چوهڙ تان چڪر
روانگي
چوهڙ تان چڪر، اڄ اسانجو آهي،
سڻائو سفر، ڪجائين ڪريم تون.
سياري جي سرد موسم تہ مھينو پھرين موڪلائي وئي، هاڻي اسين بھار جي ڀاڪُر ۾ پھريون سفر سنڌ جي ڏاکـڻين لاڙ پَٽي جي پَٽن تي پير پائڻ لاءِ آئون، ادا منظور، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي صبح 7:00 وڳي روانا ٿياسين، اڄ اسانجي منزل چوهڙ جمالي ۽ آسپاس جا آثار ۽ قديم جايون گُهمڻ آهي. هن سنڌ منھنجي جِند جو هر ماڳ، واهڻ، وستي، شھر، بحر، ڍورا ڍنڍون، روھہ، راهون، گس، گهٽيون، گُهمڻ جي خواهش کڻيون سيني ۾ هلندو رهيو آهيون، گڏوگڏ اِها دُعا بہ گُهرندو رهندو آهيان تہ ’الله پاڪ ايتري مُھلت ضرور ڏجائين، جو هِن جِند جھڙي سنڌ جي سونھن پنھنجي هِن اکين سان ڏِسي ۽ هٿن سان لِکي سگهان.‘
باءِ پاس پيٽرول پمپ تي گاڏي ۾ 2700 سئو جو پيٽرول وجهرايو، ادا منظور چيو ’ميٽر نوٽ ڪيو ڏِسنداسين تہ اڄ گهڻا ڪلوميٽر ٿا سفر ڪريون ۽ پوءِ ريڊنگ نوٽ ڪري سفر جي دُعا پڙهي روانا ٿياسين.
ماتلي ڦاٽڪ ڪِراس ڪيوسين تہ سائين عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي حسبِ عادت تاريخ جا ورق کولڻ شروع ڪيا. ڦاٽڪ کان ڏکڻ طرف وڏو قبرستان آهي، جنھن ڏانھن اشارو ڪندي ٻُڌايائين تہ: ’اِهو قبرستان مولوي نظر محمد نظاماڻي جي نالي سان آهي ۽ اِن قبرستان لاءِ مولوي نظر محمد نظاماڻي پنھنجي زمين مان 8 ايڪڙ ڏِنا ۽ چيائين تہ مونکان شروعات ڪجو ۽ پوءِ ٿيو بہ ايئن.‘ سائين اڳتي ٻُڌايو تہ: ’جڏهن مولوي نظر محمد نظاماڻي جو جنازو کنيو ويو تہ جنازي مٿان پکين جو ٽولو هلڻ لڳو، پکي ڪانگ جي نموني هئا، پر ڪانگ نہ هئا ۽ جنازي ۾ هلندڙ ماڻھو سڀ حيران هئا، پر پکين جي سُڃاڻپ ڪنھن بہ نہ ڪئي، جڏهن جنازو دفن ڪيو پي ويو تہ اُهي جناري سان گڏ هلندڙ پکي پري هڪ وڻ تي وڃي ويٺا، جڏهن جنازو دفن ڪري دُعا پڙهي ماڻھو سڀ روانا ٿيا تہ پکي بہ اُڏامي هليا ويا.‘ سائين ٻُڌايو تہ اِها ڳالھہ 1918ع جي آهي‘.
متارو اسٽاپ کان اسانجي گاڏي ڪڙيي گهنور جو رُخ رکيو، ان ڪري جو اڳيان اسانکي شاعر حافظ محمد نظاماڻي کي ساڻ کڻڻو هو. سائين عبدالجبار کيس فون ڪئي تہ ’حافظ صاحب تيار ٿي ويھہ اسان هاڻي اوهان ڏانھن اچون پيا،‘ حافظ چيو تہ ’اڄ منھنجي طبيعت ٺيڪ ناهي،‘ پر سائين عبدالجبار چيو تہ ’رستي ۾ گوري دوا ڪندا هلنداسين، پر هلڻو ضرور آهي.‘
جتي علم ادب جي کوٽ آ، اُهو ئي منھنجو ڳوٺ آ
ڪڙيي گهنور کان ٿورو پھرين ڳوٺ سھراب خان نظاماڻي جو بورڊ لڳل آهي، اُن بورڊ طرف اسانجي گاڏي مُڙي، آياسين حافظ نظاماڻي جي ڳوٺ سُھراب خان نظاماڻي، اوطاق تي سندس فرزند اويس مِليو، اُن اسانکي اوطاق ۾ رکيل کٽ تي ويھاريو، پاڻي پياريو، اُن ئي ساعت سنڌ جو سرمايو، لاڙ جو سچل سڏيو ويندڙ سائين حافظ محمد نظاماڻي بہ اچي ويو، اويس چيو ’اوهين ڪچھري ڪريو تيسيتائين آئون چانھہ ٿو کڻي اچان‘ اسان سڀني جي راءِ هُئي تہ چانھہ کي ڇڏيون ٿا، اڳتي ڪِٿي رستي ۾ پي وٺنداسين، چانھہ کي ڇڏيوسين ۽ ويٺاسين گاڏي ۾. رستي ۾ ڪڙيو ۽ کوراھہ جي وچ تي پٽيھل دريا جا آثار سائين عبدالجبار ڏيکاريندو هليو،
مُلا حسن جي درگاھہ جو ديدار
ڪجهہ مِنٽ لِنڪَ روڊ تان ۽ پوءِ وري هيٺ ڪچي پوٺيءَ تان گاڏي کي گُهمائيندا اچي پھتاسين ملا مخدومن جي ڳوٺ، ڳوٺ پڪو ۽ وڏو پيو نظر اچي. جيئن ئي ڳوٺ ۾ داخل ٿياسين تہ اُتر طرف مُلا حسن جي درگاھہ ۽ ڀر ۾ اولھہ طرف کان مسجد آهي، پھرين مسجد ۾ آياسين، مسجد ڏِٺيسين، قديم نظر اچي رهي آهي. مسجد منجهان رستو بہ نِڪري ٿو ملا حسن جي مزار طرف، جيڪا مسجد کان اوڀر طرف آهي، ملا حسن جي مزار ۽ مسجد جي وچ تي هِڪڙو زمين ۾ مينار نموني ٺھيل آهي، جنھن لاءِ سائين وارن ٻُڌايو تہ ’چوَن ٿا هِن جاءِ تي مُلتان وارو غوث بھاءُالدين ۽ ملا حسن ڪچھري ڪندا هئا، تنھن ڪري اِن جاءِ تي يادگار طور اِهو مينار اڏي ڇڏيو اٿن.‘
ملا حسن جي مزار اندر قُل پڙهي ٻاهر نِڪتاسين، دروازي وٽ ئي هِڪڙي قبر واڻيـين جي آهي، جنھن جي تصديق اُتي موجود مجاوَر کان ڪئيسين. اُن ٻُڌايو تہ: ’هي واڻيون جاتي جو آهي ۽ هي سائين ملا حسن جو مريد هو، جڏهن هي گُذاري ويو تہ واڻين جي رسم موجب هِن کي ساڙڻ لاءِ رکيو ويو تہ اوچتو اُتان کڄي اچي هِتي دفن ٿيو ۽ هي قبر ٺھي وئي‘. ڏند ڪٿا آهي يا حقيقت، خُدا ئي بھتر ٿو ڄاڻي.
ملاحسن جي مزار جي اوڀر ۾ هِڪ ڄار هُئي، جنھن تي موڙ پيل هُئا، حافظ محمد نظاماڻي ٻُڌايو تہ ’مَلڪاڻي ذات جي ماڻھن ۾ جڏهن بہ شادي ٿيندي آهي تہ پھرين هن مزار تي اچي حاضري ڀريندا آهن، پوءِ گهوٽ ۽ ڪنوار اِن ڄار کي سَت ڦيرا ڏيندا آهن، آخر ۾ گهوٽ پنھنجا موڙ لاهي اِن ڄار تي رکي ويندو آهي.‘ مون چيو ’سائين بس عجيب رسم و رواج هوندا آهن، مختلف هنڌن تي مختلفن نمونن جا‘.
هِڪ ڀيرو ميان مير چانڊيي سان فون تي ڪچھري ڪندي انھيءَ واقعي جي تصديق خاطر پڇيومانس، ڏاڍو کِليو ۽ پوءِ چيائين ٿي سگهي ٿو، اڳي ايترو علم نہ هو ماڻھن کي، ٿي سگهي ٿو، مون چيومانس ’سائين اڳي تہ اڳي، پر آئون هاڻي موجودہ وقت جي ڳالھہ ڪري رهيو آهيان، مون پنھنجي اکين سان ڄار تي نوان موڙ ڏِٺا‘، وري بہ ميان مير کِليو، چيائين: ’بلڪل بلڪل مور تون صحيح پيو چوين.‘
مولوي علي محمد مھيري هِتي سُتل آهي
مسجد جي ديوار لڳ اُتر طرف وقت جي وڏي عالم بزرگ مولوي علي محمد مھيري جي قبر آهي، اُن تي بہ قُل پڙهياسين، سائين عبدالجبار ٻُڌايو تہ ’مولوي علي محمد مھيري دودي مھيري جو تڙ ڏاڏو آهي‘، پر مونکي سندس قبر جي حالت ڏِسي ڏُک ٿيو تہ شايد هِن قبر تي وارث اچن ئي ڪونہ ٿا.
