کجين جي شھر خيرپور ۾
اُڏري اچان تو اڱڻ، ڪاش! هُجان پَکي،
هاءِ منھنجي سکي!، پَل نہ ٿيان توکان پري.
اسان صبح سويري اُٿي الله پاڪ کي ياد ڪري، نماز پڙهي، تلاوت ڪري، هوٽل ڇڏڻ جي تياري ڪئي. اُن کان پھرين جو هوٽل جي ڪمري جو تالو ڏئي چاٻي هوٽل مالڪ حوالي ڪجي. پرين کي سارڻ بہ ثواب سمجهيم، حال احوال ٿيو. دوستن سان بہ هيلو هاءِ ٿي.
”حساسيت اپنائيندي ايڏو حساس ٿي ويو آهيان جو ڪنھن سان ناانصافي ڏِسندي ڀڙڪي پوان ٿو. حقيقت جون هوائون جڏهن سچ جي سرحدن تي آڻي بيھارين ٿيون، تڏهن هر طرف کان دور نظر ايندڙ سچ لاءِ ٽنگيل صليب نظر ايندو اٿم ۽ زمين مان ڊڀَ اُڀرندي محسوس ٿيندا اٿم. سج پنھنجي اصل جڳھہ تان هٽيل ۽ پاڻ ڏانھن ايندي محسوس ڪندو آهيان.“
ڊاڪٽر مشتاق ڦُل واقعي مشتاق دوست آهي
دوست ڪيترا بہ پيارا ۽ ويجها هُجن، پر سڀني دوستن سان هُجتون ۽ اُميدون الڳ الڳ وابستہ هونديون آهن، سو ڪيترائي ڀيرا سوچي حجاب وچان ڊاڪٽر مشتاق ڦُل کي فون ڪيم، مون سمجهو سُتا پيا هوندا، پر پھرين رنگ وڃڻ سان فون کنيائين، منھنجي هِڪڙي عادت هوندي آهي، ڪنھن کي ڪو ڪم چوڻو هوندو اٿم تہ پھرين پُڇندو آهيان، مصروف تہ نہ آهيو؟. اگر مصروف هوندو تہ چوَندس ايئن ئي حال احوال ٿي پُڇيم، سو ڊاڪٽر مشتاق کان پُڇيم ’ادا نِنڊ تہ خراب نہ ڪيم‘ چيائين، ’پيارا نِنڊ ڪِٿي اسين تہ پنڌ ۾ آهيون،‘ پُڇيم ’ڪيڏانھن پيا وڃو؟‘ چيائين ’استاد شفيع فقير جو والد گُذاري ويو آهي، اُن جي فاتح لاءِ وڃي رهيا آهيون، نواب شاھہ جي ويجهو پُھتا آهيون، اوهان ڏيو خبر؟‘ چيم ’بس ايئن حال احوال ٿي پُڇيم، ’نہ پيارا ڪو ڪم آهي تہ ٻُڌائي،‘ ’نہ ادا ڪو خاص ڪم ناهي،‘ ’نہ مور ساگر حجاب نہ ڪر ڪم هُجي تہ ٻُڌائي،‘ چيم ’ادا اوهانجي شھر ۾ رات کان رهيل هُئاسين صبح سوچيم اوهان جو ديدار ڪريو وڃون، پر اوهان نِڪري ويا خير آهي،‘ ’اڙي يار تو ظُلم ڪري ڇڏيو، رات کان منھنجي شھر ۾ آهين ۽ رابطو بہ نہ ڪيئي، ڪنھن وٽ آيل آهين،‘ چيم ’بس ايئن ئي خيرپور ۾ خاص فيض محل گُهمڻ لاءِ آيا هئاسين، پر چوَن ٿا تہ لوڪل ماڻھو واسطي وارو هِنن کي چوَندو تہ گُهمڻ ڏيندا، باقي اوهان کي ايئن گُهمڻ نہ ڏيندا،‘ وري چيائين ’يار تو وڏي زيادتي ڪئي آهي، مونکي رات ٻُڌائين ها، مون وٽ اچين ها ڪچھري ڪريون ها، صبح مھراڻو گُهمي پوءِ واپسي ۾ فيض محل بہ گُهمايان ها، يار.!!!‘ ٿوري ساهي کانپوءِ ’مور تون هِڪ منٽ لاءِ فون رک تہ فيض محل گُهمائڻ لاءِ ڪنھن دوست کي چوان ٿو،‘ ڊاڪٽر جي مسلسل دِلچسپي مان مونکي انتھائي وڙائتي دوست جي خوشبوء محسوس ٿي رهي هُئي، نہ تہ چئي پيو سگهي (يار آءٌ نِڪري ويس نہ تہ اوهانکي گُهمايان هئا، بس هو آجو) پر نہ... ٿوري دير کان پوءِ وري فون ڪيائين ’مور ساگر مون دوست کي چيو آهي، پر هُن کي نِنڊ مان اُٿاريو اٿم تيار ٿيئڻ ۾ اڌ مُنو ڪلاڪ لڳندس، انتظار ڪيو، هُن کي نمبر بہ ڏِنو اٿم هو اوهانکي فيض محل ۽ خيرپور شھر گُهمائيندو.‘
مونکي خوشي ڪيتري ٿي، تفصيل کي ڇڏي اِهو جملو ٿو لِکان تہ ’اکيون آليون ٿي ويون‘، اِهو تڏهن بہ ٿيندو آهي جڏهن ڪنھن دوست ۾ وڏيون اُميدون بہ هُجن سڀ هُجتون بہ هُجن، پر بنا ڪنھن سبب جي هو اچانڪ منظر تان هَٽي وڃي ۽ جنھن دوست سان ويجهڙائپ تہ هُجي، پر اِن قسم جي هُجت نہ هُجي، اُهو اهڙي نموني عزت بخشي ان کان مٿي ٻيو ڪو وڙ نـٿو ٿي سگهي. واقعي ڊاڪٽر مشتاق مڙس ماڻھو دوست آهي. ٿوري دير کان پوءِ وري انھي دوست جو مونکي نمبر ميسيج ڪري، فون بہ ڪيائين تہ اوهانکي بہ نمبر موڪليو اٿم، صفيع الله شر، صحافي بہ آهي تہ شاعر بہ آهي، دِل ۾ چيم سُٺي ڪمپني مِلي وئي.
ڪجهہ دير بعد دوست صفيع الله جي فون آئي، پُڇيئي ’ڪِٿي آهين پيارا،‘ ٻُڌايومانس تہ ريڊ پئليس هوٽل ۾، چيائين اوهان شھر ڏانھن نِڪري اچو، شھر پھچي رابطو ڪريو، آءٌ اُتي اوهان سان مِلان ٿو.
ڪيڏانھن مُنھن مريم جو
خيرپور شھر ۾ جيئن ئي داخل ٿياسين تہ هِڪڙي چوڪ تي گول چڪرو ٺھيل آهي، جنھن تي توب رکيل آهي، پُڇا ڪرڻ تي خبر پئي تہ اِها ’مريم توب‘ آهي. مريم جو نالو ٻُڌندي ئي مونکي خليل کوسي جو ڪتاب ”ڪيڏانھن مُنھن مريم جو ڪيڏانھن ٽنڊوالھيار“ ياد اچي ويو.
”ڪيڏانھن مُنھن مريم جو ڪيڏانھن ٽنڊوالھيار“ خليل کوسي جو پھاڪن تي تحقيق ٿيل ڪتاب آهي، پر ڪمال جي تحقيق ٿيل آهي. آءٌ بس اوهانکي صفا مختصر ٿو ٻُڌايان تہ پورچوگيز عيسائي مذهب جا هئا، جن بي بي مريم سان مذهبي عقيدت جي حوالي سان هِن توب تي نالو ’مريم‘ رکيو. پھاڪي بابت بہ وڏي تحقيق ڪئي اٿس. مونکي جيڪو صحيح سمجهہ ۾ آيو سو پھرين روايت آهي، جيڪا حزب الله آءِ سومري وٽان ورتي اٿس. ”توب مان نِڪتل گولو اچي ٽنڊو الھيار ۾ ڪِريو، تہ اُتي جي ڪنھن ماڻھو ڳالھہ ڪئي تہ، اِهو گولو مريم توب مان آيو آهي، ماڻھن چيس تہ مريم توب رهي ڪوٽڏيجي جي قلعي تي (اُن وقت قلعي جي برج تي رکيل هئي) ۽ اُن جو مُنھن ٽنڊوالھيار جي پاسي آهي ئي ڪونہ، تہ اُتان جي توب جو گولو هيڏانھن ڪيئن ايندو؟ اِن پھاڪي جو مطلب تہ جيڪو حقيقتن جي اُبتڙ ڳالھہ ڪري، يا سولي سنڌي ۾ ’ڌم‘ ڏي اُن کي جواب ۾ ايئن چئبو آهي. اسين پھتاسين کجين جي شھر خيرپور ميرس منجهہ.
صفي الله شر، صحافي بہ آهي شاعر بہ آهي
اسين شھر پُھتاسين، ادا منظور ۽ مون سوچيو، جيستائين دوست پھچي اُن کان پھرين ڏِسون ڪو نائي/حجام جو دُڪان کُليل هُجي تہ شيوَ ڪرايون، پوءِ ٿا دوست کي فون ڪريون، روڊن تان گُهمندا ڦِرندا آياسين، هِڪڙو دُڪان کُليل هو، سيشن ڪورٽ جي سامھون، اُتي شيوَ ڪرائي، پوءِ دوست سان رابطو ڪيوسين چيائين، اوهان جي پاسي ۾ ئي هوٽل آهي اُتي هلي ويھو آءٌ پنجن منٽن ۾ پھچان پيو. اسين اچي هوٽل ۾ ويٺاسين، ناشتي جو آرڊر ڪيوسين، ناشتو ڪري ورتو، تيستائين دوست بہ پھچي ويو، اندر وڃي ويٺاسين، وي آئي پي روم ۾، چانھہ پيتيسين، تعارف بہ هڪٻئي جا ڪرايوسين.
