سفرناما

سنڌ منھنجي جِند

اسان جي مور ساگر، سنڌ جي سئر سياحت بابت ھيءَ تہ صفا ڪا نئين طرح ايجاد ڪئي ٿي ڏِسجي ۽ ان ڪم لاءِ زندگيءَ جي ڪاروھنوار مان ڪي ڏھاڙا پاڇي ڪري، ھو يارن سان سنگ سنگ، کُليل اکين ۾ ڪئميرا ۽ بئگ ۾ قلم ڪاڳر رکي، سيلاني بڻجي نِڪري ٿو پوي ۽ رات وقت پوءِ سارا پنھنجا مشاھدا، منظر ۽ يارن جون دِلچسپ ڳالھيون، ڪنھن گوشي ۾ ويھي چپ چاپ لِکي ٿو وڃي ۽ پوءِ جيئن ڦُڙي ڦُڙي تلاءُ ٿيندو آھي، ھو ھھڙا ڪتاب ٿو جوڙي وٺي.

  • 4.5/5.0
  • 27
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مور ساگر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ منھنجي جِند

مثالي ماڳ ٽنڊو سومرو

روانگي
سدائين زندگيءَ ۾ هِڪ مسئلو رهيو،
نِنڊ اڌوري رهي، خواب پورو نہ ٿيو.
29 نومبر اڄ جمعي جو ڏينھن هو، تنھن ڪري دِل چوندي آهي تہ دير تائين سُمھي رهجي، پر صبح 9 وڳي ادا منظور فون ڪيو تہ سائين عبدالجبار نظاماڻي پُڇي پيو تہ اڄ ٽنڊي سومري ڏِسڻ جو پروگرام آهي تہ ٻُڌايو، پوءِ سوچيندي ها ڪيم، ٽنڊو سومري جي باري ۾ الطاف شيخ لِکيو هو. اُن کان پوءِ يو ٽيوب تي بہ ٽنڊو سومرو جون ڊاڪيومينٽريون ڏِٺيون هيم، تنھن ڪري، اِها حسرت هُئي تہ ٽنڊو سومرو عاصم ايگريڪلچر فارم گُهمي اچجي. آءٌ ادا منظور ۽ سائين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار روانا ٿياسين، وقت پورا 11:00 ٿيا آهن، ملھڻ پھتاسين، گاڏي کي ملھڻ نظاماڻي ڏانھن موڙيوسين، هِتان ظفر نظاماڻي کي بہ هلڻو هو، ڪجهہ اڳتي وياسين تہ ظفر روڊ وٺيو آيو پي، اُن کي کنيوسين. گاڏي ۾ ويٺو.

زرداري روڊ، اسين، سفر ۽ ظفر
ظفرالحق نظاماڻي سان اسان جي هيءَ پھرين ملاقات هُئي، تنھن ڪري ادا منظور ۽ مون سان ڊاڪٽر عبدالجبار نظاماڻي، اسان سان گڏ هلندڙ اسانجي نئين همسفر جو تعارف ڪرايو. ’هي آهي ظفرالحق نظاماڻي، پيشي جي لحاظ کان اُستاد آهي، ملھڻ ۾ رهندو آهي،‘ پوءِ ظفر کي وري اسان ٻنھيءَ ڀائرن جو تعارف ڪرايائين. خير قصو ڪوتاھہ، سفر اڳتي.
زرداري روڊ ۽ اسين ٻيو سفر ۽ ظفر. هن زرداري روڊ جو تذڪرو آءٌ پنھنجي سفري ڪتاب ٻي ڀاڱي ۾ ڪري چُڪو آهيان، زرداري روڊ تان لھي هاڻي ورتوسين گُلاب لغاري گام جو گس. ايڊووڪيٽ عبدالخالق لغاري،ءَ ڪامريڊ ڪريم لغاري ۽ شاعر ايڇ بي بلوچ جن جي شھر گلاب لغاري مان گُذرندي اڳيان، چمبڙ کي بہ ڪِراس ڪيوسين، تہ ٽنڊوالھيار جو مين روڊ بہ پار ڪري پريون پاسو ورتوسين.