حافظ محمد نظاماڻي جيڪا ڳالھہ ٻُڌائي تہ: ’مولوي علي محمد مھيري جو پُٽ هو، مولوي عارف اُن لاءِ سعيد پور جي يعقوب ٿيٻي هِڪڙي روايت ٻُڌائي هُئي تہ ’سعيد پور ڪاليج ۾ ڪُتا تمام گهڻا ٿي ويا پوءِ سڀني صلاح ڪئي تہ ڪُتا مار دوا وٺي هِنن کي ڏِني وڃي تہ جان ڇُٽي، سو ٻوڙ رڌائون اُن ۾ ڪُتا مار دوا وِڌائون ٻوڙ ڍڪي رکيائون، مولوي عارف ٻاهران پي آيو اُن کي خبر نہ هئي اُن هنڍي (جنھن ۾ ٻوڙ پيو هو) جو ڍڪ لاهي اُن مان ٻوڙ وڌي کاڌو، کائي دنگ ڪيائين پوءِ اُنھن همراهن ڏِٺو جن دوا وِڌي هئي. هاڻي هي سڀ پريشان هئا ۽ مولوي کي ڏِسندا رهيا تہ ڪنھن وقت ٿو ڪجهہ ٿيئي، پر مولوي عارف کي ڪجهہ بہ نہ ٿيو ۽ هنن ڏِٺو تہ مولوي عارف مُصلو وِڇائي نماز پڙهي رهيو آهي. اِهو ڏِسي سڀني کي تسلي ٿي.‘
هِڪ ٻيو واقعو فيس بڪ تي پڙهيم ”هڪ دفعو ٻہ چور ڍڳو چوري ڪري جهنگ ۾ ٻَڌي پاڻ ماني کائڻ لاءِ مولوي صاحب جي اوطاق تي آيا، پر هو مولوي صاحب کي سُڃاڻندا ڪونہ هئا، رمضان جو مھينو هو، مولوي پاڻ تہ روزائـتو هو، پرمولوي صاحب گهران ماني بہ کڻيو آيو تہ گاھ جو ڀاڪر بہ کڻيو آيو، ڇو تہ مولوي صاحب کي ڪِٿان خبر پئجي وئي تہ هنن جهنگ ۾ ڍڳو بہ ٻَڌو آهي، چورن پُڇيو تہ سائين گاھ ڇو آندو اٿوَ، مولوي صاحب چيو تہ ’اوهان ماني کائو ٿا تہ هن گُگَدام کي بہ بُک لڳي هوندي ان لاءِ گاھ آندو اٿم‘ وڌيڪ ڪجهہ ڪونہ چيائين، چورن ماني کائي مولوي صاحب کان معافي ورتي ۽ ڍڳو ڀاڳين کي واپس ڪيو ۽ وري چوري ڪرڻ کان توبھہ ڪري ڇڏيائون!“
اِهي تہ هُئا اُن وقت جا انسان، پوءِ بُزرگ هُجن يا چور هُجن، پر اُنھن ۾ اخلاقيات ۽ اصول هوندا هئا، هِن دؤر ۾ تہ اُنھن ٻنھي عملن کان ماڻھو وانجهيل نظر ٿا اچن. گاڏي ڏانھن وڌندي پنھنجا ويچار سنگت سان ونڊيم.
حمل جت ۽ راڌي جت جا زبون حال مقبرا بہ ڏِٺاسين
درگاھہ ملا حسن کان ڪجهہ فاصلي تي اُتر طرف ڏانھن جڏهن اسانجون نظرون ويون تہ اسانکي پري کان زبون مقبرا نظر آيا، جيڪي واري جي دڙي تي موجود آهن. اسانکي حافظ محمد نظاماڻي ٻُڌايو تہ: ’سامھون ٻن غدارن جون قبرون آهن، هلو ڏِسڻ تہ هلون،‘ مون چيو ’هلو سائين ڏِسڻ گُهرجي باقي تاريخ سڀ ڪنھن جو فيصلو ڪري ڇڏيندي آهي، جيڪي غدار هوندا آهن اُنھن کي غدار لِکندي آهي، جيڪي رهبر هوندا آهن، اُنھن کي رهبر ۽ رهزنن کي رهزن لِکندي آهي، تاريخ هِڪ حقيقت آهي ۽ هر حقيقت اُگهاڙي هوندي آهي، جنھن کي ڪنھن جو بہ حياءُ يا ڪنھن کان بہ حِجاب ناهي هوندو‘.
تاريخ نہ ڪنھن تي ترس سِکي،
هر سِٽ جنھن پنھنجي صاف لِکي.
حافظ گاڏيءَ مان لھندي پنھنجي شعر جو بند پڙهيو، گاڏي کي ٿورو پرڀرو روڪيوسين، مقبرن تائين گاڏيءَ جو رستو نہ هو، واري جا دڙا هُئا، هِتي اسانکي ٿوهر بہ نظر آيا، ’ڀتل ول‘ پيلن گُلن سان بہ نظر آئي، واريءَ تان پير پائي اسين اندر مقبرن ۾ وياسين، مقبرا صفا زبون حالي جو شڪار، قبرن تي ڪِچرو پيل، ڊٺل ۽ پکين جون وِٺيون وغيره وغيره.
حافظ محمد نظاماڻي ٻُڌايو تہ ’هي اُهي ٻئي غدار آهن جِن شاھہ عنايت سان غداري ڪئي ۽ اُنھي جي ڪيترن ئي فقيرن کي قتل ڪيو، حمل جت ۽ راڌو جت اُن وقت موجود جَٿي جا سربراھہ هُئا ۽ ٻيو ڪِردار نور محمد پليجو بہ ٻُڌايو وڃي ٿو، انھي ڪُـڌي عمل ۾ اُهو بہ شامل آهي.‘
اها ڳالھہ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ مون هيئن پڙهي آهي ”سيد عبدالواسع شاھہ، نور محمد پليجو ۽ حمل جت پاڻ ۾ ڳٺ جوڙ ڪري ٺٽي جي مغل نواب مير لطف علي خان وٽ شاھہ عنايت ۽ سندس فقيرن جي شڪايت کڻي آيا. نواب لطف علي خان بنا ڪنھن جاچ جونچ جي ٽنھي کي اجازت ڏني تہ صوفي شاھہ عنايت ۽ سندس فقيرن سان جيئن وڻين، تيئن وڃي مُنھن ڏين. نواب لطف عليءَ طرفان اهڙي اجازت لِکت ۾ ملندي ئي، سيد عبدالواسع، نور محمد پليجي ۽ حمل جت، صوفي شاھہ عنايت جي خانقاھہ تي پنھنجن ماڻھن سان حملو ڪري ڏنو، جنھن حملي ۾ صوفي صاحب جا ڪيترائي درويش فقير مارجي ويا. انھيءَ واقعي جو جڏهن مغل شھنشاھہ وٽ فرياد پھتو تہ ان حُڪم جاري ڪيو تہ بيگناهن کي ’خون بھا‘ ڏني وڃي. اهڙيءَ ريت قاتلن جون زمينون، شاھہ عنايت جي ساٿي مقتولن جي وارثن حوالي ڪيون ويون.“
اِن مٿين پڙهيل تاريخ ۾ مونکي راڌي جت جو ذڪر نہ مِليو، جڏهن ميان مير چانڊيو سان اِن موضوع تي گُفتگو ٿي تہ اُن بہ اِها ئي ڳالھہ ڪئي تہ راڌي جت جي باري ۾ تاريخ ڪجهہ نٿي لِکي، اِهو واقعو شاھہ عنايت جي رهائش ميرانپور جي ميدان تي آڪٽومبر 1717ع ۾ پيش آيو.
هاڻي اسين گاڏي ۾ ويٺاسين ۽ حافظ صاحب کان شعر مڪمل ٻُڌڻ جي فرمائش ڪئيسين:
تاريخ نہ ڪنھن تي ترس سِکي
هر سِٽ جنھن پنھنجي صاف لِکي
هُن دودو چنيسر ڌار رکيا،
هُن فاضل جا فرزند لِکيا،
هُن جي ڏوراپي کان ڏيھہ ڏڪيا،
هُن ڪا نہ رعايت ڪنھن تي رکي.
هُن سرمد چڙهندي سوري ڏِٺو،
هُن دولھہ خان جو درد سَٺو،
هو جهوڪ ۾ جو جونجهار ڪُٺو
هُن تنھن جي ڪئي تعريف تِکي.
مخدوم بلاول کي ويئي مَڃي،
جنھن ڪوڙن جا ڇڏيا ڪنڌ ڀَڃي،
تون ويجهو ٿي ڏِس تنھن کي وَڃي،
جيڪو گهاڻي جا ويو گهاءُ چَکي.
مڪمل شعر ٻُڌي اسان واھہ واھہ ڪري کيس داد ڏِنو، ايئن اسان پنھنجي منزل طرف روانا ٿياسين.
کورواھہ کي بہ گُهمي ڏِٺوسين
هاڻي ٻيھر مين روڊ تي گاڏي ڊوڙڻ لڳي، کوراھہ ڏانھن ويندي رستي ۾ حافظ کي فون آئي، چيائين تہ ’اسان کورواھہ ۾ چانھہ ٿا پيئون، تون اُڏامي پھچي وڃ.‘ فون بند ڪري ٻُڌايائين تہ ’عبدالرزاق مھيري بہ هلڻ ٿو چاهي،‘ سڀ خوش ٿياسين ’سائين اِهو تہ بھتر آهي، هونئن بہ ماما مجيد پاڻ سان بيوفائي ڪئي، تنھن ڪري هڪ ماڻھو جي جاءِ بہ خالي آهي.‘
ڳالھہ هُئي کورواھہ ۾ چانھہ پيئڻ جي تہ سوچيم ڇو نہ ميان مير چانڊيو کان پُڇي وٺجي، جي شھر ۾ آهي تہ ساڻس بہ مِلي وٺجي. فون ڪيومانس ٻُڌايائين ڪنھن دوست سان شھر جي آخري ڇيڙي تي ويٺو آهيان، چيومانس ’اسين عثمان پنھور جي اسٽور تي ٿا ويھون، دِل چيو اوهان سان مِلي وٺون،‘ چيائين ’ٺيڪ آهي آئون اچان پيو جِتي چئو.‘
اسانجي گاڏي اچي سبحان الله ميڊيڪل اسٽور اڳيان بريڪ ڪيو، لٿاسين ميڊيڪل اسٽور تي ننڍڙو ڇوڪرو ويٺل هو، سندس اخلاق ڏِسي ڏاڍي خوشي ٿي، اسانکي اسٽور طرف ايندو ڏِسي، ڪُرسي تان اُٿي اسٽور مان ٻاهر نِڪري اچي مِليو، هِن دؤر جي اِن عمر جي ٻار جو اخلاق الله پاڪ کيس ھميشہ اهڙو بڻائي رکي، پاڻ سڀني سان مِلي ويھڻ لاءِ چيو، هڪ ٻہ ڪُرسيون پاسي واري دُڪان تان پڻ کڻي آيو، همراھہ گهڻا هُئاسين.
ميان مير چانڊيو بہ اچي ويو، ساڻس گڏ سُٺو شاعر اسماعيل اُداسي بہ هو، مِلياسين، ڪچھري ڪئيسين، ڪجهہ ئي گهڙين ۾ عبدالرزاق مھيري بہ پھچي ويو، ۽ اسٽور جو مالڪ عثمان پنھور بہ اچي ويو، هڪ ٻيو نوجوان عبدالله پنھور جيڪو شوقيه ڳائيندو آهي، تنھن حافظ نظاماڻي جو گيت جهونگاري ٻُڌايو.
