ٻاراڻو ادب

ٻاراڻي ادب جو تجزيو

هن ڪتاب جو گهڻو مقصد ٻاراڻي ادب جي 14 ڪتابن جو  تعارفي ۽ تنقيدي جائزو پيش ڪرڻ آهي جيڪو ٻارن جو گهٽ پر گهڻو تڻو وڏن جي دلچسپيءَ جو موضوع آهي ۽ جيڪو  تحقيق جو ڪم ڪندڙ جاکوڙين يا وري معلوماتي مواد مان مزي ماڻڻ جو مزاج رکندڙ سنجيدہ پاٺڪن جي پسند جو محور آهي.  ان هوندي بہ هي هڪ اهم ڪم آهي جيڪو ٻارن لاءِ شاعري ۽ نثر تي مشتمل ڪجهہ ڪتابن جي آگاهي فراهم ڪري ٿو ۽ انھن ڪتابن ۾ ڏنل مواد جي تشريح ۽ تور تڪ ڪري انھن جي معيار جو تعين ڪري ٿو ۽ انھن جي پڙهڻ جو اتساهہ بہ بخشي ٿو.

Title Cover of book ٻاراڻي ادب جو تجزيو

مھاڳ: ٻارن کي ٻاراڻي ادب تي تجزيو آڇيندڙ ڪتابن جو اڀياس

ڪنھن بہ ڪتاب جي مقبوليت جيتوڻيڪ ان جي موضوع ۽ مواد جي معياري ۽ مستند هجڻ تي منحصر هوندي آهي پر ڪتاب ۽ ان جي ليکڪ بابت جيڪو ڪجهہ لکيو وڃي ٿو اهو بہ ان ڪتاب کي سمجهڻ، متعارف ڪرڻ ۽ ان کي مقبوليت واري درجي تي پھچائڻ ۾ معاون بڻبو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڪثر شاعر يا ليکڪ پنھنجي لکيل مواد يعني شاعري يا نثر جو تجزيو پنھنجي پسند جي ڪنھن اديب يا شاعر کان لکرائي ان کي مھاڳ طور ڪتاب ۾ شامل ڪندا آهن يا وري پاڻ ئي ان متعلق ڪو وضاحتي ليک لکي پيش لفظ، ديباچو يا مقدمو جي سري سان ڪتاب ۾ شامل ڪندا آهن. مھاڳ يا ان قسم جا ٻيا ليک ڪتاب جي اصلي مواد يا عبارت کان تہ الڳ هوندا آهن پر هوندا ڪتاب جو حصو آهن جيڪي شروعاتي صفحن طور ڪتابن ۾ شامل هوندا آهن. انھن جو مقصد اهو هوندو آهي تہ جيئن پڙهندڙ اهي ليک پڙهي ڪتاب ۾ ڏنل اصلي مواد ۽ ان جي متن کي چڱي طرح سمجهي ان جي اهميت ۽ افاديت کان آگاھہ ٿي سگهي، ان سان پڙهندڙ جي ڪتاب ۾ دلچسپي وڌي ويندي آهي.
ڪتاب جي ڇپجي وڃڻ کان پوءِ وري ان تي تبصرا، تنقيدي نوٽ يا تجزيا لکيا ويندا آهن، جن ذريعي ڪتاب جو گهرائپ ۽ وڏي عرق ريزي سان جائزو وٺي ان ۾ ڏنل مواد، متن، ماهيت ۽ ساخت جي فني ۽ فڪري معيار جي تور تڪ ڪري، ان جي اهميت ۽ مقصد کي واضع ڪري پڙهندڙن سان متعارف ڪرايو ويندو آهي. تنقيدي، تعريفي يا تجزياتي ليکن ۾ ڪتاب جي اصلي مواد سان گڏ ان جو مھاڳ، پيش لفظ يا مقدمو پڻ تجزياتي مطالعي هيٺ ايندو آهي. اهڙا ليک ڪتاب جي مھورتي تقريبن ۽ مطالعاتي ويھڪن ۾ بہ پيش ڪيا ويندا آهن ۽ مختلف اخبارن ۽ ادبي مئگزينن ۾ بہ ڇپايا ويندا آهن. ان قسم جي مشق ليکڪن، محققن، شاعرن ۽ اديبن جي ادبي ڪم کي دوام بخشڻ سان گڏ ٻوليءَ جي ادبي خزاني ۾ بہ اضافو ڪندي آهي. سنڌي ٻولي جي بنسبت انگريزي يا اردو ٻولين ۾ ان نوعيت جو ڪم گهڻو ٿئي ٿو جنھن جي ڪري ماڻھن ۾ تبصري، جائزي يا تنقيد هيٺ آيل ڪتاب جي پڙهڻ جو اشتياق وڌندو رهي ٿو جنھن سان ڪتاب ۽ ان جي ليکڪ جي مقبوليت ۾ اضافو ٿئي ٿو، ساڃاھہ عام ٿئي ٿي ۽ ٻولي جو ادبي ذخيرو بہ وڌي ٿو.
