سفرناما

سنڌ منھنجي جِند

اسان جي مور ساگر، سنڌ جي سئر سياحت بابت ھيءَ تہ صفا ڪا نئين طرح ايجاد ڪئي ٿي ڏِسجي ۽ ان ڪم لاءِ زندگيءَ جي ڪاروھنوار مان ڪي ڏھاڙا پاڇي ڪري، ھو يارن سان سنگ سنگ، کُليل اکين ۾ ڪئميرا ۽ بئگ ۾ قلم ڪاڳر رکي، سيلاني بڻجي نِڪري ٿو پوي ۽ رات وقت پوءِ سارا پنھنجا مشاھدا، منظر ۽ يارن جون دِلچسپ ڳالھيون، ڪنھن گوشي ۾ ويھي چپ چاپ لِکي ٿو وڃي ۽ پوءِ جيئن ڦُڙي ڦُڙي تلاءُ ٿيندو آھي، ھو ھھڙا ڪتاب ٿو جوڙي وٺي.

  • 4.5/5.0
  • 27
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مور ساگر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ منھنجي جِند

مور اِن ميھڙ

روانگي
مور ماڻھن سان مِلڻ، مور آ ميھڙ ويو،
ڏينھن ميھڙ کي ڏِسي، رات راڌڻ ۾ رهيو.
مون پنھنجي سنگت سان صلاح ڪئي تہ ميھڙ ۾ مونکي ڪتاب جي مھورت ۾ شرڪت جي ڪوٺ آهي، خاص مھمان طور، سو مونکي تہ وڃڻو آهي، جيڪڏهن اوهان بہ هلڻ چاهيو تہ پوءِ ميھڙ، لاڙڪاڻو، سکر، خيرپور ٻہ ٽي ڏينھن لڳائي گُهمي اچون. دوست هونئن ئي گُهمڻ لاءِ چوَن پيا تہ اچو چڪر لڳائي وڃو، چيائون ’ٺيڪ آهي، اسين تيار آهيون،‘ 07 اپريل 2019ع آچر جي ڏينھن ميھڙ جي شھر ۾ حبيب حضوري جي ڪِتاب ”قرآن شريف ۽ شاھہ لطيف“ جي مھورتي تقريب جي دعوت ۾ شرڪت لاءِ حافظ نظاماڻي، خليل کوسو ۽ مون لاءِ سائين حبيب حضوريءَ ٽيڪسي بہ موڪلي آهي، جنھن ۾ اسين ٽيئي وينداسين ميھڙ.
آئون، ادا منظور، ڊاڪٽر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي اڄ 7 اپريل تي صبح جو فجر نماز پڙهي روانا ٿياسين، حافظ نظاماڻي وارن سان رابطو ڪيوسين، ٻُڌايائون تہ حيدرآباد پھچڻ وارا آهيون. اسان حيدرآباد پھتاسين، تيستائين هو ڄامشورو کان گهڻو اڳتي نِڪري چُڪا هئا.

اسان لاءِ هِندورو اِهو ڄامشورو
جڏهن بہ ڄامشوري مان گُذر ٿيندو آهي يا ڄامشوري ۾ ايندو آهيان، ويجهو اچڻ سان ئي ياد ناهي شعر ڪنھن جو آهي، پر بي اختيار زبان مان نِڪرندو آهي. ”ڄامشوري نہ وڃ، هانوَ ڪوري نہ وڃ.“
سنڌ يونيورسٽي جو ڄامشورو، ’ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولاءِ ۾‘ ناول پڙهائيندڙ علامه آءِ آءِ قاضي ۽ اُن جي محبوب ونيءَ ايلسا قاضي جو ڄامشورو، لوڪ ادب جي برک نالي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جنھن کي بہ ڄامشوري جي زمين پنھنجي هنج ۾ سُمھاريو آهي، تہ وڏي دانشورو محمد ابراهيم جويي جي آخري آرام گاھہ بہ ڄام شوري ۾ آهي. اُن ڊاڪٽر اين اي بلوچ، محمد ابراهيم جويو جو ڄامشورو، مھراڻ يونيورسٽي جو ڄامشورو ۽ پياري ڀاءُ دِلبر دوست پروفيسر ڊاڪٽر انعام ڀٽي جو ڄامشورو، سو ڄامشورو سنڌ جي سينڌ ۾ جهومر جيان جهلڪندو آهي، تنھن ڪري وڻندو آهي، تڏهن تہ حليم باغي بہ هيئن چئي ويٺو تہ:


وڃي ڪو اڏي گهر ڀلي ڪھڪشان ۾،
اسان لاءِ هِندورو اِهو ڄامشورو.

ڄامشوري کي ڇڏي اڳتي نِڪري وياسين لاکڙا پاور هائوس کان اڳيان، حبيب الله ور وٽ، الفريد شينوار هوٽل تي چانھہ پيئڻ لاءِ گاڏي کي هوٽل اڳيان روڪيوسين. ڪجهہ گهڙيون ويٺاسين چانھہ بسڪيٽن سان گڏ پيتيسين، وري بہ اڳتي سفر لاءِ روانا ٿياسين. اڳيان خاڻوٺ ڪِراس ڪيوسين، ننڍا وڏا ڳوٺ ڪِراس ڪندا وڃي لڪي شاھہ صدر جيڪو جبل جي هنج ۾ موجود آهي، درگاھہ اڳيان روڊ جي ڀر ۾ بريڪ ڪيو، پوءِ اڳيان نِڪري وياسين.
سيوهڻ جي ويجهو پھتاسين، تہ مير حاجن مير جي ياد آئي، فون ڪيومانس تہ: ’مير ميھڙ هلين تہ گُهمائي اچائين،‘ چيائين ’نہ يار اوهان ٿي اچو، منھنجو ننڍڙو ٺيڪ ناهي، ڊاڪٽر ڏانھن ٿو وٺي وڃان، باقي اوهين گهڙي پل سيوهڻ ۾ ترسو، ناشتو پاڻي ڪري پوءِ اڳتي وڃو،‘ چيم، ’نہ مير تون گڏ نٿو هلين باقي پوءِ اسين ڇو ترسون، زندگي رهي تہ ميلا ٿيندا رهندا.‘

ڀان سيد آباد ۾ مِلياسين مُـنير سان
ڀان سيد آباد ۾ بہ اسان جا گهڻا ئي دوست رهن ٿا، جِن ۾ پھريون تہ مُنير سيال، ڪي ٽي اين رپورٽر پرديپ، ۽ پوءِ عرفان مينگل، جنھن جو والد رٽائرڊ ڊاڪٽر محمد هاشم مينگل آهي، جنھن پنھنجي يادگيرين جو ڪتاب ”دکهون کي داستان“ ڇپرايو، اُن جو ٻيو حصو وري سنڌي ۾ ”ڏکن جو داستان“ جي نالي سان ڇپيو هيم، اُهو بہ ھميشہ چوندو آهي تہ ڀانن ڪڏهن بہ اچڻ ٿيئي تہ اسانکي خدمت جو موقعو ضرور ڏِجو، پر اسان اڄ جنھن دعوت ۾ وڃي رهيا آهيون، اُتي وقت تي پھچڻ تمام ضروري آهي. باوجود اُن جي ادا منظور منير سيال کي فون ڪئي، تہ مُنير بہ ضد ڪيو تہ اوهان باءِ پاس تان پيا گُذرو آءٌ بہ باءِ پاس تي ئي آهيان، تنھن ڪري منھنجي چانھہ ضرور پي وڃو. پوءِ ڀانن جي باءِ پاس تي هوٽل اڳيان گاڏي بيھاري، تيستائين مُنير سندس پُٽ کي موڪليو، جنھن اسان کي روڊ کان ٿورو هيٺ وٺي اچي هِڪڙي زيرِتعمير بنگلي اڳيان بيھاريو. دروازي اندر جيئن ئي داخل ٿياسين چيوسين هي ٿاڻي ۾ ڇو ويٺو آهي، تيستائين پاڻ بہ ڪمري کان ٻاھر اچي مِليو، ايس ايس پي جي وردي ۾، مِلياسين ۽ کِلياسين ’منير هِتي بہ ٿاڻو ٺاهيو ويٺو آهين، اصل ۾ هِن وقت ڪي ٽي اين تي مشھور ڊرامو ’گناهه‘ هلي رهيو آهي، جيڪو پُڻ منير جي ڊائريڪشن ۾ تيار ڪيو ويو آهي، اُهو تقريبن ٿاڻي، ڪورٽ ۽ ڏوھہ جھڙي موضوع تي تمام سُٺو هلي رهيو آهي، جنھن ۾ منير جو مين ڪِردار ايس ايس پي جو هوندو آهي.
منير بہ کِلندي ٻُڌايو تہ ’گناھہ وارو سڄو ڊرامو هِتي ئي تہ رڪارڊ ٿيندو آهي‘. پوءِ اندر ڪمري ۾ وٺي هليو، جتي اسپتال جا بورڊ، ڪورٽ جا بورڊ ۽ ڪورٽ جا ڪٽھڙا سڀ ڏيکاريائين، هِڪڙي ٽيبل تي ٻارڙن جي راند کيڏڻ وارا هٿيار سٿيا پيا هئا، جن ۾ ڪلاشنڪوف ۽ پسٽل تمام گهڻا هئا. ڏسندي کِل پئي آئي، ٻاهر ورانڊي جي اڌ حِصي ۾ ايس ايس پي آفيس ۽ اڌ حِصي ۾ لاڪپ ٺھيل آهي، لاڪ اپ جو صرف دروازو آهي جيڪو اُتي رکي ۽ ڪيمرا اهڙي جڳھہ تي رکي وڃي ٿي جو ٽي وي تي هڪڙو مڪمل لاڪ اپ نظر ٿو اچي، منير سندس پُٽ کي گهران چانھہ ۽ بسڪيٽ آڻڻ لاءِ چيو، منير جو گهر بہ سامھون ئي آهي ۽ هي اسين ڀان سعيدآباد جي جنت ڪالوني ۾ ويٺا آهيون.
منير سندس ٽيم کي چيو تہ جلدي تياري ڪري وٺو تہ سنگت بہ ڊرامي جي شوٽنگ ڏِسندي وڃي، جيستائين چانھہ آئي تيستائين اسان ڊرامي ”گناهه“ جي شوٽنگ ڏِٺي. شوٽنگ ڏسندي ۽ ٽي وي تي ڊرامو ڏسڻ ۾ رات ڏينھن جو فرق آهي. شوٽنگ دوران هڪڙو مزو ٿيو، جنھن وقت سپاهي قيدي کي ڪُٽيندي سندس اڳواڻ جو ڏس ٿو پُڇي، اُن وقت قيدي جو اڳٺ کُلي ٿو وڃي، سپاهي کي چيائين جهل جهل اڳٺ تہ ٻڌان، وري اُن سين کي واپس ٻيھر رڪارڊ ڪيو ويو. سڀئي ڏاڍو کِلياسين، چانھہ پي پوءِ ڊرامي جي ٽيم سان گڏ گروپ فوٽو ڪڍرايو ۽ سنگت کان موڪلائي اڳتي سفر لاءِ روانا ٿياسين.

