سکر سيئي ڏينھن
روانگي
سکر سيئي ڏينھن جي مون گهاريا بند ۾،
نيئر منھنجي نينھن، اُجاري اڇو ڪيو.
سھڻي منھنجي سنڌ جي ٽيون وڏو شھر سڏيو ويندڙ سکر ڏانھن جيئن ئي سفر شروع ڪيوسين تہ مونکي سھڻي لطيف جو مٿيون شعر ياد اچي ويو ۽ شعر سان گڏ، ’سکر سيئي ڏينھن‘ محمد اسماعيل عرساڻي جي آتم ڪٿا جو ڪِتاب بہ، جنھن جو ٻيو ڇاپو ڪمپيوٽر تي ڇپيو هو تہ اِهو مون ڇپيو هو. اوسر پيڙهڪا امانتاڻي جي باني ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب ۽ سندس فرزند امتياز احمد عرساڻي صاحب وارن اِهو ڪِتاب ٻي ڇاپي جي صورت ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. سکر ڏانھن پنڌ جيسين کُٽي تيستائين، ذهن ۾ ڪيئي خيال پيا اچن تہ، معصوم شاھہ جو منارو، لبِ مھراڻ، لئنس ڊائون پل، ساڌ ٻيلو، سکر بئراج سڀئي جڳھيون گُهمبيون. ذهن ۾ هڪ فھرست جُڙي وئي.
احسان راهوجي جي شھر مدئجي مان مٽياسين
مدئجي ڪراس ڪئيسين، دِل تہ چوندي آهي رستي ۾ ايندڙ سڀئي شھر ڳوٺ ۽ اسٽاپ ڏِسجن، پر وقت جي مناسبت سان اِهو ممڪن ناهي هوندو، مدئجي، ڳڙهي ياسين تعلقي، ضلعي شڪارپور جو شھر آهي، يعني هن وقت اسين لاڙڪاڻي کانپوءِ ضلعي شڪارپور ۾ هلي رهيا آهيون، هي مدئجي شھر موهن دڙي کان 68 ڪلوميٽر اوڀر طرف ٻُڌايو وڃي ٿو ۽ هِن شھر ۾ 2016ع ۾ 132 ڪي وي جي گرڊ اسٽيشن جو بہ افتتاح ٿيو آهي.
مون وٽ مدئجي جي اِها سُڃاڻپ آهي تہ منھنجي پياري دوست احسان راهوجي جي جنم ڀومي ’ڀونڀوٽ‘ هِن مدئجي جي بلڪل ويجهو ئي آهي ۽ احسان راهوجي جو شھر هي ئي آهي، هاءِ اسڪول بہ هِتي ئي پڙهيو، احسان کي منھنجي سڀني دوستن ۾ اِهو اعزاز حاصل آهي تہ منھنجي زندگي جي جيڪا پھريون ڀيرو سالگرھہ ملھائي/ڪيڪ ڪٽيو ويو، اِهو احسان راهوجي جي حِصي ۾ اچي ٿو، سرپرائيز وانگر هُئي. (تفيصل ڪِٿي ٻي هنڌ لِکبو) باقي مونکي اُن وقت سندس دوستي تي ڏاڍو رشڪ ٿيو هو. هن وقت احسان حيدرآباد ۾ رهندو آهي. ڊيوٽي ٽنڊو محمد خان ٽريزري ۾ اٿس.
ظھر جي نماز جو وقت ٿي ويو آهي، آءٌ ۽ سائين ڊاڪٽر عبدالجبار نظاماڻي روڊ جي ٻنھي پاسن کان اِهو ڏِسندا پيا اچون تہ جِتي بہ مسجد نظر آئي، اُتي بريڪ ڪري، نماز پڙهنداسين، رستي ۾ ميرزاپور نالي هِڪڙو اسٽاپ آيو، روڊ جي پاسي کان مسجد ٺھيل آهي، گاڏي کي مسجد جي ڀر ۾ پارڪ ڪري اڳين ۽ وِچين نماز گڏي پڙهيسين، توڻي جو اسان تي سفر نماز آهي، پر جِتي بہ وقت ٿئي ٿو تہ نماز پڙهڻ فرض آهي.
هاڻي سائين عبدالجبار سکر واري ميزبان حڪيم شبير بلو سان رابطو ڪيو، جنھن ٻُڌايو تہ آءٌ اوهان جو انتظار پيو ڪريان، کيس ٻُڌايوسين تہ بس رستي ۾ آهيون، چيائين سکر پھچي پيپسي چونڪ جي پُڇا ڪجو، اُتي آءٌ بيٺو هوندس. کِلندي چيم، سائين عبدالجبار پاڻ وارو دوست لڳي ٿو سکر پھچندي ئي پيپسي پياريندو، پر اِهو منھنجو خام خيال آهي، ممڪن آهي قصو اِن جي اُبتڙ هُجي. سو سکر جي بلڪل ويجهو پھچي ويا آهيون، بس چند منٽن ۾ سکر جي سرزمين تي پنھنجا پير هوندا.
سکر شھر پھتاسين
سکر شھر ۾ داخل ٿياسين، پيپسي چونڪ جي پُڇا ڪئيسين، ڏس مِليو ٿورو پنڌ اڳتي ويندا تہ پيپسي چونڪ هوندو، چونڪ تي پھچي سائين عبدالجبار فون ڪئي، حڪيم شبير بلو کي، حڪيم شبير بلو روڊ جي اولھہ طرف ۽ اسان اوڀر طرف بيٺا هئاسين، گاڏي جا پار پتا ڏِناسين، ڏِسي ورتائين، مِلياسين، پوءِ پاڻ اڳيان هليو اسين پويان پويان جنھن رستي تان اسان کي وٺي پيو هلي اِهو هاڻي تازو اُڊيڙي اُکيڙي ڇڏيو اٿن، وڏو نالو پيو ٺھي، جيڪي اورآل پوري سنڌ جي شھرن ۾ ٺھيا آهن، اسانجي شھر ماتلي ۾ پڻ ٺھيو آهي، سکر ۾ بہ اِهو ڪم هلندڙ آهي.
سکر، جنھن جي لفظي معنيٰ ايئن ٿي نِڪري تہ سُک، چين آرام جيئن هر شھر جي نالن جي ڪا ڪھاڻي هوندي آهي، ايئن سکر بہ سنسڪرت ٻولي جو لفظ آهي، جيڪو سُک مان نِڪتو آهي. هاڻي هِن شھر ۾ ڪيترو سُک، سُڪون يا شانتي آهي، اِهو معلوم هِتي جي رهواسين کي هوندو، اسين تہ ٿياسين پرديسي پکي، پل کن رهي راهي ٿينداسين/اُڏري وينداسين.
