينظير ڀٽو) بہ شھيد، ٻہ جوان پُٽ (شاهنواز ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو) بہ شھيد ۽ اُنھن ايڏين وڏين شھادتن جو اڄ ڏينھن تائين پلاند نہ ٿيو آهي، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو پلاند چئي سگهجي ٿو تہ قدرت واري اهڙو ڪيو، جو ضياءَ ۽ سندس سڀئي حواري زمين آسمان جي وچ تي خاڪ ٿي ويا، سندن جسم کي نہ ڪفن ۽ نہ ئي زمين نصيب ٿي، اِهو الزام شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو تي لڳو هو، خبر ناهي صحي هو يا نہ، پر جي صحي هو تہ ڏاڍو ڀلو ٿيو. ذوالفقار سيال جي هن شعر وانگر:
هِڪڙو جهاز هوا ۾ ڦاٽو،
هلڪو ٿي ويو بار دُنيا جو.
شھيدن جو آستان
جڏهن پھريون ڀيرو شھيد بينظير ڀٽو تي قُل پڙهڻ آيو هئس تڏهن پنھنجي پوري فيملي گڏ هُئي، اڄ هي ٻيو ڀيرو آيو آهيان، اُن وقت مزار جو مٿي ڪم هلندڙ هو، گرائونڊ ڪچو هو، چؤطرف ديوار اڃا نہ هئي، پر هاڻي تہ وڏي ديوار ڏِنل آهي، اسان سڄي ديوار کي چؤطرف ڦِري آياسين، گيٽن جا نمبر پڙهندا آياسين، 14 گيٽ نظر آيا. گيٽ 12 وٽ همراھہ گڏيو تنھن کان پڇيوسين اندر جو رستو، تنھن ٻُڌايو تہ اوهان صرف گيٽ 2 کان اندر وڃي سگهو ٿا ۽ گيٽ نمبر ٻہ هُن پاسي آهي، وري گاڏي پوئتي موڙيسين، آياسين گيٽ نمبر ٻہ وٽ، پھرين چيڪ پوسٽ هُئي، اُن تي تعارف ڪرايو، چيڪ پوسٽ کان پوءِ سِڌو بازار ۾ لھجي ٿو، بلڪل ايئن بازار لڳل آهي، جيئن سمن سرڪار جي مزار تي، جيئن قلندر شھباز جي مزار تي، جيئن شاھہ لطيف جي مزار تي، جيئن سچل سرمت جي مزار تي، ڏوھہ بازار لڳائڻ وارن جو ناهي، ماڻھو بہ اهڙي طرح ٿا اچن، ٻھراڙي جا ماڻھو گاڏيون ڀريو اچن، دُعائون گُهرڻ لاءِ، آيا تہ اسين بہ آهيون، پر اچڻ ۾ فرق آهي، بس هر ڪنھن جي مرضي، ڳالھہ سڄي نيتن جي آهي، هِتي بہ، تہ هُتي بہ حِساب ڪتاب نيتن جو ٿيندو. مزار تي اچي قُل پڙهڻ ۽ عبرت وٺڻ، ٻيو مزار تي اچي ڪجهہ گُهرڻ وڏو فرق آهي.
ڄڻ تاج محل جو ڏيک ڏي ٿي
گيٽ اندر واڪ ٿرو گيٽ لڳل آهي، گيٽ تي سيڪيورٽي اهلڪار ويٺل آهن، پوءِ وري مزار جي سامھون بہ ساڳيون ئي سيڪيورٽي اهلڪار ويٺل آهن ۽ واڪ ٿرو گيٽ لڳل آهن. گرائونڊ وڏي ايراضي تي پکڙيل آهي، اولھہ طرف کان اسٽيج ٺھيل آهي، جتي ورسي جي موقعي تي خطاب ٿيندو آهي، مزار پري کان ڄڻ تاج محل جو ڏيک ڏي ٿي، بس ڊزائن جو ٿورو فرق آهي، جيئن ئي مزار جي اندر داخل ٿياسين، تلاوتِ قرآن مجيد ڪنن سان ٽڪرائجي ٿي ۽ ماحول پُرسڪون لڳو پيو هو، توڻي جو ماڻھو بہ هئا، ٻھراڙي جي عورتن جي هٿن ۾ گلاب جا گُل ۽ هار هئا، جيڪي محترمه جي مزار تي رکي هَٿ ڦِيري رهيون هيون، بلڪل ايئن جيئن درويشن جي مزارن جي پڃرن کي هٿ ڦيري اکين تي رکنديون آهن.
سڀ کان پھرين شھيد ذوالفقار ۽ شھيد بينظير جي قبرن جي پيراندي کان اچي بيٺاسين ۽ قبرن جي سيراندي وٽان سامھون خانہ ڪعبہ جي غِلاف جو آيتن لِکيل وڏي شيشي جو فريم ڏِٺو، جيڪو هيٺ کان مٿي ڇت تائين رکيل آهي. جيڪو آصف زرداري کي تحفي طور مِليو هو. سعودي جي بادشاھہ ڏِنو هو. جنھن کي هِن ڏاڍي سھڻي نموني شيشي جي فريم ۾ سجائي قبرن جي سري وٽان رکرائي ڇڏيو آهي، اُتي قبرن جي صفائي وغيره ڪندڙ ملازم ٻُڌايو تہ هي تحفو 2015ع ۾ مِليو هو ۽ 2015ع کان وٺي هي تلاوت روزانو صبح 6 وڳي کان رات جو 9 وڳي تائين بنا ڪنھن ساهي ۽ وقفي جي هلندي رهندي آهي ۽ هِڪ ڏينھن بہ تلاوت هلائڻ ۾ ڪوتاهي نہ ٿي آهي. اِها ڳالھہ ضرور نئين ۽ مُنفرد آهي ۽ سُٺو عمل بہ آهي.
