سفرناما

سنڌ منھنجي جِند

اسان جي مور ساگر، سنڌ جي سئر سياحت بابت ھيءَ تہ صفا ڪا نئين طرح ايجاد ڪئي ٿي ڏِسجي ۽ ان ڪم لاءِ زندگيءَ جي ڪاروھنوار مان ڪي ڏھاڙا پاڇي ڪري، ھو يارن سان سنگ سنگ، کُليل اکين ۾ ڪئميرا ۽ بئگ ۾ قلم ڪاڳر رکي، سيلاني بڻجي نِڪري ٿو پوي ۽ رات وقت پوءِ سارا پنھنجا مشاھدا، منظر ۽ يارن جون دِلچسپ ڳالھيون، ڪنھن گوشي ۾ ويھي چپ چاپ لِکي ٿو وڃي ۽ پوءِ جيئن ڦُڙي ڦُڙي تلاءُ ٿيندو آھي، ھو ھھڙا ڪتاب ٿو جوڙي وٺي.

  • 4.5/5.0
  • 27
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مور ساگر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ منھنجي جِند

دودي جي ديس ساحلي پٽي جو سيرَ

روانگي
هي واهڻ، هي وَستيون، هِي جهوپا هِي رُوپا،
سڀئي ڳوٺ سنڌ جا، سڀ دَيرَ پنھنجا.
21 فيبروري 2020ع آهي، اسان رول ماڻھن جو وِيھہ سئو وِيھہ جو هي پھريون سفر آهي، اُهو بہ ساحلي پَٽي دودي جي ديس جو. دودي جي ديس تي جڏهن سائيبريا جا مھمان پکي پنھنجا عارضي آشيانہ اڏيندا آهن، تڏهن مارين جي مُنھن تي بہ مُرڪون رقص ڪرڻ لڳنديون آهن. جن پرديسي پکين لاءِ اسان کي چوڳي/داڻي جو بندوبست ڪرڻ گُهرجي، اُن لاءِ اسين نوان رڇ/ڄار، تيار ڪندا آهيون ۽ نيون نيون اٽڪلون سِکندا/سيکاريندا آهيون ۽ پوءِ وري هِڪٻئي سان اِها بہ شرط رکندا آهيون تہ ڪير ڏينھن ۾ ڪيترا پرديسي پکي ٿو شڪار ڪري.
آئون ادا منظور ۽ سائين ڊاڪٽر عبدالجبار نظاماڻي روانا ٿياسين، وقت پورا 10:00 ٿيا آهن، ماتلي بدين باءِ پاس تان ڪرولا ۾ پندرھن سئو جو پيٽرول ڀرائي، دعاءِ سفر پڙهي روانا ٿياسين.

مڇي لڌم پٽ تان، مڇي ڏِنم شعيب کي
تلھار پھتاسين، پنجن منٽن جو ڪم هو، بريڪ ڪيوسين ۽ پوءِ وري بہ سفر ۾ اڳيان وڌياسين. ڏھہ، ٻارھن منٽن جو فاصلو طئي ڪري اچي مِلياسين شعيب رضا ٽالپر سان، جنھن ٽالپر اسٽاپ تي اسان جي اچڻ جو انتظار پي ڪيو، پيرو شھر پھتاسين، ياسين سان مِليس.
اسان چارئي رستي تان پيادل پيا اچون تہ اڳيان مڇي ’ڪُرڙو‘ ٿيلھِي ۾ پيو هو، شعيب کي چيم شعيب گس هلندي لڇمي مِلي اٿئي، ڪو همراھہ توائي ٿي موٽرسائڪل تي چڙهيو هوندو، خبر ڪانہ پيس تہ مڇي ڪِري پئي، اِها آئي تنھنجي ڀاڳ ۾، شعيب سندس دُڪان واري ملازم کي سڏ ڪيو، مڇي ڏئي چيائين تہ اِها رک هلي دُڪان تي، ڪو ڌڻي ٿيو تہ ٺيڪ نہ تہ گهر موڪلي ڇڏج، تيستائين همراھہ موٽرسائيڪل وارو توائي ٿيو آيو. چيائين اِها مڇي مون ڪيرائي هئي، مڇي ڏِنيسين اُن کي. پيروءَ تان شعيب ضرورت جو سامان ورتو، مير مُنير ٽالپر جي دعوت آهي، سندن ڍنڍ ٻجهورو، لاڙ پڇاڙ، ساحلي پٽي تي، تنھن ڪري اسان هي پروگرام گهُمڻ جو بہ ٺاهيوسين، هِتي ڊاڪٽر نظير بہ مِليو، جيڪو اسان سان گڏ بدين تائين هليو.

برياني ورتيسين بدين مان
بدين پُھتاسين، الله واري چونڪ تي، صديق سومرو سان مِلياسين، چانھہ لاءِ چيائين، چيوسين ڪنھن ٻي ڀيري، روانا ٿياسين، گولاڙچي روڊ تان چانھہ جي لاءِ کير ورتو، شاهنواز چونڪ تي بريڪ ڪيو، شعيب هِتان برياني ورتي، ادا منظور ماتلي مان ئي نارنگيون ورتيون هيون، جيڪي رستي ۾ کائيندا آياسين. اڃا بہ گاڏي ۾ پيون آهن. وقت يارھن لڳي پنجٽيھہ منٽ ٿيا آهن، سيراڻي روڊ وٺي روانا ٿياسين. هِن روڊ تان بہ ڪيترائي ڀيرا منھنجو گُذر ٿيو آهي، دودي جي ديدار لاءِ جڏهن بہ ويندو آهيان تہ رستو اِهو ئي مونکي ملائيندو آهي، دودي دلير سان، اڄ بہ اُن مڙس مٿير جي حاضري ڀرڻ لاءِ ساٿين سميت سفر ۾ آهيان. سيراڻي کي جيئن ئي ويجهو پھتاسين، مجيد ملاح کي فون ڪيم تہ ’اوهان هِن وقت ڪِٿي آيو؟‘ چيائين ’شھر سيراڻي ۾،‘ چيم ’حنيف جي دُڪان تي هلي ويھہ، اوهان سان مِلڻو آهي.