سُھڻي منھنجي سنڌ جو هي ٽيون نمبر وڏو شھر سڏيو ويندڙ، سکر جيڪو سنڌو دريا جي اولھندي ڪپ تي آباد آهي، دريا جي اوڀر ۾ تاريخي شھر روهڙي، جنھن ۾ بيدل ۽ بيڪس مدفن آهن. 1889ع ۾ انگريزن لئنسڊائون پل جي ذريعي هي ٻئي شھر پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيا. مون تہ اِهو پڙهيو آهي تہ جڏهن برطانوي راڄ هو تہ سکر ڳوٺ هو ۽ اُن جي پاسي ۾ نئون سکر شھر جوڙيو ويو، 1900 تائين هي شڪارپور ضلع جو حِصو هو، پوءِ 1901ع ۾ ضلعي شڪارپور کي ٽِن حِصن ۾ ٽوڙيو ويو، يعني هي سکر، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻو. اُن کان بہ پھرين بکر تعلقي ۾ سکر هو، نادر شاھہ جي وقت کان پوءِ شڪارپور ۾ شامل ڪيو ويو. جنھن سڀ کان پھرين هِن شھر سکر کي سينگاريو، ٺاهيو، اُهو هو ڪليڪٽرن جو بابو آدم ڪرنل ميھو. سکر کي ميونسپالٽي جو درجو 1856ع ۾ مليو، اُن وقت شھر جي آبادي ٻارھن هزار جي قريب هئي، اُن وقت جي حڪومت شھرين مان پاڻ ميمبر چونڊيندي هئي. 1883ع ۾ سکر کي ضلعو بڻايو ويو. اُن کانپوءِ 1884ع ۾ شھر واسين کي پاڻ کي ميمبر چونڊڻ جو حق ڏِنو ويو.
پر صدر وري بہ ڪليڪٽر ٿيندو ۽ پھريون صدر جي ڪرسيءَ تي جيڪو ويٺو، اهو هو راءِ صاحب ديوان پيسو مل. 1911ع ۾ شھرين کي صدر چونڊڻ جو بہ حق مِلي ويو، شھرين جيڪو صدر چونڊيو اُهو هو وڪيل ديوان ڀوڄسنگه. 1936ع ۾. جڏهن سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي صوبو ٿيو، تڏهن بہ سنڌ اسيمبلي جو پھريون اسپيڪر ساڳيون ديوان ڀوڄسنگه ٿيو. 36 سالن جي عرصي يعني 1911ع کان 1947ع تائين صرف هڪ دفعو مسلمان صدر ٿيو، باقي سڀ غير مسلم صدر ٿيندا رهيا.
پُراڻو سکر ڏهه/ٻارھن هزار آبادي رکندڙ هو، 1947ع کان پوءِ هندستان مان آيل اسان جا مذهبي ڀائر جن جي اچڻ سان آبادي وڌي وڃي اسي هزارن تي پھتي، نالو بہ پيو نئون سکر. اِن نئين سکر ۾ 1950ع ۾ سنڌ انڊسٽريل ٽريڊنگ ايسٽيٽ (ايس آءِ ٽي اِي) قائم ڪئي وئي. 1962ع ۾ ڪولمبو پلان موجب ڪئناڊا حڪومت ۽ جمھوريه پاڪستان وچ ۾ ٿرمل پاور جي تعمير لاءِ هِڪڙي معاهدي تي صحيحون ٿيون. اُن تي ايندڙ خرچ 5 ڪروڙ 38 لک ۽ 40 هزار روپيا حڪومت ڪئناڊا ڏِنا هئا.
گُلشن جو هي حال آهي تہ ويراني جو ڇا هوندو
اسين ڏُکيا سُکيا نيٺ اچي حڪيم شبير بلو جي گهر اڳيان پھتاسين، بيٺڪ کوليائين، هي بہ همراھہ ڪتاب گڏ ڪرڻ جو وڏو شوقين ٿو لڳي، مون وانگر خبر ناهي پڙهي بہ ٿو يا صرف ڪتاب گڏ پيو ڪري. هاڻي تہ رکڻ جي جڳھہ ئي نہ اٿس. ڀڳل ٽـُٽل المارين ۾ سٿيا پيا آهن، وچ تي ٽيبل بہ ڪتابن سان ڀري پئي آهي. بس پاڻي گلاس پيتوسين، کيس چيوسين ٻي ڪا بہ تڪليف نہ ڪريو، اسان وٽ وقت ٿورو آهي، اسانکي معصوم شاھہ جي مناري ۽ سکر جي پُل ڏانھن وٺي هل، اُنھن مان بہ جيڪو پھرين رستي ۾ پوي اُهو ڏِسنداسين، چيائين پھرين رستي ۾ معصوم شاھہ جو منارو آهي، پوءِ هلنداسين دريا تي پُل ڏِسنداسين، وري بہ اُنھي ئي روڊ تي هلندا اڳتي وياسين کائنس پُڇيوسين هي ڪالوني ڪھڙي آهي، ٻُڌايائين ’هي گُلشنِ اقبال ڪالوني آهي،‘ مذاق ۾ چيومانس’ گُلشن جو اهڙو حال آهي تہ پوءِ ويراني جو ڇا حال هوندو...‘ خير دُعائون پڙهندي گُلشنِ اقبال ڪالونيءَ جي گُلشن مان ٻاهر نِڪتاسين، اڳيان سکر ريلوي اسٽيشن آهي، ريلوي اسٽيشن جي ڀر مان گُذرندي مختلف روڊن تان ٿيندا، آياسين معصوم شاھہ جي مناري تي، جيڪو اسانکي پري کان پاڻ پَسائي رهيو هو. بلڪل ايئن جيئن ڪي ايل/ ڪوالالمپور گُهمندي ٽو اِن ٽاور کي پري کان ڏِسي خوشيءَ جو اظھار ڪيو هوسين تہ او اِهو آهي ٽو اِن ٽاور. ٻنھي ۾ فرق تہ رات ۽ ڏينھن جو آهي. ٻيو تہ هي معصوم شاھہ جو منارو هِڪڙي تاريخي اهميت رکي ٿو، هو تہ ٽاور اندر هڪڙو شھر رکي ٿو، جنھن ۾ هر قسم جا هٽ ۽ آفيسون موجود آهن.