هلي آ هلي آ دادو ، دادو
استاد بُخاري ۽ منظور سخيراڻي جي شھر دادو جي مين گيٽ وٽان گُذرون ٿا تہ مونکي اُستاد بُخاري جو گيت جيڪو منظور سخيراڻي ڳايو آهي، زبان مان جهونگارجي وڃي ٿو.

هلي آ هلي آ دادو ، دادو،
دادو هئہ دادو، دادو ۾ يار منھنجو، دادو ۾ آ دِل قابو،
هلي آ هلي آ دادو ، دادو،

دادو ۾ منھنجو دِل گهريو دوست علي محمد درد سولنگي ۽ رجب آزاد رهن ٿا، جن کي بہ هوائن هٿان سلام مُڪان پيو، باقي اُستاد بخاري جنھن جادو جي ڳالھہ ٿو ڪري اُهو ڪنھن ڏينھن هلي وڃي ڏِسبو. ڏِسبو تہ اُستاد بخاري جي شھر دادو ۾ ڪھڙو جادو آهي، يا ڪھڙي جادو جي ڳالھہ ڪري ٿو، زندگي جي اجازت سان اِهو بہ انشاءَالله هڪ ڏينھن ڏِسي وٺبو.
بقول بخاري جي:


هڪ عمر ۾ جاني ڇا جيئندس،
ڪم ڪار ڪندس يا پيار ڪندس،
مونکي عمريون هُجن ها سئو سھڻا.
مونکي عمريون هُجن ها سئو سھڻا.

تنھن ڪري نہ چاهيندي بہ اُستاد بخاري ۽ منظور سخيراڻي جي دادو کي ۽ دادو جي جادو کي پري کان سلام ڪري اڳتي وڌون ٿا.

خدا آباد، ڪلھوڙا دؤر جي گادي جو هنڌ
ڪلھوڙن جي دؤرِ حڪومت جي گادي جو هنڌ خدا آباد هو، ٻيون نِشانيون تہ آهن يا ناهن، پر هي خدا آباد واري مسجد ڪلھوڙا دؤرِ حڪومت جي شاهد بڻي بيٺي آهي، مسجد جي ڀر ۾ گاڏي بيھاري مسجد جو هڪ دروازو بند پيل هو، ٻي دروازي کان آياسين، مسجد وڏي ايراضي ۾ ٺھيل آهي ۽ تمام مضبوط ٺھيل آهي، مسجد اندر داخل ٿياسين، تہ مسجد جي هڪڙي حِصي ۾ نوجوان ڇوڪريون قرآن شريف پڙهي رهيون هيون، ٻي حصي ۾ مسجد جي اندر رپيئرنگ جو ڪم پي هليو، رنگن سان چٽ سالي جو ڪم، پر بلڪل اصل صورت ۾ هن کي ٻيھر بحال ڪرڻ جي ڪوشش ٿئي پئي، تمام سُٺي ڳالھہ آهي، گهڻين ئي جڳھين تي اهڙو ڪم ڏِٺو اٿم، جو اهڙين يادگار مسجدن، جڳھين، قبرستانن ۾ قبرن تي اڏيل گنبذن کي اصلي صورت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ٿئي پئي، جيڪو ساراهڻ جھڙو ڪم ٿي رهيو آهي. اسان اندر فوٽوگرافي ڪئي، ٻاھر نِڪتاسين مسجد جي ٻاهران سامھون يا مسجد جي اڱڻ ۾ چئجي بھترين پارڪ ٺھيل آهي، ڇٻر بہ پوکيل آهي، گرينري تمام سُٺي آهي، وڻن جي ڪٽنگ پڻ ٿيل آهي. جنھن سان اکين کي هڪڙو خوبصورت منظر ڏِسڻ لاءِ مِلي ٿو، ڪو مسافر اچي ساهي پٽي تہ ڇانوَ ملي ٿي وڃي ۽ مسجد جي خوبصورتيءَ ۾ پڻ اضافو محسوس ٿي رهيو آهي. وڪي پيڊيا مونکي خداآباد بابت ڪجهہ هيئن ٿو ٻُڌائي:
”گهڻا تاريخدان خدا آباد ثاني شھر جو بُنياد وجهڻ جو سَھَرو ميان سرفراز ڪلھوڙي تي رکن ٿا. ڪجهہ محقق وري ان راءِ سان متفق نہ آهن. انھن جو خيال آهي تہ ان شھر جو بُنياد نور محمد ڪلھوڙي رکيو. ڪن هنڌن تي خدا آباد جو باني ميان مرادياب کي بڻايو ويو آهي. ڪي ڄاڻو هن شھر کي خدا آباد ثالث لکن ٿا. تاريخ جي اڪثر ماهرن جو رايو آهي تہ ميان سرفراز 1188هه- ڊسمبر 1774ع ۾ هن شھر کي پنھنجو تختگاھہ بڻايو. ميان سرفراز جي ڏينھن ۾ ڪلھوڙا حڪومت سُٺو نالو ڪمايو. ساڳئي وقت هن جي ڏينھن ۾ ئي ڪلھوڙا خاندان جي وچ ۾ ويڙھہ شروع ٿي. نتيجي ۾ ڪلھوڙن پنھنجو تخت وڃايو. سنڌ جا حاڪم ٽالپر ٿيا. دين محمد وفائي جو خيال آهي، تہ خدا آباد جو بُنياد ميان نور محمد ڪلھوڙي وڌو هو، ھن ’لُطف اللطيف‘ جي اٺين باب ۾ ذڪر ڪيو آهي تہ: ميان نور محمد ڪلھوڙي هالن لڳ نئين خدا آباد وسائي. ڊاڪٽر گربخشاڻي بہ هڪ هنڌ خدا آباد جو ذڪر ڪندي لکيو آهي، تہ: خدا آباد ۾ ميان نورمحمد ڪلھوڙو حڪومت ڪندو هو، پر هن ڪٿي بہ ان خدا آباد جي جاگرافيائي هنڌ جو ذڪر نہ ڪيو آهي. هو لکي ٿو: شاھہ جو ٽيون دشمن ميان نور محمد ڪلھوڙو (1718ع – 1755ع) هو، جيڪو سنڌ جو حاڪم ۽ ڪلھوڙن جو مھندار هو. ڪلھوڙا تن ڏينھن ۾ وڏي اوج تي رسيل هئا. منجهن پيري مريدي ٻئي هيون. سندن گادي جو هنڌ خدا آباد هو، جيڪو تڏهن عاليشان شھر ليکبو هو.“
خدا آباد ثاني کي تخت گاھہ بنائيندڙ ميان سرفراز ڪلھوڙو ئي هو. اھڙي ڪابہ ثابتي نہ ملي آھي تہ: هن خدا آباد شھر وٽ ميان سرفراز ڪلھوڙي جي تختگاھہ بنائڻ کان پھريائين بہ ڪا وسندي آباد هئي، ڇو تہ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دؤر ۾ بہ هن شھر جو ذڪر مائي گُلان جي حوالي سان ملي ٿو. ميان نورمحمد جي وفات 1753ع ۾ ٿي آهي. جيئن تہ ميان غلام شاھہ ڪلھوڙو، نور محمد ڪلھوڙي ۽ مائي گُلان جو پُٽ هو. ميان غلام شاھہ 1153هه- 1740ع ۾ يرغمال ٿي پنھنجن ڀائرن سميت نادر شاھہ سان ايران ويو، جتي اٺ سال گذاري 1163هه- 1749ع ۾ واپس وريو. ميان نور محمد جي وفات بعد ميان غلام شاھہ 1762ع ۾ سنڌ جو حاڪم ٿيو ۽ 1772ع ۾ وفات ڪيائين. اهڙيءَ طرح رڳو غلام شاھہ جو ايران وڃڻ ۽ مرڻ وارو عرصو ٻٽيھہ سال بيهي ٿو. جيئن تہ خدا آباد شھر جو بُنياد غلام شاھہ جي مرڻ کان ٻہ سال پوءِ 1774ع ۾ رکيو ويو، جنھن ڪري غلام شاھہ جو ايران وڃڻ ۽ خدا آباد جو تختگاھہ بنجڻ وارو عرصو چوٽيھہ سال بيھي ٿو. ان مھل تائين مائي گُلان جيڪڏهن جيئري هجي ها تہ اها پيريءَ ۾ پير پائي چُڪي هجي ها. گُلان کي ايتري وڏي عمر ۾ خدا آباد تخت بنجڻ يعني 1774ع کان پوءِ اُتي ڪوٽ ٺھرائڻ جي ڪھڙي ضرورت هئي. ان مان لڳي ٿو تہ هتي اڳ ئي ڪو شھر آباد هو. مائي گُلان ان کي سرفراز ڪلھوڙي جي تخت گاھہ بنائڻ کان اڳيئي ڪوٽ جوڙايو ويٺي هئي.هونئن بہ ارضيات جا ماهر هن علائقي کي سترهين صدي جي شروعات کان وٺي زرخيز ۽ آبادي وارو سڏين ٿا.