ميان مير چانڊيي، اسماعيل اُداسي، عثمان پنھور، سبحان الله پنھور ۽ عبدالله پنھور کان موڪلائي روانا ٿياسين. اڳيان ويھاريوسين رزاق مھيري کي اُهو رستن، گهٽن، گهيڙن جو وڌيڪ واقف هو.
منھنجو اهو چوڻ آهي تہ جنھن بہ علائقي، تر ۾ گُهمجي تہ اُتان جي مقامي ماڻھوءَ کي ضرور گڏ کڻجي، نہ تہ اوهان ٻُڌل شيون ڏِسندا تہ اُن جي آس پاس ۾ ڪجهہ شيون ضرور رهجي وينديون، سو سفر ۾ اُتان جي مقامي ماڻھوءَ کي ضرور شامل ڪرڻ گهرجي.
کورواھہ جي قديم مسجد ڏِٺيسين، هِڪ روايت ٻُڌيسين
عبدالرزاق مھيري پھرين اسان کي وٺي هليو کورواھہ جي قديم مسجد ڏيکارڻ لاءِ، مسجد ۾ داخل ٿياسين تہ اُتي موجود همراه حافظ نظاماڻي سان ادب احترام سان مِليو، حافظ اسانکي ٻُڌايو تہ: ’هي آهي عبدالرؤف نورنگزادو جيڪو هِن مسجد جي سار سنڀال ڪندو آهي،‘ ساڻس ڪچھري ٿي، پاڻ ٻُڌايائين تہ هو بہ ڪنھن وقت ۾ ’هزار داستان‘ ۾ لکندڙ هو.
عبدالرؤف نورنگزادي هِن مسجد جي باري ۾ ٻُڌايو تہ: ’هي مسجد 1238ھہ ڌاري مُڪمل ٿي، هِن مسجد ۾ هِڪ بہ سِر بنا وضوءَ جي ناهي لڳل، جيڪي بہ ڪم ڪندڙ رازا، مستري هُئا پھرين وضو ڪري پوءِ ڪم شروع ڪندا هئا.‘ مسجد جي ڇِت جو ڪاٺ ۽ اڏاوت جو نمونو اهڙو ئي ساڳيو هو جھڙو اسانجي ڳوٺ ميون ملوڪ ۾ موجود مخدوم امام جي مسجد ۾ استعمال ٿيل آهي، پر هِن ۾ ٻہ اهڙا داسا هُئا، جيڪي وچ کان چيريل هُئا ۽ هيٺان کان ڪاٺ جي ڊزائين وارا ٻہ پيلر ڏِنل هئا. اُنھن بابت عبدالرؤف ٻُڌايو تہ: ’حافظ محمد عثمان نورنگزادو ڪنھن ڪم سانگي شھر ڏانھن وڃي رهيو هو ۽ رازن کي چئي ويو تہ جيستائين آئون نہ اچان اِهي داسا نہ رکجو، پر سندس اچڻ ۾ ڪجهہ ڏينھن لڳي ويا، هي کوٽي ٿيو ويٺا هئا سوچيائون تہ ٻہ داسا آهن رکي ٿا ڇڏيون، ڪم کي اڳتي هلايون. جڏهن بزرگ موٽي آيو، ڏِٺائين تہ داسا منھنجي غيرموجودگي ۾ رکيا اٿن، سو چيائين تہ هنن جي عمر گهٽ ٿيندي تنھن ڪري ٻہ ٻيون ڪاٺ جون ٿوڻيون يا ٿنڀ ڊزائين سان ٺھرائي رکيائين، پوءِ جڏهن هِن دُنيا ڇڏي تہ اُن ڏينھن اُهي ٻئي داسا ٺڪا ڏئي ٽُـٽا، ماڻھو سڀ گڏ ٿي ويا، پاڻ جيڪي ڪاٺ جا ٻہ ٿنڀ ٺھرائي رکي ويو هو، اُهي وڏي مشڪل سان ماڻھن داسن هيٺان سپورٽ طور ڏِنا جيڪي اڄ ڏينھن تائين جيئن جو تيئن موجود آهن. (روايت)
سنڀاليندڙ هِن مسجد جي اصليت برقرار رکڻ ۾ ناڪام ويا آهن، ٻاھر بہ نئين سِر رپيئرنگ ڪرائي اٿن ۽ اندر ڪاٺ کي بہ آئيل پينٽ ڪرايو اٿن، جنھن ۾ هِن ڪاٺ جي اصليت ختم ٿي وئي آهي، ڪاٺ بابت ٻُڌايائين تہ هي اُهو ڪاٺ آهي جيڪو دُنيا جي صرف ٻِن مُلڪن ۾ ٿئي ٿو، ڪينيا ۽ آسٽريا ۾. عبدالرؤف نورنگزادي کان موڪلايوسين.
سڄڻ منھنجي وفائن کي مري ويندس تہ ساريندين
رستي هلندي بٺوري کان پھرين روڊ جي ڏکڻ طرف هڪ ڳوٺ اچي ٿو جنھن طرف حافظ محمد نظاماڻي اِشارو ڪندي ٻُڌايو تہ ’امرخورشيد شاھہ جو ڳوٺ اِهو آهي، جنھن ماڪن شاھہ رضوي سان شادي ڪئي آهي.‘ ڳوٺ جو نالو آهي ’شاھہ محمد اولياء‘. ڳوٺ جو نالو تہ مون اڄ ٻُڌو آهي، پر سائين ماڪن شاھہ کي تہ اُن وقت کان سُڃاڻون جڏهن کان اسان ريڊيو ٻُڌڻ شروع ڪيو هو ۽ امر خورشيد شاھہ کي وري تڏهن کان سُڃاڻو جڏهن کان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پروگرام سُڳند ۾ سلسلو ’سُرهي سُرهي سوچ‘ هلندو هو، اُن ۾ سائين ماڪن شاھہ خاص تحرير پڙهندو هو تہ ’لاڙ پڇاڙ کان امر خورشيد شاھہ لکي ٿي‘ ايئن چئي تحرير پڙهڻ شروع ڪندو هو. پنھنجي ڳالھہ کي اڳتي وڌائيندي ٻُڌايم ’هِن ئي سال ۾ امر خورشيد شاھہ جو ڪِتاب ”آئون ڪو ڄاڻان پنڌ ڪيچ جو“ شروع ڪيو آهي، جيڪو سال جي آخر ۾ يا وري 2019ع جي پھرين مھيني ۾ شايع ٿي ويندو.
هِن ئي ڳوٺ جي هِڪڙي مشھور شاعر ’علڻ شاھہ بٺورائي‘ جو تعارف امر خورشيد شاھہ پاڻ ڪرايو تہ ’منھنجو بابا بہ وقت جو وڏو شاعر هو، علي ڏِنو عرف ’علڻ شاھہ بٺورائي‘ جنھن جا ڪيترائي ڪلام مشھور آهن،‘ چيم ڪنھن هِڪ ڪلام جون ٻہ سِٽون‘؟ پاڻ ٻُڌايائين تہ:
’سڄڻ منھنجي وفائن کي، مري ويندس تہ ساريندين،
ڌِڪارين ٿو مگر دِلبر، وري واٽون نيھاريندين.‘
ٻيو شعر مون ڪنٽينيوڪيو:
’علڻ‘ آيا نہ ڪِي ايندا، مُئا موٽي مُقامن مان،
ڏيئي ٻُھاريون پڙهي ختمہ، ڏهاڙي ڏيال ٻاريندين.
چيم ’بس هِڪڙو اِهو گيت ئي گنج آهي،‘ ۽ پوءِ آئون ماضي جي غُفائن ۾ گُم ٿي ويس. جڏهن ثمينہ ڪنول جي سنھڙي آواز ۾ ٽيپ کي گهر جي اڳيان اڏيل گهڙن جي دِڪي تي مٿي رکي فُل آواز ۾ اهو ڪلام ٻُڌندو هئس، مونکي پنھنجي ننڍپڻ جو زمانو ياد اچي ويو. تيستائين حافظ صاحب جو آواز ڪنن تي پيو ’مور ساگر ميرپور بٺورو شھر ۾ پھچي وياسين.‘ ۽ آئون ڄڻ ننڍ مان ڇرڪ ڀري جاڳي پيس...... هاءِ بٺورو.....
جڏهن رزاق مھيري جو عشق عيان ٿيو
بٺوري شھر جي وِچان ڪِراس ڪيوسين، روڊ جي اُتر طرف رزاق مھيري اشارو ڪندي ٻُڌايو تہ اِها مھر شاھہ جي درگاھہ آهي، جنھن جي پِڙ کڻڻ دوران هِن سال ٻہ ماڻھو شھيد ٿي ويا، پڙ کڻڻ وقت رسم آهي تہ فائرنگ ڪندا آهن، سو هِڪ پوليس اهلڪار جيئن ئي فارنگ ڪئي تہ ڪلاشن سنڀالي نہ سگهيو ۽ هيٺ ڪِري پئي ٻہ ماڻھو شھيد ٿي ويا هڪڙو زخمي ٿيو.
عبدالرزاق مھيري سان مختلف موضوعن تي ڪچھري ڪندي جڏهن عشق جي ڳالھہ تي آياسين تہ مھيري ٿڌو ساھہ ڀريندي چيو: ’مون عشق اُن سان ڪيو، جنھن شادي وڃي ٻي سان ڪئي،‘’ اِهو وري ڪيئن؟‘ مون کيس کولڻ جي ڪوشش ڪندي سوال ڪيو ۽ جڏهن رزاق مھيري اُن ڇوڪريءَ جو نالو کنيو ۽ پار پتا ۽ پاڙو ٻُڌايو تہ پوءِ آئون بہ ڪجهہ گهڙيون ماضيءَ ڏانھن موٽي ويس، عجيب اتفاق اِهو ٿيو تہ جنھن ڇوڪريءَ جو ذڪر مھيري صاحب ڪيو، اُن ڇوڪري سان ڪا ننڍڙي ياد منھنجي بہ سلھاڙيل هُئي، جڏهن بدين ۾ شاھہ لطيف روڊ تي ’ساگر پريس‘ هوندي هُئي ۽ ساڳين روڊ تي ساگر پريس جي سامھون سِکيا لاءِ ڪمپيوٽر سينٽر قائم هو. هوءَ ڇوڪريءَ ڪمپيوٽر سينٽر ۾ ڪمپيوٽر سِکڻ ويندي هئي. هڪ ڀيري ڪمپيوٽر سينٽر تان موڪل کانپوءِ واپس گهر ڏانھن وڃي رهي هُئي تہ آئون ساگر پريس جي گيٽ تي بيٺو هئس، مونکي ڏِسي مُسڪرائي شرمائي پويان اچڻ جو اشارو ڪيائين، ۽ پوءِ سندس گهر تائين گڏيو ويس، خير اُها تہ هُئي ننڍڙي ياد، پر مھيري صاحب تہ اُن ڇوڪريءَ جي عشق ۾ هِڪڙو خوبصورت گيت پُڻ لِکيو جيڪو پوءِ هلندي سفر اسان کي سڄو گيت ٻُڌايائين:
چيو تو تہ ويندين ڪھڙو فرق پوندو.