سيراڻي شھر ۾ مجيد مھراڻوي سان مِلياسين
ڪجهہ ئي دير ۾ پھتاسين دوست مجيد مھراڻوي، حنيف ڏيانگ، فقير محمد وفائي ٽيئي ويٺا، هئا مِلياسين، پوءِ مجيد مھراڻوي جي والد جي وفات ۽ حنيف ڏيانگ جي پُٽ جي وفات تي ٻنھي سان فاتح پڙهي. حال احوال دوران ’مجيد مھراڻوي نوجوان شاعر آهي، ۽ هي حنيف ڏيانگ شاعر ۽ صحافي بہ آهي، هي ڊاڪٽر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي آهي، جيڪو سُٺو ليکڪ ۽ تاريخدان آهي، ماتلي ڪاليج ۾ ليڪچرار آهي، اُن سان گڏ پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر بہ آهي، هي منظور احمد جوڻيجو جيڪو منھنجو وڏو ڀاءُ آهي. هي شعيب رضا ٽالپر‘ سڀني سان هِڪٻئي جو تعارف ڪرايم، ڪچھري ڪئيسين، چانھہ بہ پيتي، چانھہ ڏاڍي سُٺي مِلي وئي.
تعلقي بدين جي ڏکڻ ۾ هي ننڍڙو شھر سيراڻي جيڪو تعلقي بدين جي يونين ڪائونسل پڻ آهي. بدين شھر کان اندازاً ارڙهن ڪلوميٽرن جو مفاصلو ٻُڌايو وڃي ٿو، هِن شھر ۾ صحافين لاءِ پريس ڪلب ۽ ٻيون سرڪاري تعليمي ۽ صحت واريون سھولتون اهڙيون جھڙيون هر ننڍڙي شھر ۾ هونديون آهن. نہ صرف لاڙ پڇاڙ، پر سمجهو تہ سنڌ جا آخري سرحدي شھر آهن، هنن شھرن کان پريان رڻ ئي رڻ ۽ پوءِ ايل بي او ڊي راڪاس کان اڳيان سنڌي سمنڊ، سمنڊ کان پريان هندستان.
سنگت سان گروپ فوٽو صحافي فقير محمد وفائي ڪڍيو، سيلفيون ٿيون سنگت کان موڪلائي منزل طرف روانا ٿياسين.

ڀُڳڙا ميمڻ ڏانھن ويندي واٽ
ڳوٺ دينار ٽالپر وٽان گُذرياسين شعيب ٻُڌايو مسعود لوهار جو ڳوٺ بہ اِهو آهي، اسان جو يار نادره وارو اسرار لوهار پُڻ هِن ڳوٺ جو آهي. اڳيان ڀڳڙا ميمڻ پھتاسين هِتي پھرين موسيٰ ملاح وٽ آياسين، هن کان شعيب چار عدد پکي ورتا ٻہ هزار روپيا ڏِنا، پوءِ اندر ڳوٺ ۾ لٿاسين، هِتان ٻيو همراه عبدالمالڪ خاصخيلي جنھن کان 15 پکي ورتاسين.
مير آصف فش فارم، ٻجهورو ڍنڍ پھتاسين، هِتي ڍنڍ جو رکوال امير بخش پلي آهي، سڀني سان مِليو، پکي ۽ سامان ڪيوسين اُن جي حوالي، شعيب پاڻي جي بوتل کولي سڀني کي پاڻي پياريو، هاڻي چيائين تہ برياني بہ کائون، پوءِ ٿا هلون، اڳيان ڪِٿي جمع نماز پڙهون، پوءِ اڳتي ٿا گُهمڻ هلون. برياني بدين مان ورتي هئي، پلِي پليٽون ڌوئي ڏِنيون شعيب سڀني کي برياني لڳائي ڏِني، کاڌيسين.

ڳوٺ دينار ٽالپر ۾ جمع نماز
ڳوٺ دينار ٽالپر پھتاسين، هِتي جامع مسجد ۾ باجماعت جمعو نماز پڙهيسين، ٻاهر نِڪتس فيس بوڪ فرينڊ محمد خان ٽالپر مونکي سُڃاڻي ورتو، چاھہ سان مِليو، چانھہ جي صلاح ڪيائين. مون سندس مھرباني مڃي، سنگت جو انتظار ڪري رهيو هئس، مسجد جي ڀر ۾ سُٺو مدرسو بہ ٺھيل آهي، جتي ڳوٺ جا ٻارڙا ديني درس وٺن ٿا، سِرن جون پَڪيون گليون ٺھيل، ڪافي ذاتين ۽ پاڙن تي مشتمل هِن ڳوٺ دينار ٽالپر لاءِ حسن درس بہ هيئن چيو هو تہ:
تپايو لوھہ لوهارن، مڙي مسعود سان گڏجي،
دُنيا ’دينار ٽالپر‘ کان، سويرن جو وطن آهي.
هِتي مسجد جي سامھون ئي اوطاق هُئي، جِتي تڏو بہ رکيل هو، شعيب جو مائٽ رات گُذاري ويو هو، اُن جي فاتح بہ پڙهڻي هُئي، فاتع پڙهي.

ايم اي انگلش معنيٰ چريو !
ڪچھري ٿي تعارف دوران سائين ڊاڪٽر عبدالجبار نظاماڻي ماتلي تہ پوءِ سامھون بہ عبدالجبار ٽالپر ويٺل هو، ۽ وري نظاماڻي ذات جا شجره ڪتاب سائين لکيو هو اُن جو بہ ذڪر نِڪتو، اِن دوران هِڪڙو وکري ٽائپ دوست آيو اُن بہ سڀني سان هٿ ملايو، عبدالجبار ٽالپر، سائين عبدالجبار نظاماڻيءَ کي چيو تہ هي اسان جو نوجوان تمام گهڻو پڙهيل لکيل آهي، هاڻي هن سان بحث ڪر، جنھن بہ قسم جو، اوهان کي جواب ڏيندو. سائين عبدالجبار چيو بحث جي ڪا ڳالھہ ناهي، نہ ئي ڪي سوال جواب آهن، بس ڪچھري پيا ڪريون، سائين عبدالجبار چيو، دوست ڇا ڪندو آهي تعارف تہ ڪرايو، عبدالجبار سندس تعارف ڪرائيندي ٻُڌايو تہ سائين هي ماستر آهي ۽ ايم اي انگلش بہ اٿوَ، سائين عبدالجبار نظاماڻي فورن چيو معنيٰ چريو، بس پوءِ سڄي ڪچھري ۾ ٽھڪڙو مچي ويو، ويٺل تہ تڏي تي هئاسين، پر اصل ٽھڪ ڏيئڻ جي وجهہ اِها ئي محسوس ڪئيسين تہ هِن کي هِتي سڀئي چريو سڏيندا آهن، سائين عبدالجبار تہ کيس نہ سُڃاڻي، پر اُن بہ هِن کي چريو چيو، تہ ڄڻ ويٺل همراهن جي ڳالھہ کي وزن مِلي ويو، تنھن ڪري سڀني ٽھڪ ڏِنا. خير چانھہ جا ٻہ ڍُڪ پي سڀني کان موڪلايوسين. هِتان هِڪ نوجوان عبدالشڪور ٽالپر کي شعيب گڏ ورتو. مختلف ڳوٺ ڪِراس ڪري، سمنڊ ڏانھن مُنھن ڪيوسين، ڪچو رستو، انتھائي خطرناڪ هو، جنھن تان او بي او ڊي ڏانھن وڃي رهيا هئاسين.