’هاڻي هينئن ٿا ڪريون،‘ صفيع الله چيو، ’دوست سان رابطو ڪيو اٿم فيض محل گُهمڻ لاءِ چيائين 11 وڳي اچي وڃجو، اڃا وقت پيو آهي، پھرين هلي ٿا ڪنھن ٻي پاسي گُهمون، گُهمڻ لاءِ فيض محل کان سواءِ ٻي کان خاص جڳھہ تہ ناهي، پر اوهانکي ريڊيو پاڪستان خيرپور هلي گُهمايان، مون چيو زبردست پھرين اوڏانھن ئي ٿا هلون. صفيع الله کي اڳين سيٽ ڏِني اسان کي مختلف رستن تان وٺي هليو.
صفيع الله شاعر تہ آهي ئي، پر صحافي بہ آهي، اُنھن ٻنھين ڳالھين کان علاوه اهم اِهو تہ هي هڪ بھترين نوجوان دوست آهي، جنھن ڪجهہ ئي گهڙين جي ملاقات ۾ ايئن محسوس ڪرايو ڄڻ اسان جي پُراڻي واقفيت هُجي، شاعر تہ هونئن بہ هڪٻئي جا پُراڻا واقفڪار ئي هوندا آهن، ملاقات اُنھن جي مجبوري ناهي بڻبي. هي سنڌ جي ڪنھن بہ ڪُنڊ ۾ رهندا/وسندا هُجن، هِڪٻئي سان مِلڻ وقت ڄڻ سالن کان هِڪٻئي جا دوست رهيا آهن. ان رشتي لاءِ بُخاري بہ بيجا نـٿو چوي:
دوا ئي اها آ تہ ٿيون درد ڀائي،
جُدائيءَ ۾ بيجا ’بخاري‘ رجهون ٿا.
ريڊيو پاڪستان خيرپور ۾ ڪي پل
927 ڪلو هوٽز، مارچ 1983ع تي، افـتـتاح ٿيندڙ ريڊيو پاڪستان خيرپور جي گيٽ ٻاهران بريڪ ڪيوسين، گاڏي کي سائيڊ کان پارڪ ڪيوسين، اندر آياسين. گيٽ تي ويٺل گارڊن کي صفي الله صرف سلام ڪيو، اسٽيشن اندر آياسين، پھرين آياسين عبدالرحمان آرائين جي آفيس ۾ ٻہ ٽي منٽ ويٺاسين، پوءِ اُهو بہ گڏ هليو، اندر مختلف آفيسون ڏِسندا هلياسين، اڳتي هِڪڙي يادگار گيلري بہ اچي ٿي، اها بہ ڏِٺي، جنھن ۾ پُراڻا ۽ ناليوارا گائڪ، فنڪار، فنڪارائون جن جا وڏا فوٽو لڳل آهن ۽ ريڊيو تي ڪم ڪندڙ مختلف وقت تي ڊائريڪٽرس ڪمپيئرس، شاعر، اديبن جا بہ فوٽو لڳل آهن.
اسٽيشن ڊائريڪٽر ڪوثر ٻُرڙي جي وقت ۾ ريڊيو پاڪستان خيرپور وڏي ترقي ڪئي، شايد ان ڪري بہ جو ڪوثر ٻُرڙو صرف ڊائريڪٽر نہ پر سُٺو براڊ ڪاسٽر، اديب ۽ شاعر بہ آهي، جنھن جو اِهو غزل مشھور ٿيو هو تہ:
تون منھنجو صنم آهين، مان تنھنجو صنم آهيان،
تون منھنجو جنم آهين، مان تنھنجو جنم آهيان.
هِتي اڳوڻو سيڪريٽري جنرل ۽ شاعر مختيار ملڪ ڪمپيوٽر پروگرام مئنيجر آهي. پروڊيوسر اعجاز وساڻ، مير ملاح، ڪليم الله شيخ، الياس لاشاري، ربنواز سولنگي، اسرار احمد ڪولاچي، سيد اڪبر شاھہ ۽ نظير گلال ۽ ڪمپيئرن ۾ نشا ڪنول، صائمہ سومرو، افسانہ چنا، امر اقبال، ارشاد جاگيراڻي، مشتاق مغل، محمود سومرو، صاحب خان شيخ، اختر ٽانوري، نظير سھتو رهيا آهن، ڪي هينئر هِن وقت بہ ڪم ڪري رهيا آهن. پروگرامن ۾ ماروئڙا، نئون سج، هيلو ريڊيو خيرپور، ادبي سنگت، اوهان جو خط پھتو، سُھڻي ڌرتي ۽ سنڌي ڊراما مشھور آهن.
گُهمندا ڦِرندا اندر هِڪڙي روم ۾ آياسين، انجنيئر عبدالمجيد ڪٽوهر پروگرام هلائي رهيو هو، ’ماروئـڙا‘ جنھن جي ميزباني سامھون واري روم ۾ شيشي جي ٻي پار هِڪڙي سنھڙي ڇوڪري ڪري رهي هُئي، هن جڏهن پاڻ ڳالھائي ورتو، پوءِ سرمد سنڌي جو گيت هلايائين تہ اُن وقت انجنيئر اسانکي اشاري سان چيو هاڻي سامھون نشا جي روم ۾ وڃي سگهو ٿا.
هي نشا ڪنول آهي
صفي الله تعارف ڪرايو، هي نِشا ڪنول آهي، جيڪا هِن ’ماروئـڙا پروگرام‘ جي ميزبان آهي، ساڻس گڏ مشتاق مغل بہ هو. اسانجو بہ تعارف ڪرايائين، پوءِ ساڻس گڏ گروپ فوٽو بہ ڪڍياسين، جيستائين گيت پي هليو، مقصد پنج منٽ جو گيت هو، اسان بہ پنج منٽ تائين ڪچھري ڪئي، نشا ڪنول شاعرہ بہ آهي ۽ عبرت مئگزين، هالار ڊائجسٽ ۾ ڪڏهن ڪڏهن اسان جي شاعري ساڳي پيج تي ڇپبي هُئي، ايتري شناسائي پھرين کان ئي هُئي، ملاقات هاڻي ٿي آهي.
نصرت ابڙو مان ’نشاءَ ڪنول ابڙو‘ بڻي 1997ع ۾، يعني مونکان ٻہ سال جونيئر آهي، نشاءَ ڪنول جي جنم ڀومي تہ خير محمد جيھو آهي، پر هاڻي پير جو ڳوٺ خيرپور ۾ رهي ٿي. نشاءَ ڪنول سُٺي ريڊيو ڪمپيئر بہ آهي تہ هڪ خوبصورت شاعرہ بہ آهي، جنھن جو هِڪڙو غزل آهي تہ:
گهاريم اُداس هر شام تو سوا.
ٿي پئي زندگي گُمنام تو سوا.
لفظ اورانگي نہ سگهيا چپن کي،
اڻپورا پيار ۽ پيغام تو سوا.
ٿي خوش گُذاريان جڳ ۾ جانان،
ڪوڙي ڪھڙي هڻا ڀلا هامَ تو سوا.
جلي پيو پياس هڪ بوند جي،
’نشاءَ‘ زهر بڻيو آ، هي جان تو سوا.
سرمد جي گيت ۾ جڏهن شاعر جي نالي واري مصرع آئي، تہ اسان نِشاءَ ڪنول کان موڪلايو، هِن چانھہ جي صلاح ڪئي، کيس ’مھرباني‘ چئي ٻاهر نِڪتاسين، ڀر ۾ هڪ ٻيو روم، شايد رڪارڊنگ روم آهي، ٻہ ڪُرسيون ۽ ٽيبل تي پيل مائڪ، اُن مائڪ اڳيان اسان فوٽو ڪڍيا. ايئن ريڊيو پاڪستان خيرپور جو دورو ڪري واپس اچي عبدالرحمان آرائين جي آفيس ۾ ويٺاسين، جنھن چانھہ گهرائي، پر اسان وٽ وقت ٿورو هو، تنھن ڪري چانھہ پيئڻ کان معذرت ڪندي کائنس موڪلايوسين.
