مختلف موضوع

لفظ هوا ۾ خوشبوءِ

”لفظ هوا ۾ خوشبوءِ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ليکڪ ۽ شاعر جبار آزاد منگي جي ريڊيو اسڪرپٽ جو مجموعو آهي.
هي ڪتاب 2016ع ۾ سمبارا پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون جبار آزاد منگي صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book لفظ هوا ۾ خوشبوءِ

پنهنجي پاران : ڪجهه بي ترتيب ڳالهيون

سوچيان ٿو پنهنجي ڳالھ ڪٿان شروع ڪريان؟ اصلي جنم جي تاريخ کان يا نقلي جنم جي تاريخ کان.18 مارچ 1960ع مطابق 19 رمضان المبارڪ 1379ھ جمعي ڏينهن صبح جو 4 لڳي 20 منٽن تي روينيو کاتي ۾ سپروائيزنگ تپيدار عبدالرحيم منگي جي منگي محلي واري گهر ۾ جنم وٺي امان رحيمان جي جهوليءَ ۾ اکيون کوليون.پرائمري اسڪول ۾ استاد مون کي ٻيو جنم ڏئي منهنجي ڄم جي تاريخ 01 فيبروري 1962ع مطابق 24 شعبان المعظم 1381ھ ڏينهن خميس لکي ڇڏي.جنهن ڪري منهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به هڪجهڙائي نه رهي. با با سائينءَ جون ٽي شاديون ٿيل هيون،مان سندس وڏي گهرواريءَ مان ٻيو نمبر پُٽ ۽ ڀائرن ۾ وڏو آهيان،اسين ڪل ڇھ ڀينر ۽ ٽي ڀائر آهيون،مون کان ننڍو ڀاءُ جيڪو شاعر پڻ آهي،زخمي عبدالغفار منگي جيڪو ايئر پورٽ سڪيورٽي فورس ۾ ملازم آهي ۽ ننڍو ڀاءُ عبدالصمد منگي جيڪو مختيارڪار آفيس نصيرآباد ۾ پنهنجي ڊيوٽي ڏئي رهيو آهي. پٽن ۾ وڏو هجڻ ڪري،مونکي سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن کان بيحد پيار ملي رهيو آهي. مان پاڻ کي خوشنصيب سمجنهدو آهيان جو مونکي ٽنهي مائرن جو پيار مليو۽ مون کي ٻن مائرن مان ڪڏهن به ان قسم جو تاثر نه مليو ته ڪو مان انهن جي پيٽ ڄائو نه آهيان،منهنجون ٻه امڙيون،شهر نصيرآباد ۾ ۽ هڪ امڙ ڏوڪريءَ ۾ رهندي هئي جتي بابا سائينءَ جي ڊيوٽي هئي، بابا سائين پنهنجي نگرانيءَ ۾ مون کي نصيرآباد مان ڏوڪري گهرائي، سرڪاري پرائمري اسڪول ۾پڙهڻ لاءِ داخل ڪرايو.جنهن اسڪول ۾ صرف ٽي مهينا پڙهيم، ان جو سبب هي هيو جومونسان گڏ بئنچ تي ويهڻ وارو منهنجو ڪلاسي بابا سائين جي آفيسر مختيار ڪار جو پٽ هيو،جنهن کي هڪ ڏينهن ڪن ۾ چڪ هڻي ڪڍيو.جنهن جي سزا اها ملي جو بابا سائين پنهنجي شهر نصيرآباد موڪلڻ لاءِ مامي احمد علي مگسيءَ کي سائيڪل پڪڙائي ۽ مونکي ان تي ويهاري نصيرآباد روانو ڪيو.
نصيرآباد جي واپسي بعد امڙ منگي پاڙي جي اسڪول“مسلم پرائمري اسڪول” (جيڪو اسڪول ڪجھ سالن بعد نيشنلائيزڊ ڪيو ويو) ۾ داخل ڪرايو،جتي سائين محمد خميسوسومروصاحب،سائين محمد صالح سومروصاحب ۽ سائين نور محمد سومرو صاحب منهنجا استاد رهيا جن پنهنجي شفقت ۽ پيار سان پنج درجا پڙهائي علم جهڙي زيور سان نوازيو.
مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نصيرآباد مان پاس ڪيم،جنهن اسڪول ۾ ستين درجي ۾ اچڻ کان پوءِ مين گيٽ جي سامهون ڪاٺ جي فريم تي رکيل ۽ خالي پيل بليڪ بورڊ تي روزانو“شاھ جو بيت” لکڻ جي شروعات ڪئي،جنهن ڪري منهنجا مهربان استاد مون کي ڀائنڻ لڳا.ڇهين ڪلاس ۾ منهنجو ڪلاس ٽيچر سائين پرڪاش لعل امبواڻي صاحب هيو جيڪو هن وقت جسٽس جي عظيم عهدي تي آهي،ستين ڪلاس ۾ نامياري اديب ۽ منهنجي دوستن محترم منصور ٿلهي،عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳوڻ محترم بخشل خان ٿلهي، ٽي بي جي اسپشلسٽ ڊاڪٽر محترم ڊاڪٽر منير احمد ٿلهي ۽ بلوچستان ۾ انڪم ٽيڪيس جي آفيسر محترم آفتاب ٿلهي جن جو والد سائين در محمد خان ٿلهو ڪلاس ٽيچر ٿي آيو،جنهن اٺ مهينا ڪلاس ورتو
تنهن بعد سائين صوفي صوفي هدايت الله سوهو صاحب ڪلاس ٽيچر ٿيو جيڪو ستين درجي کان ڏهين ڪلاس تائين اسان جو ڪلاس ٽيچر رهيو، ڪلاس ورهائڻ وقت،سائين اسان جي ڪلاس جي هرسال چونڊ ڪندي ساندھ چار ورهيه ،پنهنجي پيار کي ۽ علم جي ڏيئي کي روشن رکيو.هڪ ڏينهن شاھ جو بيت “سُپت ڀريا س،ڪُپت ڪيم ڪريو.” بورڊ تي لکيم،اسيمبلي ٿيڻ بعد سائين صوفي صوفي هدايت الله سوهو صاحب معمول موجب ڪلاس ۾ داخل ٿيو ۽ مونکي ڊيسڪ تان اٿاري بيهاريو.اهو منهنجي لاءِ تمام وڏي ۾ وڏو اعزاز آهي جو هڪ استاد ان ڏينهن هڪ پيرڊ جو سمورو وقت 40 منٽ، مون تي ۽ بورڊ تي لکيل شاھ جي بيت تي ڳالهايو.ان وقت سائين مونکان سوال ڪيو هيو ته“وڏو ٿي ڇا ڪندين؟” ۽ مون موٽ ۾ کيس چيو هو ته سائين مان ريڊيو تي ويندس.الله تعاليٰ سائين صوفي هدايت الله سوهو صاحب کي هن وقت به سٺي صحت عطا فرمائي آهي،دعا آهي ته سائين سدائين شاد ۽ آباد رهي.
سال 1979ع ۾انٽرميڊيٽ ،سن 1981ع ۾بي اي ،سال 1985ع ۾ ايم اي سوشيالاجي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪيم سال 1983ع ۾ ايل ايل بي لا ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پڙهيم.جتي اسان جو پرنسپل سائين اختر علي جي قاضي هيو،جيڪو سنڌ جو وزير تعليم ۽ ٻه ڀيرا وزيراعليٰ جي عهدي تي به رهيو. سن 2000ع ۾ ايم اي سنڌيءَ ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان خانگي طور ڪئي.