او شوخ هوا، او شوخ هوا، مخدوم بلاول کي چئجان
مخدوم بلاول شھيد جي حاضري بہ ضرور ڀرڻي آهي، ڇو تہ واپسي وري هِن روڊ تان نہ ٿيندي، تنھن ڪري اسان کي هِتي حاضري ڏيـڻي ئي آهي، پُڇا ڪئسين، ٻُڌايائون تہ هي رستو وٺي وڃو ٿوري ئي پنڌ تي شھيد بلاول جي درگاھہ آهي، گاڏي کي موڙيوسين، درگاھہ تہ خير پري کان ڏِسجي ٿي، پر ايترو پري بہ ناهي. جيئن ئي درگاھہ جي ويجهو پُھتس تہ مونکي حليم باغي جو اِهو نظم ياد آيو جيڪو شفيع فقير ڳايو آهي.
شوخ هوا، او شوخ هوا، مخدوم بلاول کي چئجان،
توڻي جو سج پنھنجي آب تاب سان چمڪي رهيو هو، پوءِ بہ زائرين جا ٽولا ٽولا نظر آيا، مونکي اِها ڳالھہ سمجهہ ۾ نٿي اچي تہ مخدوم بلاول تہ اسان ھميشہ انقلابي اُهڃاڻ پڙهيو ۽ ٻُڌو آهي، پوءِ هي ماڻھو، مايون، پر خير ٿي سگهي ٿو اسان وانگر مخدوم بلاول کي ڏِسڻ ۽ گُهمڻ آيا هجن. اسان مخدوم بلاول جي تربت تي قُل پڙهيا، ٻاهر نِڪتاسين، مقبري اڳيان فوٽوگرافي ڪئي، ڀر ۾ اڏيل خوبصورت مسجد ڏِٺيسين، مخدوم بلاول سان منسوب ڪيل کوھہ / واءِ ڏِٺيسين. ڪتابن کان جڏهن پُڇيم تہ ڪتابن ٻُڌايو:
حضرت مخدوم بلاول شھيد 856ھ بمطابق 1451ع ۾ حسن سمون جي گهر ۾ هاڻوڪي ڄامشورو ضلعو جي ڳوٺ ٽلٽيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق سنڌ جي سما حڪمران گهراڻي سان هو. سندس وڏا اصل ۾ لسٻيلي جا رهاڪو هئا ۽ سومرن جي سنڌ تي حڪومت واري دؤر ۾ اُتي حاڪم طور مقرر هئا. مخدوم بلاول جو ننڍپڻ ۾ ديني ۽ اسلامي تعليم ڏانهن گهڻو لاڙو رهيو. شروعاتي تعليم سيد شھاب الدين شاھہ بخاري پاران قائم مدرسي ۾ سيد نور حسين شاھہ بخاري وٽان حاصل ڪيائين. مخدوم صاحب ناظره قرآن ۽ فقھہ جي ڪتابن سان گڏوگڏ عربي ۽ فارسي علم پرايائين. ديني تعليم پرائي پنھنجي وقت جو وڏو شرعي علم جو ماهر ۽ فقيه بڻيو. سدائين عبادت زهد ۽ تقوى ۾ گذاريائين. سندس ناماچار سڄي هندستان ۾ ڦھلي.
جنت السنڌ ۾ مولائي شيدائي لکي ٿو تہ: مخدوم بلالرحه ٽلٽيءَ جو ويٺل هڪ وڏو عارف ڪامل ٿي گذريو آهي. ظاهري علمن جو وڏو عالم ۽ علامه هو. ’تاريخ معصومي‘ وارو بزرگ لکي ٿو تہ، هڪ دفعي مخدوم ٻيڙي ۾ سوار ٿي سيوهڻ وڃي رهيو هو، مير بحر خوب گاريون ڏيئي رهيو هو ۽ ڪنھن جو چيو نہ ٿي ورتائين. مخدوم صاحب ڇا ڪيو جو پنھنجي ٽوپي کڻي سندس مٿي تي رکيائين تہ مھاڻو جهٽ گارين گندن کان خاموش ٿي ويو ۽ اُتي جو اُتي قرآن ۽ حديث جو واعظ شروع ڪري ڏنائين. ’مقالات الشعرا‘ ۾ لکيل آهي تہ، مخدوم بلال علم حديث جو وڏو عالم ۽ تفسير جو وڏو ماهر هو ۽ پنھنجي زماني ۾ وڏي کان وڏو عالم ليکجڻ ۾ آيو ٿي. ڪڏهن ڪڏهن شعر بہ موزون فرمائيندو هو.
”مخدوم بلاول شھيد جي مزار دادو ضلعي جي ڳوٺ مخدوم بلاول ۾ آهي، جيڪو دادو کان اٽڪل 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اُتر طرف انڊس هاءِ وي سان واقع آهي. سندس مزار تي هرمھيني ماھ پيرو جمعو لڳندو آهي. مخدوم بلال جي مزار دادو تعلقي ۾ ”باغبان“ ۾ آهي، جنھن تي ڪنڊي ڳوٺ جي محمد بخش ولد الھہ بخش پنھور 1990ع ۾ عاليشان مقبرو تعمير ڪرايو آهي. سال 1995ع ۾ پنھور صاحب شيشي جو ڪم بہ مڪمل ڪرايو. ان کان اڳ سال 1928ع ۾ لاڙڪاڻي جي محبوب خان ولد الله بخش خان وڳڻ هتي هڪ خوبصورت مسجد ٺھرائي، جا اڃا سلامت بيٺي آهي. مخدوم صاحب جي عقيدتمند مخدوم دانيال 912ھ ۾ وفات ڪئي، جنھن جو مقبرو اُتر ۾ (مخدوم بلال جي) ڪجهہ وکن تي موجود آهي. هيءَ اڏاوت بہ تازي دؤر ۾ ٿي آهي.“
هت ڪالھہ بہ منھنجي پيارن جون، ويچارن جون ٻڪرارن جون،
ڇيرن سان ڇاتيون ڇاڻيون ويون، سينن تي بندوقون تاڻيون ويون،
پٽڪن جي ورن کي ڦاڙيون ويو، پوتين جي پلن کي ساڙيون ويو،
مينار کڙا ٿيا لاشن جا، ۽ تاج جهليا بدمعاشن جا،
هن ڀونءَ تي ڪڙي ڇا تہ وبا، او شوخ هوا او شوخ هوا،
مخدوم بلاول کي چئجان، ٽلٽي جا ڌڻي ڪا واهر ڪر.
حليم باغي جي نظم جو اهو بند مخدوم بلاول جي مقبري تي لڳندڙ شوخ هوائن کي چئي اسان موڪلايوسين. ۽ پنھنجن لاءِ هي پيغام ڇڏيم.
بلاول بڻجي ڪريو بغاوت، - هوشو جھڙي ڌاريو طاقت،
سنڌ آزاد ٿي ويندي جي، - پنھنجو پاڻ ۾ آڻيو صداقت.

ڪڪڙ، محسن ڪڪڙائي جو ماڳ
جڏهن اسان ڪڪڙ منجهان گُذرون ٿا تہ مونکي محسن ڪڪڙائي جي ياد ٿي اچي محسن ڪڪڙائي وفا ناٿن شاهي، آثم ناٿن شاهي ۽ نشتر ناٿن شاهي وارن جي جوڙ جو شاعر آهي، عبرت مئگزين ۾ ڪڏهن ڪڏهن اسان جي شاعري گڏ ڇپبي هئي، اُمنگون، ليلا جا خط، سوري سچ چيو، سونھن جي ساڃاھہ، ڪنھن جي ماٺ ميار، سندس تخليقون /ڪتاب ڇپيل آهن ۽ جڏهن محسن ڪڪڙائي ياد اچي تہ سندس شعر ياد نہ اچي اِهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي.
ڇڏيو تہ سونھن جي هڪڙي جهلڪ ڏسي تہ وٺان،
خدا جو نور اکين سان سھي، چُمي تہ وٺان.

چوڻ جي ڳالھہ سدائين چوڻ کان رهجي وئي،
اکيون، اکين کي پڙهن ٿيون تہ پوءِ پڙهي تہ وٺان.

اسان جو پيار بہ گونگو تہ هوءَ بہ چُپ چُپ آ،
چلو، اُميد جي ٽانڊن مٿان پَچي تہ وٺان.

نہ ذڪر سونھن جو کُٽندو، نہ ٿيندو ڪَڪ ’محسن‘،
اڃا بہ دِل ٿي چوي، سونھن تي لِکي تہ وٺان.

جڏهن خانپور جو لڳل بورڊ پڙهيو
ڪي اين شاھہ جي حدن ۾ هلندي جڏهن خانپور جو بورڊ پڙهيم تہ امير بخش جوڻيجو ۽ عبدالعزيز جوڻيجو ذهن تي آيا، امير بخش جوڻيجو لاءِ مشھور آهي تہ هي وڏو سخي مرد ٿي گُذريو آهي، ٻُڌو آهي تہ سندس اوطاق تي 24 ڪلاڪ مھمان يا مسافر ايندا رهندا آهن ۽ هر وقت مھمانن ۽ مُسافرن کي ماني مِلندي رهندي آهي ۽ سندس پُٽ انجنيئر عبدالعزيز جوڻيجو، جنھن پنھنجي ڊيوٽي تان رٽائر ٿي سياست شروع ڪئي، جيڪو گُذريل ڀيري اليڪشن ۾ کٽي بہ آيو آهي. هِتي خانپور ۽ آسپاس جا ماڻھو هنن کي چاهين ٿا، سندن تعلقو ڪي اين شاھہ آهي ۽ سندن مقابلو لياقت جتوئي سان هوندو آهي.