رکيوسين رُخ مثالي ماڳ ٽنڊو سومرو ڏانھن
هِن رستي اسان کي پھرين آندو شاھہ پور رضوي، شاھہ پور رضوي کي پوئتي ڇڏي اڳتي ٿياسين تہ ڳوٺ موليڏنو ميربحر جو بورڊ پڙهيم، ادا منظور کي چيم سائين عبدالشڪور ملاح جي ڳوٺ جو بورڊ هيڏانھن لڳو پيو آهي، اُهو تہ حيدرآباد جي ويجهو آهي، پر پوءِ خبر پئي تہ هي ڳوٺ مولي ڏِنو ميربحر نالي سان ٻيو ڳوٺ آهي، سائين عبدالشڪور پاڻ ٻُڌايو. هي مثالي ماڳ جيڏانھن وڃي رهيا آهيون، ’ٽنڊو سومرو‘ اِهو بہ حيدرآباد جي اوڀر ۾ حيدرآباد کان پنجاھہ ڪلوميٽرن جو فاصلو ٻُڌايو وڃي ٿو، تہ اِهو ڳوٺ بہ حيدرآباد جي اوڀر ۾ پليجاڻي کانپوءِ اچي ٿو.
اڳيان آياسين تہ مھراڻ شوگر مِل ڪمند جي پيڙهائي ڪري رهي هئي. اسان جو ٿوري دير لاءِ شگر مِلون ۽ ڪمند موضوع ٿي ويو. مِل مالڪن جي هِڪ هَٽِي ۽ بليڪ ميلنگ جي ڪري ڪمند جو فصل سال بہ سال پوئتي ٿيندو وڃي، آخر ماڻھو ڇو خرچ ڪري، ٻارھن تيرنھن مھينا هِڪڙي فصل کي بيھارين، جڏهن وقت اچي تہ مِل مالڪن جي بدمعاشي. مھراڻ شگر مِل کان اڳتي ٿياسين تہ نصير ڪئنال آيو، اُن کي پار ڪري.

نيٺ پھتاسين مثالي ماڳ ٽنڊو سومرو
ٽنڊو سومرو ۾ جيئن ئي داخل ٿياسين تہ منھنجي ذهن ۾ الطاف شيخ جو آرٽيڪل آيو، ”ٽنڊو سومرو ــــ سنڌ جي بدامني ۽ بي چيني واري ماحول ۾ هڪ پُر سڪون ڳوٺ“ جيڪو ڪاوش جي هفتيوار ’ڪاوش دُنيا‘ مئگزين ۾ شايع ٿيو هو.
جيئن ئي ڳوٺ جي ويجهو پھتاسين تہ اسانکي وڏي ديوار جيڪا ماڻھو جي قد کان بہ مٿاهين اڏيل آهي، ڏِسڻ ۾ اچي ٿي ۽ هِڪڙو وڏو مين گيٽ آهي، جتي گارڊ ويٺل آهي ۽ لڪڙو بہ لڳل آهي، اسان جي گاڏي کي روڪي اسان کان پُڇا ڪيائون تہ ڪيڏانھن پيا وڃون، ڪنھن سان مِلندا؟ اڳيان ويٺل اسان جي سائين بزرگ ڊاڪٽر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي ٻُڌايو تہ ’اسين ماتلي کان اچون پيا، ٽنڊو سومرو ۽ عاصم ايگريڪلچر فارم وزٽ ڪرڻو آهي، اسان احمد الدين نظاماڻي جا مھمان آهيون.‘ گارڊ لڪڙو هٽايو ۽ اسان کي وڃڻ جي لاءِ اشارو ڪيائين. اسان کي هي عمل اڻ وڻندڙ جي بجاءِ وڻندڙ لڳو، تہ ماڻھو پنھنجي سيڪيورٽي سخت رکي، باقي جيڪو قدرت واري جي طرفان هوندو سو ئي ٿيندو آهي.
هاڻي اسين گيٽ اُڪري چوڌاري ڏِنل ديوار جي اندر آهيون، ڳوٺ جي اندر جيئن ئي داخل ٿيون ٿا تہ آءٌ پھرين گهٽيءَ ۾ صفائي کي ڏِسان ٿو ۽ پوءِ گهٽي ۾ پاڻي جي نيڪال لاءِ لڳل لوھہ جون ڄاريون ڏِسان ٿو، جنھن جي باري ۾ پڙهيو هيم. مونکي اِها حقيقت ڏِسڻي هئي، تنھن ڪري مون هيترو پنڌ ڪيو آهي. سو ڏِٺم تہ واقعي ئي صاف سُٿريون گهٽيون ۽ گهٽي جي پاسي کان انڊرگرائونڊ نالي، اُن ناليءَ جي مٿان ٿوري ٿوري پنڌ تي لوھہ جون ڄاريون لڳل نظر آيون. ان کان علاوہ ٿوري ٿوري پنڌ تي ڪِچري اُڇلڻ لاءِ لڳل ’ڪِچري دان/ڊسٽ بِن/ڪِچري جا ڊرم لڳل نظر آيا، جن کي بلو ڪلر ٿيو پيو هو. اُن دوران اسان جي ڪچھري بہ گڏ هلندي هلي، اسان جي همسفر ظفر اسانکي مختلف گهٽين مان گُهمائي ڳوٺ کان ٻاهر ڪڍي آيو، وري ڪچي بونڊري تي چڙهياسين، پھتاسين ’خيرآباد ڪالوني،‘ جتي اسانکي جمع نماز ادا ڪرڻي هُئي ’فاروقِ اعظم‘ جامع مسجد ۾. جمع نماز پڙهڻ لاءِ اسان هيڏانھن پنڌ ڪيو آهي.

