پنجون حصو
سائين منهنجا: چوندا آهن ته جنهن سان حد کان وڌيڪ چاهت هوندي آهي،جنهن جي محبت من ۾ پائي،کوڙ ساريون تڪليفون انسان سهندو آهي،اهڙو انسان پنهنجي اکين ۾،پنهنجي محبوب جي تصوير کڻي هلندو رهندو آهي،جيڪا تصوير انهيءَ جي اکين ۾ هميشه لاءِ نقش ٿي ويندي آهي.ڪبير چواڻي ته“ ڪاگا تنُ،سڀ کايو،چُن چُن کَيو ماس،دو نينان مت کَيو،انهي پِيا ملن ڪي آس”سو اهڙين اکين کي صرف ۽ صرف ءَ جو انتظار رهندو آهي.شاھ لطيف به ڪمال جي ڳالھ ڪئي آهي
اک ءَ جي اک ۾،ڪُٺن سندو ڪم،
لاهي ڏينس،لطيف چئي،سندو سسيءَ چم،
جي نڪري وڃي دم،ته به اک ءَ جي اک ۾.
*
محترم سائين: جيڪو ماڻهو ڪچهرين جو ڪوڏيو هوندو آهي،اهو اڪيلائي کي ڪڏهن به پسند ناهي ڪندو ڇو ته اڪيلائيءَ ۾ انسان کي تمام گهڻيون ڳالهيون ياد اينديون آهن،تنهائي ڪڏهن ڪڏهن هڪ عذاب بنجي ويندي آهي،ڇو ته اڪيلائيءَ ۾ اهي يادون ڪَرُ کڻي من اندر جي ميدان ۾ ڪاهي پونديون آهن.جيڪي يادون پنهنجن جون هونديون آهن،اهي پنهجا جيڪي ساھ ۾ سمايل هوندا آهن.تنهايون ڀلي ڪيترون ئي ننڍڙي وقت لاءِ هجن پر اهي طويل لڳنديون آهن.هيءَ دنيا گول آهي،ڪڏهن نه ڪڏهن،ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي وڇڙيل ملي پوندا آهن،ملاقاتون ضرور ٿينديون آهن،ان لاءِ هميشه بهترين جي اميد رکڻ گهرجي.
*
سائين منهنجا:ٻار الله جو تحفو آهي،هر شادي شده جوڙو اولاد بنا اڌورو آهي،ٻار نازڪ گل آهن،ٻارن سان هر ڪوئي پيار ڪندو آهي.هر مائٽ چاهيندو آهي ته هن جو اولاد صابرين،ذهين،اخلاق وارو ۽ هر سٺي ڪم ۾ هوشيار هجي،ڪافي هنڌن تي ڏٺو ويو آهي ته ٻار جي تربيت ڪرڻ ۾ ڪنهن به شيءِ جي ڪمي نه هجڻ جي باوجود انهن جي شخصيت ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڪمي ظاهر ٿي پوندي آهي.ائين ڇو آهي؟تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته اهي مائٽ جيڪي ٻار کي صرف ڏنڊي جي زور تي تربيت ڪندا آهن يا جيڪي مائٽ هروقت ٻار کي تمام گهڻو پيار ڏيندا آهن،اهي ٻئي طريقا غلط آهن.ٻنهي طريقن سان ٻار جي شخصيت اڌوري رهجي وڃي ٿي.پهرين طريقي سبب ٻار بخيل ۽ ٻئي طريقي سان ٻار ضدي ٿي پوي ٿو.جن والدين جو رويو ٻارن سان وچولو رهيو آهي،انهن جا ٻار هوشيار نڪتا آهن.
محترم سامعين: اوهين شاگرد آهيو،يا ڪنهن آفيس ۾ويٺا ڪم پيا ڪريو،يا اوهانجو واسطو آهي لکڻ ۽ پڙهڻ سان ٿي سگهي ٿو ته اوهان هن وقت ڪو شعر لکندا هجو، اهوبه ممڪن آهي ته اوهان ڪا ڪهاڻي لکي رهيا هجو. اوهان سان هيءَ ڳالھ ونڊڻ گهران ٿو ته جي اوهان جو واسطولکڻ پڙهڻ سان گهڻو آهي ته،پنهنجي نظر جو هميشه خيال رکڻ گهرجي.اکين جا ماهر چون ٿا ته ننڍيءَ عمر ۾ سنهي ڇاپي وارا اکر نه پڙهڻ گهرجن،ٿورڙي روشنيءَ ۾ به جُوھ وجهي نه پڙهڻ ۽ لکڻ گهرجي. هلندڙ گاڏيءَ ۾ ڪتاب پڙهڻ به نظر جي لاءِ ڀلو عمل ناهي.جيئن اسين ڪم ڪندي ٿڪجي پوندا آهيون تئين گهڻي لکڻ سان مشڪون ٿڪجيو پون،سو هميشه اهڙين شين کي ڏسجي جن کي ڏسڻ سان اکين کي آرام اچي.پنهنجي نظر جي هر وقت حفاظت ڪرڻ گهرجي.