سنڌيءَ ۾ تجزياتي تبصرن جو سلسلو وڏن لاءِ سرجندڙ ادب جي حوالي سان تہ عام رواج ۾ آهي پر ٻاراڻي ادب جي ڏس ۾ ان جي بہ ايتري ئي کوٽ آهي جيتري خود ٻاراڻي تخليقي ادب يعني شاعري يا ڪھاڻي ۽ ناول وغيرہ جي يا ڪن ٻين صنفن تي مشتمل ادبي ڪتابن جي. سنڌي اديبن ۾ ڪي چند ئي اهڙا آهن جيڪي اها ڳالھہ ڳڻيندي ٻارن لاءِ شعري يا نثري روپ ۾ تخليقون سرجيندا رهن ٿا پر انھن جا تنقيدي يا تجزياتي جائزا وٺي انھن تي مضمون لکي ۽ انھن کي سھيڙي ڪتاب جي صورت ۾ پيش ڪندڙ هن وقت تائين پياري فقير محمد سنڌيءَ کان سواءِ ڪو ٻيو ليکڪ مون کي ڪو نہ ٿو سُجهي. هونئن تہ ٻاراڻي ادبي ڪتابن تي ڪن ليکڪن پاران ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ تبصرا ضرور لکيا ويا آهن پر اهي گهڻو ڪري ڪن اخباري صفحن يا مئگزينن ۾ ڇپجي هڪ ڏينھن يا چند ڏينھن جي عمر کان وڌيڪ وقت ماڻي نہ سگهيا آهن تہ جيئن حال سميت ايندڙ وقت جو ڪو مورخ ضرورت وقت انھن مان ڪو صحيح طريقي سان استفادو حاصل ڪري سگهي، پر فقير محمد ٻاراڻن ڪتابن تي تبصرا لکي انھن کي نہ رڳو مختلف اخبارن ۾ ڇپايو آهي پر هاڻي انھن کي سھيڙي هڪ ڪتاب جي صورت ۾ محفوظ ڪري ماڻھن جي هٿن ۽ لائبريرين تي پھچائڻ جي هي جيڪا ڪوشش ڪئي آهي تنھن لاءِ هو جس لھڻي.
فقير محمد پنھنجي علمي ۽ ادبي خدمتن ۾ بي لوث ۽ اڻڌريو رويو رکندڙ اهڙو سخي ليکڪ آهي جنھن نہ رڳو ٻاراڻن ڪتابن تي تبصرا لکيا آهن پر ٻين ڪيترن ئي ڪتابن تي پڻ سٺا تجزياتي ليک لکڻ سان گڏ اديبن، عالمن ۽ شاعرن جي سالگره واري موقعي تي انھن جي علمي ادبي ڪم ۽ شخصيت تي خاڪا بہ لکيا آهن. پنھنجي ان مواد کي بہ هو جڏهن الڳ ڪري سھيڙڻ جو ڪم هٿ ۾ کڻندو تہ اهي بہ گهٽ ۾ گهٽ ٻن مختلف ڪتابن جي صورت ۾ پڙهندڙن جي هٿن تائين پھچندا. فقير محمد سنڌي علم، ادب، ٻولي، سرت ۽ ساڃاھہ جو خاموش خدمتگذار آهي جيڪو وڏي جانفشاني سان تخليقي ۽ تحقيقي ادب واري کيتر ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ سان گڏ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ميدان ۾ بہ پاڻ ملھائيندو رهي ٿو. اهڙي جستجو جي نتيجي ۾ سندس ڏهاڪو کن ڪتاب ڇپجي سنڌي ادب جي وشال جهول جي زينت بڻجي چڪا آهن جيڪي شاعري، خاڪن، تحقيقي مواد ۽ ترتيب تي مشتمل آهن ۽ ايترا ئي ٻيا اڻڇپيل ڪتاب ڇپائي جي اوسيئڙي ۾ آهن.
سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ جيترا بہ ڪتاب موجود آهن انھن ۾ زير نظر ڪتاب ”ٻاراڻي ادب تي تجزيو“ هڪ منفرد حيثيت جو حامل آهي ڇاڪاڻ تہ هي نہ شاعري تي آڌاريل آهي نہ ئي فڪشن تي جنھن ڏانھن ڪو ٻار گهڻو مائل ٿي سگهي. هن ڪتاب جو گهڻو مقصد ٻاراڻي ادب جي ڪجهہ ڪتابن جو تعارفي ۽ تنقيدي جائزو پيش ڪرڻ آهي جيڪو ٻارن جو گهٽ پر گهڻو تڻو وڏن جي دلچسپي جو موضوع آهي ۽ جيڪو تحقيق جو ڪم ڪندڙ جاکوڙين يا وري معلوماتي مواد مان مزي ماڻڻ جو مزاج رکندڙ سنجيدہ پاٺڪن جي پسند جو محور آهي. ان هوندي بہ هي هڪ اهم ڪم آهي جيڪو ٻارن لاءِ شاعري ۽ نثر تي مشتمل ڪجهہ ڪتابن جي آگاهي فراهم ڪري ٿو ۽ انھن ڪتابن ۾ ڏنل مواد جي تشريح ۽ تور تڪ ڪري انھن جي معيار جو تعين ڪري ٿو ۽ انھن جي پڙهڻ جو اتساھہ بہ بخشي ٿو. جيڪڏهن هي ڪتاب لائق استادن، يا ساڃاھہ وند والدين جي مطالعي هيٺ ايندو تہ اهي پڪ سان پنھنجن شاگردن ۽ ٻارن کي هن ڪتاب ۾ تبصري ۽ جائزي هيٺ آيل ٻاراڻي شاعري ۽ نثر جي سڀني ڪتابن پڙهڻ جي ترغيب ڏئي کين انھن مان حض حاصل ڪرڻ جو مشورو ڏيندا ۽ کين اهي ڪتاب فراهم ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪندا جيڪا ڳالھہ ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. ٻاراڻي شاعري ۾ موجود موسيقيت، راند روند وارو انداز، نت نوان خيال ۽ تفريحي موضوع ۽ نثري صنف فڪشن ۾ پراسراريت، تجسس، ڳولھا ۽ مزاح وارو تاثر مرتب ڪندڙ مواد ۽ تخليقون ٻارن کي گهڻو متاثر ڪنديون آهن جن مان هو سٺين ڳالھين، نصيحت ڀرين نقطن ۽ مزيدار معلومات جا اثر قبول ڪري انھن کي پنھنجي روزمره جي هلت ۾عمل هيٺ آڻيندا آهن جنھن سان سندن سٺي تعليم ۽ تربيت بہ ٿيندي آهي تہ کين ذهني آسودگي بہ حاصل ٿيندي آهي.