خيرپور ناٿن شاھہ آثم ۽ وفا جو شھر
مونکي دُنيا وفا وفا پئي سڏي،
تنھنجي محبت جو ڪرشمو آهي.
خيرپور ناٿن شاھہ عرف ڪي اين شاھہ مان گُذرون ٿا تہ مونکي وفا ناٿن شاهي، آثم ناٿن شاهي، راز ناٿن شاهي ياد اچي ويا، اِنھن مان ملاقات صرف وفا سان هُئي، وفا شاعر وفائن جو هو. هونئن تہ مشتاق علي قريشي هو جيڪو هندوستان جي شھر امرتسر جي ننڍڙي ڳوٺ ڪڪڙان والا بنديالا ۾ 15 مئي 1934ع ۾ پيدا ٿيو، پر هن جي نصيب ۾ سنڌ وطن ئي هو ۽ سنڌ کي ئي هن پنھنجو وطن سمجهو، سنڌي ٻولي کي نہ صرف پنھنجي ٻولي سمجهيائين، پر سموري شاعري بہ سنڌي ۾ ڪيائين. سندس تخيّل کي پکين وارا پَر هوندا آهن، پڙهڻ سان واھہ واھہ بي ساختہ زبان مان نِڪرندي آهي.
جسم ڀورو لباس ڪاري ۾،
برف باري نہ ڪر سياري ۾،
چند ساهن جي ڪشمش ۾ آهي،
جي پُڇو زندگيءَ جي باري ۾.
آثم ناٿن شاهي، جو هِڪڙو ڪتاب مون بہ ڇپيو هو ’سامرين جي شھر ۾ جيڪو محترم يوسف سنڌي پنھنجي سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل جي ٻن سالن جي مُدي دوران سنگت مرڪز پاران ڇپرايو. هونئن تہ هِن جا ٽي ڪتاب ٻيا بہ ڇپيل آهن، جڏهن اُلا اُڀ ۾، لھرون لھرون لاٽ ۽ ڇا چيس آئيني. تعلقي خيرپور ناٿن شاھہ جي ننڍڙي ڳوٺ ’کاٽـڙي‘ ۾ الله بخش سولنگي جي اڱڻ تي 2 جنوري 1937ع تي اکيون کوليندڙ غلام رسول سولنگي جڏهن آثم ناٿن شاهي سڏائڻ لڳو تہ پوءِ ڪجهہ هينئن چيائين:
پٿر ٿا هڻن مون کي شيشي مان ٺھيل ماڻھو،
دِل ۾ ٿا وڃن لھندا، وسڪيءَ ۾ ٻُڏل ماڻھو.
يا
تنھنجو چھرو گُلاب جھڙو آ،
ڪنھن مقدس ڪتاب جھڙو آ.
هُن جو مونسان ملڻ اڃا تائين،
ڪنوارپڻ جي حجاب جھڙو آ.

مور اِن ميھڙ
جيئن ئي ميھڙ پُھتاسين تہ پاڪيزه هوٽل جي پُڇا ڪئي، اُن ڪري جو ڪلاڪ پھرين سائين حبيب حضوري جي پوسٽ آئي هئي تہ ڪتاب جي مھورت جو هنڌ تبديل ڪري پاڪيزه هوٽل مقرر ڪيو ويو آهي. تنھن ڪري اسان پاڪيزه هوٽل جي پُڇا ڪئي، اسان کي اڳتي ٻُڌايو ويو، اسين گهڻو اڳتي شھر ڏانھن نِڪري وياسين، جڏهن تہ پاڪيزه هوٽل شھر کان ٻاهر ۽ شھر کان پھرين آهي.
پروگرام ۾ پھتاسين پروگرام تہ اڳ ۾ هلي رهيو هو، اسين پويان ڪُرسين تي ويٺاسين، سائين حبيب حضوري جي نظر پئي، تنھن سڪندر کوسي کي موڪليو تہ مور ساگر کي وٺي اڳيان اچي ويھار، مونکي اڳيان وٺي آيا، هِتي سائين عبد مگسي اڳ ۾ ئي ويٺل هو، تنھن اُٿي بيھي آڌر ڀاءُ ڪيو، سائين کان پُڇيم پروگرام گهڻو هليو آهي؟ چيائين ’هي پھريون مقرر آهي، جيڪو تقرير ڪري رهيو آهي.‘ چيم ’ٺيڪ آهي گهڻو دير ناهي ٿي،‘ تقرير پوري ٿيڻ کانپوءِ ڪتاب جو مھورت ڪيو ويو. اُن کانپوءِ وري بہ تـقرير ۽ پوءِ لاڳيتو چار پنج شاعرن جي شاعري ٻُڌڻي پئي. سائين عبد کان پُڇيم تہ ڪتاب جي مھورت سان گڏ امين مگسي سان شام بہ آهي ۽ مھورت سان گڏ شام ۽ ٻنھين سان گڏ مشاعرو بہ آهي، تہ سائين عبد مگسي مُسڪرائيندي چيو: ’هِتي اهو رواج آهي تہ ڪھڙو بہ پروگرام هجي، پر اُن ۾ مشاعرو بہ شامل هوندو آهي. شعر پڙهڻ لاءِ ايندڙ دوستن ۾ منھنجا دوست جيڪي شعر پڙهندا ۽ پوءِ مونسان مِلندا ويا. اويس قرني، نماڻو صديق مھيسر، ذوالفقار گاڏهي، احمد شاڪر.
پروگرام تمام سُٺو ٿي ويو، اڄ جي خاص مھمانن ۾ خليل کوسو محفل کي مست ڪري ويو، واھہ جا شعر ٻُڌايائين، واه واه ٿي وئي، مونکي بہ پھرين ڀليڪار ڪئي وئي، ٻيھر اسٽيج تي گهرائي اجرڪ اوڍائي وئي ۽ پوءِ تـقرير لاءِ پُڻ موقعو ڏِنو ويو، ڪجهہ لفظ ڳالھايم ۽ پوءِ جاءِ ورتم. حافظ نظاماڻي اڄ جي هن محفل جي صدارت ڪري رهيو هو، اُن کان پھرين سائين حبيب حضوري تقرير دوران منھنجو هڪ ڀيرو ايئن ذڪر ڪيائين تہ ’منھنجا سمورا ڪتاب ساحل پبليڪيشن جي مالڪ مور ساگر ڇپيا آهن، جيڪو منھنجي سامھون ويٺو آهي،‘ ٻيو ڀيرو ذڪر ڪندي چيائين تہ ’مور ساگر جو هاڻي نئون ڪتاب آيو آهي ”مور اِن ملائيشيا“ پر مان چوان ٿو ايندڙ ڪتاب هجي ”مور اِن ميھڙ“‘ مون موٽ ۾ چيو ’انشاءَالله.‘ حافظ نظاماڻي بہ ڪتاب تي گهٽ ڳالھايو، پنھنجي شاعري وڌيڪ ٻُڌائي، ڇو تہ ماڻھو هِتي گهڻو ڪري سندس شاعري ٻُڌڻ آيا هئا. پروگرام تقريبن شام جو پوڻين پنجين وڳي تائين هليو، اُن کانپوءِ منجهند جي ماني مِلي،
سائين حبيب حضوري کان موڪلايم. سائين عبد مگسي مونسان گڏ گڏ هو، چوَي پيو اڄ هلون ٿا ڳوٺ رات اُتي رهنداسين، تيستائين سائين عبدالجبار نظاماڻي، قاضي آزاد راڌڻ واري سان رابطو ڪري ورتو، اُن کي چيائين تہ رات تو وٽ رهنداسين، پوءِ سائين عبد مگسي کي چيوسين تہ سائين اوهان اسانکي صرف ميھڙ جو سير ڪرايو، باقي رات وڃي راڌڻ ۾ رهنداسين. سائين عبد گهڻو زور ڀريو رات رهڻ لاءِ، پر اسان اِهو ئي چيو تہ اوهان جون لک مھربانيون بس، اسان کي صرف ميھڙ گُهمائي، سائين عبد سندس ننڍڙي کي چيو تون ڀلي بائيڪ تي هل آءٌ دوستن سان گڏ ٿو اچان.

ميھڙ ۾ منھنجا دوست
گاڏيءَ ۾ وهندي مونکي ’ميھڙ ۾ منھنجا دوست‘ سڀ ياد اچي ويا، هونئن بہ جنھن شھر وڃجي تہ اُتي جي مور ماڻھن کي ضرور ياد ڪجي، ميھڙ شھر ۽ تعلقي ۾ مونسان محبتون ڪندڙ کوڙ سارا پيارا پرين رهن ٿا، جن مان سنڌي ٻوليءَ جو ٻھڳڻو شاعر سائين عبد مگسي (جيڪو هن وقت اسان سان همسفر آهي)، پروفيسر عبيدالله لاکير (سماجي سُڌارڪ)، ڊاڪٽر قاضي آزاد (ليکڪ ۽ پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر)، منصور قادر جوڻيجو (بھترين ليکڪ/شاعر) هِن وقت حيدرآباد ۾ رهي ٿو، اصل هِتان جو آهي، محبوب علي محبوب ڏيپر (سگهڙ ۽ شاعر) جنھن جا هيستائين 13 ڪتاب ڇپي چُڪو آهيان، حبيب الله حضوري (ٽيچر) ليکڪ ۽ شاعر)، اظھر آدرش، (ليکڪ)، اويس قرني (شاعر)، نماڻو صديق مھيسر (شاعر)، زخمي زاهد سھارڻ (شاعر)، طفيل مگسي (بھترين ترجمه نگار)، احمد شاڪر (شاعر)، جان محمد جوڻيجو (سياسي سماجي شخصيت)، سھراب جوڻيجو، نجم الدين جوڻيجو.

