پهريون حصو
*
محترم سامعين: اسان سڀني سنڌ واسين جو اهوخواب آهي، ته ڌَرتي ڌڻي ڪڏهن خوشحال بَڻبا، صوفين جي هِنَ سر زمين تان بُک، بيروزگاري، بدحالي ۽ بدامنيءَ جو ڪارو پاڇو ڪڏهن هَٽندو، اُهو ڏينهن ڪڏهن ايندو، جڏهن اخبارن ۾ اهڙي ڪا به خبر شايع نه ٿيندي، ته اڄ سنڌ جي ڪنهن نياڻيءَ کي ڪاري ڪري ڪُٺو ويو آهي ، اڄ سنڌ جي واڳَ ۽ ڀاڳَ جي اختيار ڌڻين، سنڌ جي وسيلن ۽ دَنگن کي سنڀالي ورتو آهي. اڄ سنڌ ۾ ڪو به قبيلائي تڪرار نه آهي، يقينن اها خواهش هر سنڌ واسيءَ جي آهي ته، اُها سنڌ جنهن جا قِصا اسان جا وڏڙا اسان کي ٻُڌائين ٿا، اُها سنڌ ٻيهر خوشحال بڻجي ۽ ڌرتي ڌَڻي ڌرتيءَ جا وارث بڻجن، ڪنهن به سنڌ واسيءَ جا لختِ جگر انگَ اُگهاڙا ۽ پيٽ بکايل نه رهن، ڪو به مائٽ پنهنجا ٻَچا وڪڻڻ تي مجبور نه ٿئي، اسان سڀني جي اها دِلي خواهش آهي ته، اسان جو وطن اهڙيءَ طرح ئي خوشحال بڻجي، پر اهو سڀ ٿئي ڪيئن؟؟! جو نوجوان نسل 10-10 ڪلاڪ هوٽلن تي ويهي ڪرڪيٽ ۽ فلمون ڏسي، هزارين رُپيا خرچ ڪرڻ ۾ “خوشي” محسوس ڪري ٿو ۽ اسان جا نوجوان مهانگا موبائيل فون سيٽ ، 5-5 هزار رپين جا بُوٽ ۽ سينڊل خريد ڪرڻ ۾ خوشي ٿا محسوس ڪن، جڏهن ته پنهنجي مستقبل لاءِ صرف 100 رپين جو ڪتاب خريد ڪرڻ کي ”وقت جو زيان“ ۽ ”فضول خرچ“ ٿا ڪوٺين. ان صورتحال ۾ اهي قبيلائي جهيڙا ۽ سنڌ جا ٻيا اهم مسئلا ڪيئن ختم ٿيندا ۽ تعليم ڪيئن عام ٿيندي؟؟!
محترم سامعين:پاڻ وٽ قطار جي تمام وڏي اهميت آهي، گاڏيون سي اين جي ڀرائڻ لاءِ ڊگهي قطار ۾ بيهن ٿيون، اي ٽي ايم مان پئسا ڪڍرائڻ لاءِ قطار ۾ بيهڻو پوي ٿو، يوٽيلٽي اسٽور تي اَٽو وٺڻ لاءِ قطار پوليس جي ڏَنڊن کان محفوظ رکندي آهي، بس اندر قطار ۾ بيهڻ سان کِيسو ڪَٽجڻ کان بچي پوندو آهي، سارين جو رونبو قطار ۾ ڪبو ته، فصل سُٺو لهندو. اسڪولن اندر شاگردن کي پي ٽي استاد قطار ۾ بيهاريندو آهي ۽ ٻاهر پوليس عوام کي قطار ۾ بيهاريندي آهي. قطار ڪڏهن به خود به خود ناهي لڳندي، اُن لاءِ هڪ عدد ڏَنڊي جي ضرورت پوندي آهي، هتي سڀ کان گهڻيون قطارون عوام جون لڳنديون آهي، ڪنهن به شهر ۾ داخل ٿيندي ئي جيڪڏهن توهان کي ڪا قطار نظر اچي، ته پَڪَ سمجهو ته، اهو شهر سنڌ جو آهي، سنڌ جي شهرن جي هڪ سُڃاڻپ قطارون به آهن، پاڻي ڀرڻ لاءِ قطار، امتحاني فارم ڀرائڻ لاءِ قطار، ڀوتارن جي بنگلن تي جرڳا ڪرائڻ لاءِ قطار. جيڪڏهن قطار ۾ نه بيهبو، ته زارو قطار روئڻو پوندو! وڏيرا ۽ ڀوتار به قطار ۾ بيهندا آهن، هاڻ آهستي آهستي قطارون تمام ڊِگهيون ٿينديون پيون وڃن، قطارن جي انهيءَ سلسلي کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهجي سوچ ۽ سمجھه جي قطار جوڙڻي پوندي، علم، عقل ۽ فهم جي قطار لڳائڻي پوندي، تڏهن وڃي انهن فالتو قطارن مان اسان جي جِند آجي ٿيندي.