سچل سرمست لائبريري
مختلف روڊن تان ٿيندا آياسين جيم خانہ، گيٽ اندر گاڏي بيھاري، صفي الله اُتي ويٺل گارڊ کي گاڏي جي پارت ڪئي، اسين آياسين سچل سرمست لائبريري، هيٺ گيٽ وٽ ويٺل همراه کي صفي الله چيو ’مھمان آيا آهن لائبرري وزٽ ڪرڻ،‘ اُتان اسان سان گڏ پٽيوالو آيو، جيڪو مٿي وٺي آيو، لائبريرين جي آفيس ۾ ويٺل همراه اُٿي ڀاڪر پائي آڌرڀاءُ ڪيو، سامھون ويٺل ڪُرسي تي سنھڙو نوجوان ويٺل آهي، جنھن تعارف دوران ٻُڌايو، سندس نالو فدا حسين ميتلو آهي ۽ هِتي لائبريري انچارج آهي. ڪچھري ڪئيسين، چيوسين اسين مطالعاتي دؤرو ڪري رهيا آهيون، تنھن ڪري لائبريري وزٽ ڪبي، فدا حسين چيو ’سڀ ڪجهہ ٿيندو، پر پھرين ڪجهہ کائي پي وٺو،‘ انڪار ڪرڻ جي باوجود پٽيوالي کي پئسا ڪڍي ڏِنئي تہ جلد فروٽ وٺي اچ، فروٽ کاڌو، پوءِ لائبريري جي وزٽ لاءِ نِڪتاسين، فدا کان پُڇيم ’اندازن ڪتابن جو ڪيترو ذخيرو آهي،‘ چيائين ’لک کان وڌيڪ ڪتاب موجود آهن،‘ جنھن ۾ تمام پُراڻا ڪِتاب بہ شامل آهن. پاڻ ٻُڌايائين تہ هِن لائبريري جو بنياد 1902ع ۾ پيو، پوءِ اڳتي هلي 1987ع ۾ ڪلچر ڊپارٽمينٽ حوالي ٿي. ايئن مختلف رومس جو وزٽ ڪندا هلياسين، ساڳين نموني هِتي بہ ڇوڪرا مطالعي ۾ مشغول هئا، جيئن سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري لاڙڪاڻو ۾ ڏِسي پيا اچون، مونکي وري بہ دِل ۾ ٿي تہ اسان وٽ لاڙ سڄي ۾ اهڙي ڪا بہ لائبريري ناهي جنھن ۾ هيئن شاگرد ويھي مطالعو ڪن. هِڪڙي لائبريري مولوي حاجي احمد ملاح جي نالي سان آهي، پر نہ اُن ۾ گورنمينٽ جي دِلچسپي نہ اُن لائبريري جي جوڙيل ڪميٽي ۽ انچارج کي ڪا دِلچسپيءَ، توڻي جو اُها لائبريري بلڪل هِنن جي ڀيٽ ۾ تمام ننڍڙي ڄڻ هِڪڙي روم ۾ آهي ۽ هي لائيبريريون ڄڻ هِڪڙو ادارو آهن.
سڄي لائبريري گُهمي ڦِري آخر ۾ هيٺ دروازي تائين فدا ميتلو گڏ آيو، گروپ فوٽو ڪڍياسين ۽ پوءِ موڪلائي واپس جيم خانہ آياسين گاڏي وٽ، پر صفي الله چيو تہ ’فيض محل هِتان کان ٿوري پنڌ تي آهي، گاڏي ڀلي بيٺي رهي، پاڻ واڪ ڪندا ٿا هلون.
فيض محل واقعي ئي محل آهي
جيم خانہ کان فيض محل جي مين گيٽ تائين پنڌ ۾ اسانکي 10 کان 15 منٽ لڳا، گيٽ تي گارڊ ويٺو هو، تعارف ڪرايوسين، عمران لاشاري بہ اُتي ئي ويٺو هو، تنھن اسانکي چيو ’مون اوهانجو ئي انتظار پي ڪيو،‘ اسانکي وٺي اڳتي آيو، ٻيو گيٽ اُڪري اندر آياسين، اسانکي محل جي ڀر ۾ بيھاري پاڻ چيائين تہ ’آءٌ سائين جن کي ٻُڌائي اچان،‘ ويو ٻِن ٽِن منٽ کانپوءِ موٽي آيو، اسانکي وٺي اندر محل ۾ آيو، واقعي جنھن جو نالو محل آهي، اُهو ايئن هوندو آهي. محل ۾ اندر ايندئي ئي ماڻھو ٿوري دير لاءِ حيران ٿي وڃي ٿو.
عمران لاشاري پھرين اسانکي ترتيب سان تصويرون ڏيکاريون، حڪومت جي شروعات کان وٺي آخري تائين جون تصويرون ڏيکاريندو ۽ اُن بابت ٻُڌائيندو هليو، اُن ۾ پُراڻيون تصويرون، خيرپور رياست جون مُھرون، خط و ڪتابت، پوسٽ جون ٽِڪليون، قائداعظم جا خط ۽ صحيحون وغيره سڀ ڏيکاريندو ۽ ٻُڌائيندو هلي، تصويرون پوريون ٿيون، اُتان کان وري ممي ٿيل شيون، جنھن ۾ شينھن، هرڻ، چيتو وغيره جنھن جي لاءِ ٻُڌايائين تہ هنن جون اکيون نقلي آهن باقي اصلي آهن، اُنھن ۾ ٻہ خوبصورت ليڊيز جون مورتيون بہ پيل آهن، اسان سڀني شين جون تصويرون ڪڍيون ۽ جيڪو فرنيچر پيو آهي، ڪُرسيون، الماريون، شوڪيس اُهي بہ خوبصورتي جو هِڪڙو اعليٰ مثال ۽ نمونو آهن، لُڏڻ وارو هِندورو، اهڙا هاڻي تہ عام جام مِلن ٿا، پر هي اُن وقت جو ٺھيل اڃا بہ مُنفرد ۽ خوبصورت آهي. سڄي محل ۾ مختلف رُخن کان فوٽوگرافي ڪئيسين. وري دروازو اُڪري هُن پاسي وڃجي ٿو، جِتي شايد کائڻ پيئڻ جو هال آهي، ڇو تہ وِچ تي ٽيبلون ۽ چؤطرف رکيل ڪُرسيون ٻُڌائين ٿيون يا تہ پوءِ خاص ميٽينگون ٿينديون هونديون، بھرحال هي بہ ڏاڍو خوبصورت هو، هن ۾ چؤطرف لڳل پردا جيڪي فرنيچر ۽ در ديوارن سان ميچ ڪندڙ، اُهي هاڻي هن وقت جا لڳل آهن ۽ ٻيا ڇت ۾ لٽڪندڙ جهومر اُهي بہ شايد هاڻي هِن دؤر جا ٿي سگهن ٿا.
سڄو محل گُهمي ٻاهر پارڪ ۾ آياسين جِتان پوري محل جا فوٽو ڪڍياسين، پارڪ بہ واه واه راحت پئي اچي، سوَين قسمن جا گُل پوکيل ۽ رکيل آهن، ڇٻر بہ اهڙي وڻندڙ جو ماڻھو جي دِل پئي چوي تہ سُمھي رهجي. سڄي پارڪ ۾ چار کان پنج ملازم تہ هِن وقت بہ موجود هئا، جيڪي پارڪ جي سار سنڀال ڪري رهيا هئا، ڪي صفائي تہ ڪي پاڻي ڏئي رهيا هئا. محل اڳيان رکيل توپون، انھن وٽ بيھي بہ فوٽوگرافي ڪئي. مطلب تہ محل ڏِسڻ لاءِ جيترو پنڌ ڪري اچجي ٿو، سو پنڌ سجايو آهي. سائين ڊاڪٽر عبدالجبار نظاماڻي ٻُڌايو تہ پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ بہ هي آزاد رياست هُئي، پوءِ ڪنھن دوکي ذريعي پاڪستان ۾ شامل ڪئي وئي.
”هز هائنس مير فيض محمد ٽالپر حڪمران هي محل تعمير ڪرايو، جيڪو ٻُڌايو وڃي ٿو تہ 1895 کان تعمير شروع ٿي 1898ع تائين هليو، مطلب ٽن سالن ۾ تہ هي وڏو ڪم ٿيو آهي، ٻارهن ايڪڙ ايراضي تي ڦھليل آهي، 36 ڪمرا، 18 ڪمرا ويٽنگ روم طور استعمال ٿيندا هئا. هن وقت هز هائنس مير مھدي رضا ٽالپر آهي. اُن وقت چون ٿا هِن تي لکين روپيا خرچ آيو هو، تنھن ڪري هِن جو ٻيو نالو ’لکي محل‘ بہ چيو وڃي ٿو،، هي هِڪ سِک آرڪيٽيڪچر جو نقشو ٺهيل آهي.
دربار هال جي مٿان هِڪڙي گئلري آهي، جيئن دربار ۾ هلندڙ ڪاروائي کي سولائي سان ڏِسي سگهجي. محل جي اندر چوڌاري ديوارن تي لڳل تصويرون ڪنھن آرٽ گئلري جو نقشو پسائين ٿيون. هن جو سمورو فرنيچر ڄڻ ميوزيم لڳي ٿو، دربار بہ ڪنھن عظيم سلطنت کان گهٽ نظر ڪانہ ٿي اچي. هِڪڙي تصوير ڏِٺيسين جنھن ۾ لياقت علي خان کي گارڊ آف آنر ڏِنو پيو وڃي، اُن جي پاسي ۾ مير علي نواز بہ لياقت سان گڏ هلندي نظر اچي ٿو. ديوار تي لڳل هِڪڙو وڏو آئينو ڏِٺوسين، جنھن جو فريم هاٿي جي ڏندن مان ٺھيل آهي، ڇا تہ خوبصورت فريم آهي. هِتي وڏا وڏا راجا ۽ انگريز سرڪار جا عھديدار بہ رهندا هئا.