ميندي ۽ مائي جي شھر ميھڙ ۾
روانا ٿياسين ميھڙ شھر ڏانھن. شھر جي پاڙي مان وي آءِ پي روڊ تان ٿيندا هڪڙي دڪان ’سپنا ميندي سينٽر‘ تي اچي بيٺاسين، سائين عبد ٻُڌايو تہ ’هي بھترين سينٽر آهي، هن تان خالص ميندي مِلندي آهي،‘ ميندي جو اڌ اڌ ڪلو وارا ڇھہ پيڪيٽ ورتا.
ڪڪول واھہ جي پُل ڪراس ڪري هيٺ لھون ٿا، هِڪڙو چونڪ اچي ٿو، جنھن جي لاءِ سائين عبد ٻُڌايو تہ ’هِن کي سئنيما چونڪ چيو ويندو هو،‘ سامھون پيٽرول پمپ ڏانھن اِشارو ڪندي چيائين تہ ’هن جاءِ تي رئيس عبدالحميد جتوئي جي سئنيما هوندي هئي، تنھن ڪري هِن چونڪ کي سئنيما چونڪ سڏيو ويندو هو، پر جيئن تہ هاڻي نہ سئنيما رهي نہ ئي هن چونڪ جو نالو، هاڻي هن کي دُعا چونڪ چيو وڃي ٿو. جڏهن کان دُعا وارا هٿ لڳايا ويا آهن. اُن پيٽرول پمپ جي ڀرسان ئي ڪارخانو آهي جيڪو بہ رئيس عبدالحميد جتوئي جو ٻُڌايو وڃي ٿو، اسان جنھن روڊ سان هلي رهيا آهيون، انھي روڊ کي ٻيٽو روڊ سڏيو وڃي ٿو. سيشن ڪورٽ بہ هن روڊ تي آهي، اڳيان ڪجهہ پنڌ شھر کي ڇڏي اڳتي هلجي ٿو تہ:

ايڊوانس بُڪنگ اِن اولياءَ
حاجن شاھہ جو قبرستان رستي ۾ اچي ٿو، هن قبرستان ۾ هِڪڙو خوبصورت مقبرو ٺھيل آهي، سائين عبد کان پُڇيم ’سائين هي ڪنھن جي مزار آهي،‘ پاڻ کِلندي چيائين ’سائين اڃا تہ ڪنھن جي بہ ناهي، هي ايڊوانس بُڪنگ آهي، جنھن همراه اِهو مقبرو پاڻ لاءِ اڳواٽ ٺھرايو آهي، اِهو اڃا زندھہ ويٺو آهي،‘ اِهو ٻُڌي منھنجي حيرانگي جي حد نہ رهي. ’ايئن بہ ٿيندو آهي.؟!!!‘
اهڙو هِڪڙو واقعو مون اڳي بہ ٻُڌو هو جڏهن اڇڙي ٿر جي سفر تي، ارباب نيڪ محمد هِڪ قبر ڏانھن هٿ کڻندي ٻُڌايو تہ:
”ها هي حضرت پير فقير مير محمد نقشبندي، عرف ’ميرل مست‘ جي مزار آهي. جنھن پنھنجي جيئري ئي قبر تيار ڪرائي هئي.“
پرو چانڊيو کي هِن جاءِ تي ماريو ويو هو
اسين اڳتي هلندا هلون ٿا، هِڪڙي قديم بستي ڏانھن اِشارو ڪندي چيائين اِهو ڀنڀور جو شھر آهي، انگريزن جي دؤر جو، اُن کان اڳيان ٻُٽ سرائي، ٻُـٽـڙن جو ڳوٺ اچي ٿو، اڳتي هلي هِڪڙو ڳوٺ اچي ٿو، سائين عبد ٻُڌائي ٿو ’هي ڳوٺ پرو چانڊيو ڌاڙيل جي دوست ڪِشو چانڊيو جو آهي. جنھن پرو ڌاڙيل کي جيل ٽوڙي ڀڄايو هو.‘ اُن وقت ڌاڙيلن جي ڄڻ حڪومت ئي پنھنجي هوندي هُئي، فوج مقابلي لاءِ ايندي هُئي، پر ڪڏهن ڪڏهن اُنھن کان بہ هٿيار ڦُري کين مارڪُٽ ڪري ڀڄايو ويندو هو. اڃا اڳتي هلجي ٿو تہ سائين عبد هڪ چونڪ ڏانھن اشارو ڪندي ٻُڌائي ٿو تہ ’پرو چانڊيو کي هِن جاءِ تي ماريو ويو هو، سو بہ سندس ڪنھن ساٿي جي غداري جي ڪري،‘ ھميشہ ايئن ٿيو آهي، جڏهن ڪو وڏو نالو قتل ٿيو آهي تہ اُن جي پويان سبب اِهو ئي ويجهن جي ويساگهاتي هوندو آهي.
”پريل عرف پرو چانڊيو جنھن کي فوجين1983ع ۾ مُخبري ڪرائي ماريو، ان جي لاءِ مشھور هو تہ غريبن جو هڏ ڏوکي هو. هو وڏيرن جو پاليل نہ هو، پر وڏيرن جو دشمن هو ۽ وڏيرن وٽان ڌاڙا هڻي غريبن ۾ ورهائيندو هُو. پرو چانڊيو ڪيترن ئي غريب ماڻھن جي نياڻين جي شادين لاءِ سمورو ڏاج جو سامان مدد طور ڏيندو هُو ۽ فوجي مارشلا ۾ هو فوجين خلاف بہ ڪاروايون ڪندو هُو .“
مون تہ رڳو پرو چانڊيو جي فلم ڏِٺي ۽ ڪتابن ۾ پڙهيو، جي اُن وقت آءٌ بہ هِن کي سُڃاڻان ها/هجان ها تہ شايد آءٌ بہ سندس جنازي ۾ شريڪ ٿيان ها ۽ سندس مٿان اجرڪ وجهان ها. جڏهن اها ڳالھہ ٻُڌم/پڙهيم تہ پرو چانڊيي جي لاش تي يارھن سئو اجرڪون پيون هيون. ماڻھن جي محبت هڪ ڌاڙيل سان نہ، پر هِڪ ڪِردار سان هئي، هُن جو ظاهري روپ تہ ضرور ڌاڙيل جو هو، پر هُن جو ڪِردار ڪئين اشرافن کان مٿانھون، هڪ مسيحا جھڙو هو ۽ هِن وقت بہ سنڌ کي اهڙي کوڙ سارن ڌاڙيلن جي ضرورت آهي، پر هِن وقت جيڪي موجودہ ڌاڙيل آهن، اُهي سڀ جا سڀ ڪنھن نہ ڪنھن جا پاليل پالتو آهن، ۽ پالتو پاڻ کي ڀلي ڏهيسر سڏائي پر اصل ۾ گدڙ جي برابر هوندو آهي. ۽ گِدڙ يا غدار ڳالھہ مڙئي هِڪڙي ئي آهي.


اوهان جي ڳوٺ جي صفا ويجهو
سائين عبد ٻُڌائي ٿو تہ ’سائين عبيد الله لاکير جو ڳوٺ بہ اِهو ڀرسان ئي آهي.‘ تيستائين سائين عبيد جي فون بہ آئي.
چيائين: ’سائين مونکي دير سان خبر پئي، اوهان ميھڙ آيل هئا، هاڻي ڪِٿي پھتا آهيو؟‘
چيم؛ ’سائين بس واھہ جو ياد ڪيو اٿوَ اوهان جي ڳوٺ جي صفا ويجهو،‘
’اڇا اڇا پوءِ ڪيڏانھن جو پروگرام آهي؟‘
چيم؛ ’سائين عبد جي وس آهيون، فلحال شاھہ پنجو سُلطان،‘
’چيائين؛ ’ها ها ڀلي وڃو، اوهان پنھنجي شيڊول سان هوندا!‘
چيم؛ ’ها بلڪل سائين پنھنجي شيڊول سان آهيون.‘
’ٺيڪ آهي ٺيڪ آهي، ڀلي وڃو.‘
سائين عبيدالله لاکير سان تمام پُراڻي نيازمندي آهي، جڏهن پاڻ پروفيسر هئا ۽ هاڻي هِن وقت پرنسپال آهن، سائين جن جڏهن ميھڙ ڪاليج ۾ ليڪچرار هئا، تڏهن هڪڙو ڪاليج مئگزين بہ ڇپرايو هو ’سالاري مئگزين‘ اُن کانپوءِ پرنٽنگ جي حوالي سان يڪو ئي مون سان لاڳاپيل رهيو آهي، هڪ بھترين انسان، بھترين دوست آهي. اڄ پھريون ڀيرو سندس ڳوٺ جي ڀر ڏئي گُذريس تہ اُن ئي وقت سائين جو بہ فون آيو.

شمس الدين شمسي جي قبر آهي
رستي ۾ هڪڙي قبرستان ڀرسان گُذر ٿيو سائي رنگ جي چبوتري هيٺ ٺھيل قبر ڏانھن سائين عبد مگسي اشارو ڪندي چوي ٿو، ’مور ساگر اِها سائين شمس الدين شمسي جي قبر آهي، جنھن جي شاعري جو ڪتاب ”گُلزارِ شمسي“ پاڻ ڇپيو هو،‘ مون چيو ها سائين شمسي صاحب اِتي مدفون آهي ۽ اُن جي ڀر ۾ ٻي قبر ڏانھن اِشارو ڪندي ٻُڌائي ٿو تہ، ’پنھنجي دؤر جو وڏو شاعر ٿي گُذريو آهي، عبدالقادر چاڪي ميمڻ.
سائين عبد مگسي پنھنجي معلومات مان اسانکي مستفيد ڪندو هليو، اصل ۾ رهنماءَ اهڙو ئي گڏ هُجي جيڪو رستي ۾ ايندڙ هر شئي جي باري ۾ ٻُڌائيندو هلي، اُن سفر جو مزو ئي الڳ هوندو آهي.