*
محترم سامعين:دُنيا ۾ شايد ئي ڪو اهڙو انسان هجي، جنهن جي محبت سان شناسائي نه ٿي هجي. شايد ئي ڪو اهڙو انسان هجي، جيڪو اِنڪار ڪري، ته هن محبت ڪانه ڪئي آهي! دُنيا ۾ اهڙا ڪيئي ڪردار ۽ قِصا تاريخ جي بابن ۾ قلمبند ٿيل آهن، جيڪي محبت جي نانءُ تان قُربان ٿي هميشه لاءِ اَمر بڻجي ويا. پر هن دور ۾ محبت جي مفهوم کي ئي تبديل ڪيو ويو آهي. محبت جي پاڪ رشتي کي اهڙو وکر بڻايو ويو آهي، جو هن دور جي محبت جي رشتن، محبت لفظ کي ئي رَنجائي ڇڏيو آهي. هر روز محبت جي نالي تي اخبارن ۾ اهڙا واقعا رپورٽ ٿي رهيا آهن، جن اسان جي معاشري جي اصل تصوير کي سامهون آڻي ڇڏيو آهي.اهڙا هزارين واقعا هر روز ٿيندا رهن ٿا، جن جي ڪئميرا ۽ قلم تائين رسائي ناهي، هي اسانجي معاشري جو هڪ اهڙو ڪَڙو سچ آهن، جنهن کي قبولڻ ڪير به گوارا نٿو ڪري. محبت جي پاڪ رشتي کي داغدار بڻائي، ڪيئي نياڻين جون زندگيون جهنم بڻايون وڃن ٿيون. ان لاءِ ضروري اهو آهي ته، اُهي ڇوڪريون جيڪي جذباتن جي وهڪرن ۾ وهي، محبت جي منزل ماڻڻ لاءِ ڪَشالا ڪاٽي، ان سفر تي بي پرواهه ٿي نڪريو وڃن، جنهن جو نه ته ڪو دَڳ آهي ۽ نه ئي ڪا منزل! اهي ڇوڪريون پنهنجا خاندان ۽ گهر فقط ڪيل ڪجهه واعدن عيوض ڇڏي ٿيون ڏين ۽ آخر ۾ اهي ماڻهو، جن لاءِ محبت هڪ مذاق آهي، سي اُنهن نياڻين جون زندگيون نموني برباد ڪن ٿا.
محترم سامعين:نشو ، ڪرپشن ۽ سفارشي ڪلچر اهي ٽي اهڙيون بيماريون آهن جيڪي دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي ماڻهن ۾ هجن ته اهو ملڪ ڪڏهن به ترقيءَ جي راهه طرف نه وڌنڌو اسان وٽ انهن ٽنهي بيمارين تي ڌيان نٿو ڏنو وڃي پراڃان به انهن بيمارين جو دائرو وڌائيو وڃي ٿو، اسان جا وس وارا انهن بيمارين کي ختم ڪرڻ ۾ بلڪل سنجيده نه آهن گٽڪو، سگريٽ، پان ۽ ٻيون ڪيتريون ئي اهڙيون نشي واريون شيون اسان جي ماڻهن ۾ ڦهلجنديون وڃن ٿيون خاص طور تي سنڌ جي نوجوان نسل ۾ انهن بيمارين ته گھر ٺاهي ڇڏيو آهي جنهن جي ڪري اهي پنهنجي مستقبل کي اونداهيءَ طرف ڌڪيندا وڃن ٿا،وري ڪاپي ڪلچر کي ڏٺو وڃي ته استادن يا وس وارن ٻين ادارن جو توجهه بلڪل نه آهي ڪاپي ڪلچر سرعام لڳو پيو آهي شاگردن جا والدين به سرعام پنهنجي ٻارڙن کي ڪاپي ڪرائيندا آهن تعليم جي اهڙي تباهي جي ڪري نوجوانن ۾ قابليت نه هجڻ جي برابر ٿئي ٿي جڏهن ته صرف ڊگريون کڻي اسان جو نوجوان طبقو پرائيوٽ سيڪٽر ۾ پاڻ مڃائي نٿو سگهي جنهن جي ڪري هو صرف سرڪاري نوڪري تي ڀاڙي ٿو ۽ سرڪاري نوڪريون وڪرو ڪيون وڃن ٿيون ڇا اسان جي معاشري ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته پرائيوٽ نوڪريون ڪيتريون آهن ۽ اسان جا نوجوان گورنمينٽ جي نوڪري جي گھڻي تلاش ۾ هوندا آهن آخر ڇو؟ جيڪڏهن اسان جي نوجوانن ۾ سٺي تعليم هجي ته شايد ڪڏهن به بيروزگار نٿا ويهي سگهن.
*
محترم سامعين:رمضان المبارڪ اچي چڪو هيو. هڪ ڏينهن حضرت حبيب ڪريمﷺ فرمايو : ” اوهان مٿان برڪتن وارو مهينو اچي چڪو آهي . ان ۾ الله اوهان کي غني بنائي ٿو . رحمت نازل ڪري ٿو ، گناهه بخشي ٿو ، دعائون قبول ڪري ٿو . الله اوهان ڏانهن رحم جي نظر سان نهاري ٿو . اوهان کي ڏسي فرشتن تي خوشيءَ جو اظهار ڪري ٿو . اوهان به ان ماهه ۾ الله جي خاطر چڱا ڪم ڪيو . بد بخت آهي اهو جيڪو هن ماهه ۾ به الله جي رحمت کان محروم رهيو. رمضان جواهل دل ۽ اولياءِ ڪرام سال جي ٻارهن مهينن ۾ مثال ائين ڏنو آهي جيئن حضرت يعقوب عليه السلام جا ٻارهن پٽ هئا . سڀني ۾ سهڻو ۽ پيءُ جو پيارو حضرت يوسف عليه السلام هيو . ان طرح سال جي مهينن ۾ الله وٽ سهڻو ۽ پيارو رمضان آهي . جيئن يارهن ڀائرن جي خطائن کي يوسف جي سفارش جي صدقي بخشيو ويو تيئن يارهن مهينن جون خطائون رمضان جي عبادت جي صدقي بخشيون وڃن ٿيون .