چيو مون مگر ڪوئي تنھا تہ ٿيندو.
هي رنگين شامون، هي چنچل هوائون،
هي جيڏين جا کجڪا، هي نازڪ ادائون،
انھي ويل ڪوئي تہ سُڏڪي سڏيندو.
نظر ڪنھن جي ڪنھن کي، ڳوليندي ئي رهندي،
۽ تنھائي وڏا ڏنڀ ڏيندي ئي رهندي،
انھيءَ پل دِل ۾ ڪيڏو، درد هوندو.
جيئن ئي شام لڙندي، تيئن ئي ياد وڌندي،
کڻي گهاءُ گهرا، اونداهي بہ ايندي،
سڄي رات ايئن ڪو تڙپي ڪَٽيندو.
الڳ ٿي پاڻيءَ کان ڪشتي نہ هلندي،
گُلن کان سواءِ خوشبو نہ گهُلندي،
ملندئي ”مھيري“ تڏهن چين ايندو،
چيو تو تہ ويندين، ڪھڙو فرق پوندو.
ڪجهہ اڳيان هلياسين تہ روڊ جي اُتر طرف هڪ ٻي پڪي ڳوٺ ڏي اشارو ڪندي سائين عبدالرزاق مھيري ٻُڌايو تہ:
شوڪت حسين شوري جو اِهو ڳوٺ آهي
شوڪت حسين شورو جو نالو مون پھريون ڀيرو پي ٽي وي تان هلندڙ مشھور ڊرامو ناٽڪ رنگ ۾ پروڊيوسر توڙي رائيٽر طور پڙهيو هو ۽ پوءِ جڏهن ڪِتابن جي دُنيا ۾ داخل ٿياسين تہ پڙهيوسين: شوڪت حسين شورو جولاءِ جي چوٿين تاريخ اوڻيھہ سئو ستيتاليھہ ۾ پيدا ٿيو، تعلقي سجاول جي ڳوٺ حاجي نور محمد شورو ۾عبدالڪريم شوري جي اڱڻ تي.
مھيري صاحب شوڪت حسين شورو جون ڪھاڻيون پڙهيون اٿئي؟ ’ڪو ڪِتاب تہ نہ باقي رسالن ۾ پڙهيو اٿم‘ مھيري جواب ڏِنو، ’هِن جي ڪھاڻين جا چار ڪتاب ڇپيل اٿئي‘ ٻُڌايومانس: ’گونگي ڌرتي ٻوڙو آڪاس’، ’اکين ۾ ٽنگيل سپنا’، ’گُم ٿيل پاڇو‘، ’رات جو رنگ‘، مون پنھنجي معلومات مطابق کين ٻُڌايو تہ: ’ماهوار ’گُل ڦل‘ جو ايڊيٽر بہ رهيو آهي، سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌالاجي ڊپارٽمينٽ جو ڊائريڪٽر پڻ رهيو آهي. اُن کان اڳتي دڙي موري، آمڙا اسٽاپ ۽ ٻيا ڳوٺ ڪِراس ڪياسين.
پبلڪ لائبريري سجاول ۾ ڳولياسين پنھنجا ڪِتاب
سجاوَل شھر ۾ داخل ٿياسين، شيخ عبدالله وارن سان رابطو ڪيوسين، چيائون ’اسان کي اڃا پندرنھن ويھہ منٽ لڳندا.‘ مون چيو ڇو نہ تيستائين پبلڪ لائبريري ڏِسي وٺجي، اياز امر شيخ کي فون ڪيم، فون نمبر نہ لڳو، سورج سجاوليءَ کي فون ڪيم پاڻ گهر هو، چيائين انتظار ڪريو تہ آئون اچان ٿو، چيم ’تڪليف نہ ڪريو اسان ٻہ ٽي منٽ آهيون، وڃون پيا چوهڙ‘ ٻُڌايائين تہ ’عبدالعزيز منڌرو جو پُٽ شاهد عزيز منڌرو انچارج آهي، لائبريري شھيد بينظير ڀٽو پبلڪ پارڪ جي اوڀر ۾ آهي.‘ آياسين، لائبريري کي تالو هو، اُتي موجود همراه ٻُڌايو تہ هاڻي هاڻي انچارج بند ڪريو وڃي. پوءِ رزاق مھيري جي دوست اُن انچارج کي فون ڪري گهرايو، جنھن اسان کي لائبريري ڏيکاري انچارج شاهد عزيز ٻُڌايو تہ ’هِن لائبريري ۾ 27000 هزار کان مٿي ڪتاب موجود آهن. الماريون ۽ ڪتاب جنھن جنھن گفٽ ڪيا هُئا، اُنھن جي نالن سان رکيل آهن. حافظ محمد نظاماڻي سندس ڪتاب تلاشيو ۽ مون منھنجو ڪتاب، مونکي منھنجو ڪتاب ’حيدرآباد کان هنزہ تائين‘ ٽئين ڪمري ۾ رکيل نظر آيو، حافظ کي سندس ڪتاب نظر نہ آيو.
موجودہ انچارج جيڪو اُن هر دلعزيز شخصيت عبدالعزيز منڌرو جو پُٽ شاهد عزيز هو، جيڪو ڪتابن سان چوَن ٿا تہ بي انتھا عشق ڪندو هو، پنھنجو سمورو وقت لائبريري لاءِ وقف ڪيائين، تنھن ڪري پاڻ جڏهن دُنيا ڇڏي تہ پوءِ لائبريري جو نالو بہ سندس نالي پُٺيان رکيو ويو، هاڻي هي لائبريري پبلڪ جي بجاءِ ’عبدالعزيز مينڌرو لائبريري‘ جي نالي سان سڏجي ٿي. شاهد کي ٻُڌايم تہ ’اوهان جو والد صاحب هڪ ڀيرو منھنجي پريس تي، اياز امر شيخ وارن سان يا سورج سجاولي وارن سان گڏ، پر آيو هو.‘ ساڻس گڏ فوٽو ڪڍي کائنس موڪلايوسين.
هاڻي سجاول شھر کي ڇڏي اسين اسانجي منزل طرف روانا ٿياسين، ادا منظور شيخ عبدالله جي گاڏي هلائي، شيخ عبدالله ادا منظور جي گاڏي ۾ ويٺو، يعني مونسان گڏ، هي گاڏي وري مون هلائي، شيخ عبدالله جي خواهش هُئي تہ حافظ محمد نظاماڻي، عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي ۽ رزاق مھيري سان ڪچھري ڪريان، جيڪي اسانجي گاڏي ۾ هُئا.
چوهڙ جمالي جُوءَ ۾
’چوهڙ جي شھر ۾ داخل ٿيڻ کان پھرين رينجرس جي چوڪي آهي جيڪي ماڻھن کي، گاڏين کي چيڪ ڪري پوءِ اڳتي ڇڏيندا آهن.‘ اِهو ٻُڌايو رزاق مھيري، جيڪو مون سان گڏ اڳينءَ سيٽ تي ويٺل هو، تنھن ڪري اسان بہ اچي چوڪي تي بريڪ ڪيو، پر نوجوان ڇوڪرو بيٺل هو جنھن اشارو ڪندي چيو اوهان وڃو ۽ بنا چيڪنگ جي اسان پھتاسين چوهڙ جمالي جي پھرين اسٽاپ تي، حافظ فضل الله فياض (اسانجو اڄ جو ميزبان) اسان کي وٺڻ لاءِ انتظار ۾ بيٺل هو.
اسانکي اشاري سان پويان اچڻ لاءِ چيائين، پاڻ اڳيان موٽر سائيڪل تي هليو، چوهڙ جمالي شھر جو رستو بہ سوڙهو، رش بہ گهڻي اسان لاءِ شھر بہ نئون، ادا منظور لاءِ شيخ عبدالله جي آٽوميٽڪ گاڏي بہ نئين ۽ مون بہ اهڙي ڪنھن سوڙهي روڊ يا گهٽين ۾ ڪرولا پھريون ڀيرو پي هلائي، بھرحال الله جي مھرباني سان بغير ڪجهہ ٿيڻ جي صحيح سلامت منزل تي پھتاسين. هِڪڙي مسجد هئي ’جامع مسجد عثمان‘ اُن جي پاسي ۾ خالي پيل پلاٽ ۾ اسانکي گاڏيون پارڪ ڪرايائين، پوءِ وٺي آيو گهر، ماشاءَالله گهر تمام بھترين ٺھرايو اٿس، ادا منظور جي گهر کانپوءِ گهر ٺھرايو اٿس، اسان اوطاق جي ڪمري ۾ ويٺاسين اُهو بہ اهڙو ٿڌو پي لڳو جو اسان چوڌاري ديوارن تي پي ڳوليو تہ اي سي ڪِٿي لڳل آهي، شايد پويان ڇڏيل گيلري جو ڪمال هو، جنھن مان هوا اچي رهي هُئي.
هِتي سڀئي جيئن ئي پنھنجي پنھنجي جاين تي ويٺا حال احوال ڪري سڀئي موبائلن ۾ لڳي ويا، وري مون اِها ڳالھہ ڇيڙي تہ ’ڪھڙو دؤر آهي، ڪيڏا پنڌ ڪري ماڻھو ڪِٿي اچي ٿو سنگت سان ڪچھري ڪرڻ، حال احوال ڪرڻ، پر سڀڪو پنھنجا موبائل هلائي رهيو آهي، سڀئي هِڪٻئي سان گڏ هوندي بہ ڄڻ هِڪٻئي سان گڏ ناهن،‘ اِها ڳالھہ سڀني محسوس ڪئي، ڪجهہ دير لاءِ تہ سڀني پنھنجا موبائل وڌا کيسن ۾. هاڻي ڪچھري، کِل ڀوڳ، لطيفا ۽ هِتان هُتان جون ڳالھيون. فضل الله فياض کي چيوسين تہ ’اسانکي حافظ حبيب سنڌي ضرور ملائجان،‘ چيائين تہ ’مون اُن کي پھرين ئي چئي ڇڏيو آهي، هو جمع نماز پڙهي ماني پاڻ سان گڏ اچي کائيندو‘.