شيخ ڪرهيو ڀانڊاري درگاھہ جو ديدار
اولھہ طرف کان هِڪڙي مزار نظر آئي، شعيب کان پُڇيم اِن طرف هلو ڏِسون ڪنھن جي مزار آهي، شعيب چيو اِها ’شيخ ڪرهيو ڀانڊاري‘ آهي، چيم پوءِ تہ ضرور هلو، اِن کي تاريخ ۾ پڙهيو اٿم، اِن جو نالو گهڻو ٻُڌو ويو آهي، گهڻو اُن وقت جڏهن هِتي 1999ع ۾ سامونڊي طوفان آيو هو، جنھن تمام گهڻو نقصان ڏِنو هو، هن ئي علائقي ۾ وڻن ۾ ٽنگيل ماڻھن جا لاش نظر ايندا هئا. اُنھن ڏينھن شيخ ڪرهيو ڀانڊاري، ڀڳڙا ميمڻ ۽ شيخاڻي گهاڙي اِهي نالا صحافين جي رپورٽنگ دوران گهڻو ٻُڌبا هئا.
درگاھہ تي پھتاسين، ڀڳڙا ميمڻ کان 4 يا 5 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هيءَ درگاھہ موجود آهي، هي درگاھہ جيڪا ڪتابن ۾ 8 صديون اڳ جي ٻُڌائي وڃي ٿي، ڊاڪٽر عابد لغاري جي ڪتاب ’سنڌ تاريخ ۽ ثقافت‘ ۾ پڙهيو هيم تہ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ بہ پنھنجي ڪتاب ۾ لِکيو آهي تہ موئن جي دڙي جي بقايا، ٿرپارڪر ۾ ’نوهٽو‘ ۽ بدين ضلعي ۾ مرکان شيخڻ ۽ قرهيوڀانڊاري آهي.
ڪتاب ۾ لِکيل آهي تہ اُن وقت يعني اٺ صديون اڳ چشتي طريقي جي تبليغ جو وڏو مرڪز هئي ۽ هِتي پوھہ مھيني جي پھرين سومر تي عرس مبارڪ ٿيندو هو، جيڪو ٻہ ڏينھن هلندو هو، سڄي خطي جي شيخ برادري اچي گڏ ٿيندي هئي ۽ ڪکن ڪانن وارا جهوپڙا/پکڙا اڏي اچي وهندا هئا، جيڪي ٽولين جي صورت ۾ ويھي مچ ٻارينداهئا ۽ پوءِ سڀئي ٽوليون جيڪو رڌيندا پچائيندا هئا، هِڪٻئي کي ونڊي ورڇي ڏيندا هئا، اِها ونڊ ورڇ هر ٽولي جي هِڪ وڏڙي پنھنجي هٿن سان ڪندي هئي.
ڊاڪٽر عابد پنھنجي ڪتاب ۾ لِکي ٿو تہ: ”حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي اِهي مچ ڏِسڻ لاءِ قرهيه ڀانڊاري تان ڀيرو ڪيو هو تہ سندن زبان مان هي بيت نِڪتو هو:
جوڳيئڙا جهان ۾ نوري ۽ ناري،
ٻري جن ٻاري، آءٌ نہ جيئندي اُن ري.
شيخ قرهيه ڀانڊاري لڳ ويجهو ئي سندن دين جي ڀيڻ مائي بيبانور صاحبہ جي تربت پُڻ آهي، پرتجر ڊهي چُڪي آهي. چيو وڃي ٿو تہ مائي صاحبہ ڪڇ جي ’کانيي پير‘ جي ڀيڻ آهي. درگاھہ جي اولھہ تان قرهيه دڙي مان ڪيترائي بُت، سِڪا، مھرون ۽ اکرن لِکيل سرون هٿ آيون آهن، جيڪي حيدرآباد جي عجائب گهر ۾ محفوظ آهن“. (صه 134)

ايل بي او ڊي عرف ارڙ بلا
پُلصراط جھڙي رستي تان پار پئي پھُتاسين ايل بي او ڊي عرف ارڙ بلا، پھرين ئي رينجرس چيڪ پوسٽ اچي ٿي اسان گاڏي مان لھي پنھنجو تعارف ڪرايون ٿا، پوءِ هڪ آفيسر اڪيلي سائين عبدالجبار نظاماڻي جو ڪارڊ نمبر لکي چوي ٿو ڀلي وڃو. پاسي ۾ ئي ايل بي او ڊي جي ڪِناري تي هيٺ لٿاسين سيڙهي ذريعي، پاڻي ۾ ٻيڙيءَ وانگر ترندڙ پُل پئي آهي، هن جي خاصيت اِها آهي تہ پاڻي سان گڏ هيٺ مٿي ٿيندي آهي، اُن تي چڙهي نظارو ڪيوسين، ايل.بي.او.ڊي عرف ارڙ بلا جو.
اڳيان پنڌ ڪيوسين، هِڪ ٻي چيڪ پوسٽ آئي اُتي بہ ساڳي تعارفي انٽري ڪرائي، اڳتي روانا ٿياسين، ايل بي او ڊي جو ڪپ ئي ڪپ پريان انڊيا جي سرحد جا لڳل اڇا نشان پري کان پڌرا ڏِسجن پيا.