نصيرآباد جي مٽيءَ جي مهڪ مان پيدا ٿيل نصيرآباد جي رهواسين جو محسن ۽ واپڊا جهڙي اداري ۾ شهر واسين جو هميشه ڀرجهلو رهندڙ انجنيئر محترم نظير احمد شيخ ، جيڪونوابشاھ ۾ واپڊا ۾ انجنيئر جي پوسٽ تي هيو۽ اڳتي هلي حيسڪوجو چيف انجنيئر پڻ ٿيو، تنهن صاحب ڪلارڪ جي حيثيت ۾ واپڊا جي روينيو کاتي نواب شاھ ۾سال 1981ع ۾ ڀرٿي ڪيو.هن مکڻ ماڻهوءَ نصيرآباد جي بيروزگارن لاءِ واپڊا ۾ روزگار جا دروازا کولي ڇڏيا،ڳچيءَ ۾ هار ڪري پائڻ جهڙو ماڻهو نظير احمد شيخ صاحب جتي به انجنيئر ٿي ويو اتي پنهنجي شهر جي بيروزگارن کي نه صرف روزگار سان لڳايو، پر انهن جي پرگهور پڻ لهندو رهيو.نصيرآباد جا رهواسي هن صاحب کي هميشه ياد ڪندا رهن ٿا،جيڪو جيستائين واپڊا اداري ۾ رهيو تيستائين نصيرآباد جي شهرين جا واپڊا اندر مسئلا حل ٿيندا رهيا.
نوابشاھ،دادو،جيڪب آباد،ڪوٽڙي ۽ ڪراچيءَ ۾ مختلف کاتن ۾ نوڪريون ڪيم،روزانو برسات ۾ سائين دستگير ڀٽي جي ايڊيٽر شپ هيٺان ڪجھ مهينا ڪم ڪيو، اهي سڀ ڪم ڇڏي اچي گهر جي کٽن جو واڻ خراب ڪرڻ لڳس.جتي جتي نوڪري ڪيم اتي ماحول راس نه آيو. وري وڪالت ڪرڻ جو شوق جاڳيو دادو وڃي محترم قمر عباسيءَ جو جونيئر بڻيس.دادو جي ان ڪري چونڊ ڪئي جو،دادو “وقت ڏٺوسين پاڻ پليوسين،پيار نٿو پلجي” جي تخليقڪار استاد بخاريءَ جو شهرته آهي پر دادوءَ سان منهنجون به 32 دليون هيون۽ اڄ به آهن، استاد بخاري جي هن سٽ تي وقت ۽ حالتن کي ڏسندي عمل ڪيو.“وقت ڏٺوسين پاڻ به پليوسين، پر پيار پلجي نه سگهيو، پر يادون ته هميشه گڏ گڏ رهيون آهن جن منهن موڙي نٿو سگهجي.خير ڳالھ وڃي ٻي هنڌ نڪتي، واپس هلون ٿا وڪالت ڏانهن،وڪالت ۾ به دل نه لڳي ڇھ مهينا ڪاري ڪوٽ سان سنگت رهي ۽ هڪ ڏينهن ڀان سيد آباد جي ڪنهن ڳوٺ سان تعلق رکندڙ هڪ غريب عورت پنهنجي مڙس جي ضمانت لاءِ ان وقت جي ڪاري ڪوٽ جي ماڻهن اڳيان جيڪي منٿون ڪيون اهي اڄ تائين وساري ناهيان سگهيو،ان وقت مان بيوس هيس ڪجھ ڪري نه پئي سگهيس،پر مون اهو فيصلو ضرور ڪيو ته اڄ کان پوءِ هن ڪاري ڪوٽ کي لاهي ڇڏيندس ۽ ٿيو به ائين. ان وقت سامان وڌم ٿيلهي ۾ ۽ بس ۾ چڙهي نصيرآباد نڪتس. جهڙو تخلص تهڙو آزاد رهيم ۽ نتيجو اهو نڪتو جو پنج نوڪريون ڇڏي اچي پنهنجو شهر نصيرآباد وسايو، جتي اڄ به موجود آهيان ۽ پنهنجي امڙ جي قبر ڀرسان پنهنجي جيئري ئي قبر جي جاءِ رکي ڇڏي اٿم،ايتري دل هن نماڻي نصيرآباد سان آهي.نه نصيرآباد مونکي ٿي ڇڏي نه ئي مان.هي قصو ڪمبل ۽ ملان وارو ٿي ويو،هاڻي خبر نٿي پوي ته مان ڪمبل آهيان ۽ نصيرآباد ملان،يا مان ملان آهيان ۽ نصيرآباد ڪمبل.هاڻي اوهان مون کي ڪهڙي به نالي سان سڏي سگهو ٿا،اوهان خود مختيار آهيو.