مزار اندر ئي هُئس تہ دوست احسان راهوجو جو فون اچي ويو، چيائين ڪِٿي آهيو؟ چيم شھيد بينظير جي مزار تي، چيائين پوءِ اچو نئون ديرو شھر اُتي ڀاءُ کي چيو اٿم ماني وغيره کائي پوءِ نِڪرجو، سندس ٿورا مڃيندي چيم يار اسان کي سکر پھچڻو آهي، اُتي دوست کي منجهند پھچڻ جو چيو هيوسين، پر منجهند هِتي ٿي وئي آهي، اُنھي جي فون پئي اچي هر هر، تنھن ڪري هاڻي سِڌو سفر سکر ڏانھن آهي، چيائين ڀلا ٺيڪ، پر آئيس ڪريم کايو وڃو، اُن ۾ دير نہ لڳندي، چيم پيارا شھر ڏانھن وڃو ئي ڪونہ ٿا، شھر مان ٿي آيا آهيون، هاڻي باءِ پاس وٺي هليا ٿا وڃون سکر، چيائين جيڪا اوهان جي مرضي. سندس ٿورا مڃيندي فون بند ڪيم.
شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قبر تي قُل پڙهياسين
هن قبر اندر اُها شخصيت دفن ٿيل آهن، جنھن پاڪستان کي ايٽمي طاقت بخشي ۽ 1973ع جو آئين ڏِئي، پاڪستان جي عوام کي عزت ۽ آجپي لاءِ جمھوريت جي راھہ ڏيکاري ۽ کين ڳالھائڻ لاءِ اُتساھہ ۽ زبان ڏني، جيڪو پاڪستان جي سياست تي اَڻ مِٽ نشان ڇڏي ويو.
سر شاهنواز ۽ خورشيد بيگم جي گهر اڱڻ 5 جنوري 1928ع تي پيدا ٿيندڙ، شروعات ۾ تہ لاڙڪاڻي ۾ ئي پڙهيو، پر پوءِ ڪجهہ عرصو ڪراچي ۾ پڙهي، پوءِ بمبئيءَ هليو ويو جتي هِن ڪيٿيڊرل اسڪول ۾ داخلا ورتي، اُتي پڙهڻ دوران هي اُتي جي ذهين شاگردن ۾ شمار ٿي ويو ۽ انھيءَ ئي اسڪول جي هِڪ شاگرد پيلو موديءَ سان سندس دوستي ٿي وئي، جنھن ‘’Zulfi My Friend’’ نالي هڪ ڪتاب بہ لِکيو.
ذوالفقار علي ڀٽو پنھنجي پڙهائيءَ سان گڏ سياست جو مطالعو ۽ مشاهدو پُڻ ڪندو رهيو. 1946ع ۾ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ آمريڪا ويو، جتي برڪلي يونيورسٽي ڪيليفورنيا مان سياسيات ۽ بين الاقوامي قانون جي تعليم حاصل ڪئي. سياسيات ۾ بي اي (آنرز) ڪئي، پوءِ آڪسفورڊ يونيورسٽي انگلينڊ جي ڪرسٽ چرچ ڪاليج مان قانون جي ڊگري حاصل ڪيائين. هِن ٽِن سالن جو ڪورس ٻِن سالن ۾ مڪمل ڪيو، توڻي جو هِن جن مضمونن جي چونڊ ڪئي انھيءَ لاءِ هن کي رومن ۽ لاطيني زبانون پڙهي اُن ۾ پاس ٿيڻ لازمي هو. ذلفي آڪسفورڊ يونيورسٽي مان ايم. اي سياسيات ۾ حاصل ڪئي، پوءِ بار ائٽ لا، جو امتحان پاس ڪري انگلينڊ جي سائوٿ هيمپٽن يونيورسٽيءَ ۾ بين الاقوامي قانون جو استاد مقرر ٿيو. اُن وقت هي پھريون ايشيا کنڊ جو مسلمان هو، جنھن کي اُتي پڙهائڻ جو اعزاز حاصل آهي. اُن دوران ئي ذوالفقار علي ڀٽو کي پنھنجي والد جي بيمار هُجڻ جو اطلاع مليو ۽ پوءِ هي پنھنجي سنڌ وطن موٽي آيو.
ذوالفقار علي ڀٽو جي پھرين شادي 1940ع ۾ پنھنجي سئوٽ امير بيگم سان ٿي، ۽ يارهن سالن کانپوءِ 1951ع ۾ هن ٻي شادي اصفھاني عورت بيگم نصرت ڀٽو سان ڪئي، جنھن مان کيس ٻہ ڌيئرون بينظير ڀٽو ۽ صنم ڀٽو ٻہ پُٽ مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز جونيئر ڄايا.
شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، پنھنجي ڪيريئر جي شروعات سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچي ۾ پڙهائڻ سان شروع ڪئي. پاڻ بہ پرئڪٽس ڪندو رهيو ۽ ڪامياب وڪيل طور مڃرايائين، 1956ع ۾ صدر اسڪندر مرزا نوجوانن جو هڪ وفد اقوامِ متحده موڪليو، ذوالفقار علي ڀٽو جو نالو بہ اُن وفد ۾ شامل هو، اُن وقت هي نہ وڃي سگهيو، ٻيھر ٻي سال 1957ع ۾ جيڪو وفد ويو، اُن جي اڳواڻي ئي ذوالفقار علي ڀٽي ڪئي هئي.