استادن، ٻارڙن ۽ سندن والدين کي مختلف اديبن ۽ شاعرن جي تخليقن تي مشتمل 14 دلچسپ ۽ مثبت شعري ۽ نثري ڪتابن سان روشناس ڪرائڻ وارو هي هڪ ڪتاب ”ٻاراڻي ادب تي تجزيو“ فقير محمد سنڌيءَ جي ٻاراڻي ادب سان عشق ۽ ان جي امرتا لاءِ ڪيل سندس عرق ريزي جو نتيجو آهي. هن ڪتاب ۾ جن 14ڪتابن جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي انھن مان گهڻا منھنجا پڙهيل آهن ۽ چئن ڪتابن جا تہ مھاڳ بہ مون ئي لکيا آهن جيڪي انھن ڪتابن ۾ شامل آهن. تنھن ڪري مان اهو وڏي وثوق سان چئي سگهان ٿو تہ فقير محمد سنڌيءَ جي ”ٻاراڻي ادب تي تجزيو وارا“ اهي 14 ئي ڪتاب ٻارن لاءِ تمام گهڻي دلچسپ تفريحي، تعليمي ۽ تربيتي مواد جو ڀنڊار آهن. انھن 14 مان پنج ڪتاب تہ سنڌي ٻولي جي نامور اديب ۽ شاعر ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جا آهن جن جا دلچسپ ٽائيٽل بہ ٻارن لاءِ دل لڀائيندڙ آهن جيڪي هن ريت آهن؛ ”ننڍڙا فرشتا پياريون پريون“، ”چنڊ بہ منھنجو رانديڪو“، ”منھنجو گڏڙو منھنجي گڏڙي“، پنھنجي دنيا ڌار“ ۽ ”منھنجي ننڍپڻ جو سرسري جائزو“. سنڌ جي نامور شاعرن مان جيڪڏهن ڪنھن جا سنڌي ٻاراڻي شاعريءَ جا وڌ ۾ وڌ ڪتاب ڇپيا آهن تہ اهو ڊاڪٽر ذوالفقار سيال آهي. جواني کان پنھنجي هاڻوڪي سينيئر عمر تائين هن ٻاراڻي ادب جي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙڻ واري ڪم کان ڪڏهن بہ منھن نہ موڙيو آهي. فقير محمد سنڌي پنھنجي هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار جي ڪتاب ”ننڍڙا فرشتا، پياريون پريون“ تي تبصرو ڪندي حضرت محمد صلي ﷲ عليہ وسلم جن جو هڪ شاندار فرمان قلمبند ڪيو آهي تہ ”ٻارن سان دوستي ۽ مھربانيءَ سان پيش اچو ۽ ساڻن ڪيل واعدي کي پورو ڪيو“. حضور پاڪ جن جو اهو فرمان نہ رڳو عام وڏن لاءِ، جن ۾ هر قسم جو رشتو رکندڙ اچي وڃن ٿا، پر اديبن ۽ شاعرن لاءِ پڻ مشعل راھہ آهي جنھن جي روشنيءَ ۽ مطابقت ۾ ٻارن سان پيش اچي کين سماج جو سٺو انسان بڻائي سگهجي ٿو. ٻارن لاءِ تعميري ادب تخليق ڪرڻ پڻ ان فرمان جي ٽنھي نقطن، يعني ٻارن سان دوستي، مھرباني ۽ واعدي پاڙڻ جي روش رکڻ جي بجا آوري وارين ڪوششن جي هڪ ڪڙي آهي. فقير محمد پنھنجن سڀني تجزياتي ليکن ۾ چونڊيل ڪتابن جو چڱي طرح جائزو پيش ڪرڻ سان گڏ ٻارن جي اهميت ۽ انھن جي چڱي طرح پالنا، تعليم ۽ تربيت جي ضرورت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ دنيا جي مڃيل نامور مفڪرن ۽ ماهرن جا قول بہ قلمبند ڪيا آهن. جئين نامياري شاعر زخمي چانڊيي جي شعري مجموعي ”مٺڙا ٻار“ جو جائزو پيش ڪندي هن هڪ نامور اسڪاٽش فلاسافر ڊيوڊ هيوم جي چوڻيءَ جو حوالو ڏنو آهي تہ ” جڏهن ٻار پيدا ٿئي ٿو تہ سندس ذهن خيالن کان خالي هوندو آهي جيئين ڪورو ڪاغذ، پر هر ڪو شخص پنھنجي ماحول مان ئي سکي خيال ٺاهي ذهن تي نقش ڪري ٿو“. ان چوڻيءَ جي روشني ۾ اهو مڃڻ غلط نہ ٿيندو تہ ٻارن کي مناسب ماحول ڏيڻ جا ذميوار اسان وڏا ئي آهيون، ماحول ۾ جھڙا رنگ ڀرينداسين تہ اسان جا ٻار بہ انھن ۾ ئي رنگجي ويندا. ان حوالي سان فقير محمد، محترم زخمي چانڊيي جي شاعريءَ جو اڀياس پيش ڪري اهو ثابت ڪيو آهي تہ زخمي چانڊيو پنھنجي هن شاعريءَ ذريعي ٻارن ۾ حب الوطني، علم سان محبت ۽ نفرتن کان نفرت وارو جذبو پئدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هونئن بہ محترم زخمي چانڊيو پنھنجي ڌرتي، ٻولي ۽ انسان ذات سان انسيت رکندڙ شاعر هيو جنھن پنھنجي سموري زندگي پنھنجا اعليٰ آدرش ماڻڻ لاءِ بي خوف ۽ بي لوث جدوجھد ڪئي. ٻارن لاءِ شاعري کان علاوہ هن وڏن کي بہ پنھنجي شاعريءَ جا شھڪار ڏنا آهن جيڪي پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جي جذبن کي جوت ۽ جلا بخشيندا رهن ٿا.