بابا سائين جو شوق هيو ته مان ڊاڪٽر ٿيان،پر مون نائين ڪلاس ۾ ئي آرٽس گروپ ۾ داخلا ورتي ۽ ڊاڪٽر ٿي نه سگهيس،اها خبر جڏهن بابا سائين کي پئي تڏهن هن مون کان پڇيو ته “پٽ آخر ڇا ڪرڻ ٿو چاهين؟”مون کيس ورندي ڏني ته بابا مان ريڊيو تي ويندس.
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان هلندڙ مختلف پروگرامن ۾ خط لکي حصو وٺندو هيس.ستر واري ڏهاڪي ۾ محترم جهانگير قريشي ۽ مير محمد لنجار جا پروگرام ٻڌندو هيس ۽ انهن ۾ باقاعدي خط لکي حصو وٺندو هيس.اهو ڪنهن ٿي ڄاتو ته جنهن کي شوق سان ٻڌندو هيس اهوئي منهنجي هن ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل لکندو.هي به هڪ عجيب ڳالھ چئجي،حسن اتفاق چئجي يا منهنجا ڀاڳ ڀلا،جو مون محترم جهانگير قريشي صاحب سان بيڪ ٽائيٽل لاءِ ٻه اکر لکڻ جي خواهش جي پورائي لاءِ، اٽڪل 10 ورهين جي ڊگهي عرصي کان پوءِ 3 اپريل 2016 تي رات جو فون ڪري گذارش ڪئي،جنهن صاحب مون کي چيو ته مان هن وقت سکر آهيان،صبح جو لاڙڪاڻي ايندس جتي سائين قائم شاھ بخاريءَ جو ديدار ڪندس.ان بعد درگاھ سعدي موساڻي نئون ڳوٺ ويندس.جي ان وچ ۾ ڪٿي وقت ڪڍي سگهو ته ٻه اکر لکي سگهجن ٿا.مون موقعي کي غنيمت سمجهندي سائين کي عرض ڪيو ته قبلا درگاھ سعدي موساڻي تي هلي هن موقعي جو فائدو وٺنداسين ڇو ته منهنجي شادي به نئون ڳوٺ مان ٿيل آهي ان بهاني مٽن مائٽن وٽان به ٿي اچبو.
4 اپريل جي صبح سائين سان رابطوٿيو،سائين لاڙڪاڻي کان نصيرآباد پهتو جتان سر عنايت الله لوهر(پرنسپل ٽيڪنيڪل ڪاليج شهدادڪوٽ جيڪو 4 اپريل جي موڪل سبب پنهنجي گهر آيل هيون،ان کي ساڻ ڪري،سائين جهانگير قريشيءَ سان گڏجي نئون ڳوٺ آياسين،درگاھ سائين سعدي موساڻي تي دعا گهرڻ بعد ڳوٺ جي شروعات ۾ ٺهيل هڪ هوٽل تي ويهي،بيڪ ٽائيٽل وارو سمورو ڪم پورو ڪيوسين.تنهن بعد سائين جهانگير قريشي صاحب سيوهڻ لاءِ روانو ٿيو ۽ اسين اچي نصيرآباد وسايو.
سن 1979ع کان 2007ع تائين سياسي ميدان ۾ عوامي تحريڪ جي نار واري مالها ۾ ڀڳل ڪنگريءَ جيان ڦرندو رهيس.جتي تمام گهڻو پرايو۽ سکيو،بس وڃايم ته اتي پنهنجي وجود کي وڃايو. آمر ضياءُ الحق جي دور ۾ 1983ع ۽ 1986ع واري جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ ۾ حصو وٺي آڱر ڪٽائي شهادت ماڻڻ جي ننڍڙي ڪوشش ڪئي.