ذوالفقار علي ڀٽي پنھنجي عملي سياست جي شروعات 1958ع کان ڪئي. اُن وقت ايوب خان جي حڪومت هئي، جنھن ۾ هي ٻن سالن تائين تجارت جي وزارت تي فائز رهيو ۽ پوءِ 1960ع کان 1962ع تائين اقليتي معاملن ۽ قومي تعمير نو ۽ اطلاعات جو وزير ۽ وري ٽي سالن تائين صنعت، قدرتي وسيلن ۽ ڪشمير جي معاملن جو وزير رهيو. ايئن پوءِ ڪجهہ سالن تائين وزيرِخارجه جون ذميواريون نھايت ئي ڪاميابي سان پوريون ڪيائين. 1965ع ۾ پاڪ-ڀارت جنگ کان پوءِ روس جي رهنمائي جي مدد سان ’تاشقد معاهدو‘ ٿيو تہ ذوالفقار علي ڀٽي ۽ ايوب خان ۾اختلاف ٿي پيا. ۽ هن پرڏيھي وزارت تان استعيفا ڏني، اُن کان پوءِ هن جي شھرت ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿيو، جنھن جي نتيجي ۾ 30 نومبر 1967ع تي ”پاڪستان پيپلز پارٽي“ جو قيام عمل ۾ آيو، اُن وقت جڏهن پارٽي جو پھريون اجلاس ٿيو تہ اُن ۾ جن پھرين ميمبرن شرڪت ڪئي هئي. ممتاز علي ڀٽو، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، حيات شير پائو، مبشر حسن جي اي رحيم، معراج محمد خان، خورشيد حسن مير، مير رسول بخش ٽالپر، ملڪ نديم احمد ۽ ملڪ حامد سرفراز. اُن اجلاس ۾ پارٽي جا جيڪي اصول طئہ ٿيا هئا، اُنھن ۾ (1) اسلام اسان جو دين آهي، (2) جمھوريت اسان جي سياست آهي، (3) سوشلزم اسان جي معيشت آهي، (4) طاقت جو سرچشمو عوام آهي، انھن اصولن سان گڏ هڪڙو نعرو يا سلوگن چئون اُهو بہ طئہ ڪيو ويو، ” لٽو ، اٽو، اجهو “، يعني ”روٽي، ڪپڙا اور مڪان.“
پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان جڏهن ايوب خان خلاف مھم هلي تہ ايوب خان کي اقتدار کان الڳ ٿئـڻون پيو ۽ ملڪ کي عارضي طور فوجي سربراھہ يحيٰ خان حوالي ڪيو ويو، جنھن 1970ع ۾ عام چونڊون ڪرايون، پيپلز پارٽي اوڀر پاڪستان مان وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ۽ انھن چونڊن کانپوءِ هڪڙي سانحي جنم ورتو، جنھن جي نتيجي ۾ اوڀر پاڪستان هِڪڙي نئين ملڪ ’بنگلاديش‘ جي حيثيت ورتي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي بہ هِڪڙي نئين پاڪستان جو اقتدار سنڀاليو. اُن کانپوءِ ذوالفقار علي ڀٽي سڀني پارٽين کي اعتماد ۾ وٺي نئين پاڪستان کي هِڪڙو نئون آئين ڏِنو، جيڪو 10 اپريل 1973ع ۾ قومي اسيمبلي مان منظور ڪيو ويو.
اُن کانپوءِ ذوالفقار علي ڀٽي هِن ملڪ کي ٺاهيو، وڏا وڏا نجي ادارا ۽ بئنڪون قومي تحويل ۾ ورتيون ۽ ملڪ جي سڀ کان وڏي فولادي ڪارخاني ’پاڪستان اسٽيل ملز‘ جو تحفو هِن ملڪ کي ڏِنو ۽ هڪ ڏينھن اهڙو بہ آيو جو ذوالفقار علي ڀٽي عالمي طاقتن کي ڀانور ڪرائيندي چيو تہ اسان کي گاھہ کائـڻو پيو تہ کائينداسين، پر ايٽم بم ضرور ٺاهينداسين ۽ هن ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايائين، ملڪ جي ايترين خدمتن عيوض آخر ۾ هن کي قتل جي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسي ڏِني وئي.
قل پڙهڻ کانپوءِ مون چيو ’سائين عبدالجبارشروع کان هِن ملڪ ۾ اِهو ئي ٿيندو آيو آهي، جنھن بہ ملڪ سان سچائي ۽ وفاداري ڏيکاري اُن کي شھادت ئي مِلي آهي. پوءِ اُهو ذوالفقار علي ڀٽو هُجي، (جنھن سازش ۾ جج بہ شامل هئا)، قائداعظم هُجي (جنھن کي سازش تحت ڦِٽل وين ۾ موڪليو ويو) يا محترمه بينظير ڀٽو هُجي. جنھن کي جنرل مشرف ٽولي وڏي سازش تحت شھيد ڪرايو‘ سائين عبدالجبار مون ڏانھن ڏِسي مُرڪيو.
بيگم نصرت ڀٽو بہ ڀر ۾ سُتي پئي آهي
ٿورو اڳتي وڌي هِڪڙي ٻي قبر تي فاتح پڙهون ٿا، ڀلي کڻي هي گهريلو ۽ سوشل عورت هُئي، پر جڏهن حالات هٿ وس ناهن رهندا، تہ ماڻھو پنھنجي جياپي ڪاڻ ڪجهہ بہ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي، ايئن پوءِ جڏهن، هِن جي مڙس ذوالفقار علي ڀٽو (جنھن سان هِن پسند جي شادي ڪئي، هئي، ايران جي هڪ پارسي واپاريءَ مرزا محمد اصفھانيءَ جي ڌيءَ آهي، هن جو جنم 23 مارچ 1929ع ۾ ايران جي شھر اصفھان ۾ ٿيو. جيززائينڊ مير ڪائونٽ مان سينيئر ڪئمبرج پاس ڪئي. 5 سيپٽمبر 1951ع تي سنڌ جي سدا ملوڪ سياستدان ذوالفقار علي ڀٽي کي پنھنجو جيون ساٿي بڻايو.) کي وقت جي آمر ضياءَ بي ڏوهي بند ڪرائي ۽ پوءِ ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسي ڏياري، تڏهن هن کي گهر ڇڏي مڙس کي بچائڻ لاءِ ميدان ۾ اچڻو پيو ۽ ايئن بيگم نصرت ڀٽو سياست جي شروعات ڪئي، شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شھادت کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن مقرر ٿي، پر جنرل ضياءَ هن کي پنھنجي گهر ۾ نظر بند رکيو. اسان چار قُل شھيدن جي ماءُ ۽ شھيد جي ونيءَ شھيدِ جمھوريت بيگم نصرت ڀٽو تي پڙهيا.