معصوم شاھہ جي مناري مٿي
تمام مٿي اوچائي تي نظر ٿو اچي، اندر آياسين ٽڪيٽ وارو همراه ويٺو هو، پُڇيائين ’مٿي چڙهندا؟‘ چيوسين ’چڙهڻ ئي تہ آيا آهيون،‘ چيائين 20 روپيا ٽڪيٽ آهي،‘ اسان 80 روپيا ڏِنا، آياسين مٿي، ليڊيز اسانکان اڳ ۾ اُتي موجود هئي، بس پوءِ هِڪ سائيڊ هو بيھن تہ هِڪ سائيڊ اسين، سيڙهيون ڳڻيندو چڙهندو ويس 84 سيڙهيون ڳڻجڻ ۾ آيون، مٿي سوڙهو آهي، باقي مٿي بيھي سڄو شھر پيرن هيٺ ۽ هِڪ سائيڊ کان دريا بہ نظر پيو اچي، بلڪل ايئن جيئن ملاڪا جي اليڪٽرونڪ ٽاور تي مٿي بيھي سڄي شھر جو سير ڪجي ٿو، هڪ پاسي کان سمنڊ ئي سمنڊ نظر اچي ٿو. هتي بہ سکر شھر ايئن ٿو نظر اچي. جڏهن واپس هيٺ لٿاسين تہ ڄڻ ٽَنگُن ۾ ڪي ڳنڍا ٿي پيا هُجن، ڏاڍو سور هو ٽَنگُن ۾ ٿوري دير جي لاءِ!
مير محمد معصوم بکري جڏهن هِن مناري جي تعمير ڪرائي هئي تڏهن خبر ناهي ڄاڻي ٻُجهي يا اتفاق سان هِن جي ويڪر، ڊيگهہ 84 فوٽ ڪئي وئي، جڏهن تہ مناري اندر ڦيريدار ٺھيل چاڙهي جا ڏاڪا بہ 84 ئي آهن، جيڪي مون پاڻ ڳڻي پورا ڪيا هئا. 1003ع ۾ هِن جي پيڙھہ رکي شروعات ڪئي وئي، مڪمل ٿيڻ کان پھرين ئي مير معصوم شاھہ هي جهان ڇڏي هليو ويو، رهيل ڪم سندس فرزند مير بزرگ 1027 تائين مڪمل ڪرايو. ٽڪري تي ٺھيل هن مينار ۾ پڪين سرن کي چُن سان گڏ استعمال ڪري اهڙو تہ مضبوط بڻايو ويو آهي، جو اڄ ڏينھن تائين تاريخي علامت طور اُڀو بيٺو آهي، تاريخي حيثيت سان گڏ هِڪ تفريح مقام پڻ آهي.
جيڪو سکر واري پُل تي
شبير بلو صاحب هاڻي اسين سِڌو هلنداسين سکر واري پُل تي، پُل تي پھتاسين، پھرين گاڏي کي سائيڊ تي پارڪ ڪيوسين، پُل جي پاسي ۾ هِڪڙي ٽڪري آهي، اُن تي آياسين، اِها ٽڪري پُل جي اوڀر طرف آهي، جنھن ڏانھن شبير بلو اِشارو ڪندي چيو، ’هِتي روز شام جو ڪنڍيون لڳنديون آهن،‘ چيوسين ’درياءَ مان مڇي ماريندا آهن،‘ مُسڪرائيندي چيائين ’نہ، اسان جو ڪوڊ ورڊ آهي، هِتي جيڪي گرل فرينڊ کي وٺي ايندا آهن اُنھي کي ڪنڍي چوندا آهيون، گهر واريءَ کي ميٽر چوندا آهيون، ڇوڪري کي بيٽري چوندا آهيون، کدڙي کي سولر چوندا آهيون،‘ انھيءَ تي اسين ڏاڍو کِلياسين، هنن جا ڪوڊ ورڊ ئي پنھنجا.
اسان سمجهو تہ پنڌ ٿا پُل تي وڃون ڪجهہ پنڌ ڪيوسين بہ، پر پُل تمام وڏي آهي ۽ اسان وٽ ايترو وقت نہ هو، وري واپسي آياسين گاڏي کنئيسين، گاڏي وري ڪِٿي بيھارڻ جي جاءِ ناهي، قطار ۾ وڃي پُل جي ٻاهر نِڪرڻو آهي، پُل جي ٻاهر جڏهن نِڪتاسين تہ گاڏي کي سائيڊِ ڪري، ريلوي پٽڙي ڪراس ڪئيسين، پُل جي پاسي ۽ دريا وٽان ساڌ ٻيلي جي سامھون بيھي فوٽوگرافي ڪئيسين، ساڌ ٻيلي کي پري کان ڏِٺوسين، اُتي وياسين نہ، اُتي وڃڻ جو پھرين تہ وقت نہ هو، ٻيو تہ الائي ڪھڙو طريقڪار هو. اسانجي علم ۾ نہ هو. تنھن ڪري نہ وياسين، پُل جي خوب فوٽوگرافي ڪئيسين. آخر ۾ هيٺ لٿاسين سائيڊ کان ڏِٺم ننڍڙو بورڊ لڳو پيو آهي، ’ممنوع علائقا‘ سڀني کي چيم ڪم پاڻ ڀلو ڪيو آهي، بورڊ پڙهڻ کان بِنا هليا آياسين، اُتي جِتي منع ٿيل آهي.
هِن لئنسڊائون پُل جي لاءِ ٻُڌو هو تہ انگريزن طرفان سکر ۾ اهڙي پُل ٺھرايل آهي، جنھن تان گاڏيون گُذرڻ کانپوءِ وري هيٺ دريا ۾ ڪيرائي ڇڏيندا آهن، جڏهن گاڏيون گُذرنديون آهن تہ وري مٿي ڪندا آهن، اِها ڳالھہ اسان ننڍپڻ ۾ ٻُڌي هُئي، اڃا ڪِٿي پڙهي نہ اٿم. بھرحال 1889ع ۾ تيار ٿيل هِن پُل جي پاسي ۾ هِڪ ٻي پُل بہ ٺھيل آهي، جنھن کي 1962ع ۾ صدر ايوب جي دؤر ۾ تعمير ڪيو ويو هو، جنھن جو نالو بہ ’ايوب پُل‘ رکيو ويو آهي. اسان خوب فوٽوگرافي ڪري اُڪري پار ٿياسين، روهڙي ۾.