پاڪستان جي امير رياست هئي، جنھن جا سِڪا بہ پنھنجا هئا تہ فوج بہ پنھنجي هئي. 1955ع ۾ جڏهن نہ چاهيندي بہ زوري زبردستي خيرپور رياست جو پاڪستان سان الحاق ڪيو ويو، اُن تي خيرپور جا جهونا ماڻھو جن کان پُڇندا تہ ايئن ئي چوندا، ’جڏهن پاڪستان ۾ شامل ٿياسين، ايئن لڳو ڄڻ جنت مان نِڪري دوزخ ۾ اچي ويا هُجون.‘
خيرپور رياست کي پاڪستان ۾ شامل ئي اِن ڪري ڪيو ويو تہ پاڪستان ۾ اهڙو قانون ۽ سھولتون نہ هيون نہ ئي عوام کي ڏئي ٿي سگهيا، هنن سوچيو تہ پاڪستان جي مخالفت وڌندي ۽ ماڻھون خيرپور سنڌ جي رياست کي چاهيندا، هنن جي نيت شروع کان ئي خراب هُئي، خيرپور رياست جيئن ئي پاڪستان ۾ شامل ٿي، تہ رياست جون هلندڙ مِلون، ڪارخانہ سڀ بند ٿيڻ لڳا ۽ بي انتھا بيروزگاري وڌي وئي، اهڙا سوين مزدور جيڪي خيرپور رياست جي مِلن ۾ ملازم هوندا هئا، اُهي ڪراچي ۾ پنندي ڏِٺا ويا، غريبن جا ٻار بُکن وگهي مرندا هئا تہ اُنھن ٻارن کي ڪفن ئي نصيب نہ ٿيندو هو.“
ناز ، باليءَ جا نينھن نظارا
هِڪڙي ٻي ڪھاڻي جيڪا هِن محل سان منسوب آهي، اُها آهي مير علي نواز ناز ۽ باليءَ جي، جنھن تي لِکڻ جي ضرورت ئي ناهي، سڄو يو ٽيوب، ڪيئي ڪتاب، ڊراما. پر اوهان کي مختصر پڙهڻو آهي تہ پير علي محمد شاھہ راشدي جو ڪتاب ’اُهي ڏينھن اُهي شينھن‘ وٺي پڙهي وٺجو، پر ٿورو مختصر اوهان کي آءٌ بہ پڙهائي ٿو وٺان.
وڏي ناز ۽ انداز سان پرورش پائيندڙ مير علي نواز ’ناز‘ رياست خيرپور جو ٽيون حڪمران هزهائينس مير علي نواز ’ناز‘ بڻجي ويو. پرائمري تعليم هِتي جي سُٺن اُستادن کان پرائي انگريزي تعليم لاءِ هليو ويو هندستان جي تعليمي ماهر خواجا غلام سبطين جون خدمتون حاصل ڪرڻ. جنھن کيس رفاقت چيفس ڪاليج لاهور ۾ داخل ڪيو. اُن کانپوءِ هن کي ’امپيريل ڪئڊيٽ ڪور دير ادون‘ ڏانھن روانو ڪيو ويو، جتي هِن فوجي سِکيا ورتي، اُن کانپوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ وڃي ولايت جا وڻ وسايائين. لنڊن ۾ تعليم دوران هِن يورپ کي اکين سان ڏِسڻ چاهيو، اُن سان گڏ مصر، عراق، ايران جو بہ سفر ڪيائين ۽ واپس موٽندي هندستان جا بہ گهڻا ئي هنڌ/شھر گهُمندي اچي پنھنجي رياست خيرپور پھتو.
8 فيبروري 1921ع اُهو اڀاڳو ڏينھن هو، جڏهن هِن جي والد مير امام بخش خان، رياست خيرپور توڙي هِن دُنيا کي الوداع ڪري راھہ رباني ورتي. اُن کانپوءِ هن کي برادريءَ جي پڳ ٻڌرائي وئي. رياست جو بہ سرڪاري طور تي 25 جون 1921ع تي تخت نشين بڻيو. هِن پنھنجي ڏاهپ ۽ دانائي سان رياست خيرپور کي ٺاهيو، وڌايو ۽ ماڻھو خوشحالي جا مزا ماڻڻ لڳا.
هيڏانھن هي بہ آزاد طبيعت، بادشاھہ زادو تنھن وري عشق کي اپنايو ۽ لاهور جي اقبال بيگم عرف بالي سان اکيون اڙائي ويٺو. هي اکين جو اڙڻ اهڙو تہ آهي جو نہ غريب ڏِسي نہ امير، بس:
اکين سان جڏهن مِلن ٿيون اکيون،
اکين جو قسم پو رُلن ٿيون اکيون.
ٽوڙي ڪن ٿيون هي حِصا حِصا،
جڏهن ڀي مِلي پو ٽُٽن ٿيون اکيون.
سو مير علي نواز ناز بہ اکيون اڙايون ۽ پوءِ اکين هِن کي روليو ايترو روليو جو رياست کي بہ داءُ تي لڳائي ڇڏيائين، بس هِن کي ياد رهيو تہ بالي ئي بالي ۽ بالي وري هِن سان ڪجهہ گهڙيون گڏ رهي، زُلفن جو اسير بڻائي، پکي جيان پَـرَ ڪري اُڏامي وڃي لاهور لٿي، پر هي خالي نہ وئي، خزاني کي بہ خاصو کاٽ هڻي هلي، جنھن ڏانھن هِن عاشق جو ڌيان ئي نہ هو، هي تہ بس باليءَ کي واپس پنھنجي ٻانھن ۾ آڻڻ جا جتن ڪرڻ لڳو، وِڇوڙي جي وڏي وقت کانپوءِ نيٺ وري ٻيھر گڏيا ۽ هِڪٻئي جا ٿيا. هِڪٻئي جا ٿيڻ کانپوءِ هِن رياست يا ناز جا بہ ڄڻ ڏينھن ڳڻجڻ لڳا، نيٺ وڃي ڳالھہ اُتي پھتي جو هِن کي رياست کان الڳ ڪري وظيفو ڏئي هِن کي ڄڻ ڪنھن ڪُنڊ حوالي ڪيو ويو، هيڏانھن عشق جا آڙاھہ هوڏانھن اختيارن کان بي اختيار، هِن جي حالت انتھائي افسردہ هئي ۽ انھيءَ حالاتن هِن کي هِڪڙي رياست جي والي مان هِڪڙو سُٺو شاعر بڻائي ڇڏيو. هاڻي هي عاشق بہ هو شاعر بہ هو، پر بادشاھہ نہ رهيو. نيٺ هِڪ ڏينھن ڊسمبر جي 28 تاريخ 1935ع ۾ هِن بيوفا دُنيا کان ئي جُدا ٿي هليو ويو. ڪتاب لکن ٿا تہ هِن کي ٻہ سالن تائين ڪوٽڏيجي جي امام بارگاھہ ۾ امانت طور رکي اُن کانپوءِ 19 فيبروري 1937ع تي ڪربلا ڏانھن موڪليو ويو.
دِل پئي چوي تہ وري ٻيھر اهڙي رياست جُڙي
خيرپور رياست جون ڪيتريون ئي ڳالھيون پڙهي ۽ ٻُڌي منھنجي بہ دِل پئي چوي تہ وري ٻيھر اهڙي رياست جُڙي، جنھن ۾ اُهي سڀئي سھولتون هُجن، جيڪي پھرين خيرپور رياست ۾ هيون. انصاف هُجي، عدل هُجي، خوشحالي هُجي، روزگار هُجن، پر هاڻي تہ اِهو سڀ ڪجهہ ديواني جو خواب ئي لڳي ٿو، حقيقت ۾ هاڻي اسانجي ملڪ جي هر اداري کي ڪرپشن اهڙو کوکلو ڪري ڇڏيو آهي، جو هر ماڻھو، ڪرپٽ ٿي ويو آهي. محل مان ٻاهر نِڪتاسين، عمران لاشاري ۽ گارڊن کان موڪلايوسين، ساڳي رستي تان آياسين جيم خانہ، جِتي اسان گاڏي پارڪ ڪئي هُئي، گاڏي کئنيسين،
چانھہ پيتي ڊاڪٽر مشتاق جي گهر
هاڻي صفي الله اسانکي سِڌو وٺي آيو احمد باربي ڪيو اينڊ برياني، اڳيان بريڪ ڪرايو. اسان تہ حجابن چيوسين صفي الله ماني کي ڇڏيو، ماني ڪِٿي رستي ۾ کائي وٺنداسين، پر چيائين نہ ماني اوهانکي ڊاڪٽر مشتاق ڦُل چيو هو گهر کائڻ لاءِ، اُتي جي نٿا کائو تہ هِتي لازمي کائـڻي پوندي ۽ چانھہ وري ڊاڪٽر مشتاق جي گهر هلي پيئنداسين، پوءِ ايئن ئي ٿيو، اندر اي سي روم ۾ ويٺاسين، فضيلت ڀري هوٽل هُئي، صاف سُٿري ماني گهرائي، برياني گهرائي، طعام بہ بھترين ٺھيل هئا. ماني کائي ٻاهر نِڪتاسين، هاڻي صفي الله چيو تہ آئون پنھنجي موٽر سائيڪل ٿو کڻان جو ڊاڪٽر مشتاق ڦُل جي گهران پوءِ اوهان اڳتي هليا ويندا ۽ آءٌ موٽي ايندس، موٽر سائيڪل اسانجي اڳيان اڳيان، اسين اُن جي پُٺيان
ڊاڪٽر مشتاق جو گهر بہ اچي ويو، ڊاڪٽر مشتاق بہ نئين ڪالوني ۾ پنھنجو آشيانو اڏيو آهي، اڃا ڪالوني جون گهٽيون پَڪيون ناهن، بنگلو بھترين ٺاهيو اٿس، گاڏي ٺھندڙ گهر جي اڳيان پارڪ ڪئيسين، اندر آياسين، ڏاڍو وڏو، ويڪرو ڪشادو گهر ۽ سليقي سان سجايل، ويٽنگ روم ۾ ويٺاسين، ڊاڪٽر مشتاق جو وڏو پُٽ فيض مشتاق آيو، هٿ ملائي حال احوال ڪري ويو، پاڻي کڻي آيو، بعد ۾ ڪيڪ ۽ چانھہ گڏجي پيتي. پوءِ کائنس موڪلايوسين. صفي الله اسانکي ٻاهر روڊ تائين ڇڏيو، سندس ٿورا مڃيندي کانئس موڪلايوسين. اسانجي اڳين منزل ڪوٽ ڏيجي جو قلعو آهي، اُن کانپوءِ وقت مِليو تہ ڪا شئي ڏِسبي نہ تہ بس، واپسي ٿيندي.