شھيد بينظير ڀٽو عرف پنڪي
هاڻي اسين سنڌ ڄائي، سنڌ جي راڻي شھيد بينظير ڀٽو جي قبر جي ڀر ۾ بيھي هٿ کڻي کيس قُل بخشي رهيا آهيون ۽ اِها ئي بينظير ڀٽو جڏهن پھريون ڀيرو 1988ع ۾ بدين آئي هئي، تڏهن آئون 9 سالن جو هئس ۽ بينظير کي ڏسڻ لاءِ بدين آيو هئس. پوءِ مون تہ پري کان ئي ڏِٺو، پر اُن جلسي ۾ جيڪا مون سان حالت ٿي هُئي چِپ چِپان ماڻھن جي وڏي رش هئي، جو اُن کانپوءِ وري ڪڏهن بہ ڪِٿي بينظير جي ڪنھن بہ جلسي ۾ نہ ويس.
ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪراچي واري گهر اڱڻ/گلشن ۾ پھريون گُل ڦٽو، 21 جون 1953ع بينظير عرف پني جي روپ ۾.
بينظير عرف پنڪي پنھنجي تعليم مسز جيننگ جي نرسري اسڪول ڪراچي کان شروعات ڪئي، 1958ع ۾ ڪراچي جي مشھور اسڪول ڪانوينٽ آف جيزز اينڊ ميري ۾ داخلا ورتي، هيءَ ننڍي هوندي ذهين هوندي هئي، بينظير جڏهن ستن سالن جي هُئي تہ ذوالفقار علي ڀٽو جنرل ايوب خان جي مرڪزي ڪابينا ۾ وزير ٿيو، اُن کانپوءِ خاندان سميت راولپنڊي ۾ رهائش اختيار ڪئي. پنڊي ۾ ’پريزنٽيشن ڪانوينٽ‘ ۾ داخل ڪيو. پوءِ پنڪي ۽ صنم کي ڪوھہ مري جي بورڊنگ هائوس ۾ موڪليو ويو، ان دوران بينظير کي ڪتاب پڙهڻ جو شوق ٿيو، هِن تاريخ، آتم ڪھاڻيون ۽ اگاٿاڪر سٽيءَ جي جاسوسي ڪھاڻين جا ڪتاب گهڻو پڙهيا.
ذوالفقار علي ڀٽو، ايوب سان اختلافن سبب ڌار ٿي ٻيھر ڪراچي اچي رهيو، بينظير ٻيھر ڪراچي ۾ پڙهي، پوءِ آمريڪا وئي جتي هِن سياست ۾ گريجوئيشن ڪئي، واپس سنڌ وطن آئي ۽ ٻيھر آڪسفورڊ يونيورسٽي پڙهڻ وئي، جتي اڳتي هلي هِن کي يونين جي ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، اُن کان پوءِ انھيءَ يونين جي صدر جي عھدي لاءِ چونڊ وڙهي ۽ 1977ع ۾ هوءَ پھرين ايشيائي ڇوڪري هئي، جنھن اِهو عھدو ماڻيو.
بينظير ڀٽو 1987ع ۾ آصف علي زرداري سان شادي ڪئي، 2 ڊسمبر 1988ع ۾ ايوانِ صدر ۾ وزيراعظم جي عھدي جو قسم کنيو، اُن وقت پوري اسلامي ملڪن ۾ پھرين عورت وزيراعظم بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. 13 نومبر 1993ع ۾ هي هڪ ڀيرو ٻيھر وزيراعظم بڻي.
27 ڊسمبر 2007ع ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو واقعو، ٻہ ڀيرا وزيراعظم رهندڙ محترمه بينظير ڀٽو کي سازش تحت لياقت باغ پنڊي ۾ شھيد ڪرايو ويو. انھيءَ واقعي تي مون پوري ملڪ کي هڪ هنڌ بيھندي ڏِٺو هو، سڀ جو سڀ ساڪن هو، ٽِن ڏينھن تائين روڊ رستا ويران هئا.
”آءٌ چوٿين منزل رابيعہ اسڪوائر فليٽ تي ڪم سان ويس، شام جو وقت هو، ادا منظور جي فون آئي، کنيم، ڏاڍي ڪاوڙ ۽ ڏُک واري انداز ۾ ڳالھايائين، ’ڪِٿي آهين؟‘ چيم، فليٽ تي، ’جلدي هيٺ اچ بينظير کي گولي لڳي آهي، شھر ۾ ڄڻ طوفان اچي ويو آهي، جلدي هيٺ اچ،‘ آئون رابيعہ اسڪوائر جي چوٿين منزل تان هيٺ ڪيئن لٿس، اِها خبر مون کي بہ نہ هئي تہ هيتريون چاڙهيون ڪيئن لٿس، يا اُڏامي آيس، ٻاهر حيدرچونڪ ڏانھن ڏِسان، واقعي ئي ڄڻ طوفان، آيو هُجي، وڏو ڦڙو مينھن ماڻھن کي ٿو پُسائي يا مُرڳو قيامت جا منظر، ماڻھو مردن،عورتن، ٻارن جي ڊوڙ ڊوڙان هُئي، پريان ريشم گلي مان جيڪي پي نِڪتا اُنھن کي خبر ئي نہ پي پئي ڪيڏانھن پيا ڀڄن، ڪو ڪنھن جو ناهي، گاڏيون هڪٻئي ۾ پيون لڳن، ماڻھو گاڏين ۾ پيا لڳن، هِڪڙي عجيب صورتحال هُئي.