محترم سامعين:انسان جي ٻنهي هٿن جو جڏهن پاڻ ۾ ميلاپ ٿئي، هٿ جون تَريون هڪٻئي سان زور سان جڏهن ٽڪرائجنديون آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ جيڪو آواز نڪرندو آهي، ان کي تاڙِي چوندا آهن. تاڙيون وَڄنديون به آهن ۽ وَڄرائبيون به آهن، ملاکڙي ۾ ڪمنٽري ڪندڙ همراهه کي جيڪڏهن ڪو رئيس يا وڏيرو سئو جو نوٽ ڏيندو آهي، ته ان لاءِ اتي بيٺل ماڻهن کي ڪمنٽيٽر هَڪل ڪري چوندو آهي، ته وڄايو تاڙي! عورتون سهرا ڳائيندي تاڙيون وڄائينديون آهن، ڪي ماڻهو بغير سوچڻ سمجهڻ جي تاڙيون وڄائيندا آهن، اديب ماڻهو جيئن لکڻ مهل سوچيندو آهي، تيئن تاڙي وَڄائڻ مهل به سوچي سوچي تاڙي وڄائيندو آهي، تاڙيءَ سان مڇر ماري سگهجي ٿو، هٿ جي تَري جيڪڏهن ڪنهن جي ڳل سان زوردار ٽڪرائجي، ته ان جي نتيجي ۾ به تاڙيءَ جو آواز ايندو آهي ۽ اها تاڙي پراڻي دور ۾ماستر اسڪولي ٻارن جي ڳلن تي وڄائيندا هئا ۽ هاڻ پوليس وارا چور جي منهن تي وڄائيندا آهن ۽ اها تاڙي ڪڏهن ڪڏهن عاشق به پنهجي محبوب هٿان کائيندي نظر ايندا آهن. جتي به تاڙين جو زوردار آواز ٻڌڻ ۾ اچي، ته پڪ سمجھو اتي ڪو نه ڪو تماشو ٿي رهيو آهي.
*
محترم سامعين:هن اسريل دنيا جي جديد زندگي مان جيتوڻيڪ اڪثر ماڻهن جون خواهشون پوريون ٿي رهيون آهن. پر هي ئي زندگي اڳ جي ڀيٽ ۾ اسان جي برداشت سگهه کي ڪمزور ڪري رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪاوڙ هميشه اسان جي ڪنڊي تي چڙهيل رهي ٿي، برطانوي يونيورسٽي جي ڊاڪٽرياڻي سينڊي مين چيو آهي ته ڪو زمانو هو جڏهن جارحيت پسندي اسان کي زنده رکڻ لاءِ ضروري هئي ۽ اها شئي اڄ به اسان جي ذهنن ۾ اٽڪيل آهي. پر اها ئي جارحيت جيڪڏهن بي مقصد هجي ته ان مان فائدي بدران نقصان جو خطرو هوندو آهي. اهڙي ”اجائي“ جارحيت جي ڪري اسان ننڍڙين ڳالهين تي هڪ ٻئي سان اٽڪي پوندا آهيون، مثال ڊاڪٽر سان ملاقات لاءِ گهڻو انتظار ڪرڻ، ڪمپيوٽر جي ڊيٽا اڃا سيوِ ئي نه ڪئي هجي ۽ اوچتو بجلي هلي وڃي يا وري ٽريفڪ جام ۾ ڦاسي پوڻ وقت ته اسان پنهنجي هوش مان ئي نڪري وڃون
ٿا. هن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪاوڙ جيڪا اسان جي روزاني جي بقا لاءِ اهم حيثيت رکندي هئي اها هاڻي ننڍڙين ڳالهين تي به پنهنجا رنگ ڏيکارڻ لڳي آهي. هن چيو شايد اسان کي آرام ۽ سک واري زندگي خراب ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان سطح تائين پهچائي ڇڏيو آهي جو جيڪڏهن ڪا شئي ٿوري به اسان جي اميدن پٽاندڙ نه آهي ته اسان توائي کائڻ لڳون ٿا ۽ صبر توڙي سهپ ختم ٿيو وڃي.
محترم سامعين:اسين موجوده حالتن ۽ زماني ۾ پنهنجي سماج ۾ ڏسون ٿا ته هتي ماڻهو دولت ۽ اقتدار کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر ناجائز عمل ۾ مبتلا آهن جو انهن جي خواهشن جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو. جيڪو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي. پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته جائيداد ۽ دولت جي امتياز ۽ فرق ۾ انهن کي ڪو اطمينان ۽ خوشي آهي.؟ ڇا انهن جي زندگي هڪ اهڙي ڊوڙ ناهي جنهن جي ڪا منزل ناهي۽ جنهن جي نتيجي ۾ اها زندگي ٿڪجي هارجي پنهنجو پساه پڄاڻي تي پهچائي ٿي. ۽ ٻئي طرف اهي به انسان آهن جيڪي انتهائي غربت ۽ مفلسي جا شڪار آهن ۽ محرومين سان زندگي گذاري رهيا آهن. انهن جي زندگي ۾ تمام گھٽ خوشي ۽ مسرت جا لمحا اچن ٿا، پر انهن ۾ همٿ آهي ۽ همٿ اهو جذبو آهي جنهن سان جبل به اڳيان ٽري ويندا آهن.
*
محترم سامعين:زماني جا به عجب رنگ ٿي ويا آهن، هر شيءِ بدلجي ويئي آهي. زماني جي بازار ۾ هاڻ ماڻهو به ساڳيو نه رهيو آهي، زندگيءَ جي ڊائري بدلجي وئي آهي. محبتن جا معيار نيلام ٿي نفرتن جو روپ ڌاري ويا آهن، ڪو وقت هوندو هو، جو برپٽ مان به جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو گذر ٿيندو هو، ته هو جهنگلي جانورن کان هراسجي منزل طئي ڪندو هو. اهڙي موقعي تي هراسيل ماڻهو اچي ڪنهن ماڻهوءَ کي ڏسندو هو، ته دل باغ بهار ٿي ويندي هئي، پر اڄ معاملو ان جي ابتڙ آهي. ماڻهو جڏهن به گهر کان ٻاهر ويندو آهي يا سفر طئي ڪري گهر موٽندو آهي، ته هو پريشان ٿيندو آهي. اها حقيقت آهي ته، هن دور جي ماڻهن کان ماڻهپو وڃائجندوپيووڃي. جنهن به پاسي ڏسو، ڦُرلٽ ۽ قتل و غارت جاري آهي. انساني احساس وڃائجي ويا آهن، ڪنهن جو خُون ڪرڻ ۽ ڪنهن جي قيمتي جان وٺڻ آسان ٿي ويو آهي. روز مائرن کان پُٽڙا، ونين کان ور ۽ ڀيڻن کان ڀائر بي درد سماج جي هٿان بيڏوهه قتل ٿين پيا. حيرت آهي اسن خاموش تماشائي بڻيل آهيون، ڦُرلٽ ۽ قتل و غارت جا واقعا صرف ان ڪري پيا ٿين، جو اسان جا رکوالا خاموش تماشائي بڻيل آهن، حيرت آهي جو رکوالا خود چورن، ڌاڙيلن ۽ ڦورن کي”فري هينڊ“ ڏيئي رهيا آهن.. اسان جو سماج برائيءَ جي باهه ۾ سڙي پيو پر ڪو به ڪُڇڻ وارو ڪونهي. غريب ڏينهن ڏٺي جو ان ڪري ڦُرجي پيو، جو قانون نافذ ڪندڙ ادارا به ڏوهارين جا ساٿاري بڻيل آهن. مطلب ته چوڪيدار خود چور هجن ته باقي ميار ڪنهن کي ڏجي؟! ان ڪري اچو ته پنهنجي ماڻهن جي مالڪي پاڻ ڪريون،جي اسان ائين ڪري وڌو ته هر صبح اسان جي سک جو سج اڀاريندو.