حُب مان مِلياسين حافظ حبيب سان
جمع نماز جو وقت بہ ٿي ويو، سڀئي روانا ٿياسين مسجد جي طرف، جامع مسجد عثمان ۾ جمع نماز ادا ڪئيسين، اسان جي نماز سفر هُئي تنھن ڪري ٻہ رڪعتون فرض سفر پڙهي نِڪري آياسين. وري بہ اچي ڪچھري ڪئيسين ۽ حافظ حبيب سنڌي جو انتظار ڪرڻ لڳاسين، فضل الله فياض ٻُڌايو تہ ڇوڪرو موڪليو اٿم حافظ حبيب سنڌي اچڻ وارو هوندو، بس ٿوري ئي دير ۾ حافظ حيبب سنڌي اچي سلام ورايو، سڀئي ساڻس سِڪ، حُب ۽ احترام سان مِلياسين، حال احوال ٿيو.
احتشام الحق کٽي عرف ’حافظ حبيب سنڌي‘ کٽي پاڙي چوهڙ جمالي ۾ محمد عثمان کٽيءَ جي اڱڻ تي 22 فيبروري 1954ع ۾ پيدا ٿيو. هِن ابتدائي تعليم سان گڏ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم ۾ مولوي فاضل جو امتحان ڏِنو، اُن کانپوءِ مدرسہ داالعلوم عثمانيہ ٺٽي مان ’سندالفراغ‘ بي اي جي مساوي ڊگري حاصل ڪئي.
’سائين حبيب صاحب اوهان جا هيسيتائين گهڻا ڪتاب شايع ٿي چُڪا آهن؟‘ ڪچھري کي اڳتي وڌائيندي کائنس سوال ڪيم، ’ڪُل ملائي 22 کن ٿيندا‘، ’ڪُل ملائي مطلب؟‘ مطلب تخليق، ترتيب، ترجما سڀئي ملائينداسين تہ 22 کن ٿيندا. ’ماشاءَالله‘ چيم، ’۽ اڃا جيستائين سَنڌَن ۾ ساھہ آهي، لِکڻ پڙهڻ هلندو رهندو‘. ’الله پاڪ اوهان جي صحت ھميشہ سلامت رکي‘.
’سائين اوهان ٻوليءَ تي شايد ڪم ڪيو آهي، ڪو ڪِتاب وغيره لِکيو آهي؟‘ ’جي ها ٻوليءَ تي ”ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جي ٻولي“ نالي سان ڪِتاب لِکيو اٿم، جيڪو لئنگئيج اٿارٽيءَ اداري ڇپرايو آهي‘. ’ان کان علاوه تاريخ تي بہ ڪم ڪيو آهي، ’کتري قوم جي تاريخ‘ نالي ڪِتاب بہ ڇپيل آهي.‘، ماشاءَالله، ايئن سائين سان ڪچھري بہ ٿيندي رهي، سوال جواب بہ تہ پريان ويٺل دوستن جا ڪي جملا، ڪي لطيفہ، ڪي محاورا، ڪي چوڻيون، ۽ اُن سان گڏوگڏ ميزبان سائين فضل الله فياض پاران خدمت ۾ ڪنھن وقت جوس تہ ڪنھن وقت بوتلون بہ مِلنديون رهيون، مطلب تي ڪچھري مان خوب لُطف اندوز ٿيندا رهياسين.
چوهڙ جمالي تي نالو ڪيئن پيو؟
فضل الله فياض پھرين سائين کان سوال ڪيو تہ سائين ’چوهڙ جمالي تي نالو ڪيئن پيو؟‘، سائين عبدالجبار نظاماڻي چوي ٿو تہ ’چوهڙ واڻيو هو جمالي سندس پارٽنر هو، ٻئي پاڻ ۾ گڏ ڪاروبار ڪندا هُئا، اُنھن جي نالن پُٺيان چوهڙ جمالي نالو پيو،‘ فضل الله چيو تہ ’آئون ان تي متفق نہ آهيان جيستائين اوهان نٿا ٿيو، حافظ حبيب وراڻيو ’چوهڙ خان جمالي نالي همراھہ هو، جنھن جي هي سڄي جاگير هُئي ۽ انھيءَ جي پُٺيان شھر جو نالو بہ پيو‘.
المدينہ مسجد، هِن شھر جي تمام وڏي ۽ جامع مسجد آهي ۽ هڪ پُراڻو مندر بہ موجود آهي، هِن وقت هِن شھر جي آبادي 40 هزار جي لڳ ڀڳ ٿيندي، تعلقي شاهبندر جو هي وڏو شھر آهي، هِن علائقي کي آباد ڪندڙ ’ستاھہ واھہ‘ نالي درياھہ مان نڪرندڙ واھہ آهي جيڪو 35 ميل ڊيگهہ رکندڙ ۽ هن شھر کي آباد ڪندڙ آهي. هي سجاول ضلعي جو شھر آهي.
سڀئي اُٿياسين اندر هال ۾ ماني کائڻ لاءِ، اندر بہ گهر ماشاءَالله تمام سُٺو هو، نقشو اهڙو ٺھيل هو جو سڄو گهر بنا اي سي جي بہ ٿڌو لڳو پيو هو. ماني ۾ کوڙ طعام ٺھرايا هُئائين، منھنجي تہ طبيعت ٺيڪ نہ هُئي، ٻيو تہ جڏهن بہ گهڻا طعام ٺھيل هوندا آهن تہ مونکي ماني تمام ٿورڙي وڻندي آهي، ها باقي لسي جا ٻہ گلاس ڀري پيتم، لسي بہ بھترين ٺھيل هُئي. ماني کائي دُعا پڙهي اچي ويٺاسين. فضل الله فياض گاڏي واري کي ڪئي فون، گاڏي کڻي آيو، هاڻي ٽي ڪرولا ڪارون ٿيون، هِڪٻئي جي پويان روانا ٿياسين.
ابن شاھہ جا ٽڪر ڏِٺاسين
ڏھہ پندرنھن منٽ جي فاصلي تي گاڏيون ڊوڙڻ کانپوءِ هڪڙا وڏا ٽڪر/ جبل نظر آيا، ويجها ٿياسين تہ هي پٿر اسانکي ڪارونجهر جي پٿرن جھڙا لڳا، خدا جي قدرت سڄي زمين سريکي ۽ زرعي زمين نہ جابلو سلسلو نہ جابلو زمين، بس هي وچ تي ڄڻ هٿ سان ٺاهيا ويا هُجن. گاڏيون گُهمي اچي ابن شاھہ جي ٽڪر ڀر بيٺيون. مٿي سيڙهيون چڙهڻيون هيون، هيٺ بورڊ پڙهيوسين لِکيو پيو هو. ابن شاھہ قريشي ’100 سيڙهيون والا روحاني سرجن.‘ اسانکي حيراني ٿي، هِڪٻئي کي چيوسين تہ سيڙهيون ڳڻجو 100 ٿين بہ ٿيون يا نہ. اسان سيڙهيون مٿي چڙهڻ شروع ڪيون. اسان مان حافظ حبيب سنڌي ۽ شيخ عبدالله ٻئي مٿي نہ چڙهيا، باقي اسان سڀئي ساٿي چڙهي وياسين، مٿي پھتاسين ڪجهہ دوست سھڪي پيا، ٿڪجي پيا. مٿي بہ عجيب رنگ لڳا پيا هُئا، مايون/عورتون هِتي بہ موجود هيون، پاڻ ۾ ڪچھري ڪري رهيون هيون، ڪِن سيلفيون پي ڪڍيون. مزار تي اندر قُل پڙهياسين، مزار جي پڃري ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ بند تالا هِڪٻئي ۾ لڳا پيا هُئا، اهي شايد ماڻھو پنھنجون مُرادون کڻي ايندا آهن تہ: ابن شاھہ اسانجي قسمت جو تالو پاڻ کوليندو، ’توبھہ توبھہ‘ جهالت جي بہ حد هوندي آهي. الله پاڪ کي ڇڏي هنن زمين دوز درويشن کان ٿا گُهرن، جيڪا ڳالھہ نہ هنن درويشن، بُزرگن کي قبول آهي ۽ نہ وري الله پاڪ کي.
ابن شاھہ بزرگ شيخ بھاءُالدين ذڪريا ملتان واري جي اولاد شيخ اسماعيل جو فرزند هو، هي درگاھہ تعلقي شاهبندر، ضلع سجاول ۾ آهي.
حافظ حبيب ٻُڌايو تہ ’هن جو اصل نالو عبدالله شاھہ عرف ابن شاھہ قريشي آهي، آئون انھيءَ خاندان مان آهيان، هي اصل ۾ مُلتان کان آيل آهن، هن جي وفات 804 هجري جي آهي.‘
فوٽوگرافي ڪري هيٺ لٿاسين، مون وري بہ سڀني کي چيو ’بابا سيڙهيو ڳڻجو،‘ مون بہ ڳڻيون پر وچ تي عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي چيو تہ ’پاسي کان هِڪڙي قبر ٺھيل آهي، اوڏانھن هلون‘ مون چيو نہ سائين گس ڏکيو آهي، انھي ڪري مون جيڪي ڳڻيون اُنھن ۾ سئو نہ ٿيون ممڪن آهي مون غلط ڳڻيون هجن.
هيٺ جيئن ئي لٿاسين شيخ عبدالله کير واري قلفي چوپي رهيو هو. مون چيو سائين شيخ صاحب ياد ڪريو هي راضي شاھہ وارو ساڳيو ساڳيون منظر آهي، اُهو بہ مٿي سيڙهين تي هو اوهان مٿي نہ چڙهيا هيٺ بيٺا هئا، جڏهن اسان مٿان ٿي آياسين تہ اوهان سڀني کي اهڙيون کير واريون قلفيون کارايون هُيون، شيخ عبدالله، حافظ حبيب ۽ فضل الله فياض کِلي پيا، ڇو تہ هِن ڀيري خرچ شيخ عبدالله نہ پر فضل الله فياض پيو ڪري ڇو تہ سائين عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي پيسا کيسي مان ڪڍيا، پر فضل الله منع ڪري ڇڏي ۽ سڀني کي ٻہ ٻہ قلفيون کارايائين.