اسان کي اسٽاپ تائين پھچڻو هو، فورسيٽر ۾ ويٺاسين، اِن دوران مون هِڪ مِنٽ لاءِ بہ پنجاب ۽ پنجابي سامراج، اسٽيبلشمينٽ تي گار ۽ ٿُڪ لعنت بند نہ ڪئي، مون ڪنھن ماڻھو جو لحاظ بہ نہ پي ڪيو، ماڻھو مونسان گڏ هئا، نہ هئا، اِها بہ خبر نہ پي پئي. نئين پل تائين پھتاسين، پُل تي باهيون هُيون، گاڏين جون قطارون هيون، هيٺ لٿاسين، پنڌ پھتاسين، سبزي منڊيءَ وٽ اُتان کان هِڪڙي کٽارا ڊاٽسن ڦل اسپيڊ سان نِڪتي، خبر تہ ناهي اسان ڪيئن اُن ڊاٽسن ۾ پاڻ کي کڻي اُڇليو، فتح چونڪ پھتاسين، سڀئي رستا بند ۽ روڊن تي باهيون، اسان جا هاڻي ڪيڏانھن بہ وڃڻ جا سڀئي امڪان رد ٿي ويا. فتح چونڪ کان پنڌ هلڻ جو سوچيوسين، ڪجهہ پنڌ ڪيوسين، اندران ڪِٿان ڪا گاڏي نِڪتي، جنھن کان لفٽ ورتيسين، هوسڙي موڙ وٽ پھتاسين رستا بند روڊن تي باهيون. گاڏين جون قطارون، اسين بہ روڊ جو پاسو وٺي بيھي رهياسين، سوين ماڻھن جا هُجوم گڏ ٿيندا ويا، گهڻي دير تائين اُتي ئي بيٺا رهياسين.
هوسڙي ۾ اسان جا دوست رهن ٿا، غلام مرتضيٰ شورو، ممتاز شورو وارا خيال پيو اچي تہ فون ڪريون، وري چئون نہ هِن وقت ڪنھن کي فون ڪرڻ مناسب ناهي، هن وقت سڀني سان ساڳي حالت آهي، بس ڪجهہ وقت اڃا بہ بيٺا رهياسين، تيستائين مرتضيٰ ۽ ممتاز موٽر سائڪل ون ٽو فاوَ اچي پاسي ۾ بيھاري، ’اوهين بہ ڦاٿا پيا آهيو‘؟، ها، اسان ۾ ڄڻ ساھہ پئي ويو، هِنن چيو ’اسان دوستن جي فون تي آيا آهيون، هنن کي گس لائي اچون، پوءِ اوهان کي وٺڻ ٿا اچون، اتي ئي بيٺا رهجو،‘ اسان جي پاسي کان ٻہ همراه بيٺا هئا اُنھن جو ٻُڌو اچي پاسو ورتائون، ’اوهان ڪيڏانھن ويندا؟‘، اسان کي تہ ماتلي وڃڻو آهي، پر هاڻي ممڪن نہ پيو لڳي‘ جواب ڏيندي چيوسين، ’اسين بہ ٽنڊي باگي وينداسين، ڪار بہ اسان وٽ آهي، مير شاهد جو پُٽ آهيان، اُنھن مان هِڪڙي نوجوان ڳالھايو، شھر کان هيستائين پھتا آهيون سو بہ گاڏي جو شيشو ٽوڙائي پوءِ. هر موڙ گهٽي مان ماڻھو روڊن تي نِڪري روڊ بند ڪري رهيا آهن.‘ هي ٻہ ڄڻا هئا، اسين بہ ٻہ هُئاسين، چيوسين هاڻي اسان جا تہ هوسڙي ۾ دوست آهن، اچن پيا وٺڻ اوهين بہ هلو تہ ڀلي هلو، ايئن چوڻ سان هِنن جي چھري تي ٿورو اطمينان نظر آيو، ’چيائون اچو پوءِ پريان گاڏي بيٺي آهي اُن ۾ گڏجي ٿا هلون‘ اسان چيو ٻہ منٽ ترسو دوست پھچن نہ تہ وري ڳوليندا، تيستائين مرتضيٰ ۽ ممتاز بہ پھچي ويا، چيائون ’گاڏي آهي،‘ چيوسين ’ها،‘ چيائون ’اسان جي پويان پويان اچو، هِنن جي ڳوٺ اوطاق تي پھتاسين، اڳ ۾ هڪڙي وين ۽ ٻيون ڪارون ڄڻ دعوت تي آيا هجون، اندر اوطاق بہ ڀري پئي هُئي ماڻھن سان، اسين بہ وڃي پاسو وٺي ويٺاسين، ڇوڪرا بيٺل هئا مھمانن جي ميزباني لاءِ، جيڪو نئون ماڻھو پي آيو اُن کي پاڻي پياريندا ويا، اڌ منو ڪلاڪ گُذريو مس تہ دوست دسترخوان وِڇائڻ لڳا، اسين هڪٻئي ۾ ڏِسي حيرانگي جو اظھار پيا ڪريون، ڪجهہ دير بعد ماني لڳي، ڪڪڙ جو ٻوڙ، ڪڻڪ جون مانيون ۽ اڇا چانور، ماني سڀني کاڌي ميزبان دوستن چيو ’دوستو معاف ڪجو جلدي جلدي ۾ اِهو ڪجهہ ڪري سگهياسين،‘ چيوسين، ’ادا هي تہ تمام گهڻو آهي، هِن وقت ۽ اهڙي صورتحال ۾‘ چيائون ’بلڪل صحي ٿا چئو ٻار ٻچا سڀ سوڳ ۾ ورتل آهن، پر مھمانن کي ايئن تہ ناهي ڇڏڻو‘. ماني کائڻ بعد ڪي دوست ڪچھري ڪندا رهيا، ڪي پاسو وٺي سُمھي پيا، اسين جاڳندا ڪچھري ڪندا رهياسين، اهڙي صورتحال ۾ ننڊ جو اچڻ تہ ممڪن نہ هو، سياست تي گفتگو ۽ سڀني جي اندازِ بيان ۾ پنجاب سامراج سان نفرت جو اظھار جهلڪي رهيو هو. گهڻا تہ اِها بہ راءِ رکي رهيا هئا تہ هاڻي آصف زرداري کي اعلان ڪرڻ گُهرجي علھدگي جو، هاڻي گهڻو ٿيو، اسان سنڌين سڄي عمر ٺيڪو کنيو آهي پنھنجي ليڊرن جا لاش کڻڻ جو، بس گهڻو ٿيو. هر ماڻھو مڪمل ڏُکايل ۽ جذباتي ڪيفيت مان گُذري رهيو هو، ڪھڙي بہ پارٽي جو هُجي يا نہ، پر هر ماڻھو کي پنجاب کان هاڻي نفرت ٿيڻ لڳي آهي. ذوالفقار علي ڀٽي جھڙي ليڊر کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسي ڏِني وئي، اُن جي وڏي پُٽ کي گهر اڳيان گهات لڳائي گولين سان گهايو ويو، ننڍي شھزادي شاهنواز کي زهر ڏئي مارايو ويو، هاڻي سنڌين جي آخري ليڊر آخري اُميد بينظير کي بہ شھيد ڪري ڇڏيائون. سڀني جو خيال اِهو هو تہ آصف زرداري اعلان ڪري باقي سڀئي پارٽيون اُن جو ڀرپور ساٿ ڏينديون. منھنجي مَن ۾ بہ اِها دُعا هئي شال ايئن ٿئي.