شاھہ پنجو سلطان
ميھڙ شھر کان ست ڪلوميٽر مفاصلو طئہ ڪري اچي پھتاسين شاھہ پنجو سُلطان جي احاطي ۾. گاڏي سائيڊ ڪري پارڪ ڪئيسين، اسان جيئن ئي مزار اندر وياسين تہ عورتن جي وڏي رش نظر آئي، ڪي ٻھراڙي جون ميرا ڪپرا، وِکريل وار، تہ ڪي ست ست سينگار ڪيل، ميڪ اپ سان مُنھن ٺاهيل شھري عورتون بہ نظر آيون، ڪي تہ هنڌ بسترا ڪريو سُتيون پيون آهن، سندن من جون مُرادون، رسمون رواج ڇا آهن، خُدا ٿو ڄاڻي، باقي جيئن هر هنڌ سڀ رنگ هوندا آهن، ايئن هِتي بہ ”تنھنجي دُنيا سڀ رنگ سانوَل“ لڳي پئي هُئي.
مزار جي اڱڻ تي ڄار جو وڏو پُراڻو وڻ بيٺل آهي، جنھن ۾ رنگ بہ رنگي تعويذ ٻڌل نظر آيا، ماڻھن جا عقيدا، اُميدون الله ئي ڄاڻي، پر اسان کي تہ اِهو سڀ ڪجهہ جهالت ٿي نظر اچي. علم ۽ شعور جي کوٽ، ڇو تہ جڏهن الله پاڪ بندي سان هر وقت، هر هنڌ گڏ گڏ آهي. بندي کي چوَي ٿو تہ ’آءٌ تنھنجي شھہ رڳ کان بہ توکي ويجهو آهيان‘، پوءِ هي مزارن تي راتيون جاڳڻ، سُمھڻ، باسون باسڻ، گُهرڻ، پنڻ هي سڀ جهالت ۽ لاعلمي جي نشاني ئي تہ آهي. اِها بہ خبر نٿي پئجي سگهجي تہ، هِنن کي هِتان ڪجهہ مِلڻ جي لالچ آهي يا صرف عقيدت/اُنسيت.
انسائيڪلوپيِڊيا سنڌيانا مونکي هيئن ٿو ٻُڌائي: ”شاھہ پنجو سلطان ڏهوٽ قبيلي مان هو، ميان نصير محمد ڪلھوڙي جي ’ميان وال تحريڪ‘ جو اهم رُڪن هو. هن گاجي شاھہ سان گڏ مغلن خلاف تحريڪ ۾ سرگرم رُڪن ۽ اڳواڻ جي حيثيت ۾ حصو ورتو.
ميان نصير محمد ڪلھوڙي جڏهن مغلن کان آزادي حاصل ڪري ڳاڙهيءَ کي پنھنجي عبوري انقلابي حڪومت جو مرڪز بنايو تہ شاھہ پنجي کي سلطان جو لقب ڏئي کيس خيرپور ناٿن شاه ۽ ميھڙ جي ميداني علائقن ۽ ڪاڇي ۾ پنھنجو نائب مقرر ڪيائين. سندس عاليشان مقبرو راڌڻ اسٽيشن کان اوڀر ۾ سندس نالي پويان سڏجندڙ ڳوٺ ۾، شاھہ پنجي ريلوي اسٽيشن کان 3، 4 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي موجود آهي. مقبري جي مرمت ٿيندي رهي ٿي، ان ڪري اصل صورت ۾ مقبرو موجود نہ آهي، پر پوءِ بہ مقبري ۾ ڪلهوڙا دؤر جي اڏاوتن جون ڪافي وصفون آهن. روضو ۽ ان جي پويان جاڙي تجر سُٺي حالت ۾ موجود آهن. روضو چورس آهي، جنھن ۾ وڏو لنگهہ ڏنل آهي. مقبرو احاطي اندر آهي. اصل لنگهہ مقبري جي ڏکڻ ۾ آهي. جنھن ۾ هاڻي ڪافي اڏاوتي اضافا ڪيا ويا آهن. اندر ٻيون بہ قبرون آهن، پر ڇٽي سان قبر شاھہ پنجي سلطان جي آهي. مقري کي ٻاهران پانيلن ذريعي خوبصورت بنايو ويو آهي. مھاڙي ۾ ڦاٽڪ جھڙي دروازي جي مٿان تاج ڏنل آهي. اندران ڪُنڊ جوڙون ڏيئي مٿي ڇت کي اٺڪنڊو ڪري، ڳچ (Drum) سورنھن ڪنڊون ٺاهي، ان جي مٿان گنبذ رکيو ويو آهي. 1876ع هڪ انگريز ڪليڪٽر جي رپورٽ موجب هي روضو 1730ع ۾ ٺاهيو ويو هو، جنھن جي ڏکڻ ُاڀرندي ڪُنڊ تي لنگر خانو جوڙيل هو، جيڪو هن وقت ڊهي چُڪو آهي. هي ڪلھوڙا دؤر جو اڏاوتي نمونو آهي. هر مھيني جي پھرئين آچر تي هتي ميلو لڳندو آهي.“

آياسين عبد جي ڳوٺ سوڀو خان مگسي ۾
شاھہ پنجو مان جوکيا هَٽ تان مائو ورتو، رستي ۾ کائڻ لاءِ. ڳوٺ سوڀو خان مگسي وارو روڊ ورتوسين، سائين عبد جي ڳوٺ جو روڊ، سوڀو خان مگسي پھتاسين، بازار ۾ هڪ هنڌ بريڪ ڪيوسين، جِتي نوجوان شاعر زخمي زاهد سھارڻ ويٺو هو، جنھن کي بہ سائين عبد ورتو، چيائين ’هليا تہ مھمانن کي سعدي موساڻي تان گُهمائي اچون‘، هاڻي اسان سان گڏ زخمي زاهد بہ هليو. ڳوٺ سوڀو خان مگسي بہ ٻھراڙي جي شھرن جيان ننڍڙو شھر ئي آهي، پر علم ادب جي آبياري جي حوالي سان بہ هن ڳوٺ جو نالو نروار آهي. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي شاخ ’سنڌي ادبي سنگت ڳوٺ سوڀو خان مگسي‘ جي نالي سان رجسٽرڊ آهي. سائين عبد اُن جو سرگرم ڪارڪن ۽ سيڪريٽري رهيو آهي. سائين عبدالستار ’عبد‘ تمام سُٺو شاعر آهي. سندس شاعري جو هڪڙو مجموعو بہ ’سحرا ۾ سِج‘ ڇپجي چُڪو آهي. اُن کان علاوه س.ا. س جو ضلعي رابطه سيڪريٽري رهڻ دوران سندس ڪارڪردگي تي هِڪڙي رپورٽ ’وِک وڌي ٿي‘ ۽ اُن کانپوءِ سندس يادگيرين تي سھڙيل ’پيرين آءٌ نہ پڄڻي‘ ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن.

سعدي موساڻي ۽ رات وچ ۾ آپريشن
گهڻو وقت اڳي اسان وٽ نورل نماڻو ايندو هو، پيشي جي لحاظ کان پوليس وارو هو، هونئن شاعر بہ هو، جڏهن ڪيسٽن جو دؤر هوندو هو، ڪيسٽن جا ڪور ڇپرائڻ ايندو هو، اُهو مخدوم سعدي موساڻي جو ايئن ذڪر ڪندو هو، ڄڻ هن جي سڀني دردن جو درمان مخدوم سعدي موساڻي ئي آهي، اُهو ماڻھن جا مختلف آپريشن رات وچ ۾ ٿيڻ جو بہ ٻُڌائيندو هو. سو جڏهن اتفاق سان اڄ اُن جي ويجهو پھتاسين تہ سائين عبد کي عرض ڪيم جي پنڌ گهڻو پري ناهي تہ ڀلا اسان کي وٺي هلو، اسين بہ حقيقتن کان آشنا ٿيون.
ڪجهہ فاصلو روڊ تان گاڏي ڊوڙندي نيٺ هِڪڙي شھر ۾ پُھتاسين سائين عبد ٻُڌايو تہ هي آهي مخدوم سعدي موساڻي جو شھر، جڏهن ٻوڏ آئي هُئي تہ هي سڄو شھر جو شھر دربدر ٿيو هو، هِتي ڪا بہ شئي موجود نہ هُئي، هي شھر ۽ هِتي جتي اسين گُهمي رهيا آهيون، اِن علائقي کي ڪچي جو علائقو سڏيو وڃي ٿو.
درگاھہ کان ڪجهہ فاصلي تي گاڏي پارڪ ڪئي. هيءَ درگاھہ بہ ميھڙ شھر کان تقريبن 20 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ٻُڌائي وڃي ٿي. اڳيان بازار تمام سوڙهي هُئي، سائين عبد کي چيم ’سائين ميلي جي ڏينھن يا ٻين ڏيھاڙن تي هتان تہ ماڻھن جو گُذرڻ ڏاڍو مشڪل ٿيندو هوندو،‘ چيائين، ’سائين ڪھڙي ٿا ڳالھہ ڪريو، بس ماڻھن جي گس گسان هوندي آهي‘. سوڙهي بازار نانگ ور تي اُڪري اچي مزار جي گيٽ تي پھتاسين هِتي واڪ ٿرو گيٽ بہ آهي تہ چيڪ بہ ڪن ٿا. پوليس وارا بہ موجود آهن تہ ڪمانڊو بہ موجود آهي، ڪمانڊو جو نالو حليم الزمان لاکير آهي، جيڪو سائين عبد جو شاگرد آهي، پيرن تي هٿ رکي سائين عبد سان مِليو، اسان کي احترام عزت سان اندر درگاھہ ۾ وٺي هليو، اُتي موجود ٿلھو متارو قدآور شخص ڳچي ۾ ڳانا پايو مٿي تي سنڌي ٽوپي رکيو بيٺو هو، جنھن کي ڪمانڊو حليم الزمان چيو، ’هي منھنجا مھمان آهن،‘ هن همراه فورن مزار تي پيل قلن واريون چادرون هڪ هڪ ڪندو هر ڪنھن جي ڪُلھن تي اوڍائيندو آيو، آخر ۾ هٿ ٻَڌندي چيائين سائين اسان هِتي اِها ئي خدمت ڪري ٿا سگهون. کائنس سندس نالو پُڇيوسين نصرالله ڀٽي ٻُڌايائين ۽ اوقاف کاتي جو ملازم آهي. مزار تي قُل پڙهياسين، هڪ پاسي کان عورتن جي لاءِ الڳ پارٽيشن/رستو آهي، مردن لاءِ الڳ. اوقاف کاتي جي ملازم نصرالله ڀٽي سان گڏ گروپ فوٽو ڪڍي کائنس موڪلايوسين، چادرون واپس ڏِنيوسين تہ نہ ورتائين، چيائين سائين واپس ناهيون وٺندا، اها سائين پاران سوکڙي آهي. اسان بہ کڻي ڪُلھن ۾ پاتيون. ٻاهر گيٽ تي بيٺل سائين عبد جي شاگرد حليم الزمان لاکير، چانھہ پيئڻ لاءِ گهڻو زور ڀريو، پر چيوسين سائين اسان جي منزل اڃا اڳتي آهي، اسان کي دير ٿي ٿئي. کائنس گروپ فوٽو سان گڏ موڪلايوسين.
ٻاهر نِڪرندي سائين عبد مگسي کان پُڇيم سائين اِهو ڀلا آپريشن وارو ماڻھن جو ڪانسيپٽ/خيال ڪيئن دُرست آهي؟ ها بلڪل سائين اسان پاڻ پنھنجي اکين سان اِهڙا معجزا ٿيندي ڏِٺا آهن. ڪجهہ وقت کانپوءِ ميڊيا، سوشل ميڊيا تي هِڪڙي خبر گردش ڪيو تہ: مخدوم سعدي موساڻي جي گادي نشين گُلاب پيرزادي جو آپريشن ڪامياب ٿيو، پاڪستان جي ڪنھن مھانگي اسپتال ۾ اِهو آپريشن ٿيو، پوءِ تہ اِن گادي نشين جي آپريشن تي سوشل ميڊيا ۾ وڏا بحث ٿيا تہ گادي نشين جو مخدوم سائين آپريشن نہ ڪيو، باقي غريبن، اٻوجهن جا آپريشن ڪري ٿو. پھرين تہ سائين کي پنھنجي گادي نشين جو آپريش ڪرڻ گُهرجي ها. اِن قسم جا بحث ٿيڻ لڳا.