راڄن شاھہ جا ٽڪر بہ ڏِٺاسين
وري گاڏين کي گول چڪر ۾ ڦيرائي آياسين راڄن شاھہ جي ٽڪرن تي، جيڪي پري کان ئي اڇا مقبرا نظر اچي رهيا آهن، هي جبل هُن کان ٿورو هيٺ هئا، تنھن ڪري شيخ عبدالله ۽ حافظ حبيب سنڌي پُڻ مٿي تائين هليا. پھرين مسجد ڏِٺيسين جيڪا ڇت بنا ٺھيل آهي، شايد عيد گاھہ ٿي لڳي، پوءِ ٿورو اڳيان هِڪڙو ٿلھو ٺھيل آهي، جنھن کي چؤطرف کان گوڏي جيتري ديوار ڦِريل آهي، ٻن پاسن کان آمھون سامھون دروازا ڇڏيل آهن، پوري وچ تي گول کڏ ٺھيل آهي، جنھن ۾ حافظ حبيب ٻُڌايو تہ ’ٽانڊو ٻاريندا آهن ۽ هِتي ساليانو سماع جي محفل ٿيندي آهي. انھي گول کڏ ۾ ٽانڊا ٻاري پوءِ چوڌاري ڦِري ويھي ذڪر الله ڪندا آهن.‘ مٿي چڙهياسين، هِڪٻئي جي سامھون ٻہ مقبرا هئا، اُتر ۾ مقبري ۾ وياسين حافظ حبيب ٻُڌايو تہ ’هن مان هي اولھہ طرف واري قبر مخدوم محمد جلال کٽي جي آهي، جيڪي مخدوم معين ٺـٽوي جا اُستاد ٿي گُذريا آهن. جڏهن تہ اوڀر واري قبر فيضل الله پير قريشي جي آهي.‘
ڏکڻ طرف ۾ راڄن شاھہ قريشي جن جون قبرون آهن، جيڪي اصل ۾ ملتان کان آيل آهن. هن جي وفات 1760ع ٻُڌائي وڃي ٿي، هن جا مريد گهڻا جهالو ڪيٽي بندر کان ايندا آهن، هر سال سفر مھيني جي 12 تاريخ تي هِتي ميلو لڳندو آهي. وڌيڪ حافظ حبيب سنڌي ٻُڌايو تہ ’هي ديھہ بچل جمالي آهي ۽ هِن ديھہ ۾ اهڙا ٽوٽل ست 7 ٽڪر مِلن ٿا.‘
هاڻي اسان وري بہ ساڳيو روڊ شاھہ بندر وارو ورتو، جيڪو چوهڙ شھر منجهان نِڪري ٿو، اسان جي هاڻي منزل شاھہ عقيق هو. مون پڇو ’اصل نالو شاھہ عقيق آهي يا شاھہ يقيق؟‘ سڀني چيو هلون ٿا اڳيان بورڊ لڳل هوندو پاڻھي خبر پئجي ويندي، مون چيو ’مئگزين جيڪو نِڪرندو آهي، انھي جو نالو ’عقيق ميگزين‘ آهي. عقيق ميگزين جو هِڪڙو پرچو مون بہ ڇپيو هو.‘
شاھہ عقيق جو فاصلو چوهڙ کان ست ڪلوميٽر ٻُڌايو پيو وڃي، اسانجي اڳيان فضل الله فياض وارن جي گاڏي هُئي، جنھن سان گڏ حافظ حبيب سنڌي جيڪي اڄ جا گائيڊ ۽ رهنما هُئا، اُهي جڏهن شاھہ عقيق جي درگاھہ کان اڳتي گاڏي هلائي ويا تہ اسان چيو الائي ايڏانھن وري ڇا آهي شاھہ عقيق جي درگاھہ تہ ڇڏيو وڃن. گاڏي وڃي بازار جي وچ چوڪ تي بريڪ ڪيو.
جلالي بابا جي جوءَ ۾
گاڏين مان لٿاسين، چؤطرف جيئن ميلن جي اڏاوت ٿيندي آهي، ايئن اڏاوتون ٿيون پيون آهن، تنبُن اندر کٽون پيون آهن ۽ کٽن تي فيمليون ويٺيون آهن. پُڇڻ تي خبر پئي تہ ماڻھو مُرادون وٺڻ لاءِ هِتي اچي رات ترسندا آهن، تنھن ڪري هي سڀئي وڏا هال اُنھن ۾ پيل کٽون هِڪ رات جي مسواڙ تي مِلنديون آهن. اڳتي هلياسين ور وڪڙ گهٽين مان ٿيندا اچي درگاھہ تي پھتاسين، جنھن بابت حافظ حبيب سنڌي ٻُڌايو تہ: ’هي شاھہ عقيق جو وڏو ڀاءُ آهي، جنھن جو اصل نالو عبدالله شاھہ عرف ٽلڻ شاھہ آهي، پر هاڻي ٿوري عرصي کان هِن کي ’جلالي بابا‘ جي نالي سان مشھور ڪيو ويو آهي.‘ مون بہ ڪنھن ڪتابچي ۾ پڙهيو آهي تہ: ’شريف الدين بُخاري جي (جيڪو افغانستان جو ٻُڌايو وڃي ٿو)، اڱڻ تي اکيون کوليندڙ عبدالله شاھہ جيڪو پوءِ ٽِلڻ شاھہ اُن کانپوءِ هاڻي ’جلالي بابا‘ جي نالي سان مشھور آهي. عبدالله شاھہ عرف ’جلالي بابا‘ شاھہ عقيق جو وڏو ڀاءُ آهي. اُن ڪتابچي ’تذڪره حضرت شاھہ عقيق بابا اور جلالي بابا‘ اردو ۾ لِکيل آهي، جنھن ۾ ڪجهہ ڪرامتون بہ لِکيل آهن، جيڪي هِتي نٿو لِکان.
اسان سڀني جُتيون هِڪ پاسي لاٿيون، جِتي جُتون رکڻ وارو موجود هو. درگاھہ اندر وڃڻ وقت واڪ ٿرو گيٽ لڳل هئا. ڪم بہ ڪيائون ٿي يا الائجي ٺلھا لڳل هُئا، پر هڪ پاسي کان ٻہ ليڊي پوليس اهلڪار ويٺل هُيون، ٻي پاسي کان مرد پوليس اهلڪار بيٺل هُئا، جن اسانجي چيڪنگ ڪئي. هي مزار گهڻو کُليل ميدان تي هُئي پريان ديوار جي پاسي کان پوليو ڦُڙا پيارڻ وارا ويٺل هئا، اُنھن جي پاسي کان هِڪڙو ڏٽو مُٽو نوجوان جنھن کي ساڄي ٻانھن ۽ ٽنگ ۾ گڏ زنجير پيل هُئي ۽ ڀِت تي مٿو ٽيڪي ليٽيو پيو هو، ڏِسڻ ۾ تہ چريو نہ پي لڳو، پر خُدا ٿو ڄاڻي.
مزار اندر آياسين قُل پڙهياسين، پر آس پاس حالت، ڏاڍي خراب پئي لڳي، هِڪ تہ رڳو عورتن جي رش ٻيو تہ هِڪ نوجوان ڇوڪري پڃري ۾ زنجير سان ٻَڌل هُئي، جنھن جلالي بابا کي بُجا پي ڏِنا ۽ ٿُڪون پي اُڇلايون تہ مونکي کولين ڇو ڪونہ ٿو. مونکي ايڏي حيراني ٿي/عجب لڳو هِڪ ٻي بہ نوجوان ڇوڪري جنھن جا ٻئي هٿ پويان زنجير سان ٻڌل هُئا، اُنھن جون رڙيون پي پيون ۽ گاريون پي ڏِنائين، هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ تائين هلي پي.
موبائل جي ڪيمرا آن ڪري هِڪ ٻہ فوٽو ڪڍيم، تيستائين هِڪڙو همراه اچي پھتو، چيائين موبائل رکي ڇڏ، فوٽو ڪڍڻ سخت منع آهي، سندس چھري ۾ غور ۽ ڪاوَڙ سان ڏِٺم ۽ پوءِ موبائل بند ڪري کيسي ۾ وِڌم. پھرين تہ خيال آيو اهڙو کيس ڳالھائجي، پر وري سوچيم آئون تہ هِتي صرف پنج ڏھہ منٽ لاءِ ڏِسڻ آيو آهيان، ڦڏو ڪرڻ نہ ۽ ميزبان بہ الائي ڇا سمجهن تہ خوامخواھہ ڦڏو ٿي پوَي. جلالي بابا تي بہ آخري نظر هڻي ٻاهر نڪتاسين. گيٽ وٽ هڪ عورت مونکي ڪلھو هنيون مُڙي ڏِٺومانس تہ هُن بہ مُڙي ڏِٺو، آئون ڪنڌ هيٺ ڪري اڳتي نِڪري آيس، هِتي آس پاس جو ماحول ۽ هلندڙ گُهمندڙ مايون ڏاڍيون عجيب لڳي رهيون هيون، لڳو ايئن پي تہ هِتي ايندڙ سڀئي نہ تڏهن بہ اڪثريت ايئن ئي آهن. ٻاهر پٺاڻ ڏٽا مُٽا ڇورا نظر آيا. فضل الله ٻُڌايو تہ ٿوري وقت کان اِهي پٺاڻ هن جلالي بابا تي قبضو ڪري اچي ويھي رهيا آهن، گهر ٻار پُڻ هِتي اڏيو مڏيو ويٺا آهن. اِها ڳالھہ بہ عجب جھڙي آهي، ڪِٿي اچي رهيا آهن، سو بہ درگاھہ تي قبضو ڪري.
اوهانجي ٻانھن ۾ سُتا يار هُئاسين،
جيئن ئي ٻاهر چوڪ تي گاڏي وٽ پھتاسين، اُتي بيٺل چنگچي رڪشا ۾ فُل آواز تي منھنجو گيت فنڪار الھڏنو جي آواز ۾:
اوهانجي ٻانھن ۾ سُتا يار هُئاسين، اهڙي ننڊ مِٺڙي وري ڪونہ آئي،
سوا تو سڄڻ ڪھڙا سانوَڻ سيارا، اسان آهي هرڪا موسم آزمائي.
هلي رهيو هو. اُن وقت اتفاق سان هَلي بہ نالي واري مصرع پي:
مِٺا پيار پنھنجو امر آ ۽ رهندو، زماني کان هرگز جُدا ڪين ٿيندو،
سڄڻ بس اسانجو ساھہ آهي تو ۾، هر پَل اوهانجي آهي ياد دِل ۾
تون ئي پنھنجي دِل جي ڪاڳر تو او مٺڙا، نالو ’مور ساگر جوڻيجو‘ لِکي ڇڏ،
هوندو پيار دِل ۾ تولئہ تا قيامت، هوندي دِل ۾ تولاءِ حسرت اُها ئي.