رات جا ساڍا ٽي ٿي چُڪا آهن، ميزبان دوستن کي چيوسين هاڻي اسان کي اجازت ڏيو، اڳتي وڃون، ممڪن آهي، هِن وقت ماڻھو روڊن تي نہ هجن، اسين پنھنجي گهر پھچي وڃون، ايئن پوءِ آهستي آهستي سڀئي دوست هِنن کان موڪلائيندا پنھنجي پنھنجي منزل ڏانھن نِڪرڻ لڳا،
رستي ۾ جڳھہ جڳھہ تي رُڪاوٽون پيل نظر آيون، ڪِٿي وڻ وڍي روڊ بند ڪيو ويو هو، ڪِٿي ٽائر ساڙي، پر سڄي روڊ تان پاسا ڪُنڊو وٺندا وٺندا نيٺ فجر ويل ماتلي شھر ۾ پھتاسين. اِهو واقعو ھميشہ لاءِ ذهن تي نقش ٿيل آهي. ٻي ڏينھن محترمه جي شھادت تي هِڪڙو غزل بہ لکيم:
تاريخ ۾ سنڌ کي سرواڻي مِلي آ.
شھيدن جي رَت جي ڪھاڻي مِلي آ.
اسان کي پلئہ پيون رُڳو شھادتون ئي،
ڪڏهن هوشو، هيمون ۽ مياڻي مِلي آ.
ڪڏهن سنڌ، دار تي ’زُلفي‘ ٿو مُرڪي،
ڪڏهن سنڌ ’بلاول‘ سان گهاڻي مِلي آ.
ڪڏهن گهوٽ سنڌو جا گهاڻن ۾ گهايا،
ڪڏهن شام ڪِلفٽن جي رَت هاڻي مِلي آ.
وري اڄ سنڌو کي ساڙيو ويو آ،
وري سنڌ جيجل کي ’شھيد راڻي‘ مِلي آ.
اڙي وقت! سنڌوءَ سان ويرَ ايڏو!،
سڄي سنڌ زخمي ۽ ساڻي مِلي آ.
جڏهن ڀي جتي بہ جَبر ٿيو جاري،
اُتي ’ساگر‘ سنڌو سينو تاڻي مِلي آ.
ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ وري هڪڙو ڪالم لکيم ، ’پُڄاڻا پرين ڏجي باھہ ڀنڀور کي‘مون شديد غم ۽ ڪاوڙ ۾ هي ڪالم لِکيو، جيڪو اُن وقت جي ٻِن ٽِن رسالن ۾ ۽ هِڪڙي مرتب ڪيل ڪتاب ۾ بہ شايع ٿيو هو.
مير مرتضيٰ ڀٽو زنده هجي ها تہ ...
اڄ ميرمرتضيٰ ڀٽو زنده هجي ها تہ آءٌ سندس پارٽي جو سرگرم ڪارڪن ۽ ڪنھن عھدي تي ضرور هُجان ها، مير مرتضيٰ کان اڳ ۽ پوءِ اهڙو سچو، کرو ۽ باغي ليڊر ڪو ٻيو مونکي ملڪ ۾ نظر نہ آيو، تنھن ڪري مون ڪڏهن ڪنھن بہ سياسي پارٽي ۾ دلچسپي نہ ورتي. مير مرتضيٰ جي قبر تي قُل پڙهڻ کانپوءِ آئون هليو ويس ماضي ۾.
(جڏهن مير مرتضيٰ ڀٽو رپ ۾ محمد حنيف ٿيٻي جي دعوت تي آيو هو، اُتي هِن مٿير مڙس کي ڀر ۾ بيھي ڏِٺو هو. ڇا تہ مڙس هو، ان وقت مون ۽ منھنجي دوست خالد اهو فيصلو ڪيو تہ اسان مير مرتضيٰ جي پارٽي ۾ شامل ٿي سندس گوريلا گارڊ بڻجي، هر وقت هِن سان گڏ هونداسين، پر وقت جي ظالم يزيدن اسان جي انھيءَ خواب کي پورو ٿيڻ کان پھرين ئي پورو ڪري ڇڏيو. جڏهن 20 سيپٽمبر 1996ع جي اڀاڳي شام 70 ڪلفٽن جي ويجهو سندس گهر وٽ گهات لڳائي ويٺل رياستي دلالن مير مرتضيٰ سميت سمورن ساٿين کي گولين جا مينھن وسائي شھيد ڪري ڇڏيو هو، ٻي ڏينھن جڏهن اِها خبر اخبارن ۾ فرنٽ پيج تي مين هيڊنگ ۾ لڳل هُئي، تڏهن اُن اخبار پڙهڻ کانپوءِ بہ اسان کي ڪو اعتبار نہ پيو اچي تہ مير مرتضيٰ کي شھيد ڪيو ويو آهي، يا مير مرتضيٰ هاڻي هِن بي درد دُنيا کي ڇڏي وڃي چُڪو آهي، دل اهڙي ڪنھن بہ ڳالھہ کي مڃڻ کان صفا نابري واري بيھي رهي. تنھن ڪري هيڊنگ جي اکر اکر کي وري وري پيا پڙهون، ايئن ڄڻ اخبار وارن غلط خبر ڇپي آهي. هاءِ هاءِ:
ڪونہ جُهڪيا
او ظالِم تُنھنجي ظُلم اڳيان،
جيءُ هزارين جُهري پيا،
تو گهاوَن تي پي گهاوَ ڏِنا،
تنھنجي گهاوَن تي ڪي ساھہ ٽُٽا،
تو روڊن تي راتاھہ هنيا،
تو گَسن تي ڪي گهوٽ ڪُٺا،
پر ڪونہ جُهڪيا پر ڪونہ جُهڪيا،
او ظالم! تنھنجي ظلم اڳيان،
سِر اُنھَن جا سنوان هُيا،
سِر اُنھَن جا سنوان هُيا.