مانجهاندو ۽ معلومات گڏ گڏ
مسجد کان سِڌو مھمان خاني، پھتاسين، جِتي سائين مولوي افتخار نظاماڻي وٽ مانجهاندي جو انتظام هو، دسترخوان تي ماني لڳي، تيستائين اسان جي ڪچھري جو موضوع ٽنڊو سومرو جي تاريخ ۽ ترقي هو.
پھرين نظاماڻين جو ڳوٺ سڏبو هو، جڏهن رئيس سومر خان سردار ٿيو تہ پوءِ هِن ڳوٺ جو نالو بہ سومر جي پويان سومرو ٿي ويو، جيئن محمد خان جو ٽنڊو، الھيار جو ٽنڊو، آدم جو ٽنڊو، حيدر جو ٽنڊو، غلام علي جو ٽنڊو، جان محمد جو ٽنڊو وغيره وغيره. ايئن هي سومر جو ٽنڊو هو، هاڻي ٿي ويو ٽنڊو سومرو. اها بہ عجب ڳالھہ آهي تہ نالي جي حساب سان نئين ماڻھوءَ جي ذهن ۾ اِها ڳالھہ ضرور هوندي تہ هِتي رهندڙ ذاتين ۾ سومرن جي اڪثريت هوندي، پر سومرن جو هِڪ گهر بہ ناهي، جيڪي برادريون هِتي رهن ٿيون، اُنھن ۾ نظاماڻي، خاصخيلي، ماڇي، ڀيا، شاھہ، ناريجا، بڙدي، مرزا، مڱڻھار، پٺاڻ، واڍا، شيخ، کٽي، شورا، بروهي، عقيلاڻي، چاچڙ، ساند ۽ هندو برادريون بہ رهن ٿيون، جن ۾ ميگهواڙ ۽ ڪولھي وغيره شامل آهن. هي ڳوٺ ٽنڊوالھيار جي يونين ڪائونسل جو درجو رکي ٿو. هي بہ نئين ڳالھہ ٻُڌي تہ ’بجلي جو ڪنڍو هڻڻ بہ هِتي ڏوھہ تصور ڪيو وڃي ٿو، جيڪو ڪنڊو هڻندي پڪڙجي پيو تہ ڏنڊ ۾ اُن گهر کي ڇھہ مھينن تائين بجلي کان محروم رهڻو پوندو ۽ پنجويھہ هزار ڏنڊ الڳ ورتو ويندو.‘
تعليمي ميدان ۾ بہ هي ڳوٺ سڀني کان وڌيڪ آهي، هن ڳوٺ جي جُڙيل ڪميٽي انھي ڳالھہ کي لازمي بڻائي تہ تعليم ۾ انرول مينٽ/حاضري سئوسيڪڙو هُجڻ گُهرجي. هِتي ڇوڪرين لاءِ الڳ اسڪول آهي، ڇوڪرن لاءِ الڳ، اسڪولن اندر ڪمپيوٽر ليب پڻ موجود آهي، هِتي جي پرائمري اسڪول جو نظام پڻ جديد آهي.
صحت مرڪز بہ قائم آهي، جيڪو پڻ ڪاميٽيءَ جي سھڪار سان سُٺي نموني هلي ٿو، جتي ڊاڪٽر چوويھہ ئي ڪلاڪ موجود رهي ٿو.
ايئن ئي اسان جي اڄ جي هن مختصر وقت ۾ ماني کائڻ ۽ معلومات ونڊڻ جو سلسلو پُڄاڻي تي پھتو. اُٿياسين هاڻي اسانکي پھرين ٽنڊو سومرو ڳوٺ جو مڪمل دورو ڪرڻو آهي.