آزاد بخاريءَ جي شاعري ”حق سڃاڻ اي ٻار“ تي بہ تجزياتي تبصرو هن ڪتاب ۾ شامل آهي. بخاري صاحب جي هن ڪتاب جي شاعري کي فقير محمد انساني حقن جي عالمي پڌرنامي جو نظماڻو اظھار سڏي ٿو. هو وڌيڪ لکي ٿو تہ؛ ”آزاد بخاريءَ جي ٻولن ۾ جيڪا ميـٺاس آ اها ٻين شاعرن جي نظمن ۾ گهٽ پڙهڻ لاءِ ملي آهي“، حقيقت ۾ ٻارن لاءِ بہ اهو ئي ميٺاسُ گهرجي جنھن وسيلي هنن کي سمجهائي، سيکاري ۽ سنواري سگهجي ٿو نہ تہ سختيءَ جي ڪوڙاڻ کي تہ ٻار هميشہ ٿوڪاري ڇڏيندا آهن.
فقير محمد سنڌيءَ، استاد گل دايي جي شعري مجموعي ”گيت گلڙن لاءِ“ جو بہ مختصر پر ڀرپور جائزو پيش ڪيو آهي جنھن جي شروعات ئي هڪ ڏاهي جي انھن لفظن سان ڪيل آهي تہ: ” قدرت ٻارن جي روپ ۾ اسان کي زندگي ، مسڪراهٽ ۽ خوبصورتي جھڙن بي بھا قيمتي تحفن سان نوازيو آهي.“ استاد گل جو شعري مجموعو مٿي ڏنل قول جو عملي مظاهرو ٿو لڳي جنھن جي جهلڪ ڪتاب جي ٽائٽل ”گيت گلڙن“ مان ئي ظاهر آهي. گل ۽ ٻار هميشہ زندگي، حسناڪين ، رونقن ۽ راحتن جي علامت هوندا آهن. فقير محمد بہ تڏهن ئي تہ هن ڪتاب لاءِ لکيو آهي تہ: ”ڪتاب ”گيت گلڙن لاءِ“ ٻارن لاءِ شاعري جي صورت ۾ تحفو آهي.“ استاد گل جي هن ڪتاب جو مھاڳ بہ مون ئي لکيو هيو جنھن لاءِ ان جو گهرائپ سان مطالعو ڪرڻو پيو هيو، جنھن کان پوءِ ان وقت منھنجي بہ اها ئي راءِ جڙي هئي جيڪا فقير محمد پنھنجي تجزئي ۾ ڏني آهي تہ ” هي ڪتاب ٻارن لاءِ شاعريءَ ۾ تحفو آهي“.