بي اختيار منھنجي اندر مان اِها آھہ نِڪتي جنھن کي نثري نظم جو نالو ڏِنم ۽ ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع پڻ ٿيو.
18 سيپٽمبر 1954ع تي ڪراچيءَ ڪلفٽن تي سنڌ وطن جي سدا ملوڪ سياستدان ذوالفقار علي ڀٽو جي اڱڻ تي اکيون کوليندڙ ميرتضيٰ ڀٽو اِهو ڪِٿي ڄاتو هو تہ انھيءَ ئي 70 ڪلفٽن گهر اڳيان گهات لڳائي مونکي منھنجي جواني ۾ ئي شھيد ڪيو ويندو. هن جڏهن 1971ع ۾ ’اوليول‘ جي امتحان ۾ ڪراچي گرامر اسڪول مان پاس ڪيو ۽ گريجوئيشن ڪرڻ لاءِ هارورڊ يونيورسٽي ڪرائسٽ چرچ ڪاليج آڪسفورڊ ۾ ايم.لٽ (M.Lit) جو ٽن سالن جو ڪورس پڙهڻ لاءِ ويو، پر اهو ڪورس اُن ڪري اڌ ۾ ڇڏي ملڪ موٽڻ چاهيو، جو لاهور هاءِ ڪورٽ جي عدالت قتل جي ڪوڙي ڪيس ۾ سندس والد ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسيءَ جي سزا سُڻائي هئي، پر پنھنجي والد جو نياپو مِليس تہ تون ٻاهر ويھي منھنجو ڪيس مضبوطيءَ سان وڙهي سگهين ٿو. بين الاقوامي قوتن کي اعتماد ۾ آڻي سگهين ٿو. تنھن ڪري ملڪ موٽي نہ اچ.
مير مرتضيٰ پنھنجي ننڍي ڀاءُ شاهنواز ڀٽو سان گڏجي جدوجهد جو آغاز ڪيو، پر هي پنھنجي والد کي قتل جي ڪوڙي ڪيس مان آزادي ڏياري نہ سگهيا. انڌي عدالت ڪوڙي ڪيس ۾ هيري جھڙي محبِ وطن وزيراعظم کي ڦاسيءَ ڏئي ڇڏي ۽ هِنن ٻنھي ڀائرن پنھنجي تعليم کي اڌ ۾ الوداع ڪري جمھوريت جي بحالي لاءِ آمريت جي اک جو ڪنڊو بڻجي، هِڪڙي للڪار ٿي اُڀريا، نتيجي ۾ شاهنواز کي پنھنجي افغاني زال ريحانہ هٿان زهر ڏئي شھيد ڪرايو ويو، پر مير مرتضيٰ پنھنجا پير سنڀالي ويو ۽ پنھنجي افغاني زال کي طلاق ڏئي وڃي خليل جبران جي ديس لبنان جا وڻ وسايا، جن صنوبرن جي وڏن وڻن ۾ خليل جبران جو ’بشريٰ‘ نالي ڳوٺ آهي. پنھنجي لاءِ جنھن ساٿي جي چونڊ ڪيائين اُها بہ خليل جبران جي ديس جي ’غنويٰ‘ هُئي، ’غنويٰ معنيٰ اڻپورو گيت.‘ جيڪا سندس ڌيءَ فاطمه ڀٽو کي پڙهائيندي هُئي.
شھيد شاهنواز ڀٽو کي بہ ياد ڪيوسين
شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سڀني کان ننڍي اولاد شاهنواز ڀٽو تي جڏهن قُل پڙهي ورتم، تڏهن من ۾ هِڪڙو عجيب خيال آيو تہ ماڻھو پاڻ ڪجهہ بہ ناهي، هِي سڀئي ڀال ڀاڳ جا ئي هوندا آهن. سھڻي منھنجي سنڌ جي سيني تي ذوالفقار علي ڀٽي ۽ بيگم نصرت ڀٽي جي اڱڻ تي 1958ع ۾ آخري اولاد طور جنم وٺندڙ شاهنواز ڀٽو، شروعاتي تعليم سنڌ ۾ پڙهي، باقي تعليم سئٽزرلينڊ ۾ پرايائين ۽ پوءِ شادي وري افغانستان جي افغاني جنرل شاهنواز جي ڌيءَ ريحانہ سان ٿي. رهيو وري وڃي فرانس ۾. هِن جي خوش مزاج طبيعت هئڻ سبب سڀئي گهر ڀاتي هِن سان پيار ڪندا هئا، هِن کي ڀائندا هئا، پر ڀاڳ جا ڀال ڪجهہ بُرا هئا، هن بھادر ڀُٽي شاهنواز سان. جڏهن 27 سالن جي ڦوھہ جواني کي پھتو تہ کيس 18 جولاءِ 1985ع ۾ پنھنجي وجود جي اڌ (يعني پنھنجي زال) زهر ڏئي ابدي ننڊ سُمھاري ڇڏيو ۽ دفن ٿيڻ لاءِ وري بہ سنڌ جي سيني سان موٽي اچي مِليو.