ٻہ ماڙ مورچي تان ڳوٺ جو نظارو
ڪار ۾ اڳين سيٽ تي سائين احمد الدين نظاماڻي جيڪو اسانکي گِهٽين گَهٽن مان گُهمائيندو هلي. هي ڳوٺ ’ٽنڊو سومرو‘ سنڌ جي ٻين ڳوٺن ۾ مثالي ڳوٺ بہ آهي تہ ٻين لاءِ مثال بہ آهي، جنھن کي تمام ٿورڙن ماڻھن، رئيس امداد علي خان نظاماڻي، نصير نظاماڻي، دلبر خان نظاماڻي، محمد ملوڪ نظاماڻي نديم خان، محمد ملڪ ۽ اشفاق احمد نظاماڻي، گڏجي، ’پنھنجي مدد پاڻ‘ تحت هِن ڳوٺ کي مثالي بڻايو، سنڌ ۾ امير ماڻھن جي کوٽ تہ آهي ڪونہ، هر ڳوٺ پاڙي ۾ ٻہ ٽي امير ماڻھو تہ هوندا ئي هوندا، الله سائين اُنھن جي من ۾ اهڙو خيال آڻي تہ هِڪ ڳوٺ ڇو پوري سنڌ سراپا سھڻي بڻجي پوي.
اسين گهٽين، پاڙن، مان ٿيندا ٻاهر راندين جي ميدان ڏانھن آياسين، هِتي راندين جا ٻہ ميدان آهن، هِڪڙو ٻارڙن لاءِ، هِڪڙو وڏن لاءِ، جتي ڪرڪيٽ ۽ فٽبال رانديون کيڏيون وڃن ٿيون. هِتي پاسي ۾ ٻہ ماڙ مورچو بہ ٺھيل آهي، جنھن جي ڇِت تي چڙهي، سڄي ڳوٺ ۽ ڳوٺ جي ٻاهر ٻنين جو بہ نظارو ڪيوسين، پري کان ڪجهہ انبن جا باغ بہ نظر اچي رهيا آهن، هِتي انب ۽ ڪيلا باقي فصلن ۽ ميون ۾ وڌيڪ اُپايا وڃن ٿا، هِتان جا انب ٻاهرين ملڪن ڏانھن بہ موڪليا وڃن ٿا. ڳوٺ کي چؤطرف ڏِنل وڏي ديوار جي اندر ڳوٺ جو نظارو بہ واھہ جو وڻي پيو.

اُها مسجد جنھن تي شاگردن اُٺ چاڙهيو
اسان کي اسانجو ميزبان سائين احمد الدين نظاماڻي وٺي آيو اُن مسجد وٽ، جنھن تي بقول سائين احمد الدين جي تہ شاگردن اُٺ چاڙهيو هو، ڪيئن چاڙهيو هو، ڇو چاڙهيو هو، اِها ڪھاڻي بہ مختلف نمونن سان ٻُڌائي وڃي ٿي، پر مون جڏهن اِن مسجد جو فوٽو فيس بڪ تي رکي اِهو ڪيپشن لِکيو تہ، ڪجهہ دوستن ڪمينٽس ۾ لِکيو اُها مسجد ٽنڊو قيصر ۾ آهي، ڪنھن ڪِٿي لِکي. خير اسان هِن مسجد ۾ عصر نماز پڙهي، فوٽو گرافي بہ ڪئي، مسجد جي ڇت بلڪل اهڙي ئي آهي، جھڙي اسان جي ڳوٺ جي بزرگ هستي مخدوم امام جي قديم مسجد جي ڇت، پر هن جي تعمير واري تختي پڙهيسين تہ اُن ۾ 1317هجري بمطابق 1894ع لِکيل آهي.