فقيرمحمد جو هڪ تجزياتي ليک مور مغيري جي شاعري تي بہ آهي جيڪا هُن جي ڪتاب ”بابا مون کي ڪر نہ ڌنار“ ۾ سمايل آهي. هِن ڪتاب تي تبصري جي آغاز ۾ فقير محمد لکي ٿو تہ ”قرآن پاڪ ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ وارن کي وڏي درجي وارو شمار ڪيو ويو آهي“. قرآن جي ان تعليم جي روشني ۾ هُن ٻارن جو ڇيد ڪري نتيجو اخذ ڪيو آهي تہ ٻار هميشہ نين شين کي ڏسي حيران ٿيندا آهن، سندن اندر ۾ تجسس پيدا ٿيندو آهي ۽ سندن ذهن ۾ سوال اڀرندا آهن. فقير محمد جو اهو خيال بلڪل درست آهي. منھنجي خيال ۾ جيڪڏهن ٻار کي سندس سوالن جا درست جواب ملندا رهن تہ هنن جي ڄاڻ ۾ اصافو ٿيندو رهندو ۽ شخصيت ۾ نکار بہ پيدا ٿيندو. سندن سوالن جا جواب سندن بزرگن ۽ وڏن وٽ تہ موجود آهن پر جيڪڏهن ڪو اديب ٻارن جي سوالن، احساسن، گهرجن ۽ پسنديدگي کي ڌيان ۾ رکي انھن لاءِ ادبي فن پارا تخليق ڪندو تہ اهي ٻارن جي نمائندگي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ٻارن جي دل ۽ دماغ ۾ پنھنجي جاءِ ٺاهي وٺندا. مور مغيري هڪ سٺو استاد ۽ ساڃاھ وند اديب ۽ شاعر هجڻ ناتي ان ڳالھہ کي چڱيءَ طرح سمجهي ٿو تنھن ڪري هن جي شاعري ان مٿيئن معيار تي ڀرپوريت سان لھي ٿي. فقير محمد پنھنجي تبصري ۾ مور جي شاعري لاءِ درست لکيو آهي تہ، ”مور مغيري ٻاراڻي شاعريءَ ۾ زماني جي گهڻن مسئلن کي نظر ۾ رکندي قلم کي جنبش ۾ آندو آهي.“ مور جي هن ڪتاب جو مھاڳ بہ مون ئي لکيو آهي جيڪو ڪتاب ۾ شامل آهي.
حافظ قاري عبدالستار ڪوريجو تاريخ نويس سان گڏ قرآن پاڪ جو حافظ ۽ عربي ٻوليءَ جي سٺي ڄاڻ رکندڙ بہ آهي. هن ٻارن لاءِ ”قرآني قاعدو“ لکي ٻارن کي عربي ٻولي سکڻ ۽ ان وسيلي قرآن پاڪ پڙهي ان کي سمجهڻ جي تعليم ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس اهو ڪتاب بہ منفرد حيثيت جو حامل آهي جنھن جو فقير محمد تمام گهڻي محنت سان جائزو ورتو آهي. ان حوالي سان پنھنجي مضمون ۾ هو رقم دراز آهي تہ، ”حافظ عبدالستار ڪوريجي سنڌي ٻوليءَ ۾ پھريون ڀيرو قاعدن ۽ قانون موجب ”قرآني قاعدو“ ترتيب ڏنو آهي“. منھنجي نظر ۾ هي قرآني قاعدو نہ صرف ٻارن لاءِ پر استادن لاءِ بہ وڏو ڪارائتو آهي. استاد هن قاعدي جي رهنمائي ۾ ٻارن کي چڱيءَ طرح عربي ۽ سنڌي ٻولي سيکارڻ ۾ ڪامياب ٿيندا.
عيسيٰ ميمڻ جاکوڙي ۽ برجستو اديب ۽ شاعر آهي جنھن جي لکڻ جو ڪينواس بہ ڪافي وسيع آهي. هن نثر ۾ بہ ڪيترن ئي موضوعن تي لکيو آهي تہ رومانوي ۽ مزاحمتي شاعري بہ سرجي آهي. ٻارن لاءِ سندس شاعري بہ سنڌ جي نئين نسل سان سندس دلي انسيت جو نتيجو آهي. سنڌ جا ٻار بہ هن کي وشال اڀ تي چمڪندڙ تارن جيان لڳندا آهن، جيڪا ڳالھہ سندس شعري مجموعي ”ٽم ٽم تارا“ مان بہ عيان آهي. فقير محمد هن ڪتاب جو بہ جامع تجزيو پيش ڪيو آهي. هن شاعريءَ بابت سندس چوڻ آهي تہ ”عيسيٰ ميمڻ جي ٻاروتڻ واري شاعري سچ ۽ صحن جي مٽيءَ واري هڳاءَ سان واسيل آهي“. مان پڻ سندس ان راءِ سان متفق آهيان.