اڌ ڪلاڪ کن جي سفر کانپوءِ ڪوٽ ڏيجي جو قلعو اسانکي پري کان نظر آيو، خيرپور کان تقريبن 20 ڪلوميٽر جو فاصلو طئي ڪري، قلعي جي بلڪل ويجهو پھتاسين، واٽ تي بيٺل واٽھڙوءَ کان پُڇيوسين، قلعي ڏانھن ويندڙ رستو ڪھڙو آهي، اُن هٿ جي اِشاري سان ٻُڌايو تہ ’هِتان سِڌا هليا وڃون،‘ اسان گاڏي کي گُهمائي مين گيٽ وٽ آياسين، قلعي جي سامھون شھر بازارون لڳيون پيون آهن، اسان قلعي تي چڙهڻ کان پھرين پاڻيءَ جون بوتلون ورتيون، هڪ تہ گرمي جي موسم هئي، ٻيو تہ منجهند جو پھر هو.
ڪوٽ ڏيجي کان اڳ ڏِٺل قلعا
هِن کان پھرين پھريون قلعو جيڪو مون ڏِٺو هو اُهو هو ’بادشاهي قلعو/لال قلعو لاهور‘ جيڪو 7 جولاءِ 2006ع ۾ ڏِٺو هو. اُن کان پوءِ 14 آگسٽ 2006ع تي ’نئون ڪوٽ قلعو‘ ڏِٺو هُيم ، ٽيون قلعو جيڪو مون ڏِٺو هو اِهو هو ’عمر ڪوٽ قلعو‘ 14 آگسٽ 2007ع. ان کانپوءِ حيدرآباد/نيرون ڪوٽ جو ’پڪو قلعو‘ 28 سيپٽمبر 2012ع، ۽ اُن کان بعد فيبروري 2014ع، ملائيشيا جي شھر ’ملاڪا‘ ۾ ۽ ان کانپوءِ ’رني ڪوٽ قلعو‘ 13 جون 2015ع ۾ ڏِٺم. وري جون 2019ع ۾ ڪشمير جي وادي جي مظفر آباد شھر کان وادي نيلم ڏانھن ويندي ٿوري ئي پنڌ تي ’لال قلعو (رتہ قلعہ)‘ ڏِٺو، جيڪو ڪتاب ’ڪشمير جي سفرنامي‘ ۾ اچڻو آهي. ان کانپوءِ وادي هنزہ جي ڪريم آباد ۾ ڪر کنيل بُلند پھاڙي تي قائم ’قلعہ بلتت‘ جون 2019ع ۽ ’ڪلانڪوٽ قلعو‘ جا آثار ڏِٺم.
احمد آباد عرف ’ڪوٽ ڏيجي قلعو‘ ڏِٺوسين
قومي شاهراھہ تي ڪَر کڻي بيٺل پري کان نظر ايندڙ احمد آباد عرف ڪوٽ ڏيجي قلعي جي چڙهائي تمام مٿي هُئي، تنھن ڪري اِن موسم ۽ ان پھر ۾ اگر ڪو بہ قلعي تي مٿي گُهمڻ لاءِ وڃي تہ پاڻي پاڻ سان گڏ ضرور کڻي وڃي. اسان تہ ايئن ئي ڪيو ۽ اهو عمل بھتر ثابت ٿيو.
قلعي کي ٽوٽل 3 مُک دروازا آهن، اُهي دروازا ڪاٺ جا ٺھيل آهن ۽ اُنھن ۾ لوھہ جا سُنڀا جن جو بہ تعداد 234 ٻُڌايو وڃي ٿو، سڄي دروازي جي ٻنھي تاڪن تي لڳل آهن، اڳي جنگيون گهوڙن ۽ هاٿين تي سوار ٿي ڪيون وينديون هيون ۽ هاٿي اهڙا طاقتور هوندا هئا، جو اهڙا دروازا بہ ٽوڙي اندر هليا ايندا هئا، تنھن ڪري بچاءُ خاطر دروازن کي لوھہ جي سُنڀن سان ٺاهيو ويو آهي، پر هِتي ڪا بہ جنگ نہ لڳي هئي، نہ ئي هاٿين پنھنجا مٿا ٽڪراءِ رتو رت ڪيا هئا، نہ ئي گهوڙن زوردار هڻڪارون ڪري، نال لڳل پيرن سان هِن دروازي کي ٽوڙن جي ڪوشش ڪئي. تنھن ڪري هِن قلعي کي ڪنوارو قلعو بہ ان ڪري ئي چيو وڃي ٿو.
جوڌپور ۽ جيسلمير جي انتھائي غريب ماڻھن جن جوئر جي هڪڙي پاٽيءَ جي عيوض سڄو ڏينھن مزدوري ڪري پنھنجي پگهر سان احمد آباد قلعي کي تعميرات جي وزير سرائي محمد صالح زهري جي نگراني ۾ ٺاهي تيار ڪيو، جيڪو 1797ع ۾ اُن وقت جي بادشاھہ مير سھراب خان جي حڪم تحت تعمير ٿيو هو. قلعي جي چوڌاري بُرج ٺاهيا ويا آهن، اُنھن برجن جي مٿان توپن ۽ بندوقن لاءِ مارا ٺاهيا ويا آهن. توپون برجن تي اهڙي حڪمت سان رکيون ويون آهن جو اُنھن کي آساني سان ڪھڙي بہ طرف ڦيرائي فائرنگ ڪري سگهجي ٿي. هِن ڪوٽ ۾ اهڙا ڪُل پنجٽيھہ بُرج ٻُڌايا وڃن ٿا، اُنھن کي وري چئن حِصن ۾ ورهايو ويو آهي. اُولھہ طرف کان آخري ڪُنڊ تي ويڪرو ملڪ ميدان برج، ڪوٽ جي اوڀر ۾ جيسلمير برج، اُتر پاسي آخري ڇيڙي ۾ مريم برج ان طرح انھن برجن ۾ ڪجهہ شاهي برج بہ تعمير ٿيل آهن، جنگي حڪمت عمليءَ جو اعليٰ نمونو نظر اچي ٿو.
هڪ دروازو اُڪري اندر آياسين، اُن کان پوءِ ڪجهہ پنڌ ڪرڻ کانپوءِ ٻيو مکيہ دروازو اچي ٿو، اُهو بہ قلعي اندر وٺي وڃي ٿو، ايئن پھرين ڪوٽ تي چاڙهين ذريعي ڇت تي چڙهي آخري مٿي بُلندي تي ٺھيل چبوتري تي وياسين، هِتان کان بيھي سڄي ڪوٽ ڏيجي شھر جو خوبصورت منظر ڪري سگهجي ٿو، بلڪل ايئن جيئن، گڊي ڀٽ تان مِٺي شھر جو نِظارو، جيئن معصوم شاھہ جي مُناري تان سکر شھر جو نظارو، ڪجهہ گهڙيون چارئي طرف اکيون اُماڻي منظر ماڻي، ڪئمرا جي اک ۾ قيد ڪري واپس سيڙهين تان هيٺ لٿاسين، هاڻي اسان، مٿان ديوار ۽ ڇت تان اچڻ بجاءِ هيٺان آياسين، جتي اندر مختلف ڪمرا، اڏاوتون، اڏيل آهن، ڏِسندا اچون، بيڊ روم، ڪچن، باٿ روم، ۽ مورچه سڀ ٺھيل آهن، ڪِٿي ڪِٿي ننڍڙا بورڊ بہ لڳل آهن، جيڪي ٻُڌائين ٿا، تہ هي اڏيل اڏاوت ڪھڙي ڪم ايندي هئي. ڪجهہ بيضوي شڪل جا ديوار اندر ٺھيل ننڍا ننڍا ڪمرا يا کُڏيون چئون ٺھيل آهن، جن ۾ سپاهي رهندا هئا، ڪنھن بہ اوچتي حملي جي صورت ۾ هو قلعي جي اندر سڄي معاملي کي سنڀالي وٺن.
اسان سان گڏ قلعي تي ڪجهہ ليڊيز بہ گُهمي رهيون هيون ۽ شاگردن جي بس بہ ڪنھن هاءِ اسڪول جي لڳي رهي هئي، اُهي بہ گُهمي رهيا هئا، شاگردن جي هِڪڙي ٽولي ۾ هِڪ شاگرد ٻين کي پي چيو، يار گهٽ ۾ گهٽ سائين کي پاڻ سان گڏ اچڻ گُهرجي ها، ٻُڌائي ها قلعي جي تاريخ بابت بس ايئن خالي ديوارن تي هيٺ مٿي چڙهي لھي هليا هلون فائدو ڪھڙو، مون چيو شاگرد چوَي سچ پيو، پر شايد اُن اُستاد کي قلعي بابت ڪجهہ معلوم نہ هجي، تڏهن تہ هيٺ گيٽ وٽ ويھي رهيو.
اسانکي هاڻي اڳتي جي تڪڙ نہ هُئي، تنھن ڪري سڄو قلعو مڪمل گُهمي ڏِٺوسين، پوءِ آياسين ٻاهر، ٻاهر قلعي کان جيئن ئي نِڪرجي ٿو تہ بازار بہ ٺھيل آهي، جِتي هر دُڪان اڳيان هِڪڙو ملازم ٻاهر بيٺل آهي ۽ ايندڙ مسافرن کي پاڻ ڏانھن سڏي رهيو آهي، تہ هيڏانھن اچو، هيڏانھن اچو، بلڪل ايئن جيئن حيدرآباد جي ريشم گلي ۾ دُڪاندار ملازم ڇوڪرن کي ٻاهر بيھاري ڇڏيندا آهن، ۽ هو سڄو ڏينھن خريدار/گراهڪ کي سڏيندا رهندا آهن. سو هِڪڙي دڪان تي اسين بہ چڙهياسين، کجور وٺڻ جي لاءِ، اسانکي ياد هاڻي آئي آهي، دُڪاندار ٻُڌايو، کجور اوهانکي هِتي نہ مِلندي اُها ٺيڙھي ۾ مِلندي. سائين وارن کي مون يڪدم چيو، ’سائين مون نہ چيو هو تہ ٺيڙھي شھر مان لنگهندي روڊ جي ٻنھي پاسن کان وڏا وڏا دُڪان کجور جا هئا اُتان کجور وٺون‘ اوهان چيو تہ خيرپور مان ٿا وٺون، هاڻي اِها سوغات بہ رهجي وئي. ٻاهر نِڪتاسين روڊ تي، گاڏي کي 100جي اسپيڊ سان هلائي اچي ڪُنب ڪنڌيءَ پھتاسين.