پرديسي پکي
سائيبريا يا ڪِن ٻين ٿـڌن مُلڪن ۾ جڏهن ٿـڌ وڌي ويندي آهي تہ هي پَکي جن ۾ ڪيترائي قسم آهن، اچي هِتي سنڌ وطن جي ڍنڍن تي ديرو ڄمائنيدا آهي، پنھنجي انجام کان بِلڪل بي خبر، ڇو تہ اُنھن ملڪن ۾ چوَن ٿا پکين کي شڪار ڪري ناهن کائيندا، جيئن اسان وٽ تہ ڄڻ هِڪڙي لاڀائـتي سيزن شروع ٿي ويندي آهي. هاڻي هاڻي اسان بہ پنج سئو روپيا في پکي جي حساب سان اوڻيھہ پکي وٺي ڇڏي آيا آهيون. جن ۾ ڳانيري، ڊگوش، ڌونري شامل آهن، اِهي پَکي واقعي ئي پرديسي آهن يا ايئن ئي چيو وڃي ٿو، اِن لاءِ مونکي مرزا قليچ جو ڪتاب ”پکي“ ڏِسڻو پيو، جنھن ۾ اسانجي مُلڪ ۾ موجود گهڻن پکين جو ذڪر آهي، پر مٿين پَکين مان ڪنھن بہ پکي جو نالو ذڪر ۾ نہ آهي، اِن مان بہ پَڪ ٿي تہ هي پرديسي ئي آهن. اِنھن پرديسي پکين جي ايئن بي رحمانہ قتل تي سنڌ جو سھڻو شاعر نقاش علواڻي بہ چئي ويٺو:
پکين کي ٿو ماري، تون مُرڪين ميان،
پري جي پَکين جا تہ پر ميڙجن ها.
پر ماري ڪِٿي ٿا مُڙن، اسان سان گڏ گاڏي ۾ بہ هِڪڙو ماري ويٺو هو، جنھن جو ايل بي او ڊي جي ڪپر تي ويٺل پکين جي وڏي هجوم کي ڏِسي وات پاڻي پاڻي پي ٿيس، چوي پيو، يار شڪار واھہ جو آهي، پر... اُنھن نظر ايندڙ مختلف پکين جو شعيب کان نالو پڇيوسين، جنھن ٻُڌايو تہ اِهو جيڪو اڇو پکي سڀني کان وڏو نظر پيو اچي، اِهو سانھہ پکي آهي، هو جيڪو ڏِسو پيا اِهو هنجر آهي، هنن جو هاڻي هِتي رهڻ ڪجهہ ڏينھن ئي هوندو ۽ پوءِ ڪيئي وڇوڙا ۽ ڳوڙها اکين ۾ کڻي اِهي پرديسي پکي سنڌ وطن کي وداع چئي ويندا.
سھڻي منھنجي سنڌ، ۾ گهڻو ڪري سڀ آبي پکي سائبيريا ۽ روس وغيرھہ کان اچن ٿا. انھن سڀني پکين جي رھڻي ڪھڻي گهڻو ڪري ھڪ جھڙي آھي. اھي پرديسي پکي رات جو کاڌو کائين ۽ ڏينھن جو، جتي گهڻو پاڻي ۽ ميدان ھوندو آھي، اتي ماٺ/خاموش گذاريندا آھن. سج لٿي مھل اُٿندا ۽ جُدا جُدا ڍنڍن ۽ تلائن ۾ وڃي لھندا.

چنيسر جي بہ وارثي ٿي وئي
ايل.بي. او.ڊي ڪپ تان لھندڙ رستو سِڌو چنيسر جي قبر تي، هِن وقت تہ قبر آهي، پر شايد جڏهن ٻيھر اچڻ ٿيندو تہ هي بہ هڪ مزار بڻجي چُڪي هوندي، ڇو تہ قبر جي چئن پاسن کان ڪالمن لاءِ کڏا کوٽيا پيا آهن ۽ قبر کي بہ پَڪو ڪيو ويو آهي، هن کان پھرين ٻہ ڀيرا اڳ جڏهن آيو هئس تہ هن قبر جي ڪنھن خبر ئي نہ ٻُڌائي، تنھن ڪري چوان ٿو چوٿين ڀيري ايندس تہ يقينن هِتي مزار اڏيل هوندي. منھنجو هِتي دودي جي ديس ۾ ڪيئي ڀيرا اچڻ ٿيو آهي، پر چنيسر جي قبر مون اڄ ڏِٺي آهي. تاريخ بي رحم بہ چئي ويندي آهي، پر تاريخ گُمراھہ بہ هوندي آهي، مطلب اِهو تہ ڪير ٿو پَڪ ڏي تہ هيءَ ئي چنيسر جي قبر آهي، بھرحال تاريخ ڄاڻي تہ تاريخ لِکڻ وارا.
عام روايت موجب، ”دودو ۽ چنيسر، سومرن جي حاڪم ڀونگر جا پُٽ هئا. دودو ڏاڏي پوٽيءَ مان ۽ چنيسر لوهارڻ زال مان هو. ڀونگر سومري جي وفات کانپوءِ گاديءَ جي مسئلي تان اميرن ۾ اختلاف ٿيو. جن فيصلو ڀونگر جي وڏور ڌيءُ ٻاگهي ٻائيءَ تي ڇڏيو، جيڪا هن جي ڏاڏي پوٽي- ڌيءَ هئي ۽ عمر ۾ بہ ٻنھي ڀائرن کان وڏي هئي. ٻاگهيءَ تخت وڏي ڀاءُ چنيسر کي ڏياريو، جنھن تي چنيسر پنھنجي ماءُ کان صلاح مشوري وٺڻ لاءِ پڳ ٻڌڻ کانسواءِ ئي درٻار مان نِڪري هليو ويو. اِها ڳالھہ راڄداريءَ جي اصولن خلاف ليکي وئي ۽ اميرن چنيسر کي ڪمزور سمجهي راڄ جي پڳ دودي کي ٻڌڻ لاءِ مجبور ڪيو.

جت سوڍا، سومرا، راڄ مڙوئي مڙن،
ڀاڳ تت دودي شير تي، ڌمر دهل وڄن،
خلقون مر اچن، دودل جي درٻار ۾.