جانب جواڻ سومري جي ڪتاب ”گيتن جو گلدستو“ ۽ عبدالحليم سومري جي ڪتاب ”شاگردن لاءِ تقرير جو فن“ بہ منھن جا چڱيءَ طرح پڙهيل آهن ڇاڪاڻ تہ انھن ٻنھي ڪتابن جو مھاڳ بہ مون ئي لکيو آهي. انھن ٻنھي ڪتابن جا تخليقڪار بھترين استاد بہ آهن جنھنڪري هو ٻارن جي نفسيات، تعليمي گهرجن ۽ انھن جي تربيت جي ضرورت کان بخوبي آگاھہ آهن تنھنڪري انھن پنھنجن ڪتابن ۾ ان مطباقت سان مواد لکي شامل ڪيو آهي. جانب جواڻ جي ڪتاب تي پنھنجي تجزياتي تحرير ۾ فقير محمد درست راءِ ڏني آهي تہ ”دنيا ۾ معصوميت ئي صادق ۽ امين جي رتبي تي پھتل آهي. ٻاروتڻ واري زندگي اهڙي عمل سان ٽمٽار آهي. جنھن کي جانب جواڻ ٻاراڻي پيرائي ۾ مھارت سان پيش ڪرڻ جو حسن چڱي طرح ڄاڻي ٿو“. عبدالحليم سومري جي ڪتاب ”شاگردن لاءِ تقرير جو فن“ کي بہ فقير محمد سٺي نموني پرکيو آهي ۽ ان تي پنھنجو تجزياتي مضمون لکي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي جنھن کي پڙهي ڪو بہ قاري ان بابت سٺي معلومات حاصل ڪري سگهي ٿو.
هاڻي مان يعني ”مختيار سمون“ پنھنجي ڪتاب ”گلن جھڙي شاعري ۽ پوپٽ جھڙا ٻارڙا“ بابت فقير محمد جي راءِ لاءِ ڇا لکان. ظاهر آهي، ان کي تہ پنھنجي اکين تي ئي رکندس، ڇاڪاڻ تہ فقير محمد منھنجي هن ڪتاب جو جائزو وٺي جيڪو ڪجهہ لکيو آهي اهو منھنجي ڪتاب جو درست تعارف پيش ڪري ٿو.
هن ڪتاب جو انتساب بہ اهڙين ناميارين شخصتين کي ٿيل آهي جن پنھنجي قلم ۽ عمل ذريعي ٻارن جي علمي ادبي اوسر ۽ سندن ڀلائي لاءِ قابلِ قدر ڪم ڪيو آهي، جن ۾ نامور اديب ڪشنچند بيوس، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، انور علي کوکر ۽ هي بندو يعني پروفيسر مختيار سمون بہ شامل آهي. ڪشنچند بيوس ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جون ادبي خدمتون تہ ادب دوستن لاءِ روزِ روشن جيان عيان آهن پر انور علي کوکر جي ”خدمتِ معصومين“ بہ ڏيھان ڏيھہ مشھور ۽ تعريف جي لائق آهي. سندس اهڙين خدمتن تي کيس صدارتي ايوارڊ بہ ملي چڪو آهي. هو وڏي عرصي کان لاوارث، غريب ۽ بي سھارا ٻارن جي سار سنڀال ڪندو رهيو آهي جنھن ڪري کيس ”لاڙڪاڻي جو ايڌي“ بہ سڏيو وڃي ٿو.
بحرحال مان فقير محمد سنڌيءَ کي جس ٿو ڏيان تہ هن ٻاراڻي ادب جي مختلف ڪتابن تي پنھنجن لکيل تجزياتي مضمونن تي مشتمل هي ڪتاب مرتب ڪري سنڌي ٻاراڻي ادب جي واڌاري واري ڏس ۾ پنھنجين بي لوث ڪوششن کي بہ شامل ڪيو آهي. ان لاءِ نوجوان سدائين شاد ۽ آباد هجي.

پروفيسر مختيار سمون
ناليج سينٽر لاڙڪاڻو