ڪُنب ۾ ٿـڌو ٿاڌل ۽ ظھر جي نماز
ڪُنب ۾ ٿاڌل واري وٽ گاڏي بيھاريسين، گرمي هئڻ ڪري پھرين ٿڌو ٿاڌل پيتوسين، ٿاڌل واري کان پُڇيوسين تہ ڪُنب شھر ڪھڙي پاسي آهي، هٿ جي اِشاري سان ٻُڌايائين تہ هي سامھون روڊ اندر شھر ۾ پيو وڃي، هي ڪُنب اسٽاپ آهي، ڪُنب جو نالو مون تہ محبوب ماڻھو ڊاڪٽر مشتاق ڦُل کي سُڃاڻڻ کان پوءِ ٻُڌو هو، ڊاڪٽر مشتاق ڦُل جي جنم ڀومي، رهائش گاھہ ۽ اسپتال پُڻ ڪُنب شھر ۾ آهي، اسان ٿاڌل واري کي گاڏيءَ جي پارت ڪري پاسي ۾ ٺھيل مسجد ۾ ظھر جي نماز پڙهيسين. نماز پڙهڻ کان پوءِ اڳتي ڪاهيوسين.
راڻيـپور پھتاسين تہ...
جڏهن راڻيپور پھتاسين تہ دِل ڌڙڪي درازا درازا، اِهو فطري آهي يا الائي مونسان آهي تہ جنھن بہ شھر مان گُذرندو آهيان، انھيءَ شھر ۾ موجود دوستن کي ضرور ياد ڪندو آهيان، هوائن ذريعي سلام موڪلڻ، ملاقات کان وٺي لکت ۾ بہ اُنھن کي ياد رکندو آهيان. راڻي پور جو هي شھر بہ ٻين شھرن جھڙو ئي آهي، جيئن سڀئي شھر ساڳين طرح جون بازارون، هوٽلون، دُڪان وغيره ايئن راڻيپور آهي. خيرپور ضلع جو هي شھر، خيرپور کان پنجاھہ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي تعلقي سوڀو ديرو ۾ آهي، شايد ڪنھن دؤر ۾ هيءَ بہ ڪا ننڍي رياست هُئي. پر هِن وقت هِن کي صرف ٽائون ڪميٽي جي حيثيت حاصل آهي، جنھن ۾ ڪيترائي اسڪول، اسپتالون ۽ سچل سرمست جي نالي سان ڪاليج بہ قائم آهي، راڻي پور شگر مل بہ آهي، تہ ڪاٽن فيڪٽري بہ، راڻي پور جي شھر ۾ ٻين کوڙ پاڙن سان گڏ جوڻيجا پاڙو بہ آهي. اسان گاڏي موڙي درازا ڏانھن ويندڙ واٽ تي.
درازا سچل سائين جي جنم ڀومي
ٻن ڪلوميٽرن جو فاصلو طئي ڪري آياسين درازا، جِتي سچل سرمست جي نگري آهي. سچ سرمست جي جنم ڀومي آهي، هي درازا ضلع خيرپور جو هِڪڙو ننڍڙو ڳوٺ آهي، پر سچل جو پيدا ٿيو تہ درازا کي ڄڻ شھرت جا پر لڳي ويا ۽ درازا سچل سرمست جي ڪري سُڃاپجڻ لڳو.
هُت هُيس معشوقيءَ ۾، هِتِ عاشق ٿي آياس
راڻي پور اسٽيشن کان ٻن ميلن جي فاصلي تي درازا خيرپور ضلعي ۾ هِڪڙو ننڍڙو ڳوٺ آهي، جِتي سچل سرمست جو جنم ٿيو، سچل سائين جو جنم جن بہ ڪتابن ۾ لکيل آهي تہ: (چيو وڃي ٿو تہ سن 1739ع) ۾ ٿيو، رسالو سچل سائين ۾ لِکيل آهي تہ: سچل سرمست جي دؤر کان پوءِ هن ڳوٺ کي شاھہ درازا سڏيو وڃي ٿو، جنھن جي معنيٰ شاھہ يا عظيم دروازو، جنھن مان روحاني روشنيءَ جو ظھور ٿيندو هجي.
ڪلام عارفانہ الھام جي مرتب، مرزا علي قلي بيگ هن ڳوٺ جي جُڙڻ بابت ڪجهہ هيئن لکيو:
”ڪلھوڙن جي دؤرِ حڪومت ۾، هِن خاندان جي وڏي عزت ٿي. کين گمبٽ ۽ راڻيپور جي وِچ ۾ جاگيرون مِليون. فاروقي فقيرن اُهي جاگيرون پنھنجن ٻن خاص مريدن، هر هِڪ: ’دراز ونڊير‘ ۽ ’ڪاجن ونڊير‘ کي آباد ڪرڻ لاءِ ڏِنيون، جن اُتي پنھنجا ڳوٺ ٻَڌايا. ڪاجن ونڊير جو ڳوٺ درازا جي اُتر اولھہ ۾ هو، جيڪو اڳتي هلي ڦِٽي ويو، پر درازا ونڊير جو ڳوٺ، جو پوءِ ’درازا شريف‘ جي نالي سان مشھور ٿيو، اڄ بہ موجود آهي ۽ درازا جي دلبرانہ نالي سان سڏجي ٿو. ٿوري عرصي کانپوءِ ’ميان صاحب ڏِنو‘ ۽ ٻيا مخدوم بہ ٻين هنڌن تان لڏي اچي درس درازين داخل ٿيا.“
ان حقيقت کي هوبھو سچل سائينءَ جي ٻين سوانح نگارن پڻ بعد ۾ ايئن آندو آهي. مادي طرح کڻي درازا شريف کي اڏيندڙ فقير دراز ونڊير هو، پر روحاني طرح درازا کي ’در-راز‘ (الاهي اسرارن جو دروازو) بنائڻ وارو دولھہ، سچل سائينءَ جو جد امجد فقير صاحبڏنو الملقب ’موراڳي‘ (مور) هو. باقي ان خطي کي ڪا خاص تاريخي ۽ تھذيبي قدامت نہ آهي، البت کھڙا ڪجهہ پراڻو شھر آهي.“
سچل سائين جي حضور ۾
سچل سرمست تي بہ ساڳين طرح رنگ ۽ رونقون هيون جيئن سنڌ جي سڀني درگاهن تي هونديون آهن، درگاھہ کان پھرين هِڪڙي بازار هوندي آهي، جنھن ۾ ٻارڙن جي رانديڪن کان وٺي قُل لکيل چادرُن ۽گُلن تائين ماين/عورتن جي سڳين، ڦـڻين کان وٺي مِٺاين تائين سڀ ڪجهہ موجود هوندو آهي، تيئن هِتي بہ سچل جي درگاھہ جي گيٽ کان پھرين اهڙي بازار اچي ٿي، اسان گاڏي سائيڊ ڪري بيھاري، مکيہ دروازي جي اندر ٿياسين، تہ ساڳين ئي نموني گهڻائي عورتن جي ئي نظر آئي، مرد نالي ماتر هوندا آهن، اسان سچل تي قُل پڙهي ٻاهر نِڪتاسين، درگاھہ اندر توڙي ٻاهر فوٽوگرافي ڪئي، هي موجودہ مقبرو ڏاڍو خوبصورت ۽ فن جو اعليٰ نمونو آهي، جڏهن تہ سرڳواسي ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ، پنھنجي ڇپايل ڪتاب ’سچل سرمست‘ جيڪو آگسٽ 1922ع ڌاري ڇپيو، ۾ هن ريت بيان ڪيو آهي:
”خيرپور جي رياست ۾، راڻيپور اسٽيشن کان ميل کن پري درازن جو ڳوٺ آهي، ڳوٺ جي ٻاهران سچل فقير جو روضو آهي ۽ لاڳو ڪرڙن جو جهنگل آهي. درگاھہ سان گڏ سجاده نشين جي جهوني نموني واري اڏيل جڳھہ آهي، جنھن سان باغ جو ٽُڪر لاڳو آهي. ڀر ۾ هِڪ کوھہ وڻن جي هيٺ آهي. چؤگِرد جھڙيون تھڙيون جهوپڙيون اڏيل آهن، مطلب تہ هِڪڙا ڪِرڙ، ٻيا کٻڙ، جهوني زماني جي جاءِ ۽ ٻہ چار جهوپڙيون، ٻيو اڇو نانءُ الله جو! خلقون ٿيون ماڻھن جون ميلي تي اچن، روز بروز ڳائـڻا ۽ ٻيا درگاھہ جي زيارت ڪرڻ اچن ٿا ۽ گهڻيئي ڪامورا ماڻھو پڻ ويندڙ آهن.“
پنھنجي، ذات لِڪائي، ڪيئن ٻي ذات سڏايان،
’اعليٰ اعظم شان‘ جي نوبت نينھن وڄايان،
منصوريءَ جي موج ۾ ٿو اناالحق اَلايان،
اُن وقت جي ۽ اڄ هِن وقت جي درازا ۾ گهڻو تمام گهڻو فرق آهي، هاڻي تہ هِتي نہ جهنگل ٿو نظر اچي نہ ڪِرڙ، وڏو روضو/درگاھہ، وشال اڱڻ، اڱڻ ۾ پري تائين ڏِنل چيلھہ جيڏي چئوديواري، اُن ۾ ڪِٿي فقير/فنڪار سچل جو ڪلام ڳائي رهيا آهن، ڪنھن ڪُنڊ کان عورتون ويٺل نظر اچي رهيون آهن، هِڪ هنڌ فرش تي ڪتابن وارا ڪتاب پکيڙيو ويٺا آهن.