ايم ايڇ پنھور پنھنجي ڪتاب ’سومرا ڪنگڊم آف سنڌ‘ ۾ لکي ٿو تہ: هڪ نہ بلڪِ ٻن چنيسرن سنڌ تي حڪومت ڪئي آهي. ”چنيسر 1 ، 620ه/ 1223ع کان 625ه/ 1228ع تائين حڪومت ڪئي. جنھن کانپوءِ وري چنيسر اول، ڪجهہ سالن لاءِ حڪومت ڪئي.“ ان مان ثابت ٿئي ٿو تہ چنيسر نالي ٻن حڪمرانن حڪومت ڪئي.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ وري هيئن پڙهيو اٿم: ”چنيسر نالي سومرو سردار 620هہ/ 1223ع - 625هہ/ 1228ع ديبل جي تخت تي ويٺو. هي اُهو دؤر هو، جڏهن جلال الدين خوارزم شاھہ، چنگيز خان کان شڪست کائي ننڍي کنڊ جو رُخ ڪيو هو. خوارزم شاھہ جڏهن لاهور پھتو تہ التمش کيس پناھہ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ کيس ملڪ ڇڏي وڃڻ لاءِ چيو، ڇو تہ چنگيزي لشڪر سندس پيڇو ڪندو پئي آيو ۽ التمش خطرو محسوس ڪيو تہ چنگيز خان لاهور مان دهليءَ ڏانھن نہ رُخ ڪري ان ڪري جلال الدين خوارزم شاھہ سنڌ ڏانھن رُخ ڪيو. هن پھريائين ملتان ۽ اُچ کي لُـٽيو ۽ ڦُريو. ان کان پوءِ بُکايل شينھن وانگر سڄيءَ سنڌ کي خون ۾ رنڱي ڇڏيائين. جڏهن هو ديبل پھتو تہ چنيسر مقابلي جي سگهہ نہ سمجهي اهل و عيال ۽ خزانو کڻي ٻيڙيءَ تي سوار ٿي ڪنھن ڏورانھين سامونڊي ٻيٽ ڏانھن هليو ويو.“
ساڳين ئي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ اڳتي لکيل آهي: ”جلال الدين خوارزم شاھہ ديبل کي اچي لُٽيو هن ديبل ۾ دمريلا جا خوبصورت شھر ۽ آسپاس جا ڳوٺ ۽ بستيون لُٽي تباھہ ۽ برباد ڪري ڇڏيون. هو ڪافي وقت لاءِ ديبل ۾ رهيو. ان دوران هن سنڌ جي پاڙيسري ۽ مددگار رياست گُجرات تي بہ لشڪرڪشي ڪئي. ڇاڪاڻ تہ کيس شڪ هو تہ سومري چنيسر گُجرات ۾ پناھہ ورتي آهي. ديبل ۾ رهاش وقت هِن هڪ ديول کي ڊهرائي هڪ مسجد تعمير ڪرائي. جڏهن سندس فوج گُجرات کي ڦُري لُٽي واپس ديبل پھتي تہ کيس اطلاع پھتو تہ چنگيزي فوج سندس ڳولا ۾ ويجهو اچي پھتي آهي. ان ڪري جلال الدين خوارزم شاھہ مڪران جي رستي ڪرمان روانو ٿي ويو. سندس واپسيءَ کانپوءِ چنيسر واپس ديبل موٽي آيو. جلد ئي التمش جي سپھہ سالار نظام الملڪ جنيدي ديبل تي حملو ڪيو.
چنيسر ملڪ کي وڌيڪ تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ جنيديءَ سپھہ سالار آڏو پيش پيو ۽ التمش جي درٻاري اميرن جي صف ۾ شامل ٿي ويو. مولانا ابوالظفر ندويءَ جي راءِ آهي تہ چنيسر يا تہ خانہ جنگيءَ ۾ مري ويو يا وري ان ٻيٽ تي (جتي هو جلال الدين خوارزم کان ڀڄي وڃي رهيو هو). ڪجهہ وقت گذرڻ کانپوءِ مري ويو هوندو. بھرحال چنيسر 625هه/ 1288ع تائين ملڪ سلطان الدين چنيسر جي لقب سان حڪومت ڪئي.