اڙي زندگي! تون بہ ڪيڏي ڏُکي،
توکي شاھہ پارا نہ سمجهي سگهيا.
مزار کان ٻاهر آياسين، مقبري جي ڀرسان اُنھن جانثارن جي قبرن تي بہ قُل پڙهياسين، جن تي ننڍڙيون ڪاٺ جون تختيون ’مان ڀٽو آهيان‘ لِکيل لڳل آهن. گيٽ ڪراس ڪري بازار ۾ آياسين بازار ۾ صرف ۽ صرف ٻارڙن جي رانديڪن جا دُڪان ۽ ماين جي چوڙين وغيره جا، چيم نہ اهڙي ئي بازار آهي جھڙي ٻين درويشن جي درگاهن اڳيان هوندي آهي. اسان بہ ٻارڙن جي لاءِ رانديڪا ورتا، ڇو جو ننڍڙا ٻار تہ فرمائش ڪندا آهن، اسان لاءِ ڪجهہ وٺيو اچجو، پر ٻارڙن کي اِها خبر نہ هوندي آهي تہ اسان تہ تاريخ ۽ تاريخي جايون گُهمڻ لاءِ ويندا آهيون پوءِ نئين ماڳ تي ڪابہ اهڙي جاءِ، ڪا مزار، ڪا مسجد، ڪو مندر، ڪو دڙو، ڪو ڀڙو، ڪا ڍنڍ، ڪو درياءَ، ڪا پُل، ڪو پارڪ سڀ گُهمندا آهيون، شھر ۽ بازارون ناهيون گُهمندا، پر ٻارڙن کي ڪير سمجهائي، سو هِتي موقعو مِليو تنھن ڪري ورتاسين. هاڻي لاڙڪاڻي ضلعي جي نئون ديرو جي ڳڙهي خدابخش کي خدا حافظ چوندي سکر ڏانھن سفر شروع ڪيوسين.
جيڪي سفر ۾ هسمفر هئا
پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي: ماتلي سان تعلق رکندڙ معزز شخصيت، پيشي جي لحاظ کي ليڪچرار گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي، پاڻ سُٺا ليکڪ ۽ تاريخ سان دِلچسپي رکندڙ، تاريخ لِکندڙ، ماتلي جي تاريخ لِکي اٿس، اُن کان علاوه حافظ نظاماڻي جي شاعري جا مجموعا ”باغي آ عشق منھنجو“، ”تاريخ آهي شاهد“ پڻ هِن جا سھيڙيل آهن، نظاماڻي ذات تي ”تذڪراءِ نظاماڻي“ وڏو ڪِتاب لِکيو اٿس، جنھن ۾ پوري نظاماڻي قبيلي جا شجرا ڏِنا اٿس. اُن کان علاوه کوڙ ٻيا بہ ڪيترائي ڪتاب لِکيا، سھيڙيا ۽ مُرتب ڪيا اٿس. ”محمد صديق مسافر جي علمي، ادبي، تعليمي، صحافتي ۽ سماجي خدمتن جو تحقيقي مطالعو“ جي عنوان سان محمد صديق مسافر تي پي ايڇ ڊي ڪري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي اٿس.
ڊاڪٽر آزاد قاضي: ڳوٺ قاضي دڙا، تعلقي ڏوڪري جي نامور پرائمري استاد محمد حسن جي اڱڻ تي 15 نومبر 1956ع تي اکيون کوليندڙ عبدالاحد، جنھن پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ قاضي دڙا ۾ پرائي ۽ سيڪينڊري تعليم باڊھہ ۾ پڙهيائين. 1976ع کان سيڪينڊري اسڪول ٽيچر ملازمت جي شروعات ڪئي. 2001ع کان سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرر طور مقرر ٿيو. ”جي. ايم سيد جون سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ خدمتون“ عنوان هيٺ Phd جي ڊگري حاصل ڪئي. 2016ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور رٽائرمينٽ ورتي. 1983ع کان راڌڻ تعلقي ميھڙ ۾ رهائش آهي. 1976ع کان مختلف موضوعن تي لکڻ جي شروعات ڪئي. ۽ اِهو لکڻ جو سلسلو هلندڙ آهي، هن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن.
عاشق نظاماڻي: خير محمد نظاماڻي جي اڱڻ تي 5 مارچ 1965ع ۾ جنم وٺندڙ عاشق علي، جنھن پنھنجي تعليم ايم.اي (سنڌي) ۽ بي ايڊ ڪئي ۽ پوءِ تعليم کاتي ۾ استاد ٿي شيخ زيد هاءِ اسڪول کان شروعات ڪئي، 1980ع ڌاري پنھنجي ڳوٺ نئون آباد، تعلقي ڏوڪري کي الوداع ڪري اچي هِتي شھر لاڙڪاڻي ۾ رهيو. عاشق نظاماڻي راڳ جي سِکيا پنھنجي استاد انور علي سانگي کان ورتي، ۽ ريڊيو تي پھرين ڀيرو غزل رڪارڊ ڪرايو ۽ 1989ع ۾ پي ٽي وي تي ڪچھري پروگرام ۾ ڪلام ’اويلا مسافر تون هيل نہ اچجان‘ ڳايو.
منظور احمد جوڻيجو: ماتلي شھر سان تعلق رکندڙ، منھنجو ڀاءُ آھي، سُٺي دل رکندڙ آھي، سندس حيدرآباد ۾ ”الرزاق پرنٽرز“ آھي، پنھنجي ڪاروبار ۾ ڪامياب آھي. گُهمڻ جو شوق هوندو اٿس، ۽ ھميشہ چوندو آهي، گُهمڻ جو پروگرام ٺاهيو گاڏي منھنجي حاضر آهي.
مور ساگر: ’ڪي جاڻا مين ڪوڻ بُليا‘
( 08 اپريل 2019ع - ضلع لاڙڪاڻو )