سڀني ٻُڌي چيو واھہ مور واھہ. اهو منھنجو گيت 1999ع ۾ فنڪار الھڏنو جوڻيجي ڳايو هو، جيڪو ايترو مشھور ٿيو، جو ننڍو وڏو ٻار ٻچو پيو جهونگاريندو هو، اڄ تائين بقول فنڪار الھڏني جي تہ ان گيت جي ٻُڌڻ لاءِ فرمائش ٿيندي رهي آهي.
شاھہ عقيق جي مزار مھندا جو منظر
حافظ فضل الله وارن چيو ’شاھہ عقيق جي مزار تي بہ هلندا يا هليا هَلون؟‘ چيوسين ’سائين اسان تہ اڄ تائين صرف شاھہ عقيق ئي ٻُڌو هو، هي جلالي بابا تہ هِت اچي خبر پئي، تنھن ڪري شاھہ عقيق جي حاضري ڀرڻ تہ ضروري آهي.‘ وري گاڏين کي ڦِيرائي آياسين شاھہ عقيق جي مزار طرف، مزار کان پھرين مسجد اچي ٿي وچين نماز جو وقت بہ ٿي ويو آهي، سڀني پھرين وضو ڪري نماز ادا ڪئي. پوءِ آياسين شاھہ عقيق جي مزار تي، هي مزار تہ ننڍڙي هُئي، هِتي رش بہ نہ هئي، هِتي واڪ ٿرو گيٽ لڳل هو، پاسي ۾ ٻہ ڇوڪريون پوليس واريون ويٺل هُيون، هِڪڙي صفا سنھڙي ويچاريءَ جا ڏند نِڪتا پيا هُئا، هِڪڙي وري اهڙي موٽي جو ڪُرسي کان بہ ٻئي پاسا ٻاهر نِڪتل هئس، مون غور سان ڏِٺو ۽ سوچيم عجيب پوليس واريون آهن، هِڪڙي ايتري ٿڪلڙي آهي، جيڪا ايمرجنسي ۾ ٿورو ڊوڙيِ تہ ٿڪجي پوندي ۽ ٻي وري ايڏي ڳري جو ڊوڙيِ ئي ڪونہ سگهندي.
هِتي بہ گيٽ ڀرسان پوليو ڦُـڙا پيارڻ وارا ٽيبل ڪُرسي رکيو ويٺا هئا، هِڪ ڇوڪري ٻہ ڇوڪرا جنھن مان هِڪڙو فضل الله فياض جو دوست هو جيڪو اُٿي آيو، سڀني کي هٿ ڏنائين، پوءِ فضل الله فياض سان يڪو پي ڪچھري ڪيائين، اسين اندر مزار مان ٿي موٽي آياسين.
انسائيڪلوپيڊيا ٻُڌائي ٿو تہ: شاھہ عقيق ڇھين صدي هجري/ٻارهين صدي عيسويءَ ڌاري بُخارا ۾ ڄائو، ٻن سالن جي عمر ۾ پنھنجي مائٽن سان گڏ پھرين هندستان ۽ پوءِ اُچ شريف ۾ رهيو. پاڻ اُچ جي سيد جلال الدين بُخاري سرخ پوش جي اولاد مان هو. اُچ کانپوءِ حضرت خواجہ معين الدين چشتيءَ جي حڪم سان ٺٽي ۾ دين جي تبليغ لاءِ اچي رهيو. ٽِن سالن کانپوءِ سندس والد ۽ والدہ وفات ڪري ويا. شاھہ عقيق مختلف مزارن تي فيض حاصل ڪرڻ لاءِ ويندو رهيو. هُن ميـين عثمان کان بہ درس ورتو.
18 سالن جي عمر ۾ سندس شادي سندس استاد ميـين عثمان جي ڌيءَ سان ٿي، جنھن وقت سندس نڪاح پئي پڙهيو ويو تہ وچ ۾ ڀر واري ڳوٺان هڪ بيواھہ عورت فرياد کڻي آئي تہ ڌاڙيل منھنجي پُٽ کي اغوا ڪري ويا آهن ۽ اڌ رات تائين وڏي رقم ڏيڻ جو مطالبو ڪيو اٿن. ٻيءَ صورت ۾ منھنجي پُٽ کي قتل ڪري ڇڏيندا. فريادي عورت کي شاھہ عقيق جي ڀائرن ۽ دوستن سمجهائي واپس موڪلڻ پئي چاهيو، پر فريادي عورت واپس ويندي چيو تہ توهان ڀلي شاديءَ جون خوشيون ملھايو، آئون ماتم ڪرڻ وڃان ٿي. شاھہ عقيق اهو ٻُڌي حق جو نعرو هڻي اٿي کڙو ٿيو ۽ فريادڻ سان گڏجي هليو ويو ۽ ڌاڙيلن سان وڙهندي شھيد ٿي ويو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق موجب ”سندس شھادت 854ھہ، 1450ع جي شروع ۾ ٿي. سندس مقبرو چوهڙ جمالي ضلعي ٺٽي ۾ آهي، جتي هر سال وڏو ميلو لڳندو آهي ۽ ٻارهو ئي اُتي عقيدت مندن جا ميڙ لڳا پيا هوندا آهن.“ جيڪي اڄ اسان بہ پنھنجي اکين سان ڏِٺا، اڃا هِتي جي شايد چنڊ جي چوڏهين رات جا ڪي ٻيا رنگ ٻُڌايا وڃن ٿا. ڪھڙا رنگ آهن، اِهي وري زندگي رهي تہ ڪڏهن ڏِسي وٺبا.
لاڏيون، جتي جيل ۾ ٻہ قتل ٿيا هئا
هاڻي اسانجون گاڏيون عثمان شاھہ جا قُٻا ڏِسڻ لاءِ اوڏانھن جي رُخ روانيون ٿيون، پھرين هڪڙو روڊ نِڪري ٿو جيڪو ٻُڌايائون تہ هي روڊ جاتي وڃي ٿو، اُن کان اڳتي هڪڙو اسٽاف اچي ٿو بلڪِ ’شھر لاڏيون‘ جيڪو نالو اسانجو گهڻو ٻُڌل هو، هِن پاسي جا شادي ڪارڊ ڇپيندا هُئاسين اُنھن ۾ اهي هنڌ نالا ۽ ذاتيون اسانجي ذهن ۾ محفوظ ٿيل آهن، لاڏيون لاءِ اڳيان ويٺل عبدالرزاق مھيري ٻُڌايو تہ ’هي سامھون زبون حال جڳهيون ڏِسو پيا اهي انگريزن جي دؤر کان بہ پھرين جون آهن، ٿاڻا بہ هئا تہ جيل بہ هُئي.‘ وڌيڪ ٻُڌايائين تہ ’ٻہ واڻيا ڀائر بہ هن جيل ۾ ماريا ويا هئا، گرفتار تہ ڪنھن ٻي پاسان ڪري آيا هُئا، پر هن جيل ۾ آڻي پوءِ گوليون هڻي ماري ڇڏيائون.‘ مون چيو ’ويچارا واڻيا اڳي ئي هئا، وري جو پوليس ڪيو هوندو تشدد تہ هو پاڻ ئي مري پيا هوندا، پوءِ ويچاري اسان جي معصوم پوليس هنيون هونديون گوليون، ڏيکاريو هوندائون تہ جيل مان ڀڄڻ جي ڪوشش دوران مقابلي ۾ مارجي ويا‘ مھيري وراڻيو ’هي واقعو ڪافي پُراڻو آهي، وڌيڪ مونکي ڄاڻ ڪانھي‘. ’سائين اِها تہ آهي عام ڳالھہ، ضروري ناهي اِن واقعي ۾ ايئن ٿيو هُجي، پر ايئن بہ ٿيندو آهي.‘
ڇڇ جهان خان کان اڳيان عثمان شاھہ جا قُـٻا ڏِٺا
لاڏيون کان پوءِ جيڪو اسٽاپ آيو، اُهو اسٽاپ ۽ شھر هو ’ڇڇ جهان خان،‘ جنھن لاءِ چيائون پي تہ پري آهي اڄ هِڪڙي ڏينھن ۾ نہ ڏِسي سگهندا. ڇڇ جهان کان ڪِراس ڪيوسين تہ اسان کي وري بہ ريڊيو جو دؤر ياد آيو، ريڊيو تي هلندڙ پروگرام سُڳنڌ جيڪو سموري سنڌ ۾ مشھور هو ۽ سڄي سنڌ جي شھرن ۽ ڳوٺن کان ٻُڌندڙ خط لِکندا هئا، ۽ ايئن اسان جي ذهنن تي اُهي ٻُڌل نالا تري ٿا اچن. ڪجهہ وقت اڳتي هلياسين، جيستائين سج بہ لھي چُڪو هو ۽ ڀٽائي جو بيت منھنجي من اڱڻ تي ڪبوتر ٿي لٿو ڄڻ:
لٿو سج لَڪَن تان، راسيون رتائين،
مونکي ماريائين، آيل اونڌاهي ڪري.
عثمان شاھہ جي مزار اڳيان گاڏين اچي بريڪ ڪيو، مسجد ۾ مولوي ٻانگ ڏئي رهيو هو. پھرين وضو ڪري نماز پڙهيسن. هِتي رڻ ۾ بہ اسانکي پٺاڻ ۽ پنجابي نظر آيا، پنجابي مايون هِتي مڇردانيون ٻڌيو ٻارن کي سُمھاريو، پاڻ رڌ پچاءُ ڪري رهيون هُيون، ڄڻ تہ گهر ئي هِتي اٿن.
پردي جي پُٺيان عجيب قسم جا آواز
پھرين جنھن قُبي ۾ اچون ٿا اُن لاءِ حافظ حبيب ٻُڌائي ٿو تہ ’هي ميان ميـين صديق عباسي جو فرزند ميان محمد عثمان عباسي آهي، جيڪو پنھنجي وقت جو سُٺو ليکڪ بہ رهيو آهي.‘ انھي مزار منجهان دروازو اڳتي نِڪري ٿو، اڳيان بہ مزار ٺھيل آهي، جنھن بابت حافظ حبيب ٻُڌايو ’هي مخدوم محمد ابراهيم عباسي آهي، جيڪو پنھنجي وقت جو وڏو حڪيم هو ۽ ميان محمد عثمان عباسيءَ جا فرزند هئا. سندن وفات 1176ع ۾ ٿي.‘ انھن ٻنھي جي اوڀر طرف ۾ ٽي بہ زيارت هُئي، جنھن ۾ اندر وياسين تہ مزار جي پريان هِڪڙو پردو ڇت کان هيٺ فرش تائين لڙڪي رهيو هو، اُن پردي جي پُٺيان عجيب قسم جا آواز اچي رهيا هئا، مون هيڏانھن هوڏانھن لوڻا هڻڻ شروع ڪيا ۽ آوازن جي ويجهو وڃڻ چاهيم، تيستائين هِڪڙي چادري ۾ ويڙهيل نوجوان ڇوڪري سھڪندي ٻاهر نِڪتي، پويان هلڪي ڏاڙهي وارو ڇوڪرو جنھن جي هٿ ۾ پاڻي جي بوتل هئي، اُنھي جي پويان نِڪتو، ڇوڪري ٿِڙندي ٿِڙندي ٻاهر هِڪڙي دِڪي تي وڃي ويھي رهي. آئون ٻنھين کي غور سان ڏِسندو اڳتي هليو ويس.