هِن کان پھرين بہ جڏهن سچل جو ديدار ڪرڻ آيو هئس، تہ ٻہ ٽي ڪتاب ورتا هُيم ۽ هاڻي بہ هِڪ ٻہ ڪتاب ورتم. ڪتاب وٺڻ، پڙهڻ، گڏ ڪرڻ محبوب مشغلو آهي منھنجو. ٻيو ڪو تحفو ڪِٿان وٺان نہ وٺان، پر ڪتاب ضرور وٺندس. تنھن ڪري وري بہ ڳالھہ ڪتابن جي ئي ڪبي سو ڪتاب لِکن ٿا تہ:
”سچل سرمست جو اصل نالو عبدالوهاب هو، چيو وڃي ٿو تہ حضرت عمر فاروق خليفه ثاني ۽ پيغمبر جي سُھري جي نسل مان 39 پيڙهي مان هو، سچل جي ابن ڏاڏن مان شھاب الدين نالي هِڪڙو بزرگ هو، جيڪو سن 712ع ۾ سنڌ جي عرب فاتح، محمد بن قاسم جو مددگار ۽ صلاحڪار هو ۽ اُن سان لڙائي ۾ گڏ آيو هو. بعد ۾ سيوهڻ جو گورنر مقرر ٿيو. شھاب الدين جا پويان سيوهڻ مان لڏي خدا آباد آيا، اُن کانپوءِ ٿرپارڪر ۽ آخر ۾ خيرپور ۾ مُقيم ٿيا، جِتي سچل سرمست جو ڏاڏو خواجہ محمد حافظ صاحبڏني جي نالي سان مشھور ٿيو. سندس پُٽ صلاح الدين، سچل جو والد هو، هو پنھنجي والد جي زندگيءَ ۾ گُذاري ويو. اُن وقت سچل اڃا ٻار هو. اُن ڪري ڏاڏي پنھنجي پوٽي جي پرورش ڪئي. اُن وقت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي سچل سائين جي ڏاڏي صاحبڏني وٽ آيو، جڏهن شاھہ لطيف جي سچل تي نظر پئي تہ شاھہ لطيف هن ٻار (سچل) جي مٿي تي هٿ رکندي چيو هو تہ: ”جيڪو ڪُنو اسان چاڙهيو آهي، اُن جو ڍڪڻ هي لاهيندو“ هي روايت آهي.
سَچُو نانءُ ٿو سڏائين، چئو تہ ڪاٿي تون آهين.
هِڪ روايت ۾ آهي تہ: سچل سان گڏ ’سرمست‘ جو لقب سندس دوستن ڏِنو هو، سچل جي موسيقي ڪمزوري هوندي هئي، تنھن ڪري جڏهن قديم سازن تي موسيقي ٻُڌندو هو تہ وجّد ۾ اچي ويندو هو ۽ سندس ڊِگها وار اُڀا ٿي ويندا هئا ۽ ڳلن تي ڳوڙها وهڻ لڳندا هئا. جنھن کي خدا مخمور ڪري تنھن کي ’سرمست‘ چوَن ٿا.“
من نمي گويم اناالحق، يار مي گويد بگو،
چُون نمي گويم مَرا، دلدار مي گويد بگو.
ترجمو: آءٌ نٿو چوان، پر منھنجو يار ٿو چوي تہ تون چئو آءٌ خدا آهيان.
سچل جي آڳنڌ اڳيان
آس پاس جو جائزو ورتو، عورتون ڪجهہ ٻھراڙي جون ڪجهہ شھري، پر سڀئي تقريبن درن ديوارن کي هٿ لائينديون ۽ هٿ چَپَن تي رکنديون آهن. اِها عقيدت اوهان کي سنڌ تہ ڇا، پر پوري پاڪستان ۾ قائم سڀني درگاهن، درويشن تي نظر ايندي.
جڏهن آل پاڪستان ٽوئر تي ويو هئس، سڄو پاڪستان گُهمي واپسي ۾ جڏهن داتا جي دربار جو ديدار ڪرڻ ويا هئاسين، اُتي مون قبر جي جالين کي جن عورتن کي چمندي ڏِٺو، اُهي ڪي ٻھراڙيءَ جون هرگِز نہ هيون، پڙهيل لِکيل فيملي جون، جيڪي ويگو ۽ ڪرولا گاڏين مان پي لٿيون ۽ وري اهڙي ئي ساڳي حالت اسلام آباد جھڙي شھر ۾ قائم ’بري امام‘ تي ڏِٺم، تڏهن مون ان ڳالھه/چوڻي کي بدلايو تہ سنڌ جا ماڻھو جاهل آهن، جيڪي درگاهن تي نمن/گُهرن ٿا، پر ايئن ناهي هي جهالت ناهي، هيءَ عقيدتمندي آهي، ڪم تہ جيڪڏهن صرف عقيدت جي حد تائين هُجي تہ ٺيڪ، پر جي اُن کان اڳتي آهي تہ پوءِ ساڳئي نموني چئي سگهجي ٿو تہ ها هيءَ جهالت آهي.
يار کي هر هنڌ ڳوليم
سچل جي آڳنڌ اڳيان هِڪڙي طرف پٽ تي پيل ڪتابن جو اسٽال آهي ۽ درگاھہ جي سامھون اڱڻ کان اڳتي، هِڪڙو تنبو اڏيل آهي، جنھن هيٺ ننڍڙو فنڪار پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، ڪلام جو خلاصو ايئن هو تہ (يار کي هر هنڌ ڳوليم پر مونکي هتي سچل جي درگاھہ تي مِليو، جنھن سان حال احوال اوريم، دِل کي سڪون مِليو) ۽ سامھون ويٺل عورتن جي هِڪڙي قطار آهي، جيڪا کيس غور سان ٻُڌي رهي آهي، اسان هِڪٻئي کي چيو، اهڙي شاعري ئي تہ عورتن کي هِنن درگاهن تي انجام ڏيڻ ۽ وٺڻ ۾ وڌيڪ رهنمائي ڪري ٿي. (الله معاف ڪري) باقي سڀني درگاهن تي جيترا عقيدمند ايندا آهن تہ اوترا ئي وري ميل ميلاپ لاءِ، انجام پاڙڻ لاءِ، اکيون ٿـڌيون ڪرڻ لاءِ اچن ٿا. اِها ڳالھہ نہ لڪل آهي نہ نئين آهي، عالمِ آشڪار آهي، مولوي حاجي احمد ملاح صاحب خود بہ پنھنجي دؤر ۾ ان ئي ڳالھہ جي تصديق ڪندي هينئن ٿو چوي:
سِگهو موٽي اِيندو ميڙو، مَ ٿِي دِلگير اي دِلڙي!
اچِي ڀُورل ٿِيندو ڀيڙو، مَ ٿِي دِلگير اي دِلڙي!
متا ميڙا مُقامن تي، سڄڻ سَنبريا سَلامن تي،
اِجهي آيا اَنجامن تي، مَ ٿِي دِلگير اي دِلڙي!
مُحب ميڙي مٿي اِيندا، وڏا ٿورا وري ٿِيندا،
مِڙئي مطلب ڪَرڻ ڏِيندا، مَ ٿِي دِلگير اي دِلڙي!
پِيادا ڪي پيا پَھرِي، ڪي مُرڪن مُحب سِر مَھرِي،
ڳِچي دِلبر سُونھي دُهرِي، مَ ٿِي دِلگير اي دِلڙي!
پِرين پُھتا اِنهن پارن، ڪُلھا جَهليا قُرب وارن،
کنيَئون پھہ ساڻ کنگهڪارن، مَ ٿِي دِلگير اي دِلڙي!
جِتي بَيران هو بَر ڪو، اُتي گُجريَن ڪيو گَهر ڪو،
لڳو ٽِڪ، ٽَونر جو جَهرڪو، مَ ٿِي دِلگير اي دِلڙي!
نِيئڻ ميڙي مٿي ماديون، وڏيون تحقِيق اِي تَعديون،
وڃيو پوءِ اُت وَسن واديون، مَ ٿِي دِلگير اي دِلڙي!
اِنهيءَ هَنڌ اَولياءَ هُئا اَڳ، نٿي پاتو تڏهن ڪنھن پَڳ،
مِڙي اڄ لوڪ لالچ لَڳ، مَ ٿِي دِلگير اي دِلڙي!
نہ ڪنھن اَشراف جي ”احمد!“ ڪجي هَلڪائِي ههڙي حَد،
سَندن ميڙا، سَندن مَقصد، مَ ٿِي دِلگير اي دِلڙي!
پنجويھہ بندن جو هي ڊگهو غزل مون هِتي صفا سوڙهو ڪري، رڳو ڏھہ بند رکيا اٿم. سائين عبدالجبار نظاماڻي سان مخاطب ٿيندي، ’سائين! اهو لقاءُ اُن وقت بہ هو، تہ هِن وقت بہ آهي، ان جو سِڌو مطلب اِهو ٿيو تہ سڀ ڪجهہ سُٺايون توڙي بُڇڙايون، انصاف بہ تہ ظلم بہ، وصال بہ تہ وِڇوڙا بہ هي سڀ ڪجهہ پھرين کان پيا اچن. جنھن ۾ دؤر جو دور تائين تعلق ئي ناهي، ڇو تہ انھن شين جو تعلق هر دؤر سان رهيو آهي.‘
جڏهن اڌ پنڌ تي پھتاسين ...