*
سائين منهنجا: زندگي تلخ حقيقتن جو مجموعو آهي،جنهن کي اسان مڃڻ کان انڪار ڪندا آهيون ۽ بس تقدير کان شڪايت ڪندا آهيون.اسان انسانن جي اها صدين کان فطرت رهي آهي ته خوشين ۾ گذاريل گهڙيون وساري ويهندا آهيون ۽ ڏکن ۾ گهاريل ڏينهن وري بار بار ياد ڪندا آهيون،پر اهي ڏک ڪنهن ڏنا،ڪٿان آيا،سماجي جوڙڪ ڪهڙي آهي.انهن سوالن جا جواب هرگز ناهيون ڳوليندا،جي اسان ائين ڪريون ته ڏکن واري ڏيھ ۾ سوين سک آڻي سگهون ٿا. اسان انسان آهيون ان ڪري ٻين جا احسان ۽ احساس به وساري،خامين جي ڳولا ۾ نڪري پوندا آهيون.اهو ياد رکڻ گهرجي ته جڏهن اسين ڪنهن ٻئي ڏانهن خاميون ڳولهڻ لاءِ آڱر کڻندا آهيون ته ٽي آڱريون اسان ڏانهن اشارو ڪنديون آهن.
*
سائين منهنجا: هميشه ٻين جي جذبن جي عزت ڪجي،ائين ڪرڻ سان ٻيا به اسان جي عزت ۽ احترام ڪندا.اسان جو قدر ڪندا.اسان جي آسپاس گهمندڙ ماڻهن جا احساس به اسان جي احساسن جهڙا ئي آهن.جيڪا ڳالھ سٺي ناهي،تنهن ڳالھ جو اثر بلڪل سٺو نه پوندو.جن ڳالهين تي اسان کي ڪاوڙ اچي ٿي انهن ڳالهين ڪرڻ کان اسان به پرهيز ڪريون.جيڪا شيءِ اسان کي پسند ناهي،اها ٻين لاءِ پسند ڪرڻ جو حق اسان کي ڀلا ڇو هجي؟اهو هڪ اهڙو سوال آهي جنهن جو جواب اسان جي اندر ۾ ويٺل کرو ۽ سچو انسان ئي ڏيئي سگهي ٿو.جنهن انسان سان اسان الائي ڇو دوستي رکڻ کان لنوائيندا آهيون.پر اها پڪ آهي ته اسان جو اندر وارو دوست اسان کي ڪڏهن به مايوس نه ڪندو نه ئي ڪا غلط صلاح ڏيندو ڇو ته هو سچوپچو دوست آهي.
محترم سامعين: هڪڙيون شيون انسان جون علامتون يا سڃاڻپ بنجي وينديون آهن،جن جي وسيلي ان ماڻهوءَ جي سڃاڻپ ڪئي ويندي آهي.جيئن ڪو هنر مند ڪهڙي به ذات سان تعلق رکندو هجي پر هن جي سڃاڻپ، هن جو ڌنڌو ٿي ويندو آهي.سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا هنر آهن جيڪي ذاتيون بڻجي ويا.اها اصل ۾ مهارت آهي جنهن ڪري اهي ڌندا ذاتين ۾ تبديل ٿي ويا سڃاڻپ بڻجي ويا،انهن ۾ مهارت جو ڪردار آهي،هر هڪ انسان کي پنهنجي هنر ۾ ماهر ٿيڻ گهرجي،پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکڻ گهرجي ۽ پنهنجي پيرن تي بيهڻ گهرجي.ائين ڪرڻ سان ڇا ٿيندو جو اسان جي اندر ۾ خود اعتمادي مضبوط ٿيندي ۽ خوشحالي به ايندي.لطيف سائين جو هڪڙو بيت ياد پويم ٿو.
محروم ٿي مري ويا،ماهر ٿي نه مئا،
چِڙي جيئن چنهنج هڻي،لڌائون لُئا،
حباب ئي هئا،انهيءَ واديءَ وچ ۾.
*
سائين منهنجا:اسان مان هر هڪ ماڻهوءَ جي اها خواهش هوندي آهي ته،هو جڏهن به ڪنهن سفر تي نڪري ته هن سان سفر جو اهرو ساٿي هجي جيڪو سفر دوران ڏک ۽ سک ورهائي،اهڙا همسفر ملي به ويندا آهن.هونءَ به سائين ٻه متضاد خيال ڪڏهن به سڪون پيدا ڪري ناهن سگهندا.ان لاءِ جذبن جو خيال ۽ قدر ڪرڻ گهرجي.هيءَ اسان جي زندگي مسلسل سفر جو نانءُ آهي ۽ ذهني طور هم آهنگي به خود زندگيءَ جو سفر آهي.هن زندگيءَ جي اڻانگي سفر ۾ جيڪڏهن ڪو دل کي وڻندڙ ساٿي ساڻ آهي ته پوءِ منزل ڪيڏي به ڏور هجي،تڏهن به سفر ڏاڍو سهنجو ٿي پوندو آهي.