مڙس تہ ڪو دودو آهين- دودو سومرو
اسين آيا تہ دودي جي ديدار ڪاڻ هئاسين، پر چنيسر پھرين رستي ۾ آيو، تنھن ڪري اُن جي بہ قبر تي وياسين. آئون تہ ٻہ ڀيرا پھرين هِتان ٿي ويو آهيان، پھريون ڀيرو ذوالفقار خاصخيلي ۽ حاڪم جوڻيجو سان گڏ ۽ ٻي ڀيري وري پنھنجي فيملي سان گڏ جڏهن مون ڪوريَ ڪار ورتي هئي. هاڻي هي ٽيون ڀيرو اچڻ پيو ٿيئي.
اڄوڪي سفر جي آخري منزل دودي جو ديدار هو، جنھن دودي لاءِ شيخ اياز اوپيرا ’دودي سومري جو موت‘ بہ لِکيو آهي، جنھن جي هِڪڙي سِٽ گهڻي مشھور آهي تہ:
’دودا! تنھنجو ساھہ تہ ويندو، پر ماڻھو جو ويساھہ نہ ويندو‘
هاڻي شام جا بہ پاڇا لڙي رهيا هئا، هِتي جڏهن بہ ايندا آهيون، تہ لاڙ جي ٿڌڙي هوائن جو اصل حُسن هِتي نظر ايندو آهي، واھہ ڇا تہ هوائون هونديون آهن، ڪھڙي بہ موسم ۾ اچو، پر هِتي اوهان کي ههڙيون دلبر هوائون مِلنديون، شايد کُليل آسمان هيٺ رڻ ئي رڻ آهي، ڪي بہ وڻ ٽڻ، يا ٻيلا وغيره ناهن، تنھن ڪري هوا کي ڪا روڪ رنڊڪ ناهي.
اڳ ۾ ٻہ ڀيرا جڏهن آيو هئس تہ دودي جي مزار تي ڪا خاص صفائي سُٿرائي نہ هئي، پر هِن ڀيري شايد ڪجهہ ڏينھن پھرين ميلو ٿي گُذريو آهي تنھن ڪري، ٻيو تہ ٻاهر آڳنڌ ۾ بہ ٽائلس لڳايا ويا آهن، مزار کان ٻاهر سڄي قبرستان کي چؤديواري بہ ڏِني وئي آهي ۽ مزار جي سامھون رهائش لاءِ هِڪڙو ڪامپليڪس تيار ٿي رهيو آهي، هِن وقت بہ ڪم جاري هو. انشاءَالله آئينده جڏهن بہ اچڻ ٿيو تہ هِتي گهڻي تبديلي ٿي چُڪي هوندي. ترقياتي ڪم ڪِٿي بہ ڪھڙا بہ ٿيڻ گهرجن، ڇو تہ ماڻھن جي بُنيادي ضرورت آهي، اِهي ننڍا ننڍا ڪم بُنيادي ضرورتن ۾ شمار ٿين ٿا.
وِڪي پِيڊيا تي هيئن پڙهيم: ”سنڌ جي تاريخ ۾ سومرن جو دؤر انفرادي حيثيت رکي ٿو. ھِن زماني ۾ سنڌ جي تھذيب، تمدن، ادب ۽ ثقافت جيڪا ترقي ڪئي، اھا تاريخ جي ورقن ۾ سدائين جيئري رھندي. ھيءَ پھرين سنڌي حڪومت هئي، جنھن عربن کان پوءِ، سنڌ ۾ مقامي راڄ يا صاحبي قائم ڪري، خودمختيار ٿي راڄ ڪيو. سومرن سنڌ تي 1051ع کان 1351ع تائين، پورا ٽي سؤ سال راڄ ڪيو. ھن خاندان يا ڪٽنب جا جملي ويھہ حاڪم يا راجا تخت تي ويٺا، جن سنڌ جي آزادي، بچاءَ ۽ خودمختياري لاءِ، ڌارين سان ويڙهون جوٽيون. ھن ڪٽنب جي ھر فرد سنڌ لاءِ قرباني ڏني، جن مان دودو سومرو، اسان جي تاريخ جو عظيم جرنيل ۽ سورھيه سپاھي آھي، جنھن اسان جي قومي آجپي لاءِ سِر جو نذرانو ڏنو.
دودو سونھن سياڻپ سورھيائيءَ جو مُجسمو، حُب الوطني ۽ قربانيءَ جي جذبن سان سرشار، مکيہ سورمو آھي، جيڪو اسان جي قومي ڪِردار جي،بھترين نمائندگي ڪري ٿو. سندس جنگي ڪارناما، وطن جي راھ ۾ سرفروشي ۽ قرباني جي عوامي جذبن جي صحيح ترجماني ڪن ٿا. دودو، سنڌ جو ھِڪ لافاني ۽ لاثاني قومي ھيرو آھي. ھو محب وطن، وطن پرست، غيرتمند ۽ باھمت انسان آھي. جڏھن سندس ڪي وزير کيس صلاح ڏين ٿا تہ، پاڻ کان ڏاڍي دشمن جا مطالبا مڃي سنڌ کي آزاد ڪرائجي، تڏھن ھي ڏهيسر سنڌي سپوت چوي ٿو تہ: ”سنڌ جي تاريخ انسانيت جي شرف جو ھڪ مقدس ڪتاب آھي. ھي ملڪ، پنھنجي علمي، اخلاقي ۽ تمدني روايتن جي ڪري، دنيا جي آڏو ڪمزور تي جهڪڻ لاءِ پيدا نہ ٿيو آھي.“
اسان مزار جي اندر ڪجهہ دير لاءِ خاموش رهي سُڪون کي محسوس ڪيوسين، مزار اندر دودي جي ڊگهي قبر تي جيڪا ڪاٺ جي ڄاري/پڃري تي ڪم ٿيل آهي، اُهو بہ ساراھہ جوڳو ڪم ٿيل آهي. اسان اندر فوٽو گرافي ڪئي، آئون ’ٻولي اجرڪ‘ بہ ساڻ گڏ کڻي ويو هئس ۽ سنڌي ٽوپي، اُن سان فوٽو ڪڍياسين. ۽ سائين ڊاڪٽر عبدالجبار بہ تاريخ جي ورقن کي ورائي دودي جي باري ۾ اسانکي ڪجهہ نہ ڪجهہ ٻُڌائي رهيو آهي. ديوارن تي لِکيل هي جملو بہ پڙهيو ”مڙس تہ ڪو دودو آهين“.