روهڙي ۾ رهياسين پَل هِڪڙو
هِتي مونکي حيراني ٿي تہ سکر ۽ روهڙِي ٻئي جاڙا شھر آهن، صرف درياءَ وچان آهي، جيڪو پُل ذريعي ٻنھين شھرن کي ڳنڍي ٿو، بِلڪل ايئن جيئن ملائيشيا ۽ سينگاپور ٻہ الڳ ملڪ آهن، پر وچان صرف پُل آهي جيڪا ملائيشيا جي شھر ’جوهر بارو‘ ۾ آهي، اُها ڪراس ڪبي تہ سينگاپور، پر اسان وٽ ايترو وقت نہ هو، تنھن ڪري جوهر بارو نہ وڃي سگهياسين، ريل ۾ پوري ڏينھن جو سفر هو.
لئنسڊائون پُل ۽ ايوب پُل ذريعي نہ صرف سکر، پر پوري پنجاب سان ڳنڊيل هِن شھر وڏا انقلاب ڏِٺا. تاريخ جا ڪتاب لِکن ٿا تہ ڪيئي ڀيرا هي شھر اُجڙيو ۽ وري آباد ٿيو آهي. ساليانو هزارين مڻ ڪتل ۽ ڇوهارا پيدا ڪندڙ وڏي ۾ وڏي ڇوهارا منڊي رکندڙ هِن روهڙي شھر جي ريلوي اسٽيشن بہ ملڪ جي وڏين اسٽيشنن ۾ شماري وڃي ٿي. هِن شھر جو نالو بہ ڪيترن ئي محققن پنھنجي تحقيق مطابق مختلف ٻُڌايو آهي. راورٽيءَ پنھنجي ڪتاب ’ سنڌ جو مھراڻ‘ ۾ لِکيو آهي تہ، روهڙي هِڪ پُراڻو شھر آهي، جنھن جو هندي نالو ’روراپور‘ يا ’رورانگر‘ هو، ٻنھي نالن جي معنيٰ ’جبلن تي ٺھيل شھر‘ نِڪري ٿي. سنڌ گزيٽيئر ۾ هِن شھر جو نالو ’لوهري‘ لِکيو ويو آهي، هِڪ ٻي انگريز ڪپتان جي.اي. ويسٽ ميڪاٽ، ’ايشياٽڪ سوسائٽي، بنگال‘ رسالي ۾ هِن شھر جو نالو ’لوهر ڪوٽ‘ لِکيو آهي، هِڪڙا محقق چوَن ٿا تہ روهڙي دراصل ’روڙي‘ مان ورتل آهي، جيڪو ڀاشا جو لفظ آهي جنھن جي معنيٰ آهي ننڍڙو پٿر يا ٽڪري. هن شھر مان جيڪي بہ سياح گُذريا اُنھن هِن شھر کي کجين، گُلن ۽ گلابن جو خوبصورت شھر سڏيو آهي. ٺـٽي ۽ سيوهڻ جو همعمر سڏيو ويندڙ هي روهڙي شھر جنھن اسلام دؤر ۾ واپار، صنعت ۽ تعليم ۾ وڏي ترقي ڪئي. روهڙي ۾ تيار ٿيندڙ ’دريائي‘ ڪپڙو ڏيھان ڏيھہ مشھور هو. روهڙي شھر جون مِٺايون، کجور ۽ ڇوهارا گهڻو مشھور آهن، هِتي سيمينٽ جو وڏو ڪارخانو ’روهڙي سيمينٽ فيڪٽري‘ جي نالي سان آهي. هن شھر ۾ ڪيتريون ئي تاريخي مسجدون بہ آهن ۽ روهڙي جو ’ماتم‘ بہ ملڪ ۾ مشھور آهي. هِن شھر ۾ ’شاھہ لطيف ٽائون هال‘ بہ موجود آهي، جِتي علمي، ادبي پروگرام ٿين ٿا.
روهڙي شھر جا شھري پنھنجون موڪلون بہ سنڌو درياھہ ڪِناري تفريح ماڳن تي گُذارين ٿا ۽ سنڌو دريا اندر ٽي ٻيٽ، خواجہ خضر، ساڌ ٻيلو ۽ بکر تي ٻيڙين ذريعي وڃي وڏو لُطف ماڻين ٿا.
شبير بلو ٻُڌايو تہ: ’روهڙي ۾ بيدل ۽ بيڪس شاعر ٻئي پيءُ پُٽ آهن، اُنھن جون مزارون بہ هِتان کان ويجهو ئي آهن،‘ مون چيو ’بيدل ۽ بيڪس تي تہ ضرور هلبو، ڀلي کڻي وقت ٿورو بہ آهي. ڪيترو پري بہ آهن.‘ پوءِ آياسين بيدل ۽ بيڪس ڏانھن، پُل کان ٿورو اڳتي هلي هيٺ لھبو ۽ ٿورو ئي پنڌ اڳتي هلبو تہ ويجها ئي آهن، سمجهہ دريا ڪپ تي رکيل آهن.
بيدل جو قسم، بيڪس جو قسم
نالو جيئن ئي ٻُڌم تہ مونکي سرڪش سنڌي جو اِهو گيت’تون ڪاوَڙ ڇڏ، تون ڪاوَڙ ڇڏ‘ ياد اچي ويو، جنھن جي هِڪڙي مصرع ۾ آهي تہ، ’بيدل جو قسم، بيڪس جو قسم، جهونگاريم، جيئن ئي مزار ڏانھن وڌيس تہ دروازي تي هي شعر وڏن اکرن سان بورڊ تي لِکيل آهي پڙهيم:
جي طلب تينون هي ’بيدل‘ دائميٰ ديدار دي،
هٿ ڪنون ڇوڙين نہ دامنِ حيدرِ ڪرار دي.