واپس آياسين راڻي پور مان ٿيندا، هنڱورجا ڪِراس ڪيو، هاڻي سج لھي چُڪو هو ۽ رات پنھنجا پرَ ڦھلائي رهي هُئي. رسول آباد بہ اُڪري آياسين، خبر ئي ڪانہ پئي، مغرب نماز پيٽرول پمپ تي اڏيل مسجد ۾ پڙهيسين، گڏ عشاءَ جي بہ سفر نماز پڙهيسين، گاڏي ۾ اچي ويٺاسين دوست بخشل باغي جو فون آيو، ڪِٿي پھتا آيو؟ چيم هالاڻي ڪِراس پيا ڪريون، چيائين هاڻي قاضي احمد ايندو قاضي احمد مان لِنڪ روڊ نِڪري ٿو نوابشاھہ لاءِ اُهو وٺي اچجو، نيشنل هاءِ وي تان ايندا تہ نوابشاھہ کان ٻاهران ڪِراس ڪري اڳتي هلي ويندا.
قاضي احمد پھچي نواب شاھہ روڊ جي پڇا ڪئيسين، لنڪ روڊ وٺي آياسين، جڏهن اڌ پنڌ تي پھتاسين تہ ادا منظور جو موڊ خراب ٿي ويو، چوَي واپس ٿا هلون، روڊ خراب آهي، رات آهي، چوندي چوندي بحريا ٽائون اچي پھتاسين اُتي بيٺل همراه کان پُڇيائين تہ نواب شاھہ اڃا گهڻو پري آهي، همراه چيو 12، 15 ڪلوميٽر ٿيندو، ادا منظور گاڏي کي اُتان کان ئي واپس موڙيو، چيائين اڃا 15 ڪلوميٽر واپس ٿا هلون، مونکي چيائين دوستن کي چئي ڇڏ وري ٻي ڀيري، حالانڪِ 20 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ پنڌ ڪري آياسين، بخشل باغي ۽ ستار سُندر ٻئي گڏ ويٺا هئا، کين فون ڪري چيم يار وري ٻي ڀيري اسانکي دير گهڻي ٿي وئي آهي، چيائون هاڻي تہ پھچڻ وارا هوندا، چيم بحريا ٽائون، چيائون اِتي ئي بيھي اوهانکي وٺڻ ٿا اچون 8 ڪلوميٽر جي پنڌ تي شھر آهي، وري واپس ڪيئن ٿا وڃو، چيم بس يار واپس نِڪري بہ چُڪاسين، وري ڪنھن ٻي ڀيري.
هاڻي ادا منظور گاڏي کي 100 جي اسپيڊ کان وڌيڪ هلائڻ لڳو، وري واپس اچي قاضي احمد پھتاسين، قاضي احمد کان پوءِ نيشنل هاءِ وي ورتوسين، موڊ تہ منھنجو بہ خراب ٿي ويو، سائين عبدالجبار بہ چوَي ’بس ٺيڪ ٿيو، جيڪو بہ ٿيو،‘ مون ايترو چيو ’مٽياري مان مائو وٺـڻو آهي‘ ۽ پوءِ اکيون ٻوٽي سُمھڻ جي ناڪام ڪوشش ڪيم، پر اک لڳي وئي.
ننڊ جو آ بار اکين تي،
شايد آ ڪا سار اکين تي.
مٽياري جو مائو وٺي، مونکي وِساري ويا
جڏهن مٽياري پھتاسين تہ چيائون هاڻي ڪِٿي مائيَ جو دُڪان ڏِسو تہ بريڪ ڪريون. باءِ پاس تي مائيَ جا دُڪان ٺھيل آهن، جيئن ميھڙ جو مائو مشھور آهي، ايئن هاڻي مٽياري جو مائو بہ مشھور آهي، هِڪڙو ريسٽورينٽ هو اُن اڳيان بريڪ ڪيوسين، اُتي ئي مائيَ جو دُڪان بہ موجود هو، اسان ٽنھي مائو ورتو، گڏ نِڪتاسين مون چيو هي گاڏي ۾ ويھن، پاسي ۾ ڪئبين تان چاڪليٽ وٺان، آئون جيئن ئي چاڪليٽ وٺي گاڏي ڏانھن آيس تہ گاڏي گهڻو پھرين نِڪري چُڪي هئي ۽ منھنجا ٻئي موبائيل بہ گاڏي ۾ پيل هئا، هاڻي مزو ٿي ويو، مونکي يڪدم 2006 وارو گِلگِت وارو سين ياد اچي ويو، جڏهن اسٽاپ تان وين ڪرائي سڀئي اُن ۾ ويٺا پاسي ۾ پي سي او هو، مون سوچيو گهر فون ڪري ٻُڌايان تہ اسان هاڻي گِلگِت مان نِڪرون پيا، فون ڪري ٻاهر اچان تہ نہ دوست، نہ وين، هِتي نہ موبائيل نمبر لڳي ۽ نہ ئي ڪنھن دوست جو نمبر ياد هو جو پي سي او تان فون ڪريان پوءِ اسٽاپ کان هاسٽل تائين اڌ ڪلاڪ جو پنڌ هو، رات جو وقت ۽ پنڌ ئي پنڌ، ٻيو ڊپ نہ پر ڦُرجڻ جو خوف هو، ڪيمرا ۽ موبائيل هٿ ۾ هُئا، پئسا بہ پرس ۾ هئا، خير وڌيڪ منھنجي سفر نامي ”حيدرآباد کان هنزہ تائين“ ۾ لِکيل آهي.
آئون واپس ڪئبين واري وٽ آيس چيم يار موبائل ڏيو هِڪڙو نمبر ڊائل ڪريان مونکي همراه ڇڏي ويا، نمبر ڊائل ئي ڪيم پي تہ سامھون ڪار اينڊيڪيٽر ڏيندي واپس پي آئي، موبائيل کيس واپس ڪيم چيم مھرباني همراه اچن پيا، آئون بہ تِکو تِکو گاڏي ڏانھن اچڻ لڳس، جڏهن ويجهو آيس تہ هي تہ ٻي گاڏي، هاڻي خاموش بيھي رهيس، چيم وري نٿو وڃي دوست کي تڪليف ڏيان، هاڻي جي ياد پيس تہ موٽي ايندا نہ تہ کٽن ڀاڳ، 5 منٽ گُذريا تہ ڏِٺم ڪار اينڊيڪٽر ڏيندي واپس پئي اچي، پڪ سمجهيم اِهي آهن، اچي بريڪ ڪيائون، آئون خاموش چڙهي ويٺس. پويان سيٽ تي سُمھي رهيس، خبر تڏهن پئي جڏهن فتح چوڪ تي گاڏي اچي تيل ڀرايو، پوءِ سِڌو آياسين واپس ماتلي پنھنجي پنھنجي گهر. بقول ڀٽائي؛
ڇِڄُ مَ قَطاران، ساٿُ چَڙهندو لَڪِيـين،
مَڇُڻِ ٿِئـي پُئان، وَڳَ واٽَ ئِي نہ لَھين.
جيڪي سفر ۾ هسمفر هئا
پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي: ماتلي سان تعلق رکندڙ معزز شخصيت، پيشي جي لحاظ کي ليڪچرار گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي، پاڻ سُٺا ليکڪ ۽ تاريخ سان دِلچسپي رکندڙ، تاريخ لِکندڙ، ماتلي جي تاريخ لِکي اٿس، اُن کان علاوہ حافظ نظاماڻي جي شاعري جا مجموعا ”باغي آ عشق منھنجو“، ”تاريخ آهي شاهد“ پڻ هِن جا سھيڙيل آهن، نظاماڻي ذات تي ”تذڪراءِ نظاماڻي“ وڏو ڪِتاب لِکيو اٿس، جنھن ۾ پوري نظاماڻي قبيلي جا شجرا ڏِنا اٿس. اُن کان علاوہ کوڙ ٻيا بہ ڪيترائي ڪتاب لِکيا، سھيڙيا ۽ مُرتب ڪيا اٿس. ”محمد صديق مسافر جي علمي، ادبي، تعليمي، صحافتي ۽ سماجي خدمتن جو تحقيقي مطالعو“ جي عنوان سان محمد صديق مسافر تي پي ايڇ ڊي ڪري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي اٿس.
صفيع الله شر: صفي الله ساگر شر روزاني ڪوشش اخبار خيرپور جو ڊسٽرڪٽ رپورٽر آهي ان سان گڏ ريڊيو پاڪستان خيرپور جي پروگرام سھڻي ڌرتي ۾ ڪمپيئر شاعر بہ آهي شاعري 2000 کان لِکندو پيو اچي.
منظور احمد جوڻيجو: ماتلي شھر سان تعلق رکندڙ، منھنجو ڀاءُ آھي، سُٺي دِل رکندڙ آھي، سندس حيدرآباد ۾ ”الرزاق پرنٽرز“ آھي، پنھنجي ڪاروبار ۾ ڪامياب آھي. گُهمڻ جو شوق هوندو اٿس، ۽ ھميشہ چوندو آهي، گُهمڻ جو پروگرام ٺاهيو گاڏي منھنجي حاضر آهي.
مور ساگر: ’ڪي جاڻا مين ڪوڻ بُليا‘
( 09 اپريل 2019ع- ضلعو خيرپور )