دودي سومري لاءِ مولائي شيدائي پنھنجي ڪتاب ’جنت السنڌ‘ ۾ هيئن لِکيو آهي: ”دودو سنڌ جو حڪمران هو جيڪو علاءُالدين خلجي سان سنڌ جي بچاءَ لاءِ وڙهندي شھيد ٿيو. سندس مزار بدين ضلعي ۾ آهي. دودي بن ڀونگر چوويھہ ورهيہ حڪومت ڪئي. دودو سومرن جو بھادر سردار ٿي گذريو، جنھن لاڙ کان وٺي نصرپور تائين حڪومت جي حدن کي وڌايو هو. سندس بھادريءَ جا ڪارناما سنڌ جي آکاڻين ۾ بيان ڪيل آهن. سنہ 1092ع ۾ وفات ڪيائين. دودي جي وفات ڪرڻ وقت سندس پُٽ سنگهار صغير هو. والد جي وفات کانپوءِ، حڪومت جو ڪاروبار سنڀالڻ لڳو. چوويھہ سال آزادي ۽ خود مختياريءَ سان حڪومت هلايائين. ڦوھہ جوانيءَ ۾ هِن فاني جهان مان گُذر ڪري ويو. سن 485ھہ ۾ کانئس پوءِ سندس پُٽ سنگهار بن دودو جيئن تہ ننڍو ٻار ھيو.“
’سائين عبدالجبار! هِن دودي سومري ۽ چنيسر جو قصو بہ تاريخدانن ۽ محققن ايترو مُنجهايو آهي، جو هر هڪ محقق پاڻ کي ٻي کان معتبر ڄاڻائيندي ٻي جي ڳالھہ کي رد ڪندي لِکي ٿو تہ، فلاڻي ڪھاڻي جو حقيقت سان واسطو ناهي، صرف ڏند ڪٿا آهي، شاعرن، سگهڙن پنھنجي شاعري ۾ وڌائي پيش ڪئي آهي وغيره وغيره. اهڙي نموني مون جيترن بہ ڪتابن ۾ دودي چنيسر جو ذڪر پڙهيو آهي تہ مونکي حيراني ٿي، هِڪڙا چون ٿا تہ دودو سومرو سڳا ڀائر نہ پر پيتا ڀائر آهن، هِڪڙا مرڳو چون ٿا هي سڳا تہ پري، پر ڀائر ئي نہ آهن. هِڪڙا لِکن ٿا تہ چنيسر جو خلجي ڏانھن وڃڻ، جنگ ڪرڻ سڀ ڪجهہ هِڪڙي ڪھاڻي آهي، حقيقت سان اُن جو تعلق ناهي، اسان جھڙا جيڪي صرف پڙهندڙ آهن، اُنھن کي تہ هِنن محققن منجهائي رکيو آهي.‘ سائين عبدالجبار منھنجي بنا فُل اسٽاپ ڳالھہ ٻُڌندي مُسڪرائي ٿو ۽ خاموش رهي ٿو. آئون وري اوهان پڙهندڙن سان هِڪڙي ٻي محقق جو لِکيو پڙهايان ٿو.
”تاريخ سومرا سنڌ جو ليکڪ محمد يوسف اٽڪي جي ھڪ مضمون تي تبصرو ڪندي ان جي تائيد ۾ لکي ٿو تہ: اسان جڏهين محمد يوسف اٽڪي صاحب جي ڏنل سنڌ جي سومرن حڪمرانن جي نالن جي لسٽ کي غور سان پڙهي ڏِسون ٿا تہ پوءِ دودو ۽ چنيسر هِڪ ئي پيءُ ڀونگر جا ٻہ پُٽ پڻ ثابت نہ ٿا ٿين. ڇاڪاڻ تہ: اٽڪي صاحب چنيسر جو پيءُ طائي ۽ دودي جو پيءُ ڀونگر تحرير ڪيو آهي. جنھن مان صاف ۽ واضح طور ثابت ٿئي ٿو تہ: دودو ۽ چنيسر هِڪ ئي پيءُ ڀونگر جي اولاد نہ هُجڻ جي باعث، پاڻ ۾ ٻہ سڳا ڀائر بہ بنھہ نہ هئا. انھيءَ ڪري، هاڻي دودي ۽ چنيسر جو جُڙتو قِصو پڻ ازخود ڪوڙو ۽ باطل ثابت ٿي وڃي ٿو تہ ڪي ٻہ سڳا ڀائر دودو ۽ چنيسر پاڻ ۾ پنھنجي پيءُ ڀونگر جي پڳ ٻڌڻ ۾ تڪراري هئا.“
هاڻي اُنھن محققن کي مُنھن اوهين پڙهندڙ ڏيو، اسان تہ جيڪو ڏِٺو اُهو اوهانکي ٻُڌايو ۽ جيڪو پڙهيو اُهو اوهانکي پڙهايو.
اڃان اڳتي کڻي لطيف کان ٿا پُڇون تہ جيڪو اسانکي پنھنجي بيتن ۾ حقيقت سمجهائي ٿو:
سرڻين جي سُک لئه، سانگ ڪئين سردار،
جي آيون ابڙي آڌار، سي سونگ نہ ڏينديون سومريون.
*
تون اوڍر تون اوڊڪو، تون اجهو تون آڳ،
هِت پڻ تنھنجو تڪيو، منھند بہ تنھنجو ماڳ،
سي لوڙيون ڏين نہ لاڳ، جي اجهي آيون ابڙي.
*
سرڻين جا سوٺا سھي، وسيلو ولھين،
لُڏي ڪين لطيف چئي، اڳيان لال لکن،
جِت ڪوڙيين ڪين ڪُڇن، ات پاٻوهي پڌرو.
*
ابڙو اگهامن ۾، سٻڙ جيئن ٻيلي،
سي پٽ ڪنھن نہ پوڻئا، جي ٿو بڙ ڀيلي،
سمون ساوڻ مينھن جيئن، رڃو ٿو ريلي،
اچي جي ويلي، تن بور بخشي بُٺ ڌڻي.
*
ابڙو اگهامن ۾، ڀرجهلو ڀاري،
منھن مُني جکرو، طاماعن تاري،
سمي سوالين کي، ويل وِسارين.
پُڇي سي پاري، جي عاجز اجورن ۾.