رئيس امداد خان ۽ عاصم سان مختصر ملاقات
اڇي ڪلر جي اوطاق چئون يا بنگلو، پر بلڪل پُراڻي طرز جو ٺھيل آهي، جنھن جي ورانڊي اندر ڪُرسيون ۽ ٽيبلون رکيل آهن، اُنھن تي اڳواٽ ئي رئيس امداد علي خان، سندس فرزند عاصم نظاماڻي ۽ ڪجهہ ٻيا ماڻھو بہ ويٺل هئا، اسان بہ سلام ورائي سڀني سان مِلياسين، آءٌ رئيس امداد علي خان جي ڀر ۾ ويٺس، اسان جو تعارف سائين احمد الدين، واري واري سان ڪرايو، پوءِ رئيس هِڪ هِڪ کان الڳ الڳ حال احوال ورتو ۽ پھريون سوال اِهو پُڇائين تہ ’سڄو ڳوٺ گُهمي ورتو؟ چيوسين، ’جي، بلڪل سڄو ڳوٺ گُهمي ڏِٺوسين ۽ جھڙو ٻُڌو هوسين، اهڙو ئي ڏِٺوسين، يعني موجودہ دؤر جي ڳوٺن مان مثالي ڳوٺ آهي. ايئن پوءِ مختلف موضوعن تي مختصر ڪچھري ٿي، چانھہ بسڪيٽ آيا سڀني گڏجي چانھہ پيتي. بعد ۾ گروپ فوٽو نِڪتا، ورانڊي اندر ۽ پوءِ ٻاهر. ٻاهر تمام وڏو اڱڻ آهي، جنھن تي ڪيتريون ئي گاڏيون بيھي سگهن ٿيون. ايئن هي مختصر ملاقات بہ پُڄاڻيءَ تي پھتي ۽ اسان هِن ٽنڊو سومرو کي اڏيندڙ/سنواريندڙ اهم ڪِردار رئيس امداد علي خان ۽ سندس فرزند رئيس عاصم علي خان نظاماڻي کان مُرڪي موڪلايوسين.

نصير ڪئنال جو نظارو
نومبر جو سج جيئن شام ٿئي، تيئن تيز ڀڄي، تنھن ڪري اسان بہ ڳوٺ کي ڇڏي ڪيلن جي فصلن جي وچان ڪچي بونڊري تان لَٽ اُڏاريندا اسپيڊ سان اچي پھرين پھتاسين نصير ڪئنال تي. گاڏي مان لٿاسين فوٽوگرافي ڪئيسين، هِن ڳوٺ ٽنڊو سومرو ۽ آسپاس جون زمينون آباد ڪندڙ هي نصير ڪئنال ڳوٺ ٽنڊو سومرو کان چئن فرلانگن جي فاصلي تي ٻُڌايو وڃي ٿو. هن ڪئنال جي ڪپرن جي (ڳوٺ ٽنڊو سومرو جي سامھون) روزانو جي بنياد تي جانچ رکي ويندي آهي، جيئن ڳوٺ جي حفاظت کي يقيني بڻائي سگهجي. ان مان ئي اندازو ڪري سگهجي ٿو تہ هِن ڳوٺ کي سنواريندڙ ڪيترا سچا ۽ مخلص انسان آهن. ڪاش سنڌ جا ٻين ڳوٺن ۽ شھرن ۾ ڪي اهڙا انسان پيدا ٿي پون.

