سفرناما

سنڌ منھنجي جِند

اسان جي مور ساگر، سنڌ جي سئر سياحت بابت ھيءَ تہ صفا ڪا نئين طرح ايجاد ڪئي ٿي ڏِسجي ۽ ان ڪم لاءِ زندگيءَ جي ڪاروھنوار مان ڪي ڏھاڙا پاڇي ڪري، ھو يارن سان سنگ سنگ، کُليل اکين ۾ ڪئميرا ۽ بئگ ۾ قلم ڪاڳر رکي، سيلاني بڻجي نِڪري ٿو پوي ۽ رات وقت پوءِ سارا پنھنجا مشاھدا، منظر ۽ يارن جون دِلچسپ ڳالھيون، ڪنھن گوشي ۾ ويھي چپ چاپ لِکي ٿو وڃي ۽ پوءِ جيئن ڦُڙي ڦُڙي تلاءُ ٿيندو آھي، ھو ھھڙا ڪتاب ٿو جوڙي وٺي.

  • 4.5/5.0
  • 27
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مور ساگر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ منھنجي جِند

پيش لفظ: ساگر جو سفر، ساگر جون لھرون

سرسبز ۽ شاداب آهن، ٻئي ڪنڌيون مھراڻ جون،
روز شب آباد آهن، ٻئي ڪنڌيون مھراڻ جون.
’سرويچ‘