ڳوٺ غازي ملاح مان پکي ورتا
دودي جي مزار کان پوءِ هاڻي اسان جي واپسي آهي، ڏيڍ ٻن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي شعيب ادا منظور کي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ڏانھن گاڏي کي لاهڻ جو اشارو ڏِنو، شعيب همراه کي فون ڪئي، جيڪو پريان گهر مان پکي کڻي نِڪتو، هن همراه کان بہ تقريبن 9 عدد پکي ورتائين، 4500 سئو روپيا، شعيب هاڻي ٽوٽل گهڻا پَکي ٿيا، هاڻي ٽوٽل 30 پکي ٿيا، چيم 30 پکي تمام گهڻا آهن، چيائين ’ماڻھو بہ گهڻا آهن، کائيندي تڏهن خبر ئي نہ پوندئي ڪيڏانھن ويا.‘ ڪکائين ڪِريل اوطاق اڳيان بيٺي پير پکي ورتا ۽ واپس ٿياسين.

ال آصف فشن فارم تي شام جا آخري پھر
ال آصف فش فارم تي سنگت اچي ويئي هُئي، جيڪا ڪم ڪار ڪري رهي هئي، ڪجهہ سنگت نريڙي ڍنڍ گُهمڻ لاءِ وئي هُئي. هِتي موجود دوستن سان هٿ ملائي ڪچھري ڪئي، اسان وضو ڪري سانجهيءَ جي نماز ادا ڪئي، باقي رهيل دوست بہ ڪجهہ دير ۾ نريڙي ڍنڍ گُهمي پھچي ويا.
جيئن جيئن رات پنھنجا پَر پکيڙي رهئي هُئي تيئن تيئن سيءُ سياڪا سرير کي محسوس ٿي رهيا هئا، تنھن ڪري گاڏي جي ڊِگي ۾ رکيل جئڪيٽ ڪڍي پاتم، رئيس حمزو خان دلواڻي ۽ سائين ڊاڪٽر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي، موجودہ دور ِحڪومت کان، تاريخ ۽ بادشاهن جي قِصن ڪھاڻين، تائين ڪچھري ڪندي نِڪري ٿي ويا، ڪنھن پَل وري اچي ذوالقفار مرزا جي سياست تي بيھن، وري وڃو دودو چنيسر جي راڄ ۾ نِڪرن، اسان سڀ ڪچھري ٻُڌڻ وارا، هوڏانھن اورنگزيب، آصف اُهي ٻوڙ، ۽ ڀَت رڌڻ وارا، شعيب وري رائتو تيار ڪري رهيو آهي، جنھن کي رمضان ۽ اياز سائو مصالحو چونڊي ڏئي رهيا آهن.
سُمھاڻي جي نماز جو وقت ٿي ويو، جنھن کي بہ نماز پڙهڻي هئي، سڀئي وضو ڪري آيا، سائين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار جي امامت ۾ سُمھاڻي نماز باجماعت ادا ڪئي، وري بہ ساڳين ڪِرت کي جيڪو جِتي اُتي لڳي ويو، ڪجهہ دير بعد طعام تيار ٿي ويو.
پَکين جو ٻوڙ مير اونگزيب رڌو ’تمام بھترين هو‘ اسان کي ايئن پکي کائڻ جو زندگي ۾ پھريون موقعو هو، ۽ ٻي برياني بہ رڌي، مانيون بہ هيون، جيڪي شايد هِتي ڍنڍ جي رکوال پلي پنھنجي گهران پچرائي آيو هو، رائتو، صلاد وغيره. ڪجهہ دوستن مذاقن چيو پي تہ ڏِسون ٿا ڪير ٿو بازي کٽي، پر اسان ٽيئي آئون، ادا منظور، ۽ سائين ڊاڪٽر عبدالجبار سڀني کان پھرين اُٿي وياسين، شايد اسان جو هي پھريون ڀيرو هو، پر اسان جي پيٽ ۾ جيتري گنجائش هُئي کاڌي، باقي دوستن تہ رَڄ ٿي کاڌو، وڏو هنڍو گوشت جو ڀريو هو، پر نہ بچيو ڪو ذرو، برياني بچي پئي جيڪا، رکوال پلي کي ڏنئون،
ماني کائي سڄي سنگت گڏجي گروپ فوٽو ڪڍرايو، پوءِ کِلندي ڀوڳ ڪندي هِڪٻئي کي ڀاڪر پائي موڪلايو، سڄي سنگت مان چار دوست اُتي رهيا، آصف ۽ سندس ڀائر چيائون تہ اسان ٿانوَ ٺڪر سيٽ ڪري پوءِ پويان ٿا اچون، اوهان ڀلي هلو، اوهان کي موڪل آهي.

واپسي
هڪ گاڏي چار دوستن کي اُتي ڇڏي، اسان ٽِن گاڏين ۾ سوار ٿي واپس آياسين، بدين ۾ چانھہ پي سڀني هِڪٻئي کان ٻيھر موڪلايو.
پيروءَ تي پھتاسين، گاڏي کي ڳوٺ باغ علي ٽالپر واري رستي تي موڙيوسين، شعيب کي سندس گهر ڇڏڻو آهي، ميرواھہ جو ڪَپ (پٽڙي) ڏئي آياسين، ۽ ٽالپرن جون ڍٺل اوطاقون ڏِسي افسوس ٿيو، جيڪي هاڻي ويجهڙ ۾ اِنڪروچمينٽ هٽائڻ واري آرڊر تحت ڊاٺيون ويون آهن، اوطاقن اڳيان خوبصورت باغيچا ٺھيل هئا، اُهي بہ تباھہ ٿي ويا، شعيب کي سندس گهر ويجهو لاٿوسين.
ماتلي پھتاسين، سائين ڊاڪٽر عبدالجبار کي سندس گهر ڇڏيو، پوءِ اسين آياسين پنھنجي پنھنجي گهر. وقت رات جا ٻارنھن ٿي رهيا آهن.


جيڪي سفر ۾ همسفر هيا:

پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي: ماتلي سان تعلق رکندڙ معزز شخصيت، پيشي جي لحاظ کي ليڪچرار گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي، پاڻ سُٺا ليکڪ ۽ تاريخ سان دِلچسپي رکندڙ، تاريخ لِکندڙ، ماتلي جي تاريخ لِکي اٿس، اُن کان علاوہ حافظ نظاماڻي جي شاعري جا مجموعا ”باغي آ عشق منھنجو“، ”تاريخ آهي شاهد“ پڻ هِن جا سھيڙيل آهن، نظاماڻي ذات تي ”تذڪراءِ نظاماڻي“ وڏو ڪِتاب لِکيو اٿس، جنھن ۾ پوري نظاماڻي قبيلي جا شجرا ڏِنا اٿس. اُن کان علاوہ کوڙ ٻيا بہ ڪيترائي ڪتاب لِکيا، سھيڙيا ۽ مُرتب ڪيا اٿس. ”محمد صديق مسافر جي علمي، ادبي، تعليمي، صحافتي ۽ سماجي خدمتن جو تحقيقي مطالعو“ جي عنوان سان محمد صديق مسافر تي پي ايڇ ڊي ڪري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي اٿس.

منظور احمد جوڻيجو: ماتلي شهر سان تعلق رکندڙ: منهنجو ڀاءُ آهي، سُٺي دل رکندڙ آهي، سندس حيدرآباد ۾ ”الرزاق پرنٽرز“ آهي، پنهنجي ڪاروبار ۾ ڪامياب آهي. گهمڻ جو شوق هوندو اٿس، ۽ ھميشہ چوندو آهي، گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو گاڏي منهنجي حاضر آهي.

شعيب رضا ٽالپر: ڳوٺ باغ علي ٽالپر سان تعلق رکندڙ، پيرو لاشاري شھر ۾ ڪپڙي جو دُڪان اٿس، هي دوستن جو دوست آهي، يار هِن کي هُجت منجهان سڀني جي ناني بہ سڏيندا آهن، دلبر دوست آهي.

شڪور ٽالپر: ڳوٺ دينار ٽالپر جو رهندڙ آهي، شعيب رضا جو ويجهو مائٽ ۽ ويجهو دوست آهي.
مور ساگر: ’ڪي جاڻا مين ڪون بُليا‘

(21 فيبروري 2020ع، جمع جي ڏينھن- ضلعو بدين)