اندر مزار تي پھرين سلام ورائي قُل پڙهياسين، بعد ۾ ديوارن تي وڏن اکرن ۾ لکيل شعر جيڪي پينافليڪس توڙي ڪاٺ جي بورڊن تي لکيل آهن، پڙهياسين ۽ اُنھن جا فوٽو بہ ڪڍيم. مقبري کان ٻاهر ديوار تي سنگ مر مر جي پٿر تي اُڪريل هي معلومات جيڪا اوهان سان شعر ڪريان ٿو:
”درگاھہ حضرت بيدل ۽ بيڪس روهڙي
حضرت فقير قادر بخش بيدلرح، سنڌ جو عظيم صوفي شاعر، برک عالم ۽ ڪامل عارف ٿي گُذريو آهي. سندن ولادت سن 1231ھہ مطابق 1815ع ۾ روهڙيءَ ۾ ٿي، سندن والد گرامي جو نالو فقير محمد مُحسن هو، جيڪو شاھہ عنايت جهوڪ واري جي سلسلي جي هِڪ بزرگ حضرت سيد عبدالوهاب شاھہ جيلانيءَ جي مريد ۽ حضرت مير جان الله شاھہ رضوي ثاني جو خليفو هو. حضرت فقير قادر بخش بيدل، قرآن، حديث، فقه ۽ ٻين علوم جا فارغ التحصل عالم ۽ مُبلغ هئا ۽ پڻ شريعت، طريقت، معرفت ۽ حقيقتن جا سيرَ ڪيل هُيس. حضرت فقير قادر بخش بيدل دستِ بيعت مريد حضرت جان الله شاھہ رضوي ثانيءَ جو هو، جڏهن تہ باطني فيض حضرت شھباز قلندر کان مِليس. حضرت فقير قادر بخش بيدل سنڌي، سرائيڪي ۽ اردو کان سواءِ فارسي ۽ عربي ٻولين ۾ نظم ۽ نـثر جا ٽيويھہ ڪِتاب لِکيا آهن، جن ۾ سندس فارسي عربي ڪلام جا ديوان ۽ مثنويون پڻ شامل آهن. پاڻ پنھنجي وقت ۾ تصوف جي سلسلي جو سرواڻ ۽ بيباڪ مُفڪر ٿي گُذريو آهي. فقير قادر بخش بيدل جو وصال تاريخ 16 ذوالقعد 1289ھہ مطابق 15 جنوري 1873ع ۾ ٿيو.
سندس فرزند فقير محمد محسن بيڪس پڻ سنڌ جو باڪمال صوفي شاعر ۽ درويش ٿي گُذريو آهي، جنھن جو ڪلام پڻ سنڌي، سرائيڪي، اردو، فارسي ۽ عربيءَ ۾ آهي، فقير محمد محسن بيڪس صرف 23 ورهين جي عمر ۾ تاريخ 5 رمضان المبارڪ 1298ھہ مطابق 1882ع ۾ وصال ڪيو.
پاران
محمد اسلم شيخ- تعلقه ناظم، تعلقه ڪائونسل روهڙي“
مزار جي ٻاهران دري مٿان هِڪڙو هي شعر بہ وڏن اکرن ۾ ڪاٺ جي بورڊ تي لکيل آهي:
الالله اثبات ڪر نيھي ٿيءُ نابود،
تارن سندو تاب ويو پسي شمس شھود،
ساجد ۽ سجود محو ٿيا مسجود ۾.
’بيدل‘
۽ هِڪڙي ديوار تي پينا فليڪس تي پرنٽ ٿيل ’بيڪس‘ جو هي غزل بہ اوهان سان شيئر ڪري ڇڏجي. هونئن تہ سنڌي ادبي بورڊ وارن محمد محسن ’بيڪس‘ جو ڪتاب ’ديوانِ بيڪس‘ بہ ڇپرايو آهي.
ڪنھن ڪارڪم جا ناهيون، بيڪار ٿا ڪمايون،
مولا ميٽي مندايون، ڪر معاف جهڪا جهولا.
تو ريءَ آهيون بيگانہ، ديدار لئہ ديوانہ،
هر جا ڦِرون حيرانہ، ڪڍ غير جا تون ڀولا.
داتار تون دلاور، آڌار تو گداگر،
بخشيش ڪر بھادر، پنھنجي برھہ جا ڪي ٽولا.
پير-مغان تو ساقي، ڪو جام پيار باقي،
ٿئي صاف دل جي طاقي، لاهيو اکين جا اولا.
تون دستگير منھنجو ’بيڪس‘ فقير تنھنجو،
ٻيو در نہ تڪيون ڪنھن جو، گولن سندا هون گولا.
هي بيدل ۽ بيڪس ٻئي پيءُ پُٽ آهن ۽ ٻئي گڏ رکيل آهن. ٻنھي تي قُل پڙهي فوٽوگرافي ڪري ٻاهر آياسين،
’بيڪس‘، سونھن پرست هو
”حضرت قادر بخش ’بيدل‘ ٻہ شاديون ڪيون هيون، هِڪڙي مائـٽياڻي هُئي، هِڪڙي شڪارپور جي مغل خاندان مان ڪيائين، اُن شڪارپور جي مغلياڻي مان ڄاول محمد محسن ’بيڪس‘، سونھن پرست هو، هر حسين ۽ خوبصورت چھرو هِن لاءِ ڪشش رکندو هو. سندس والد بيدل جي وصال کانپوءِ بيڪس جهوڪ شريف شاھہ عنايت جي درگاھہ تي ڪجهہ ڏينھن رهڻ کانپوءِ، سيوهڻ هليو ويو، حضرت قلندر لعل شھباز جي حضور ۾، ان سير سفر کان واپس پھتا تہ پھرين ڪنعيي جي پُڇا ڪيائون، کيس ٻُڌايو ويو تہ ڪنعيو ڪنھن وچڙندڙ بيماري ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. اهو ٻُڌندي ئي بيڪس سرڪار سِڌو ڪنعيي جي گهر پھتو، ڪنعيي کي ڏِسي چيائين ’محبوب بس هاڻي باغ بھار آهيو‘ اِهو ٻُڌڻ بعد ڪنعيو کٽ تي اُٿي ويٺو. ٻي ڏند ڪٿا اِها تہ: بيڪس سرڪار ڪوٺي جي ڇت تي ڏيئو ٻاري رهيا هئا، گهر ڀاتين جي پڇڻ تي فرمايائين تہ اڄ مالڪ ايندا تنھن ڪري ڏيئو ٻاريون اٿم، ڪجهہ دير بعد ڪنعيو آيو، جنھن سان ڪوٺي تان لھي اچي مِليو ۽ کيس دڙڪو ڏيندي چيائين تہ ’منھنجي مرڻ کانپوءِ منھنجي قبر تي نہ اچجائين، تنھنجي هر ضرورت گهر ويٺي پوري ٿيندي، جيڪڏهن ڀُلجي قبر تي آئين تہ قبر ڦاٽي پوندي ۽ آءٌ ٻاهر نِڪري ايندس. اِهو ٻُڌي ڪنعيو گهر هليو ويو، ’بيڪس‘ سرڪار صبح تائين اُن ڪوٺي تان هيٺ نہ لٿو، جڏهن صبح گهر ڀاتي کوٽي جي ڇت تي چڙهيا تہ ڇا ڏِسن رڳو گُلاب جا گُل، رابيل جا گُل جن جي ايتري تہ تيز خوشبوء هُئي جو سڀني جا دماغ معطر ٿي ويا، جڏهن هِن جي کٽ ڏانھن ڏِٺائون تہ هن کي دارالبقا ڏانھن روانو ٿيل پاتائون.