ون يونٽ واري دؤر ۾ جڏهن سنڌ جو نالو وٺڻ بہ ڏوھ جو ڪم تصور ڪيو ويندو هو. ان وقت محمد ابراهيم جويي صاحب رسالي مھراڻ ۾ تصويري اسڪيچن ۽ دِلڪش نظارن ۽ سُونھن ورُنھن واري شعر شاعري ۽آکاڻين رستي سنڌ وطن لاءِ اُتساھ پيدا ڪندڙ ۽ اندر ۾اُڌما ڏياريندڙ مواد لِکرائي، ان وسيلي سنڌ جي ياد تازي ڪرائڻ وارو ڪم ڪيو هو. جويي صاحب جھڙي داناءَ دانشور پاران اختيار ڪيل اهو انداز، سنڌ جا نت نوان نرالا رنگ ۽ روپ نِکيري نِروار ڪرڻ سان پنھنجي وطن لاءِ حُب پيدا ڪرائڻ جو هڪ ذريعو هو.
ان دؤر ۾ اهڙن خيالن جي اظھار جو واضح مقصد اهو ئي هيو تہ، جھڙي ريت هڪ حڪمت عمليءَ سان سنڌ جو نانءُ نشان مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي ويئي، اهڙي رجحان کي روڪڻ ۽ پنھنجي قومي ورثي کي پنھنجو سمجهي پنھنجو ڪرڻ واري ان عمل سان سنڌ جي عام و خاص ماڻھونءَ ۾ سنڌ جي ماڳن ۽ مڪانن جي معلومات ملڻ ۽ تصويري نمائن وسيلي پنھنجي شين لاءِ اُتساھ ۽ انھن سان پريت وارو پيچ پائڻ جھڙو رجحان پيدا ٿيو. ان وقت جڏهن سنڌ جو نالو نشان مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي ويئي، تڏهن اهڙا عمل ڪري سنڌ ۽ سنڌين جي عظمت واري ورجاءَ وسيلي اُتساھ پيدا ڪرائڻ جي اها ڪامياب ڪوشش ڪئي ويئي. بعد ۾ عوامي اُمنگن ۾ سمائجي ويل سنڌ جي ذري ذري سان عشق وارو عمل ۽ سنڌ جون مختلف حوالن سان ثنائون ۽ سِرَ گهور ڪرڻ واريون صدائون، دراصل انھن ابتدائي ڪوشش جو ئي نتيجو هُيون.
سنڌ جي سونھن ۽ سنڌين جي سچيتائي جا ڪيئي رنگ ۽ ڍنگ آهن سنڌ جي ثقافتي ورثي ۽ روايتن جا ڪيئي روپ آهن، جن کي نِکيري نِروار ڪرڻ جي اڄ بہ اوتري ئي ضرورت آهي جيتري ڪالھہ هئي.
مسجد ۽ مندر ۾ روشن هڪ ڏيئي جھڙي رواداريءَ جو درس ڏيندڙ سنڌ، جنھن ۾ وقت، حالتن ۽ بدلجندڙ ماحول (جيڪو قابض قوتون بدلائڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن) سڀ اڳوڻا محبت ۽ مھمانوازي، قرب ۽ ڪچھرين وارا قدر مٽائيندو پيو وڃي. اهڙي ماحول ۾ دوست مورساگر پنھنجي دِل گهرين دوستن کي ساڻ ڪري، سنڌ جي رونقن ۽ روايتن کي سمجهڻ واري سفر جي شروعات ڪئي آهي. اڄ ڪلھہ جي نفسانفسيءَ واري ماحول ۾سندس اهڙو عمل ساراھ جوڳو آهي.
شايد ئي ڪو اهڙو سنڌي هجي جيڪو ’سنڌ منھنجي جند‘ جھڙو جملو ورجائيندو نہ هجي، پر عشق جو اظھار ڪرڻ ۽ اُن تي عمل پيرا ٿي اڳتي وِک وڌائڻ، اهي ٻہ بنھہ ڌار لقاءَ آهن. مور ساگر پنھنجي پاران چونڊ ڪيل ساٿين سان انھن ٻنھي لقائن جي لست وٺندي، جيڪو سُرور محسوس ڪري ٿو، ان جا اُهڃاڻ سندس قلم بند ڪيل هن تاثراتي مواد جي جهروڪن مان جهاتيون پائيندي نظر اچن ٿا.
ساگر جون لھروُن تہ هر ڪنھن ڏِٺيون هونديون، پر اُنھن لھرُن جي ڌار ڌار لرزش، رنگن ۽ ڍنگن بابت شايد ڪن ٿورن ئي ويچاريو هجي، سانتيڪو ساگر، لھرن جي لپيٽ، ڪڏهن ماٺار تہ ڪڏهن اُڀار، ساگر جو اهو انداز ڏاڍو دِلڪش ۽ من ۾ کُپي، موهي ڇڏيندو هوندو آهي. جنھن کي ڏِسڻ سان دِل کي آسيس ۽ اکين کي سُڪون مِلندو آهي. دوست مور ساگر پاران امڙ سنڌ جي مختلف رنگن، روپن، نينھن نظارن ۽ دوستن يارن بابت تعارفي نوعيت وارو لکيل هي مواد، سچ تہ ساگر جي لھرن واري ڏِکَ ڏيئي ٿو. جنھن جي پڙهڻ سان هن مسافر جي سفر هيٺ آيل سنڌ ڌرتيءَ جي مختلف رنگن ۽ رونقن جي تہ خبر پوي ئي پوي ٿي، پر ان سان مسافر جي باذوق ۽ با شوق هئڻ جو پڻ بخوبي اندازو ٿئي ٿو. پاڻ شاعر هئڻ ڪري شاعراڻي انداز ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي سونھن جي ڳالھہ ڪندو رهي ٿو.
سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ اهڙا ڪيترائي نوجوان آهن، جيڪي سير و سفر سان دِلچسپي رکڻ ڪري گهمڻ ڦِرڻ سان دِل وندرائن ٿا، پر اُهي پنھنجي اهڙن سفرن جو احوال ٻين جي دِلچسپي وڌائڻ خاطر قلم بند ڪونہ ٿا ڪن. ان ڪري وقت ۽ ماحول جي تبديل ٿيڻ سان سھڻي سنڌ جي مٽجندڙ ۽ نئين جنم وٺندڙ ماحول بابت ڪيتري ئي معلومات تاريخي رڪارڊ طور محفوظ ٿيڻ کان رهجي وڃي ٿي، ان حوالي سان مور ساگر جو قلم بند ڪيل هي پورهيو موجودھ دؤر ۾ نہ، پر ايندڙ دؤر جي پڙهندڙن جي لاءِ سير و تفريح سان گڏ ادبي ۽ سماجي مواد پيش ڪرڻ جي سلسلي ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.
ساگر پنھنجي سفر واري هن مواد کي تفريحي انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڪٿي بہ تحقيقي ۽ تنقيدي تارازيءَ ۾ تورڻ واري عمل کان پاسو ڪيو اٿس، سنڌ جي مختلف حِصن ۽ ان ۾ موجود تاريخي ماڳن ۽ مڪانن جو تفريحي انداز ۾ سير تہ سڀ ڪو ڪندو آهي، پر اهڙن نوَن رنگن ۽ رونقن کي ڪو ڪو ئي قلمبند ڪندو آهي. اهڙي نوعيت جو سير سفر ڪندڙ دوست جيڪڏهن مور ساگر جيان پنھنجا سفر، جيئن اُهي ڪن ٿا، اهو تاريخ وار تفصيل قلمبند ڪندا رهن تہ سُھڻي سنڌ جي وقت ۽ حالتن، موسمن ۽ مُندن جي روشنيءَ ۾ تبديل ٿيندڙ زندگي ۽ مٽجندڙ ماحول جي معلومات گڏ ٿيندي رهندي، جيڪا اڳتي هلي محققن لاءِ بنيادي ماخذ وارو ڪم ڏيندي. مور ساگر پاران ڪيل اهڙي سفر جا، اڃا تہ ٽي حِصا شايع ٿيا آهن، اڃا تہ سنڌ جا ڪيئي حِصا سندس نينھن واري نھار جا منتظر هوندا. خدا کيس خوش رکي ۽ اهڙي همت ڏئي، جو اڄ واري سنڌ جو مختصر ئي صحيح، پر هو اهڙو دِلچسپ معلوماتي مواد مڪمل ڪري سگهي.

ڊاڪٽر آزاد قاضي
راڌڻ اسٽيشن