27 مارچ : ٿيٽر جو عالمي ڏينهن 27 مارچ تي ٿيٽر جو عالمي ڏيهاڙو ملهايو ويندو آهي.اسان سڀني کي خبر آهي ته ٿيٽر/ناٽڪ منڊلي/ناٽڪ گهر کي فنونِ لطيفه جي سڀ کان مشڪل صنف مڃيو وڃي ٿو.ڏسندڙن جي سامهون سڌيءَ طرح پرفارمنس جي مزي کان اهي ئي فنڪار واقف آهن جيڪي پنهنجي بهترين پرفارمنس سبب ماڻهن کي تاڙين وڄائڻ تي مجبور ڪندا آهن.هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد هي آهي ته ان فن جي پذيرائي ٿئي ۽ ان کي هٿي وٺرائي وڃي.ڏسجي ٿو ته اسان وٽ هي شعبو ڏينهون ڏينهن پوئتي پئجي رهيو آهي،ڪو زمانو هيو جو سنڌ ۾ ناٽڪ منڊيلن پاران ناٽڪ ڪري سماجي سجاڳي پيدا ڪئي ويندي هئي،پر اڄ ڪٿي ڪو ورلي ناٽڪ ٿي رهيو آهي.ان ڪري هن شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا وڃن. *