رزق ۾ رازق جڏهن برڪـتون ڀريندو آهي
سائين عبد کي چيوسين ’سائين نماز جو وقت ٿي ويو آهي، ڪنھن مسجد جو ڏس ڏيو،‘ چيائين ’ٻاهر ٿا هلون پيٽرول پمپ تي مسجد ٺھيل آهي، اُتي نماز بہ پڙهو ۽ ٿڌو يا چانھہ وغيره بہ هلي اُتي ٿا پيئون،‘ شھر مان ٿيندا آياسين المصطفيٰ پيٽرول پمپ تي جيڪو هاڻي ئي ٺھيو آهي، زخمي زاهد ٻُڌايو تہ ’هي همراه غلام مصطفيٰ سيال تمام غريب ماڻھو هو، اوچتو رب راضي ٿيو اٿس، هاڻي هي پيٽرول پمپ، مسجد سامھون وڏي هوٽل، بنگلو ۽ شھر ۾ الائي ڪيترا پلاٽ اٿس، چيم گهرو وزير انور سيال تہ ڌڪ نہ وٺرايو اٿس، چيائين ’نہ نہ سيال ضرور آهي، پر اهو هِن کي سڃاڻندو بہ ناهي، بس جنھن جي رزق ۾ رازق جڏهن برڪتون ڀريندو آهي تہ ايئن ئي ٿيندو آهي.
اکيون لڳيون پيون هونديون هيون
اسان مغرب ۽ عشاءَ جي سفر نماز گڏ پڙهي، هاڻي ميھڙ جي گرمي محسوس پئي ٿئي، پمپ جي پاسي ۾ المصطفيٰ هوٽل آهي، جنھن تي وڏي اسڪرين واري ايل سي ڊي لڳل آهي، جنھن تي ڪي ٽي اين چئنل تي ڪو ميوزيڪل شو هلي رهيو آهي ۽ سامھون ويٺل عوام ايئن پيو ڏِسي جيئن ڪنھن وقت ۾ اسين بہ بليڪ اينڊ وائٽ ٽي وي جڏهن بيٽري تي هلي هُئي تہ ادا امين سڀ کان پھرين ڳوٺ ۾ ٽي وي وٺي آيو هو. جيڪا هوٽل تي هلندي هُئي، سڀئي پروگرام، ڊراما وغيره باقائدي ترتيب وار ۽ مڪمل ڏِسندا هئاسين. رات جا 12 هڪ ٿي ويندا هئا، بليڪ اينڊ وائٽ ٽي وي ۾ اکيون لڳيون پيون هونديون هيون. بلڪل ايئن هن دؤر ۾ بہ هِتي مونکي ماڻھو ايل سي ڊي ۾ اکيون اٽڪائي ويٺل نظر آيا. اسان 7 up جا ٽِن پيتا، ڪجهہ دير ڪچھري ڪئي.

سائين هاڻي اسانکي اجازت ڏيو
۽ پوءِ چيوسين سائين هاڻي اسانکي اجازت گهرجي، سائين عبد گهڻو ئي چيو تہ رات مون وٽ رهو، چيوسين سائين ايئن نہ ٿيندو جو رات راڌڻ ۾ رهنداسين، سائين آزاد قاضي کي شام جو ئي فون ڪري ڇڏي هُئسين. تنھن ڪري اوهان وٽ وري ڪڏهن قسمت ٿي تہ رات رهبي، سائين عبد چيو ٺيڪ آهي ڀلا آءٌ اوهان کي ٻاهر راڌڻ جي روڊ تائين وٺي ٿو هلان، چيوسين ها اِهو ٺيڪ آهي، رات جو وقت آهي، پُڇندا پُڇندا وينداسين، بھتر آهي، سائين عبد سندس ڇوڪري کي فون ڪئي تہ موٽر سائيڪل کڻي چونڪ تي اچي، جيئن اسان کي روانو ڪري، پوءِ پاڻ موٽر سائيڪل تي واپسي ڪري. اسانکي وٺي اچي راڌڻ روڊ تي ڇڏيائين، کانئن ڀاڪر پائي موڪلايوسين ۽ مون پنھنجي ڪتاب، ”مور اِن ملائيشيا“ جي ڪاپي بہ کيس گفٽ ڪئي ۽ سائين عبدالجبار نظاماڻي بہ پاڻ سان آندل ڪتاب جي ڪاپي کيس تحفي طور ڏِني. ھميشہ گڏ الله حافظ.
رهڻ ڏي مون وٽ هي مون لئه، اهم هِن،
خوشبوء، حُسن ۽ ڪِتابن جا تحفا.

رات رهياسين راڌڻ ۾
آزاد قاضي سان رابطو ڪيو، چيائين تہ جيئن ئي راڌڻ ۾ داخل ٿيندا تہ پھريون پيٽرول پمپ ڇڏي، ٻي پيٽرول پمپ تي اچي بيھو تہ مان اچان ٿو. تقريبن ڏھہ کان پندرنھن منٽ لڳا هوندا، راڌڻ پھتاسين، آزاد قاضي کي فون ڪئي تہ اسين پي ايس او پيٽرول پمپ تي بيٺا آهيون، ٿوري دير ۾ آزاد قاضي آيو ملياسين، پاڻ اڳيان اڳيان اسين پُٺيان پُٺيان، مختلف گلين مان ٿيندا، آياسين وڏي دروازي مان اندر داخل ٿياسين، هِڪڙي وڏي اوطاق وشال اڱڻ واري ۽ اڳيان وڏا وڻ بيٺل، اسان گاڏي وڻن هيٺان پارڪ ڪئي.
اوطاق جي اڱڻ تي ٽي کٽون رکيون هيون، هنڌ بہ وِڇايل هئا، گاڏي کي پاسي کان پارڪ ڪيوسين، اوطاق ۾ آياسين، هِتي اوطاق ۾ هِڪڙو چاچو ڄڻ آجيان لاءِ موجود هو، اُن اسانکي پاڻي وغيره پياريو، آزاد قاضي حال احوال ورتا، سفر ڪيئن رهيو وغيره وغيره، پوءِ چيائين تہ ’اوهان لاءِ چانھہ ٿو ٺھرائي اچان،‘ آزاد ويو گهر ڏانھن چانھہ ٺھرائڻ لاءِ، اسان چاچي کان احوال ورتا، پاڻ ٻُڌايائين تہ منھنجو نالو قابل آهي ذات جو راڄپر آهيان، کٽون واڻيندو آهيان، ٻاهر اڱڻ ۾ پيل اڌ واڻيل کٽ ڏانھن اشارو ڪندي چيائين، اِها اڌ واڻي اٿم، سڀاڻي تائين مڪمل ڪرڻي اٿم.
هِڪڙو ٻيو دوست آيو، جنھن جي مُنھن مبارڪ تي هلڪي سونھاري هُئي، اچي ڀاڪر پائي مِليو، مِلڻ کانپوءِ پنھنجو تعارف ڪرايائين، مولوي نور احمد کوکر ۽ پوءِ اسان بہ پنھنجو پنھنجو تعارف ڪرايو. مولوي صاحب سامھون پيل ڪُرسي تي ويٺو، خوب ڪچھري ڪئيسين. مولوي نور احمد جو هِتي راڌڻ اسٽيشن روڊ تي پيسٽي سائيڊ جو وڏو دُڪان آهي، پاڻ حڪيم بہ آهي حڪمت جو ڪم بہ ڪندو آهي، کائنس هن پاڙي جو نالو پڇيوسين ٻُڌايائين تہ هي عيد گاھہ محلو سڏبو آهي. ايتري ۾ قاضي آزاد بہ چانھہ کڻي آيو، گڏجي سڀني چانھہ پيتي.
هِتي خبر پئي تہ اڪثريت جوڻيجن جي آهي ۽ هي آزاد قاضي وارا بہ جوڻيجا ئي آهن، قاضي ذات ناهي قاضي تہ لقب آهي، هنن جو اصل ڳوٺ راڌڻ کان ڪجهہ فاصلي تي آهي، جيڪو قاضين جو دڙو سڏجي ٿو.
مولوي خير محمد جڏهن هِن محلي جو نالو ’عيد گاھہ محلو‘ ٻُڌايو تہ مونکي اوچتو ياد آيو، مائٽ جان محمد جوڻيجو، پرنٽنگ جو ڪم مون کان ڪرائيندو آهي، ڪنھن بہ دعوت نامي ۾ ايڊريس عيد گاھہ محلو لِکرائيندو آهي. قاضي آزاد کان پُڇيم ’مائٽ جان محمد جوڻيجو بہ هِن ئي محلي ۾ رهندو آهي؟‘، ها اُهي بہ هِن ئي محلي ۾ رهندا آهن، پر هاڻي سڀئي ڀائر قاسم آباد حيدرآباد ۾ رهن ٿا، ڪڏهن ڪڏهن ايندا آهن. مائٽ جان محمد جوڻيجو جڏهن ايس ٽي پي ۾ هوندو هو، تڏهن کان واسطو آهي، هاڻي هن وقت تہ پ پ پ ۾ آهي.
مولوي يا حڪيم نور احمد کان پُڇيم تہ راڌڻ نالو ڪيئن پيو، چيائين تہ: ’ڪجهہ ماڻھو چوَن ٿا سيتا ۽ راڌا ڀيڻون هُيون، راڌا هِتي رهي هئي، جنھن جي پويان راڌڻ سڏجڻ لڳو ۽ سيتا جيڪو هن وقت سيتا وليج، يا سيتا روڊ سڏجي ٿو اُتي رهي، اُن جي پويان اُهو نالو پيو ۽ ٻيو وري هِتي جا هندو چون ٿا تہ اسان جا وڏا جيڪي راڌا سڏبا هُئا اُنھن جي اچڻ، رهڻ کانپوءِ هن شھر جو نالو راڌڻ پيو، وڌيڪ خبر ان تي تحقيق ڪندڙن کي ئي هوندي.
آزاد قاضي چيو سنگت هاڻي صلاح ڏيو، ماني کائبي يا اڃا دير سان؟، سائين ڊاڪٽرعبدالجبار چيو جلدي کڻي اچ اسان کي سفر جي ٿڪاوٽ آهي، ڪجهہ ننڊ ڪريون، سڀاڻي جو سفر اڃا اڳتي آهي. آزاد قاضي ويو، ٿوري دير بعد ماني کڻي آيو. گڏجي ماني کاڌيسين، ڪجهہ دير ڪچھري ڪري سُمھي پياسين، پر هِتي جيڪي مڇر هئا، اُنھن اسان جي اهڙي تہ مھمان نوازي ڪئي جو ياد رهندي. مونکي تہ ڊپ هو تہ ڪِٿي سڀاڻي بُخار نہ ٿي پئي جو سفر ئي خراب ٿيئي.
صبح فجر جي اذان تي سُجاڳ ٿياسين، نماز پڙهيسين، پوءِ تـڙ ڪري تيار ٿياسين، آزاد قاضي کي ڊاڪٽر عبدالجبار فون ڪئي تہ ناشتي ۾ صرف چانھہ بسڪيٽ کڻي اچجان وڌيڪ ڪا تڪليف نہ ڪجان جو وقت بچائـڻو آهي، (ميزبان کي اِهو چئبو ناهي، پر سائين سان وڌيڪ حُجاتي آهي، تنھن ڪري حُج مان چيائينس) ۽ ٻيو تہ اوهان بہ تيار ٿي اچو ڇو جو موهن جي دڙي تائين گڏجي هلڻو آهي.‘ چيائين ’ٺيڪ آهي.‘
ڪجهہ دير بعد قاضي آزاد چانھہ جي ٿرماس سان گڏ پليٽ ۾ بسڪيٽ بہ کڻي آيو، چانھہ ۽ بسڪيٽن سان ناشتو ڪيوسين، آزاد قاضي چيو هاڻي اوهان گاڏي ڪڍو تہ آءٌ بہ پنھنجي گاڏي ٻاهر ڪڍان، چيوسين اسان سان گڏ هلو، چيائين نہ آءٌ اوهان سان موهن جي دڙي تائين هلندس وري واپس ايندس مونکي ڪجهہ ضروري ڪم ڪار ڪرڻا آهن.
آزاد قاضي جي اوطاق کي الوداع ڪرڻ کان پھرين هِڪڙو گروپ فوٽو ڪڍيوسين، پوءِ چاچي قابل خان کي بہ سڏي، آزاد قاضي ۽ اسانجو گڏيل گروپ فوٽو ڪڍيو، چاچي قابل کان موڪلايوسين، اڳيان آزاد قاضي سندس گاڏي ڪڍي پويان اسين هلڻ لڳاسين، سائين ڊاڪٽر عبدالجبار نظاماڻي آزاد قاضي سان گڏ ويٺو ۽ آءٌ ۽ ادا منظور پنھنجي گاڏي ۾.