سن 1979ع ۾ بانيِ صحافت نصيرآباد مامي صوفي محمد حسن منگيءَ جي شاگرديءَ ۾ صحافت جي دنيا ۾ پير پاتو،نوڪرين دوران صحافت کان پري رهيس،جڏهن هڙئي نوڪريون ڇڏي ڪري واپس نصيرآباد موٽي اچي وري صحافت کي شروع ڪيو.سنڌ نيوز،هلال پاڪستان،آفتاب،جاڳو اخبارن جو رپورٽر رهيس،سن 2002ع کان ريڊيو پاڪستان جي رپورٽر طور ڪم ڪرڻ لڳس.صحافت جي دنيا به جاري رهي آهي .
وري خيال جاڳيو ته تعليم جي ميدان ۾ ڪجھ پاڻ کي آزمائي ڏسجي،سو علائقي جي نوجوان شاگردن کي انفارميشن ٽيڪنالوجي جي تعليم ڏيڻ لاءِ سال 2011ع ۾ پنهنجي شهر نصيرآباد ۾ ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ سنڌي جو موجد محترم ماجد ڀرڳڙي صاحب کي ننڍڙي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سندس نالي سان “ايم بي اڪيڊمي آف ڪمپيوٽر سائنس” جو بنياد وجهي ڪم جي شروعات ڪئي، سيپٽمبر 2013ع ۾ تعليم کاتي ۾ ايس ڊي او جي عهدي تي ڪم ڪندڙ پنهنجي پياري ساٿي ۽ کلمک دوست عبدالجبار شيخ،جيڪو اسي واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ سنڌي ادبي سنگت نصيرآباد شاخ جو سيڪريٽري رهي چڪو آهي ۽ ماٺيڻي دوست عبدالفتاح شيخ سان گڏجي “شاھ لطيف پبلڪ اسڪول نصيرآباد” ۽ ساڳي سال جي نومبر مهيني ۾ بلوچستان جي شهر جهل مگسيءَ ۾“سيف ماڊل اسڪول جهل مگسي” جو قيام ڪري،ساندھ ڏھ مهينا اتي پرنسپل ٿي گهاريم.هن وقت ادارا پنهنجي خدمت ۾ مصروفِ عمل آهن.
سال 1981ع ۾ سنڌي ادبي سنگت نصيرآباد شاخ جو بنياد وجهي،پهريون سيڪريٽري ٿيس،سنگت ساٿ کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،جنهن ڪوشش کي سنڌ جي نالي واري اديب سائين نجم عباسي هڪ خط لکي ساراهيو ۽ همٿ افزائي ڪئي.ساس جي ساٿ ۾ محترم منصورٿلهو،سائين محترم جبار تاثير سومرو جيڪو مون کان بعد شاخ جو سيڪريٽري ٿيو،سائين محترم محمد علي سومرو،محترم ممتاز علي شيخ (جنهن کي هن وقت نصيرآباد جو ايڌي چوندا آهيون) صوفي شاعر مرحوم محمد يوسف منگي،محترم ڊاڪٽرڪيپٽن نوراحمد شيخ ۽ محترم عبدالجبار شيخ شامل رهيا.سال 1992ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي شاخ کولي جنهن جو پهريون ڪنوينر ۽ سيڪريٽري رهيس، هن سٿ ۾ محترم ڊاڪٽر عبيدالله سومري،محترم ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ سومري،محترم ڊاڪٽر منير احمد ٿلهي، محترم برڪت علي منگي،محترم ممتاز علي شيخ ۽ کوڙ سارن دوستن جو ساٿ ر هيو.
ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي ۾ گهاريل گهڙين تي لکڻ لاءِ هڪ پوري ڪتاب جي ضرورت آهي،جنهن کي ضرور پورو ڪبو،پر ڳالھ کي کٽائيندي اهو چوڻ گهران ٿو ته ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي جيڪي به پروڊيوسر ۽ اسٽيشن ڊائريڪٽر صاحب آيا تن کان مون ڪوشش ڪري گهڻو پرايو ۽ انهن جو احترام ڪرڻ کي پنهنجو فرض سمجهيو، موٽ ۾ به انهن مهربانن،محترم ضمير بدايوني، محترم زاهد حسين قلباڻي، محترم شوڪت خاصخيلي، محترم علي نواز خاصخيلي، محترم گل حسن قريشي، محترم اقبال اعظم فريدي، محترم رياض منهاس ۽ محترم اختر مرزا سان سٺيون ۽ نه وسرندڙ گهڙيون گذاريون.جڏهن ته محترم محمد علي ٻانڀڻ سان پروڊيوسر جي زماني کان اسٽيشن ڊائريڪٽر ٿيڻ جي زماني تائين تمام بهتر وقت گذريوجو سائين جي محبت سندس ڳوٺ “ملا ٻانڀڻ” تائين پهچايو.