ساجن سائين سير ڪرڻ لئه، آيو ٿي انسان،
ڪِٿي ڪافر، گبر، يھودي، ڪِٿي مسلمان،
ڪِٿي مذهب جو مونجهارو، ڪِٿي بي ايمان،
ڪِٿي ’بيڪس‘ طلب ٿئي ٿو ’بيدل‘ پير مُغان.
مزارن جي اوڀر طرف کان گادي نشين جو هجرو آهي، جنھن ۾ گادي نشين صوفي فقير غلام نجف قريشي پنھنجي سنگت سان گڏ ويٺو هو، سلام ورائي ساڻس مِلياسين، پاڻ چانھہ، پاڻي پيئڻ لاءِ گهڻو ئي زور ڀريو، پر اسان وٽ وقت بلڪل نہ هو تنھن ڪري انڪار ڪيوسين چند گهڙيون ساڻس حال احوال ۽ ڪچھري ڪري کائنس موڪلايوسين، گڏ گروپ فوٽو بہ ڪڍيو.
سکر بئراج سھڻي منھنجي سنڌ جو
هاڻي واپسي وري ساڳين پُل جي بجاءِ سکر بئراج واري پُل تان ڪرڻ چاهيسين، جيئن بئراج پُل بہ ڏِسي وٺجي، بئراج پُل جا دروازا، جيڪي66 ٻُڌايا وڃن ٿا، واقعي ئي ايڏي وڏي پُل آهي، اسانجي ڪار 80 جي اسپيڊ سان هلي رهي هئي، پوءِ بہ ڪافي دير پُل تان گُذرندي لڳي ويو. هِتي اِهو تہ ممڪن نہ هو تہ پُل تي گاڏي روڪي پُل جو نظارو ڪجي يا فوٽو گرافي ڪجي، فوٽوگرافي جو هونئن بہ وقت نہ هو، جو رات ٿي چُڪي هُئي، ها پر رات جي وقت بئراج پُل تي لڳل بتين جي روشني جڏهن سنڌو درياءَ جي پويتر پاڻي تي پئي رهي هئي تہ هي نظارو دِل لُڀائيندڙ هو، دِل پي چيو تہ ڪيئي گهڙيون، پويتر پاڻي تي پوندڙ بلبن جي هِن روشنيءَ سان روح رهاڻ ڪجي، پر وقت جو تيز ڊوڙندڙ گهوڙو ڪِٿي ٿو، ايتري مُھلت ڏي.
برٽش دؤر ۾ جوڙيل دُنيا جي سڀ کان وڏي آبپاشي نظام کي ڪنٽرول ڪندڙ سکر بئراج يا لائڊ بئراج، جنھن جي ڊزائن سر آرنلڊ مسٽو ٺاهي ۽ سر چارلٽن هيريسن جي هدايتن مطابق هن کي 1923ع کان تعمير ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪو 1932ع تائين جوڙي راس ڪيو. هن جي اسڪيم 1846ع ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل اسڪاٽ تيار ڪئي هئي، 1904ع ۾ ڊاڪٽر سمرس سپرنٽينڊنٽ انجنيئر مٿئين اسڪيم حڪومت هند جي ڌيان تي آندي، 1910ع ۾ ٻيھر حڪومت آڏو هِن اسڪيم متعلق سوال اُٿيو، 1916ع ۾ هِڪڙي ڪميٽي ٺاهي وئي، جنھن هِن اسڪيم جي جانچ ڪئي ۽ اُن کان پوءِ ڪم کي هلائڻ جي سفارش ڪئي. اِهو ڪم تمام سُست رفتاري سان پراسسز ٿيندو رهيو، نيٺ 1923ع ۾ سيڪريٽري هند کان منظوري پھتي ۽ جولاءِ مھيني کان بئراج ڪالوني جي ڪوارٽرن ٺھڻ جو ڪم شروع ٿيو. 1925ع ۾ واهن جي کوٽائيءَ جو ڪم شروع ٿيو، 1926ع کان پُل جي تعمير جو ڪم شروع ٿيو. هن تي لائڊ بئراج نالو اِن ڪري بہ رکيو ويو جو اُن وقت بمبئي جو گورنر لارڊ لائڊ هو، جنھن ڪم ۾ ڪافي دِلچسپي ورتي هئي.
اِهو پڻ پڙهيو اٿم تہ هن بئراج جي ڪئنالن جي مدد سان اٽڪل هِڪ ڪِروڙ ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي. ساڄي پاسي کان ٽي وڏا واھہ (1) اُتر اولھہ ڪئنال، (2) رائيس ڪئنال، (3) دادو ڪئنال نِڪرن ٿا ۽ کاٻي پاسي کان چار وڏا واهہ (1) اڀرندو نارو، (2) اوڀر خيرپور ڪئنال، (3) روهڙي سنڌ سڌار ڪئنال، (4) مغربي خيرپور ڪئنال نِڪرن ٿا.
سکر بئراج يا لائڊ بئراج پُل جي ڊيگهہ هِڪ ڪلوميٽر ٻُڌائي وڃي ٿي، هي پُل لنڊن جي ٿيمس پل کان پنجوڻ تي وڏي آهي. سڄي سفيد پٿر سان جُڙيل آهي، هِن کي ڇاهٺ دروازا فولاد جا لڳل آهن، جيڪي برقي طاقت سان مٿي کڄن ۽ بند ٿين ٿا.
13 جنوري 1932ع ۾ وائسراءِ لارڊ ولنگڊن هن پُل جو جڏهن افتـتاح ڪيو هو تہ اُن موقعي تي سڄي هندستان جا سرڪاري غير سرڪاري معزز ماڻھو حاضر ٿيا هئا. اهڙو اجلاس/گڏجاڻي شايد پھرين ڪڏهن بہ نہ ٿي هُئي ۽ اِهو بہ پڙهي حيراني ٿي تہ دُنيا جي عجائبات ۾ هن بئراج کي بہ شامل رکيو ويو آهي.“
سُھڻي منھنجي سنڌ جي هن سونھن کي برقرار رکڻ لاءِ وقتِ حڪومت الائي ڪيترو ۽ ڪھڙو ڪم ڪيو آهي، اِن جي ڄاڻ نہ اٿم، پر اهڙو وڏو بئراجي سسٽم 75 سال گُذرڻ کانپوءِ پاڪستان حڪومت نہ جوڙي سگهي آهي، اڳي حڪمران ملڪ، علائقي، خطي کي ٺاهڻ لاءِ حڪومت قائم ڪندا هئا ۽ هاڻي سڀ ڪجهہ کائڻ لاءِ حڪومت حاصل ڪندا آهن.