محترم سامعين:ڪنهن ڏاهي چيو ته، مسئلا هوندا آهن حل ٿيڻ لاءِ، ڪيڏو به وڏو مسئلو هجي پر ان جي حل لاءِ سنجيدگي سان سوچبو ته نيٺ اهو حل ٿي ويندو. ٻارن جي پڙهائيءَ جو مسئلو کين اسڪول موڪلڻ سان حل ٿيندو، بيمار جو مسئلو ڊاڪٽر حل ڪندو، جي ڪو پوليس جي چڪر ۾ ڪيسن ۾ ڦاٿل هجي، ته اهو ڪنهن سٺي وڪيل سان رجوع ڪري، گرميءَ ۾ پَکو هلائي ان جي سامهون ويهي پگهر سُڪائي سگهجي ٿوپر جي بجلي هجي. مڇرن کان بچڻ لاءِ مڇرداني بهترين حل آهي. سوين مسئلا آهن ۽ انهن جا هزارين حل آهن پر سوچڻ جي ڳالھه اها آهي ته، آخر اها سوچ ڪٿان اچي، جيڪا مسئلا حل ڪندڙ هجي؟ اسان جو اهو ته مسئلو آهي ته سوچي ڪير؟! ننڍي کان ننڍا مسئلا اسان لاءِ ناسور بڻيل آهن، شهرن جا گَٽر نالا ٻار ڳڙڪائي سُڃَ ڪري ويا آهن، سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽر ڳوليو نٿا لڀن، ڪيترائي اُستاد اسڪولن مان “اُستادي” ڪري غائب آهن، پوليس وارا رات جو جهنگ ۾ ۽ ڏينهن جو سُڃَ ۾ رهن ٿا. بجلي غائب، گئس گُم، ايترو ڪجھه هجڻ جي باوجود، اسان جي ڪن تي جونءِ به ڪانه ٿي چُري. لڳي ٿو ته، اسان انهن سڀني مسئلن مان خوش آهيون، جي اسان کي ڪا تڪليف هجي ها، ته ضرور ڪا دانهن ڪُوڪَ ڪريون ها.
*
محترم سامعين:الائي ڪنهن چيو ته، کلڻ سان رَت وڌندو آهي. کِلَ جهڙي ڪا ٻي خوراڪ ئي ناهي. مون چيو ته، پوءِ رَتَ جي ڪميءَ وارن مريضن کي بجاءِ رَتَ لڳائڻ جي، وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ گهرجن. خوراڪ مان ڳالھه ياد آئي ته، هر سال خورڪ کاتي وارا هزارين مڻ ڪڻڪ کُليل آسمان هيٺ اُڇلائي هليا ويندا آهن، جنهن کي اُس ۽ برساتون کائي وينديون آهن ۽ اسين کائڻ لاءِ کلندي کلندي اٽو پنجاهه روپيا ڪلو وٺي رهيا آهيون. کِلڻ جو هر ماڻهوءَ جو پنهنجو انداز آهي، ڪي ماڻهو آرام سان کلندا آهن ۽ کلندي کلندي آرام پڻ ڪندا آهن، جن ۾ اديب ۽ دانشور شامل آهن، جيڪڏهن ڪو ماڻهو کلي کلي کيرو ٿي وڃي، ته پڪ سمجهو اهو ماستر آهي، ماستر پڙهائڻ کان سواءِ ٻيا سمورا ڪم کلندي کلندي ڪندو آهي، شاديءَ کان پهرين کلڻ تمام آسان هوندو آهي، جڏهن ته شاديءَ کان پوءِ کلڻ هر ڪنهن جي نصيب ۾ ناهي هوندو،کلندي کلندي رشوت ڏيندا آهيون، کلندي کلندي بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ سهندا آهيون، اسان کان اسان جو سڀ ڪجھه کسجي پيو، تعليم کسجي پئي، پاڻي چورايو پيو وڃي، شهرن ۾ اسان اوپرا ٿيندا پيا وڃون پر اسان کلڻ ۾ پورا آهيون. منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن اسان وايون بتال ڪري کلندا رهياسين، ته هڪ ڏينهن سموري دنيا اسان مٿان کلندي.