اسان جي اڄ جي سفر جي هي آخري منزل هُئي، هاڻي رهيل آهي جاتي، جِت اڄ تہ ڪُجهہ بہ ڏِسي گُهمي نٿا سگهون صرف شھر مان گذري سگهون ٿا. حافظ فضل الله فياض وارن چيو هلو جاتي روڊ تائين اوهان سان گڏ ٿا هَلون. جاتي روڊ تي پھتاسين سڀني هڪٻئي کان موڪلايو، شيخ عبدالله چيو تہ ’پاڻ کي ميرپوربٺورو هلڻو آهي جتي هڪڙي دوست دعوت ڪئي آهي انھي ۾ ضرور شريڪ ٿيئـڻو آهي،‘ اسان چيو ’سائين اوهان وري بہ سجاول کان ويندا ٿاڻي بولا خان اسين هِتان جاتي کان کورواھہ، کورواھہ کان ڪڙيو جتي حافظ محمد نظاماڻي ۽ عبدالرزاق مھيري کي ڇڏينداسين، اسان کي جاتي وٽان ويجهو پنڌ پوندو انھي ڪري ٻنھي لاءِ بھتر آهي تہ هِتان ئي موڪلايون.‘ انھن کان بہ موڪلايوسين، حافظ صاحب جي طبيعت بہ گهڻي خراب هُئي ۽ هاڻي منھنجي طبيعت بہ ساٿ نہ پئي ڏئي. جاتي کي ويجهو پُھتاسين تہ سڀني چيو رسول بخش تميمي يا ذاڪر حسين کٽي کي فون ڪريون، جيئن ’ڀياڻي‘ جو ميلو بہ ڏِسيو هلون. پھرين سائين رسول بخش تميمي کي فون ڪيم جنھن چيو ’ٺيڪ آهي، اچو آئون ماني جو بندوبست ڪريان ٿو‘ چيم ’سائين ماني بلڪل نہ کائينداسين،‘ چيائين ’ڀلا چانھہ تہ پيئندو،‘ چيم ’چانھہ بہ نه‘ چيائين ’ڀلا ٿڌو پي وٺنداسين، مِلي وٺنداسين، پر اچو ضرور،‘ جڏهن شھر پھتاسين تہ ادا منظور جو موڊ بدلجي ويو، چئي ڪونہ ٿا هلون شھر ۾ رش آهي، ذاڪر حسين کٽي کي فون ڪيم، ذاڪر چيو ’نيشنل بينڪ وٽ اچو آئون اچان ٿو، گهر پاسي ۾ آهي،‘ ذاڪر حسين کٽي اڳ ۾ بيٺل نہ هو، تنھن ڪري هنن ٻہ منٽ گاڏي روڪي وري هليا، چيائون ذاڪر کي بہ منع ڪري ڇڏ، اُن وقت وري منھنجو موڊ خراب ٿي ويو، پر خير هر سفر ۾ واپسي ايئن ئي هوندي آهي. سو ماٺ ٿي ويس، گاڏي اڳتي هلي وئي پويان ويچارو ذاڪر کٽي پھتو چيائين ’ڪِٿي آهيو؟‘ چيم ’اڳتي نِڪري ويا آهيون‘ چيائين ’اڳيان ٻاهر پيٽرول پمپ آهي اُتي ضرور بـيھو‘. ٻاهر پمپ تي بيٺاسين اُتي پنڌ اچي پھتو، سڀني سان مِليو ڪجهہ گهڙيون بيٺي بيٺي ڪچھري ٿي پوءِ موڪلايوسين، چيائين ’سڀاڻي پروگرام ۾ ضرور شريڪ ٿجو.‘
واپسيءَ جو پنڌ ۽ اسين ....
جيڪي سفر ۾ همسفر هئا:
حافظ نظاماڻي: قرآن جو حافظ آهي، پنج وقت نماز پڙهندڙ آهي، پر مولوي صفا ناهي، ڏاڙهي بہ اڇي وڏي اٿس، صوفي مڙس، سنگت ساٿ وارو، سدائين پروگرامن ۾ سفر ۾ سنڌ جو تمام وڏو نالو آهي شاعري ۾ حافظ نظاماڻي جو. سندس تعلق سھراب خان نظاماڻي ڳوٺ لڳ ڪڙيو گهنور سان آهي. سندس ڪتاب ”باغي آ عشق منھنجو“ ڇپيو جيڪو ٿوري ئي وقت ۾ وڪامجي ويو، اُن کان پوءِ ٻيو ڪتاب ”تاريخ آهي شاهد“ جنھن جو بيڪ ٽائٽل لکڻ جو اعزاز هن ناچيز (مور ساگر) کي حاصل آهي. حافظ نظاماڻي جي شاعري اسان جڏهن هاءِ اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين تڏهن کان فنڪار الھڏنو جوڻيجو جي آواز ۾ ٻُڌندا هُئاسين.
حافظ حبيب سنڌي: حافظ حبيب جو تعلق چوهڙ جمالي شھر سان آهي، سندس پورو نالو احتشام الحق کٽي عرف ’حافظ حبيب سنڌي‘، کٽي پاڙي چوهڙ جمالي ۾ محمد عثمان کٽي جي اڱڻ تي 22 فيبروري 1954ع ۾ پيدا ٿيو. هِن ابتدائي تعليم سان گڏ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم ۾ مولوي فاضل جو امتحان ڏِنو، اُن کانپوءِ مدرسہ داالعلوم عثمانيہ ٺٽي مان ’سندالفراغ‘ بي اي جي مساوي ڊگري حاصل ڪئي.
پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي: ماتلي سان تعلق رکندڙ معزز شخصيت، پيشي جي لحاظ کي ليڪچرار گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي، پاڻ سُٺا ليکڪ ۽ تاريخ سان دِلچسپي رکندڙ، تاريخ لِکندڙ، ماتلي جي تاريخ لِکي اٿس، اُن کان علاوه حافظ نظاماڻي جي شاعري جا مجموعا ”باغي آ عشق منھنجو“، ”تاريخ آهي شاهد“ پڻ هِن جا سھيڙيل آهن، نظاماڻي ذات تي ”تذڪراءِ نظاماڻي“ وڏو ڪِتاب لِکيو اٿس، جنھن ۾ پوري نظاماڻي قبيلي جا شجرا ڏِنا اٿس. اُن کان علاوه کوڙ ٻيا بہ ڪيترائي ڪتاب لِکيا، سھيڙيا ۽ مُرتب ڪيا اٿس. ”محمد صديق مسافر جي علمي، ادبي، تعليمي، صحافتي ۽ سماجي خدمتن جو تحقيقي مطالعو“ جي عنوان سان محمد صديق مسافر تي پي ايڇ ڊي ڪري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي اٿس.
عبدالرزاق مھيري: هن جو تعلق ڳوٺ مولوي حاجي علي محمد مھيري سنھڙو شريف سان آهي، جيڪو ڪڙيي گهنور جي ڀرسان آهي. سندس تعليم بي ايڊ آهي، پاڻ پيغمبري پيشي سان وابسطه رهيو آهي، هن وقت رٽائرڊ پرائمري ٽيچر آهي. ڪجهہ ڪھاڻيون بہ لکيون اٿس، بوسڪي جو پٽڪو هن جي سُڃاڻپ ايئن آهي، جيئن اجرڪ جو پٽڪو علڻ فقير جي سُڃاڻپ.
شيخ عبدالله ’ڪوهستاني‘: ٿاڻي بولا خان سان تعلق رکندڙ، انتھائي سُٺو سماج سُڌارڪ، پاڻ پيشي جي لحاظ کان عربي ٽيچر آهي، سدائين سفر ۾ ننڊ ڪندو آهي، نہ تہ بس زندگي جي سفر ۾ هل هلان اٿس، ڪنھن وقت ڪِٿي تہ ڪنھن وقت ڪِٿي، سدائين سماجي ڪمن جي پويان، سندس مختلف ڪمن ۾، فري ميڊيڪل ڪئمپون لڳائڻ، غريبن جي سھائتا ڪرڻ کان علاوه جيڪو ڪم هن جي سُڃاڻپ بڻيو آهي سو آهي، اجتماعي شاديون ڪرائڻ، هي غريب بي سھارا خاندانن جي غريب نياڻين جون شاديون ڪرائيندو آهي، ۽ کين پورو پورو ڏاج بہ ڏِنو ويندو آهي.
سرور خاصخيلي: سندس تعلق ٿاڻي بولا خان سان آهي، سُٺو ماڻھو آهي، پيشي جي لحاظ کان پرائمري ماستر آهي، صحافت بہ ڪندو آهي، ۽ شاعر پڻ آهي.
فضل الله فياض ميمڻ: چوهڙ جمالي شھر جو رهندڙ، انٽر پاس، سينيئر صحافي ۽ پنھنجو ڪاروبار ڪندڙ، النور پبلڪ اسڪول جو اونر، جمعيت علماءَ اسلام ضلعي سجاول جو جنرل سيڪريٽري،
منظور احمد جوڻيجو: ماتلي شھر سان تعلق رکندڙ: منھنجو ڀاءُ آهي، سُٺي دِل رکندڙ آهي، سندس حيدرآباد ۾ ”الرزاق پرنٽرز“ آهي، پنھنجي ڪاروبار ۾ ڪامياب آهي. گُهمڻ جو شوق هوندو اٿس، ۽ ھميشہ چوندو آهي، گُهمڻ جو پروگرام ٺاهيو گاڏي منھنجي حاضر آهي.
مور ساگر: ’ڪي جاڻا مين ڪوڻ بُليا‘.
( 16 مارچ 2018ع- ضلعو بدين- سجاول)