عاصم ايگريڪلچر فارم تان ڦيرو
عاصم ايگريڪلچر فارم وڏن اکرن ۾ وڏي گيٽ جي ڀر واري ديوار تي لکيو پيو آهي، جيئن ئي اُهو وڏو گيٽ اُڪري اندر ٿياسين تہ واھہ ۽ سبحان الله جا اکر اسان جي زبان تي هئا، هي تہ ڄڻ دُنيا ئي ٻي لڳي پئي آهي. رئيس انور خان نظاماڻي جو ٺھرايل هي فارم جنھن کي وڌائي ويجهائي، سينگاري، سنواري هن خوبصورت منظرن، نظارن ۾ بدلائيندڙ سندس لائق فرزند رئيس امداد علي خان نظاماڻي ئي آهي.
هن فارم کي پاڪستان جي تمام اهم ترين فارمن ۾ شماريو وڃي ٿو، ٽي سئو ايڪڙن جي ايراضي تي اڏيل هِن عاصم ايگريڪلچرل فارم تي نہ صرف اسان جھڙا سياح گُهمڻ/ڏسڻ فوٽوگرافي ڪرڻ لاءِ اچن ٿا، پر هِتي ايگريڪچرل ريسرچر بہ اچن ٿا، جيڪي هِتي جي پيداوار تي اچي ريسرچ ڪن ٿا. هن فارم ۾ گهڻي تعداد ۾ ڪيلو ۽ انب ٿين ٿا/پوکيا وڃن ٿا. هِتي گهُمندي ڦِرندي مون هِڪ هنڌ پارڪ ۾ فائر ڦوهارا بہ ڏِٺا، جيڪي پھريون ڀيرو، بادشاهي قلعي لاهور جي پارڪ ۾ ڏِٺا هئا، تڏهن مونکي حيرانگي ٿي هئي، پر هِن ڀيري ڪا بہ حيرانگي نہ ٿي. بس اُها 2006ع واري ياد اچي وئي.
اسان نہ صرف هن فارم جي منظر گُل ٻوٽا، زمينون، پارڪ، پر مين هيڊ آفيس، سڀئي چيمبر گُهمي ڦِري ڏِٺاسين، هِتي موجود ملازمن کي رئيس امداد فون ڪري ڇڏي هُئي، اُنھن اسان کي بھترين نموني سان ريسپانس ڏنو. آخر ۾ سندس آفيس ۾ ويھاري اسانکي بھترين تازي کير جي چانھہ بہ پياري وئي.
هن فارم تي ڪم ڪندڙ هارين جي پگهار بہ مثالي ٻُڌائي وڃي ٿي ۽ هر سال هِڪڙو مقابلو بہ ٿيندو آهي، جنھن ۾ جنھن بہ هاري وڌيڪ فصل اپايو اُن کي ’مين آف دي ييئر‘ جو ٽائـٽل مِلندو آهي. 25 هزار انعام سان گڏ بوسڪي جو پٽڪو پڻ ٻَڌرايو وڃي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن هارين کي بہ تفريحي دورا ڪرايا ويندا آهن.
رئيس امداد علي خان نظاماڻي جي عاصم فارم سامھون اڏيل ڀيلن جو پڪو ڳوٺ ڏِسي حيران ٿيڻ فطري هو. رئيس امداد نظاماڻي پنھنجي هارين کي سُکيو رکڻ لاءِ جوڙايو آهي، جنھن ۾ پڪيون بائونڊريون، گئس، بجلي سڀئي سھولتون پُڻ موجود آهن. اهڙا مثال هِن سھڻي منھنجي سنڌ ۾ گهٽ مِلندا.

جيڪي سفر ۾ همسفر هيا:

پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي: ماتلي سان تعلق رکندڙ معزز شخصيت، پيشي جي لحاظ کي ليڪچرار گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي، پاڻ سُٺا ليکڪ ۽ تاريخ سان دِلچسپي رکندڙ، تاريخ لِکندڙ، ماتلي جي تاريخ لِکي اٿس، اُن کان علاوہ حافظ نظاماڻي جي شاعري جا مجموعا ”باغي آ عشق منھنجو“، ”تاريخ آهي شاهد“ پڻ هِن جا سھيڙيل آهن، نظاماڻي ذات تي ”تذڪراءِ نظاماڻي“ وڏو ڪِتاب لِکيو اٿس، جنھن ۾ پوري نظاماڻي قبيلي جا شجرا ڏِنا اٿس. اُن کان علاوہ کوڙ ٻيا بہ ڪيترائي ڪتاب لِکيا، سھيڙيا ۽ مُرتب ڪيا اٿس. ”محمد صديق مسافر جي علمي، ادبي، تعليمي، صحافتي ۽ سماجي خدمتن جو تحقيقي مطالعو“ جي عنوان سان محمد صديق مسافر تي پي ايڇ ڊي ڪري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي اٿس.

منظور احمد جوڻيجو: ماتلي شهر سان تعلق رکندڙ: منهنجو ڀاءُ آهي، سُٺي دل رکندڙ آهي، سندس حيدرآباد ۾ ”الرزاق پرنٽرز“ آهي، پنهنجي ڪاروبار ۾ ڪامياب آهي. گهمڻ جو شوق هوندو اٿس، ۽ ھميشہ چوندو آهي، گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو گاڏي منهنجي حاضر آهي.
ظفر نظاماڻي: سندس تعلق ملھڻ نظاماڻي سان آهي، پاڻ پڙهائڻ جي شعبي سان واڳيل آهن، هن وقت مولوي خير محمد نظاماڻي تي پي ايڇ ڊي پڻ ڪري رهيا آهن.

پروفيسر احمد الدين نظاماڻي : سندس تعلق ٽنڊو سومرو سان ئي آهي، پاڻ گورنمينٽ ڪاليج ٽندوالھيار ۾ ليڪچرار آهي.
مور ساگر: ’ڪي جاڻا مين ڪون بُليا‘

(29 نومبر 2019ع، جمع جي ڏينھن. -ضلعو ٽنڊو الھيار)