مارچ مهيني جي ٻين خميس:گردن جو عالمي ڏينهن هي ڏينهن هر سال مارچ جي ٻي خميس تي ملهايو ويندو آهي ان سال ملهائڻ جو مقصد ماڻهن ۾ گردي جي مستقل خرابي کان بچڻ جي سجاڳي پيدا ڪرڻ آهي، ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ 10 مان هڪ ماڻهو گردي جي خرابي ۾ مبتلا ٿيو وڃي هر سال فقط پاڪستان ۾ گردي جي مستقل خرابي جا 25000 ماڻهو مريو وڃن. پهريون دفعو هي سال 2006ع ۾ ملهايو ويو، دنيا جون ٻه وڏيون تنظيمون انٽرنيشنل سوسائٽي آف نيفرالوجسٽ (آءِ ايس اين) ۽ دنيا جو گردي جو ادارو World kidney foundation اهو ڏينهن ملهائيندا آهن. ان سان جي جسم ۾ ٻه گردا ٿيندا آهن، جيڪي ٻنهي ڪُکين ۾ هوندا آهن، بڪيون روزانو 200 ليٽر رت صاف ڪنديون آهن، اهي بلڊ پريشر ضابطو رکن ٿيون، رت جا ڳاڙها جزا ٺاهڻ ۾ مدد ڪن ٿيون ۽ هڏين کي مضبوط ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ٿيون بڪيون رت مان خراب مادا پيشاب رستي ٻاهر نيڪال ڪنديون آهن، جيڪڏهن اهي خراب ٿي پون ته زهريلا مادا رت ۾ جمع ٿيندا آهن ۽ ماڻهو کي اُلٽيون، بک جو ختم ٿي وڃڻ ۽ پيشاب جو مقدار گهٽجي وڃڻ جون علامتون ظاهر ٿينديون آهن.جيئن ته بُڪيون اسان جي جسم جو اهم عضوو آهن،ان ڪري انهن جي سار تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي. *