راڌڻ اسٽيشن تان صبح جو سلام
اسٽيشن روڊ تان ٿيندا آياسين راڌڻ اسٽيشن تي، هي اسٽيشن ڪا خاص ناهي، جيئن ٻين شھرن ۾ اسٽيشنون هونديون آهن، ايئن ئي راڌڻ اسٽيشن جي بہ ساڳي حالت آهي، سڀني کي سڏي چيم اچو پھرين هڪڙو گروپ فوٽو ڪڍون ۽ سنگت کي سلام چئون، پوءِ ٿا اسٽيشن کي وڌيڪ گُهمون، هِڪڙو گروپ فوٽو ڪڍيوسين، مون اُهو فيس بڪ تي اپ لوڊ ڪري مٿان لکيم ’راڌڻ اسٽيشن تان صبح جو سلام‘.
قاضي آزاد ٻُڌايو تہ، ’مور ساگر هاڻي جڏهن تون ريلوي جي هُن پاسي هلندي تہ پوءِ تون ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي ڏوڪري ۾ پھچي ويندين ۽ اسٽيشن جي هِن پاسي دادو ضلعي جي تعلقي ميھڙ جي شھر راڌڻ ۾ بيٺا آهيون. چيم ’واھہ سائين معنيٰ تہ پاڻ هِن وقت دادو ۽لاڙڪاڻي جي سرحد تي بيٺا آهيون! چائين ’ها بِلڪل‘.
اسان اسٽيشن کي مُڪمل گُهمي ڏِٺو، ڪجهہ گهڙيون مسافر بئنچ تي ويھي اُڀرندڙ سج کي ڏِٺوسين ۽ پوءِ ميھڙ جي شھر راڌڻ کي الوداع ڪيو ۽ لاڙڪاڻي جي حدن ۾ هلڻ لڳاسين.
ميھڙ کان موڪلائي، هل مور هاڻي،
هَلي لاڙڪاڻي، موهن* سان مِلون.


* موهن: موهن جو دڙو

جيڪي سفر ۾ همسفر هئا

پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي: ماتلي سان تعلق رکندڙ معزز شخصيت، پيشي جي لحاظ کي ليڪچرار گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي، پاڻ سُٺا ليکڪ ۽ تاريخ سان دِلچسپي رکندڙ، تاريخ لِکندڙ، ماتلي جي تاريخ لِکي اٿس، اُن کان علاوه حافظ نظاماڻي جي شاعري جا مجموعا ”باغي آ عشق منھنجو“، ”تاريخ آهي شاهد“ پڻ هِن جا سھيڙيل آهن، نظاماڻي ذات تي ”تذڪراءِ نظاماڻي“ وڏو ڪِتاب لِکيو اٿس، جنھن ۾ پوري نظاماڻي قبيلي جا شجرا ڏِنا اٿس. اُن کان علاوه کوڙ ٻيا بہ ڪيترائي ڪتاب لِکيا، سھيڙيا ۽ مُرتب ڪيا اٿس. ”محمد صديق مسافر جي علمي، ادبي، تعليمي، صحافتي ۽ سماجي خدمتن جو تحقيقي مطالعو“ جي عنوان سان محمد صديق مسافر تي پي ايڇ ڊي ڪري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي اٿس.

عبد مگسي: عبدالستار ’عبد‘ مگسي ضلع دادو، تعلقي ميھڙ جي ڳوٺ سوڀو خان مگسي ۾ پھرين جنوري 1951ع ۾ جنم ورتو. تعليم ايم.اي. پوليٽيڪل سائنس، ايم. اي اسلامڪ ڪلچر، سي ٽي، بي ايڊ ۽ ايم ايڊ اٿس. پيشي جي لحاظ کان تعليم کاتي ۾ گورنمنٽ هايرسيڪينڊري شاھہ پنجو سلطان ۾ هيڊ ماستر رهيو. سنڌي ادبي سنگت سوڀو خان مگسي جو بُنياد وجهندڙ، ڪيئي ڀيرا سيڪريٽري ۽ سنگت دادو ضلعي جي سڀني شاخن جو اڪثريت سان چونڊيل پنج ڀيرا رابطا سيڪريٽري رهيو آهي. عبد مگسي جا ٽي ڪتاب شايع ٿي چُڪا آهن، ڪيترائي ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ماڻي چُڪو آهي، علم و ادب سان گڏ ڳوٺ سُڌار سنگت ۽ مختلف سماجي تنظيمن جو عھديدار رهيو آهي. هِن وقت پنھنجي چوٿين ڪِتاب ڇپجڻ جي انتظار ۾ آهي.

زخمي زاهد سھارڻ: ڳوٺ سھارڻپور ۾ ڄام خان سھارڻ جي گهر ۾ پھرين جون 1972ع ۾ جنم وٺندڙ زخمي زاهد سھارڻ بي اي پاس آهي ۽ ذاتي ڪاروبار ڪري ٿو، زخمي زاهد جي شاعري جو مجموعو ”مُرڪ جو منظر“ ساحل پبليڪيشن طرفان ڇپيو ويو آهي. ٻئي ڪتاب جي تياري ۾ آهي. س.ا.س سوڀو خان مگسي جو ڪائونسلر ۽ سيڪريٽري رهي چُڪو آهي. هِن ڪيترائي ايوارڊ ماڻيا آهن. سائين عبد مگسي هِن کي شاگرد/دوست جي طرح رهبري ڪري ٿو.

منظور احمد جوڻيجو: ماتلي شھر سان تعلق رکندڙ، منھنجو ڀاءُ آھي، سُٺي دل رکندڙ آھي، سندس حيدرآباد ۾ ”الرزاق پرنٽرز“ آھي، پنھنجي ڪاروبار ۾ ڪامياب آھي. گُهمڻ جو شوق هوندو اٿس، ۽ ھميشہ چوندو آهي، گُهمڻ جو پروگرام ٺاهيو گاڏي منھنجي حاضر آهي.
مور ساگر: ’ڪي جاڻا مين ڪوڻ بُليا‘

( 07 اپريل 2019ع - ضلع ڄامشورو ۽ دادو )