محترم سامعين:چيو ويندو آهي ته، ڏُک ۽ سُک زندگيءَ جو حصو آهن، هر انسان تي ڏُکن ۽ سُکن جو بادل زندگيءَ ۾ ضرور اچي ٿو، پر اسان وٽ سُک شايد وڏن ماڻهن جي نصيب ۾ ئي لکيل آهن. هن جديد ۽ ترقي يافته دور ۾، جڏهن باقي دنيا ترقيءَ جون نيون منزلون طئي ڪري رهي آهي، اتي اسان جا علائقا بنيادي انساني سهولتن کان به محروم آهن. پاڻي، بجلي، گئس، روڊ رستا، صحت جون بنيادي سهولتون هر انسان جون بنيادي ضرورتون آهن، اسان وٽ هڪ ته روڊ ۽ رستا تمام گهٽ آهن ۽ جيڪي اَڀرا سَڀرا آهن، تن تي سفر ڪرڻ آسان ڪونهي، بيمار ماڻهو ته هڪڙي پاسي پر هڪ صحتمند ماڻهو به اسان جي روڊن رستن تي سفر ڪري بيمار ٿي پوي ٿو، ايمرجنسيءَ ۾ ڪنهن ڳوٺ توڙي شهر کان اسپتال تائين پهچڻ ۾ روڊن ۽ رستن جي انتهائي خراب حالت هجڻ ڪر ڳورهاري عورتن کي تمام گهڻي پريشاني ٿئي ٿي، ڪيتريون ئي عورتون وقت سر اسپتال نه پهچڻ جي ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جون حياتيون وڃائي ويهن ٿيون. خدارا! روڊ ۽ رستا جو اهم ذريعو آهن، سنڌ جي ٻهراڙين توڙي شهرن جا اهي روڊ رستا جيڪي انتهائي خراب حالت ۾ آهن، تن جي هنگامي بنيادن تي مرمت ڪرائي وڃي، ته جيئن عوام کي بهتر سفري سهولتون ڏنيون وڃن.
*
محترم سامعين:فائر برگيڊ جنهن کي ايمرجنسيءَ واري گاڏي به چيو ويندو آهي، جيڪا باهه کي وسائڻ لاءِ گورنمينٽ طرفان هر ضلعي ۽ تعلقي ۾ ڏني ويئي آهي پر اسان وٽ اهي گاڏيون وڏيرن ۽ ميونسپل جي عملي جي اوطاقن، ميلن ملاکڙن، پارڪن ۽ راندين جي گرائونڊن ۾ پاڻيءَ جي ڇِڻڪار جي ڪم ۾ ڏٺيون ويون آهن، جيڪڏهن ڪٿي اچانڪ ڪا باهه لڳي وڃي ٿي، ته پوءِ اها گاڏي سياسي ڪاموري جي حڪم سواءِ نه چُرندي پوءِ ڪيتري به ايمرجنسي ڇو نه هجي. فائر برگيڊ عملي وارا مختلف سبب ڄاڻائي وقت تي نه پهچندا آهن. جيڪڏهن پهچندا آهن ته، اهو به سياسي ۽ سرڪاري ڪامورن جي فون کان پوءِ! غريب ماڻهن جا ڳوٺن جا ڳوٺ سڙي ويندا آهن، پر انتظاميا جا آفيسر پنهنجي ڪرسي بچائڻ جي ڪري ڪو نه ڪو بهانو ڪري غريب ماڻهوءَ کي موٽائي ڇڏيندا آهن پر ڪنهن وڏيري جي گند گاهه کي باهه لڳندي آهي يا ڪو سياسي جلسو هوندو آهي، ته اها ساڳي گاڏي وڏا وڏا ايمرجنسيءَ وارا سائرن وڄائي ماڻهن کي پريشان ڪندي آهي. جيڪڏهن ڪٿي ڪنهن غريب جي ڪکاون گهرن کي باهه وڪوڙي وڃي، ته به اسان جي انتظاميا ستل هوندي آهي. وس وارن کان اُها گهر آهي ته، يا ته هن گاڏيءَ تان فائر برگيڊ جو نالو هٽائي “ڀوتار برگيڊ” رکيو وڃي يا وري هن گاڏيءَ کي غريبن جي سڙندڙ ڪکاون گهرن تائين وقت سر پهچايو وڃي.
محترم سامعين:ٻيون موسمون ڀلي ڪنهن جي به حق ۾ هجن پر اونهاري جي موسم واپڊا وارن جي آهي. سيارو سوئي گئس وارن جي موسم آهي، جڏهن ته، عيد جي موسم دڪاندارن ۽ درزين جي هوندي آهي، پر افسوس جو غريب عوام جي ڪابه موسم نه آهي، جيئن واپڊا جا عملدار اهڙن قسمن جا خرچ ڪڍڻ لاءِ اُونهاري جو انتظار ڪندا آهن، هينئر گرميون زورن تي آهن، واپڊا وارا ميدان ۾ لٿل آهن،ظلم جي انتها هي آهي ته پاڙن جا پاڙا اوندھ ۾ آهن،انهن جا ٽرانسفارمر ئي بند ڪيا وڃن ٿا،چوڻ وارا چون ٿا ته سولر انرجي جون پليٽون ٺاهڻ وارن ۽ هنن آفيسرن جي پاڻ ۾ ملي ڀڳت آهي ته جيئن بجلي جو بحران پيدا ڪري،سولر سسٽم جي وڪرو ۾ تيزي آڻي سگهجي. سنڌ جو هر ٽيون ماڻهو واپڊا خلاف سندرو ٻڌي سراپا احتجاج آهي. بنيادي طور تي ڪو به کاتو خراب نه هوندو آهي، پر کاتي جي ڪارڪردگيءَ تي چند ڪارين رِڍن جي ڪري ئي آڱريون کَڄنديون آهن، سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ انيڪ مسئلا پيدا ڪري ماڻهن جي زندگي زهر بڻائي ڇڏي آهي،ٻي طرف وري ايئر ڪنڊيشنڊ غير قانوني طور هلارائي عملدار جاوا ڪري رهيا آهن ۽ چوري واري بجلي جا اضافي يونٽ ميٽر وارن جي مٿي ۾ هڻي انهن لاءِ مٿي جو سور پيدا ڪري رهيا آهن.