لبِ مھراڻ، ’مِٺا مھراڻ ۾ مِلبو‘
شبير بِلو صاحب! هاڻي هلي لبِ مھراڻ تي چانھہ بہ پيئون ۽ نماز بہ پڙهون. اڳين سيٽ تي ويٺل اسانجي ميزبان شبير احمد بلو کي مخاطب ٿيندي چيم، شبير احمد بلو هِتي جو رهاڪو آهي، تنھن ڪري اڳيان روڊ، رستا ۽ موڙ ٻُڌائيندو آيو، اچي لبِ مھراڻ تي پھتاسين، سُٺي رونق نظر اچي رهي هُئي. اسان گاڏي کي سائيڊ کان پارڪ ڪري پھرين تہ مسجد جي تلاش ڪئي، جيڪا پڻ ڀر ۾ ئي هُئي، مسجد هاڻي نئين تعمير ٿي آهي، اڃا تعمراتي ڪم هلي رهيو آهي، گهڻي وڏي بہ ناهي، پر بھترين مسجد آهي، جِتي چئوطرف جهولا، هوٽلون، لائوڊ اسپيڪر اهڙي شور جي وچ ۾ عبادت گاھہ بہ هُجي، جيئن هر ماڻھو آزاد آهي، تہ هو عبادتگاھہ طرف وڃي، هوٽلن ڏانھن وڃي، تفريح شين ڏانھن وڃي. اسان پھرين مغرب جي نماز پڙهي، گڏ عشاءَ نماز بہ پڙهيسين. سفر ۾ هُئاسين، تنھن ڪري سفر نمازون ئي پڙهي رهيا هئاسين.
ٻاھر آياسين، هِڪڙي هوٽل جي ٻاهر رکيل ٽيبل ڪُرسين تي ويٺاسين، جيئن ٻاهر جي رونق مان بہ لُطف اندوز ٿي سگهجي. هِن هوٽل جو نالو آهي ’مھراڻ ڀٽو هوٽل‘، چانھہ کان پھرين فنگر چپس گهراياسين، آءٌ ان کان پھرين لبِ مھراڻ دريا جي ڪپ تي لڳل لوهي جهنگلي طرف آيس، اوندھہ ٿي وڃڻ ڪري دريا جي دهشت تہ نظر نہ پئي اچي، پر پريان لئنسڊائون پُل جي بتين جو نظارو بھترين پيو ڏِسجي ۽ دريا جي هُن ڪپ روهڙي شھر ۾ ٻرندڙ روشنين جي رونق پُڻ نظر اچي رهي آهي. هِتي مونکي الائي ڪيئن ۽ ڪِٿان کان روحل واءِ جي جمن دربدر جو اِهو مشھور غزل زبان تي آيو.
وٺي هر هر جنم وربو، مِٺا مھراڻ ۾ مِلبو،
ختم اونداھہ ٿي ويندي، چِٽي چانڊاڻ ۾ مِلبو.
وري ورندا تہ وسڪارا، وسي پوندا هي پڊ سارا،
مارو ٿيندا تہ موچارا، مينھَن مانڊاڻ ۾ ملبو.
مِٺا مھراڻ ۾ مِلبو، مِٺا مھراڻ ۾ مِلبو.
منَ ۾ هِڪڙو خيال جو پکي
جيستائين چانھہ اچي، اسين فنگر چپس کائي رهيا آهيون ۽ منھنجي من ۾ هِڪڙو خيالن جو پکي پرڙا پکيڙي لھي اچي ٿو، ’اسين هي هيڏا پنڌ ڪري وقت سيڙائي ۽ پئسو لڳائي گهُمون ٿا، اِهو سڀ ڪجهہ ڇا آهي، اِها ڪھڙي تانگهہ آهي، ڪھڙي اُڪير، ڪھڙي سِڪ آهي، جيڪا اسانکي ايڏا پنڌ ڪرائي ٿي، ڪڏهن پھاڙن جا، ڪڏهن رڻن جا، ڪڏهن شھرن جا تہ ڪڏهن بحرن جا، ڪڏهن سمنڊن جا تہ ڪڏهن دريائن جا، ڪڏهن درگاهن جا تہ ڪڏهن آثارن جا، اِهي سڀ پنڌ اجايا تہ نہ هوندا، ممڪن آهي، ڪي انسان اهڙا بہ هُجن جن لاءِ هي سڀ ڪجهہ اجايو هُجي، جن جي ذهنن ۾ گند کان سواءِ ڪنھن بہ سُٺائي ۽ سُرهاڻ کي جڳھہ نہ مِلي سگهندي هُجي، اهڙن ذهنن لاءِ هي سڀ پنڌ اجايا هوندا، پر اسان تہ ڄڻ اِهو قسم کڻي ڇڏيو آهي تہ هِن سُھڻي منھنجي سنڌ جي سَنڌ سَنڌ، هَنڌ هَنڌ کي ڏوري ڏِسبو، لِکبو ۽ ڳائبو، سنڌ جي سونھن کي دُنيا جي ڪُتب خانن تائين پھچائبو، لائبريرين ۾ سنڌ جي سونھن تي لِکيل ڏِٺل مشاهداتي معلومات وارا هي سفر سڀني سان شيئر ڪبا، خيالن جي کوھہ ۾ اڃا تري ئي رهيو هئس، تيستائين ٽيبل تي چانھہ جي ڪوپن جو آواز مونکي واپس آڻي وٺي آيو، چانھہ جي چُسڪين ڀرڻ لاءِ.
چانھہ پي اُٿياسين، شبير بلو کي چيوسين، هاڻي اسانکي خيرپور جي روڊ تي ڇڏي اچو، جيئن اسين سِڌو وڃي کجين جي شھر خيرپور ۾ رات جا پھر رهون. بلو صاحب گهڻو ئي اِسرار ڪيو تہ اڄ رات مون وٽ ترسي پئو، پر چيوسين هِتي ترسڻ اجايو آهي، اسانکي صبح سوير خيرپور گُهمڻو آهي، بھتر ٿيندو تہ رات بہ کجين جي شھر خيرپور ۾ وڃي رهجي.
شبير کان خيرپور جي هوٽلن جي باري ۾ پڇيوسين، چيائين هوٽلون کوڙ آهن خيرپور ۾. سدابھار وزيراعليٰ رهندڙ قائم علي شاھہ جو شھر آهي، خيرپور ۾ هوٽلون نہ هونديون،!!! خير، کائنس ڀاڪر پائي موڪلايوسين.