سال 1989ع ۾ شادي نئون ڳوٺ(سعدي موساڻي) تعلقي ميهڙ ضلعي دادو مان،هڪ غريب مزدور محمد حسن منگيءَ جي وڏي نياڻي سان ڪيم،جنهن مان امڙ جي دعا سان ست پٽ عبدالرحيم آزاد،محمد فهد آزاد،قمرالزمان آزاد،عبدالاحد آزاد،محمد طاهر آزاد،عبدالسلام آزاد ۽ ابوالڪلام آزاد،نياڻين ۾ سنجيدھ آزاد،ڪائنات آزاد،فضليه آزاد،عذرا جبين آزاد ۽ فخرالنساءَ آزاد جو اولاد آهي.
هلال پاڪستان اخبار پاران نڪرندڙ هفتيوارصفحي “گلن جهڙا ٻارڙا” ۽ ماهوار نڪرندڙ رسالي“هلال مئگزين” ۾ محترم مختيار ملڪ به لکندو هيو ته مان به.اهو منهنجو ادبي دوست ناميارو شاعر مختيار ملڪ صاحب به تمام گهڻو مهربان رهيو.محترم ڪوثر ٻرڙو صاحب سدائين مرڪندڙ ماڻهوءَ ۾ جيڪا هُجت رکي اها پوري ٿي ۽ سائين سان ڪچهريون به خوب ٿينديون رهيون.جنهن جي ريڊيواسڪرپٽ تي لکيل بهترين ڪتاب“اڏاڻا احساس” مونکي به ريس ڏياري ۽ هي ڪتاب اوهان جي اڳيان آهي.جنهن جو مهاڳ لکڻ لاءِ سائين ڪوثر صاحب ۾ هجت رکي گذارش ڪئي،جنهن موٽ ۾ مون کي پنهنجي موتين جهڙي لفظن جي مالها سان نوازيو،سندس ٿورائتو آهيان.
ڪتاب کي آڻڻ لاءِ نصيرآباد سان تعلق رکندڙ منهنجي سٺن ۽ پراڻن ادبي دوستن ننگر چنه،بشيرنوناري به ڏاڍو همٿايو ۽ ٺيڪون سيڪون ڏئي هي ڪتاب آڻايو.سائين جبار تاثير سومري صاحب منهنجي هميشه جيان رهنمائي ڪئي.جنهن جو ذڪر آءُ مٿي به ڪري چڪو آهيان.
آخري ڳالھ هي ڪندس ته سال 1996ع کان سال 2016ع تائين هن ويهن ورهين جي سموري عرصي ۾ ڊسڪ جاڪي پروگرام“روح رهاڻ” کان ڪڏهن به پري ناهيان ٿيو، جنهن ڪري هن پروگرام لاءِ لکيل اسڪرپٽ جو مواد ايترو موجود آهي جوهن جهڙا چار پنج ٻيا به ڪتاب ڇپجي سگهجن ٿا.هن پروگرام جي اسڪرپٽ لکندي ڪڏهن ڪنهن ڪتاب،اخبار،رسالي،انٽرنيٽ،اکين ڏٺل منظرن،اخبارن ۾ سماجي مسئلن تي لکيل خطن کي به شامل ڪري چڪو آهيان،جنهن ڪري ڪنهن دوست جي جي ڪا به ڄاڻ يا معلومات هن ڪتاب ۾ آيل آهي ته اهو دوست مونکي پنهنجو سمجهي درگذر ڪري ته مهرباني.

جبار آزاد منگي
منگي محلو نصيرآباد
فون نمبر: 03342779250
Email: abduljabbarmangi32@gmail.com