*
محترم سامعين:سنڌ ٻين انيڪ مسئلن ۾ گهيريل آهي، انهن مسئلن مان ڪارو ڪاريءَ جو مسئلو به تمام سنگين ٿي ويو آهي. خاص ڪري اسان جا اتر وارا علائقا انهن بيڪار ريتن ۽ رسمن مان پنهنجي جِند آجي نه ڪرائي سگهيا آهن. سنڌي ميڊيا، جتي سنڌ جي ٻين مسئلن تي اڳڀري رهي آهي، اُتي ان جو ڪردار ڪارو ڪاريءَ جي اهم مسئلي تي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ جي حوالي سان به اهم ڪم رهيو آهي، ان ۾ نه صرف اليڪٽرانڪ ميڊيا پر پرنٽ ميڊيا به خاص نڀايو آهي. ميڊيا تي ڪارو ڪاريءَ جي حوالي سان هليل مختلف ڊاڪيومينٽريز ۽ اخبارن ۾ ڇپيل مضمون، ان ڏس ۾ انتهائي اهم آهن، جن ۾ ٻڌايل ۽ ڏيکاريل آهي ته، اسان جهالت جي ڪهڙي ڪُن ۾ ڦاٿل آهيون، دراصل هي اهو مسئلو آهي، جيڪو سنڌ کي اندران ئي اندران اُڏوهيءَ جيان کائي رهيو آهي. ڪارو ڪاريءَ جي ڪڌي رسم سبب هزارين نياڻين کي غيرت جي نالي تي قتل ڪري موت جي ابدي ننڊ سُمهاريو ويو آهي. سنڌ جي ٻين مسئلن جيان هيءُ به هڪ ٻرندڙ مسئلو آهي، جنهن ۾ هر روز ڪنهن نياڻيءَ کي ڪاري ڪري ڪُٺو ويندو آهي، دراصل ان جو اهم ڪارڻ جهالت آهي، ماڻهن ۾ سجاڳيءَ جو نه هجڻ آهي.
محترم سامعين:سالن کان ملڪ دهشتگرديءَ جي باهه ۾ سَڙي رهيو آهي. ٿوريءَ ساهيءَ بعد دهشتگرد نمودار ٿي بم ڌماڪن ۽ آپگهاتي حملن ذريعي انسانيت جو قتلام ڪري رهيا آهن. عوام سان گڏ عوام جا نمائندا به محفوظ ناهن، هر طرف دهشت وارو ماحول آهي، ڪڏهن مذهبي فرقيواريت ذريعي، ته ڪڏهن لساني بنيادن تي سڄي ملڪ ۾ دهشتگرد ڪارروايون ٿي رهيون آهن، ظاهر آهي ته انهن دهشتگردن وٽ هٿيارن جو به ذخيرو آهي، ۽ دهشتگرديءَ جا وڏا واقعا ٿين به وڏن شهرن ۾ ٿا، ته ڀلا اهو اسلحو ۽ بارود شهرن تائين ڪيئن ٿو پهچي؟ جڳهه جڳهه تي چيڪ پوسٽون آهن ، تن جي موجودگيءَ ۾ اهو موت جو سامان ڪيئن آسانيءَ سان شهرن تائين پهچي وڃي ٿو؟ منهنجي خيال ۾ هڪ سازش تحت ملڪ کي اندران ئي اندران ڪمزور ڪرڻ جون سازشون جاري آهن، هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، سڀ کان پهرين دهشتگرديءَ جي واقعن ۽ انساني قتلام کي روڪڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي اسلحي ۽ بارود جي آسان بڻيل سپلاءِ کي روڪجي، ملڪ کي اسلحي کان پاڪ ڪري انهن شرپسندن ۽ دهشتگردن کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.
*
محترم سامعين:اسان وٽ ٻين مسئلن جيان بيروزگاري به انتهائي ڳنڀير مسئلو بڻجي ويو آهي. ملڪ جا نوجوان مختلف ڊگريون هجڻ جي باوجود به آفيسن جي دَرن جون ٺوڪرون کائي رهيا آهن، ليڪن روزگار نالي ڪا شئي موجود ئي نه آهي، ڪي نوجوان روزگار جي تلاش ۾ ٿڪجي مايوسيءَ وچان خودڪشيون ڪري رهيا آهن، اسان وٽ ٻهراڙين توڙي شهرن ۾ روزگار جا موقعا تمام گهٽجي رهيا آهن، جنهنڪري بيروزگاريءَ ۾ اضافو پڻ ٿي رهيو آهي، حڪومت بيروزگارن کي روزگار ڏيڻ جي پابند آهي، انهيءَ جي باوجود به ، روزگار وري منظورِ نظر ماڻهن کي ڏنو پيو وڃي، ۽ روزگار جو مسئلو ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، وس وارا هن طرف ڌيان ڏيئي سنڌ جي شهري توڙي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ ڪارخانا، فيڪٽريون ۽ ملون لڳائي بيروزگارن کي روزگار مهيا ڪن يا وري بيروزگارن کي ”بيروزگاري الائونس“ ڏنو وڃي، ته جيئن اسان جي بيروزگار نوجوانن مان مايوسي ختم ٿئي .
محترم سامعين:الله تعاليٰ جي رحمت عنايت سخاوت جا سڀ دروازا رمضان ۾ کلي پوندا آھن . رمضان جو ھر ڏينھن بابرڪت ۽ ھر رات باعظمت آھي . هي اهو مهينو آهي جنهن ۾ شرير شيطان قيد ڪيا ويندا آهن . جنت جا دروازا کوليا ويندا آهن . جهنم جا دروازا بند ڪيا ويندا آهن . رمضان ۾ مؤمنن جي روزي ڪشادي ڪئي ويندي آهي . رمضان جو پھريون ڏھو رحمت آھي ٻيو ڏھو مغفرت آھي ٽيون ڏھون جھنم جي باھه کان آزادي آھي . رمضان ۾ ھڪ رات آھي جيڪا ھزار مھينن کان افضل آھي. رمضان جنھن ۾ قرآن نازل ٿيو . رمضان جنھن ۾ جنگِ بدر جو “ يوم الفرقان ” آيو . رمضان جنهن ۾ مڪو پاڪ فتح ٿيو .ڪنھن قوم کي ۽ ڪنھن نبيءَ جي امت کي رمضان ڪونه مليو جيڪو سھڻي سردار جي صدقي اسان کي عنايت ٿيو آھي . خوشبخت آھن اُھي ، جن کي رمضان جي قدر سڃاڻڻ جي توفيق ملي.