هاڻي ڏسيل روڊ تي رات ويلا هلندا رهياسين، هِڪڙي پُل آئي اُن کي ڪراس ڪيوسين اڳيان ٽول پلازہ آيو، جِتي سکر ضلعي جون حدون ختم ٿين ٿيون ۽ خيرپور ضلعو شروع ٿئي ٿو. اسين هاڻي سکر کي سلام ورائي ڪري، کجين جي شھر خيرپور ڏانھن وڃي رهيا آهيون.
ٺيڙهي شھر مان گُذرياسين
وِچ ۾ لِنڪ روڊ ٿو اچي ۽ پاسي ۾ ئي ٺيڙھي شھر آهي، جيڪو سکر ۽ خيرپور جي وچ تي ٿي پيو سگهي، جيئن ماتلي بدين جي وچ تي تلھار شھر آهي، پر تلھار تعلقي جو شھر آهي، جڏهن تہ ٺيڙھي شھر خيرپور جي هِڪڙي يونين ڪائونسل جو شھر آهي، پر کجين جي باغن جي ڪري هِن شھر ۾ رش هوندي آهي، هِن وقت بہ اسان کي نظر اچي رهي آهي، ٽرڪون ڇوهارن جون پيون ڀرجن، شھر جي وِچان گُذرياسين روڊ جي ٻنھي پاسن کان کجور جا وڏا وڏا عاليشان دُڪان نظر آيا. سنگت کي چيم ’گاڏي کي روڪيو، کجور سوکڙي طور وٺيو هلون،‘ چيائون ’کجور جو شھر آهي ئي خيرپور اُتي تہ هلون پيا، سڀاڻي هلڻ وقت وٺنداسين،‘ چيم ’ٺيڪ آهي.‘ ۽ پوءِ ٺيڙھي کي بہ پوئـتي ڇڏي اڳتي اُڪري اچي پھتاسين خيرپور شھر ۾، هاڻي هڪ تہ اجنبي شھر، ٻيو اسين اويلا مسافر، هِن شھر ۾ منھنجو دِلبر دوست ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل، حساس طبيعت جو مالڪ، سھڻو شاعر ڊاڪٽر مشتاق ڦل بہ رهي ٿو، پر ايئن اچانڪ اچڻ جي ڪري، اُن کي فون ڪرڻ مُناسب نہ سمجهيم.
زم زم ۾ رهياسين رات هِڪڙي
هوٽلن جي پُڇا ڪئيسين، اسان کي پھرين شھر ڏانھن ڏس ڏِنائون جيڪي صرف کائڻ واريون هوٽلون هيون اسان رهائش لاءِ پي ڳوليون، پوءِ ٻاهر اسان کي ڏس مِليو شھر کان ڪافي ٻاهر نِڪري آياسين. هِڪڙي سائي ڪلر سان وڏي محل نما هوٽل نظر آئي، اُن هوٽل ۾ رات رهڻ لاءِ ڊبل بيڊ وارو ڪمرو بڪ ڪيوسين، چارج 3000 هزار هئي، گاڏي جي پارڪنگ هوٽل جي سامھون لڳل شيڊ هيٺ هئي، جيڪا ذميواري هوٽل انتظاميہ جي هُئي. هي هوٽل زم زم آهي، شايد ڪنھن وڏي ماڻھو جي آهي، اڏاوت /سجاوٽ مان اندازو لڳائي سگهجي پيو. خير ڪنھن جي بہ آهي، انھيءَ خفي ۾ نٿا وڃون، اسانکي تہ بس رات جا چار پھر رهڻو آهي، ڪھڙو خريد ڪرڻو آهي. جيڪا معلومات هوندي صبح مئنيجر کان وٺي وٺبي.
جيڪي سفر ۾ هسمفر هئا
پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي: ماتلي سان تعلق رکندڙ معزز شخصيت، پيشي جي لحاظ کي ليڪچرار گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي، پاڻ سُٺا ليکڪ ۽ تاريخ سان دِلچسپي رکندڙ، تاريخ لِکندڙ، ماتلي جي تاريخ لِکي اٿس، اُن کان علاوه حافظ نظاماڻي جي شاعري جا مجموعا ”باغي آ عشق منھنجو“، ”تاريخ آهي شاهد“ پڻ هِن جا سھيڙيل آهن، نظاماڻي ذات تي ”تذڪراءِ نظاماڻي“ وڏو ڪِتاب لِکيو اٿس، جنھن ۾ پوري نظاماڻي قبيلي جا شجرا ڏِنا اٿس. اُن کان علاوه کوڙ ٻيا بہ ڪيترائي ڪتاب لِکيا، سھيڙيا ۽ مُرتب ڪيا اٿس. ”محمد صديق مسافر جي علمي، ادبي، تعليمي، صحافتي ۽ سماجي خدمتن جو تحقيقي مطالعو“ جي عنوان سان محمد صديق مسافر تي پي ايڇ ڊي ڪري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي اٿس.
شبير احمد بلو: شبير احمد عرف خادم خُدائي بابا بلو، مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ طب جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي مان بي يو ايم ايس، ايف ٽي جي، جي ڊگري وٺي پنھنجي حڪمت جو ڪم شروع ڪيائين، هي تاريخ جو شاگرد بہ رهيو آهي، ادب سان بہ گهڻي دِلچسپي رکي ٿو، گهر ۾ لائبريري بہ اٿس. عبدالڪريم بلو جي اڱڻ تي اکيون کوليندڙ شبير احمد کي هاڻي حڪيم شبير احمد عرف خادم خدائي بابا سڏيو وڃي ٿو. اصل تعلقو پنو عاقل ضلعو سکر جا آهن، هاڻي شھر سکر جي قريشي روڊ تي گلشن اقبال ڪالوني ۾ رهن ٿا.
منظور احمد جوڻيجو: ماتلي شھر سان تعلق رکندڙ، منھنجو ڀاءُ آھي، سُٺي دل رکندڙ آھي، سندس حيدرآباد ۾ ”الرزاق پرنٽرز“ آھي، پنھنجي ڪاروبار ۾ ڪامياب آھي. گُهمڻ جو شوق هوندو اٿس، ۽ ھميشہ چوندو آهي، گُهمڻ جو پروگرام ٺاهيو گاڏي منھنجي حاضر آهي.
مور ساگر: ’ڪي جاڻا مين ڪوڻ بُليا‘
( 08 اپريل 2019ع - ضلعو، شڪارپور- سکر-خيرپور )