13 فيبروري:ريڊيو جو عالمي ڏينهن اسان جي ملڪ سميت پوري دنيا ۾ ريڊيو جوعالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو.سموري دنيا ۾ ريڊيو اسٽيشنن جو تعداد51هزار 800 کان مٿي آهي،عالمي سطح تي (60 سيڪڙو) 31 هزار 220 ريڊيو اسٽيشنون ڏهن ملڪن آمريڪا،فرانس،اٽلي،برازيل،ميڪسيڪو،روس،ترڪي،فلپائن،برطانيا ۽ پيرو ۾ ڪم ڪري رهيون آهن.جنهن مان 13 هزار 769 ريڊيو اسٽيشنون صرف آمريڪا ۾ آهن.پاڪستان ۾ ريڊيو اسٽيشنن جو تعداد 203 آهي.سرڪاري ريڊيو اسٽيشنن جو تعداد 56 آهي،جنهن ۾ 22 ميڊيم ويوو ۽ 34 ايف ايم ريڊيو اسٽيشننون آهن.ان کان سواءِ 147 خانگي ريڊيو اسٽيشنون ڪم ڪري رهيون آهن.119 ڪمرشل جڏهن ته 28 مختلف يونيورسٽين ۾ نان ڪمرشل ايف ايم ريڊيو اسٽيشنون ڪم ڪري رهيون آهن.مجموعي طور تي 181 ريڊيو اسٽيشنون ڪم ڪري رهيون آهن.انٽر نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن موج دنيا جي 90 سيڪڙو آباديءَ تائين ريڊيو سگنل جي رسائي آهي.انٽرنيٽ ۽ موبائل فون تي ريڊيو ٻڌڻ جي اضافي سهولت سبب ريڊيو کي ٻڌڻ جي هڪ نئين جلا بخشي.صرف آمريڪا ۾ 8 ڪروڙ ماڻهو ريڊيو ٻڌڻ لاءِ انٽرنيٽ جو استعمال ڪري رهيا آهن.اسان جي ملڪ ۾ سرڪاري ريڊيو ۽ خانگي ريڊيو اسٽيشنون قائم ٿيڻ سان ريڊيو جي بقا کي هٿي ڏئي رهيون آهن.برٽش براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (بي بي سي) جي 2008 ۾ ڪيل هڪ سروي موجب پاڪستان ۾ ريڊيو ٻڌندڙن ۾ 3و سيڪڙو بالغ مرد ۽ 20 سيڪڙو بالغ عورتون موبائل فون تي ريڊيو ٻڌن ٿا ۽ 4 سيڪڙو بالغ مرد ۽ 3 سيڪڙو بالغ عورتون گاڏين ۾ سفر ڪندي ريڊيو ٻڌي لطف حاصل ڪري رهيا آهن. *