*
محترم سامعين:قومي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ لائبريريون اهم ڪردرا ادا ڪن ٿيون. جنهن ڪري ڪنهن به ملڪ جي قومي تعمير لاءِ جڏهن به ڪا منصوبابندي ٿيندي آهي، ته لائبريرين جي تعمير جو ذڪر سڀ کان پهرين ٿيندو آهي، لائبريرين مان علم جو شوق رکندڙ، علم حاصل ڪندا آهن، لائبريرين جي ذريعي ئي علم ۾ واڌارو ٿئي ٿو، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون اعليٰ تعليم جو اهڃاڻ هوندا آهن، جتان شاگرد پنهنجي نئين زندگيءَ جي شروعات ڪري ٿو، شاگرد اتي داخلا وٺڻ کانپوءِ لائبريريءَ ڏانهن رُخ ڪري ٿو، سنڌ ۾ هن وقت ڪنهن به ڪاليج ۾ اهڙي ڪابه مڪمل لائبريري ناهي، جيڪا اُستادن توڙي شاگردن جون علمي، تدريسي ۽ تحقيقي گُهرجون پوريون ڪري سگهي، اڪثر لائبريرين ۾ ڪتابي مواد جي کوٽ آهي، تحقيق کي هٿي وٺرائڻ ۽ تحقيق کان واقف ڪرڻ لاءِ ڪنهن به ڪاليج ۾ جديد طرز تي ڊجيٽل لائبريري موجود ناهي. ايڪيهين صديءَ کي ڪمپيوٽر ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جو دور چيو وڃي ٿو، دُنيا جيڪا به ترقي ڪئي آهي، ان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جو اهم ڪردار آهي، ضرورت ۽ اهميت کي سمجهندي، ترقي پذير ملڪن ۾ تعليمي شعبن سان جيڪي به لائبريريون منسلڪ آهن، انهن به پنهنجي خدمت ۾ جديد ٽيڪنالاجيءَ کي شامل ڪيو، نتيجي ۾ ماڻهن کي سٺي ۽ مطلب واري خدمت ميسر ٿئي ۽ لائبريرين کي جوڳي پذيرائي ملي.
محترم سامعين:سنڌ ڪيترن ئي معدني ذخيرن سان مالامال آهي. جن مان سرفهرست ٿر جا ذخيرا آهن. ٿر جي شهر اسلام ڪوٽ ۾ جيالاجيڪل سروي آف پاڪستان، 1991ع واري پنهنجي سروي ۾ هتي ڪوئلي جي گهڻي مقدار ۾ موجودگيءَ جي رپورٽ ڏني. جنهن بعد ڪم شروع ٿيو ۽ هتي موجود ذخيرن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ٿر ۾ تقريبن 9100 اسڪوائر ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ ۾ ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن، ٿر جي ڪوئلي جي ذخيرن کي دنيا جو چوٿون وڏو ذخيرو سمجهيو وڃي ٿو. 175 بلين ٽن Lignite B ڪوئلو هتي موجود آهي، هن قسم جي ڪوئلي جي مدد سان الڪٽرڪ اسٽريم ٽربائين هلائي سگهجن ٿا ۽ ان سان گڏوگڏ گيسي فڪيشن پروسيس جي ذريعي هن ڪوئلي کي پاڻياٺ ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. جنهن مان ايٿينول،جيٽ فيول،ڊيزل،پيٽرول،پيرافين ۽ ٻيا ڪيترائي ڪيميڪل ٺاهي سگهجن ٿا. ڪيترائي ملڪ هن قسم جي ڪوئلي جي مدد سان بجلي پيدا ڪن ٿا. جن مان سڀ کان اڳتي ميڪڊونيا آهي، جيڪو 78 سيڪڙو بجلي ڪوئلي مان پيدا ڪري رهيو آهي. يونان، بوسينيا، پولينڊ، رومانيا، ترڪي ۽ جرمني به هن ئي قسم جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪن ٿا. ملڪ بجليءِ جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ ٿر ڪول پراجيڪٽ کي مڪمل ڪري، عوام جي تقدير بدلائي وڃي. جيڪڏهن ٿر ڪول پراجيڪٽ شروع ٿيو، ته ڪيترن ئي نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ٿيندا، ۽ اسان جي ملڪ جي معيشت بهتر ٿيندي. اسان وٽ سڀ وسيلا موجود آهن پر هتي ضرورت آهي فقط نيڪ نيتيءَ سان ڪم ڪرڻ جي.
*
سائين منهنجا:چوندا آهن ته قسمت تي ڪنهن جو وس ناهي هلندو.اسان کي خبر ئي ناهي ته سڀاڻي قسمت اسان جي جهوليءَ ۾ ڇا وجهندي؟ گل هوندا يا ڪنڊا؟ ڪنهن کي ڪهڙي خبر؟ ڪڏهن ۽ ڪٿي ائين به ٿيندو آهي جو اسان پنهنجو سمورو جيون ۽ زندگيءَ جو سمورو سفر ڪنهن کي ارپي ڇڏيندا آهيون ۽ وفائن جا واعدا ڪندا آهيون.اسين هڪٻئي کي سندر سپنن جون ساڀيائون ڏيندا آهيون ۽ اسين ئي هڪ ٻئي کي روشني ڏيندا آهيون ۽ اها روشني هر انسان کي جيئڻ جو احساس ڏيندي آهي،جيڪو احساس حقيقي منزل تي پهچائيندو آهي.سائين منهنجا جڏهن عشق اچي اندر ۾ ديرو ڄمائيندو آهي تڏهن سڀ اميدون پوريون ٿيندي نطر اينديون آهن،ڇو ته عشق انهن وٽ ئي مهمان ٿي ايندو آهي جن جو من ساگر کان به وڏو ۽ گهرو هوندو آهي.
محترم سامعين:رمضان شريف جي ڀلاري مهيني دوران لوڊشيڊنگ ۽ مهانگائي جي ڪري عوام جو جيئڻ جنجال بڻيل آهي ۽ مهانگائي ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ جتي سڄي ملڪ کي سڪتي ۾ آڻي ڇڏيو آهي،اتي ماڻهو رليف ماڻڻ کان مڪمل طور محروم آهن، رمضان شريف ۾ مهانگائي جو اهو عالم آهي جو ماڻهو ويچارا ميون ڏانهن ته نظر به ڦيري نه ٿا سگهن ڇاڪاڻ ته عام واهپي واريون شيون جيڪي رمضان کان اڳ به غريب يا مڊل ڪلاس جي ماڻهن جي قوت خريد کان مٿي هيون انهن شين جا اگهه هاڻي وڃي آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن , مهانگائي ۾ واڌ سبب ماڻهو ميون کائڻ کان محروم بڻجي ويا آهن، جيڪا ڳالهه هڪ مسلمان معاشري لاءِ ڪنهن به ريت قبولڻ جوڳي نه هجڻ گهرجي پر اسان وٽ ته سڄو نظام ئي چٽ لڳو پيو آهي، اسلامي سماج جو بنياد مڪمل رليف تي ٻڌل آهي جنهن جو ڀرپور مظاهرو رمضان شريف کان ويندي ٻين مذهبي ڏڻن تي ٿيڻ گهرجي پراسان وٽ عوام کي رمضان جو رليف نٿو ملي ته وري اسان به ان سنجيده معاملي تي چپ آهيون جنهن مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته شايد اسان هاڻ ڏئي وٺي بيهي رهيا آهيون ۽ سڀ ڪجهه نصيب سمجهي برداشت ڪري رهيا آهيون.
*
محترم سامعين:رمضان لفظ رمضاءَ مان ورتل آھي . سخت گرمي ۾ جڏهن پٿريون گرم ٿينديون آهن ان کي رمضاءَ سڏيو ويندو آهي . جڏهن عربن مهينن جا نالا پي رکيا ته ان وقت سخت گرمي جي موسم هئي ان ڪري هن ماهه کي رمضان سڏيائون . ٻين چيو ته رمضان رمض مان ورتل آهي رمض جي معنيٰ آھي ساڙڻ يا جلائڻ رمضان به ٻانھي جي گناھن خطائن کي ساڙي جلائي ڇڏي ٿو. رمضان لفظ ۾ پنج اکر آھن. ر ــــ مان مراد آھي رحمت . م ـــ مان مراد آھي مغفرت .ض ـــ مان مراد آهي ضمانت . ا ـــ مان مراد آهي الفت .ن ــ مان مراد آهي نعمت ۽ نورانيت . ر ــ سان رياضت ڪيو رحمت حاصل ڪيو . م ـــ سان محنت ڪيو مغفرت حاصل ڪيو . ض ــ ضمانت وٺو جنت جي .ا ـــ سان عبادت ڪيو الله جي الفت ماڻيو.ن ـــ سان نياز ڪيو رب وٽان نعمت ۽ نورانيت حاصل ڪيو
طَبرانِي اوسَط ۾ حضرت عبدالله بن عباس رضي الله عنھ کان روايت آھي رسول الله ﷺفرمايو ته: “ جنت ھڪ سال کان ٻئي سال تائين رمضان لاءِ سينگاري وڃي ٿي . پوءِ جڏھن رمضان داخل ٿئي ٿو ته جنت عرض ڪري ٿي : اي الله پنھنجي ٻانھن کي ھن ماه ۾ مون ۾ رھڻ وارو بناءِ .”
محترم سامعين:اسانجا گهڻا دوست مختلف ٻولين جي لفظن کي استعمال ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن ۽ پنهنجي ماءُ جي لوليءَ واري ٻوليءَ جي لفظن کي اُچارڻ ۾ عار محسوس ڪندا آهن. شاعرن جي سرتاج شاھ لطيف سرڪار جي ٻولي ۽ ڊاڪٽر گربجشاڻيءَ جي لکڻي، جنهن ۾ شاهه جو رسالو ترتيب ڏنل آهي، کي ڪيئن ٿو نظر انداز ڪري سگهجي. اها پڻ حقيقت آهي ته، سنڌي ٻوليءَ جي جُڙڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ کان اڳ يا پوءِ ايجاد ٿيل شين جا نالا، ٻوليءَ مان خارج نٿا ڪري سگهجن، ليڪن ان جو ترجمو ڪري سگهجي ٿو. جهڙوڪ ٽيليفون (دُورگو)، ٽيليويزن (ڏورنما)، سائنس (تجرباتي علم)، بِلُ (حسابي فردي) سائيڪل (پيرڙي) گلاس (بلوري برتن)، بئروميٽر (هوا پيما)، مشين (ڪَلَ)، بلب (قمقمو)، ريفريجريٽر (سرد خانه)، بئنڪ (ساهوڪاري) وغيره. جيڪڏهن مروج سنڌي لفظن کي اصل شڪل ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي، ته نئين نسل کي اُن جي ڄاڻ رهندي. مثال طور، بوٽ کي (جُوتو)، سُوٽ کي (جوڙو)، بونس کي (ساليانو انعام)، بينر کي (جَهنڊو)، بزنس کي (ڪارونهوار)، بيگ کي (ٿيلهو)، ٽئڪس کي (محصول)، بئراج کي (بند)، قميض جي بٽڻ کي (ٻِيڙو)، فيشن کي (رواج)، ماڊل کي (نمونو)، لَنچ کي (مانجهاندو)، وارنٽ کي (اجازت نامه)، نوٽيس کي (اطلاع)، بيلٽ کي (راءِ شماري)، بونٽ کي (مشين جو) ڍڪڻ لکيو ۽ پڙهيو وڃي ته بهتر ٿيندو.
*