*
سائين منهنجا: ماءُ جي خدمت ڪرڻ سان جنت ملندي آهي،احسان جي حقدار سڀ رشتن کان وڌيڪ ماءُ آهي،جنهن جي هڪ گهڙيءَ جو احسان به لاهي نٿو سگهجي.ماءُ جي خدمت ڪرڻ سان عمر ۽ رزق ۾ برڪت ٿيندي آهي ۽ حياتيءَ جي سمورا ڏک ختم ٿي ويندا آهن. ماءُ کي پيار،محبت،عاجزي،انڪساري،ادب ۽ اخلاق سان ڏسڻ ،حج جيترو ثواب ملندو آهي.والدين سان سٺي سلوڪ سان پيش اچڻ جو ڦل اهوملندو جو اسان جي اولاد به،اسان سان سٺو سلوڪ ڪندي.والدين لاءِ محنت ڪرڻ ثواب،والدين جي خدمت ڪرڻ جهاد کان به وڌيڪ جذبو آهي.والدين سان سهڻو ورتاءُ ڪرڻ سان دنيا جا سمورا بند رستا کلندا ويندا ۽ منزل آسان ٿيندي.
محترم ساميعن:اسان جي هن ماحول ۾ رهندڙ ڪافي اهڙا ماڻهو به آهن جن کي ٻين ماڻهن جا رويا انتهائي چڙ ڏياريندڙ لڳندا آهن،ايتري حد تائين جو اهڙي نا پسنديده ماڻهوءَ جي شڪل به ناهي وڻندي.جيڪڏهن اهري قسم جي ڪيفيت اسان جي ڪنهن دوست،احباب يا خود اسان ۾ آهي ته اهڙي ڪيفيت يا احساس کي هن طرح ختم ڪري سگهجي ٿو.هاڻي هيئن ٿا ڪريون،جنهن ماڻهو تي اسان کي ڪاوڙ آهي،اکيون ٻوٽي ان ماڻهوءَ کي هڪ ننڍڙي ٻار جي روپ ۾ ڏسون،ننڍڙو ٻار جيڪو معصوم هوندو آهي،ننڍڙو مهانڊو،پتڪڙا هٿ ۽ پير،ننڍڙو ڪچڙو ذهن،ننڍڙي سوچ،ڀلا اهڙي ٻار تي اسين ڪاوڙ ڇو ڪريون ؟اسان کي اسان جي ٻارن جو حرڪتون ناهن وڻنديون؟ اها ڳالھ ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ٻار ڪنهن کي به ناهي ڏکوئيندو ۽ اسان مان هر شخص ننڍڙو ٻار رهيو آهي.وري اسي نوي سال اڳتي نڪري هلون،ان شخص کي هڪ پوڙهي جي روپ ۾ ڏسون،جيڪو زندگيءَ جي آخري ڏاڪي تي بيٺل آهي،هن جي جهيڻن اکين ۾ ڏسي مرڪڻ جو تصور ڪيون،جن اکين ۾ ڏاهپ ۽ غلطين جا اعترافي نشان ۽ عڪس واضع ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ اهو ضرور ذهن ۾ رکجي ته اسان مان هر هڪ ضرور پوڙهو ٿيندو.جڏهن اها ڳالھ اسان سمجهي ورتي ته پوءِ اسان ڪڏهن به ۽ ڪنهن کان به نفرت نه ڪري سگهنداسين.
*
سائين منهنجا:انسان ويچارو به آهي ته ڏاڍو سڪايل به آهي.اسين هر وقت هن خيال ۾ رهندا آهيون ته جتي به وڃون ته قرب ۽ چاهت ملي.بلڪل هر انسان جي اهائي خواهش آهي،جيڪڏهن اسان اها تمنا رکون ٿا ته سڀ کان اول اسان کي ئي قدم کڻڻا پوندا،تڏهن اسين ٻين جو قرب ۽ محبت ماڻي سگهون ٿا،ڇو ته جڏهن اسين محبتون ورهائينداسون تڏهن موٽ ۾ اسان کي به محبتون ئي ملنديون.گل پوکينداسين ته موٽ ۾ گلن سان گڏ خوشبوءِ به ملندي،ڪنڊا پوکينداسين ته ڪنڊا ئي حاصل ٿيندا ۽ هٿ به زخمي ٿيندا.اهو اسين ڪڏهن به نه سوچون ته ڪو ماڻهو اسان کي ڪنڊن جي بدلي گل ڏيندو يا اسان ڪنهن سان ڀلائي ڪريون ٿا ته ان جو بدلو ڀلائي نه ملندو.هي هڪ فطري عمل آهي ته هر هڪ عمل جو پويان ان جو ردِعمل به آهي،جنهن سان هر ماڻهو کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. پاڻ کي ان جي قابل بڻائجي جو جنهن محفل ۾ موجود نه هجون ته ان محفل ۾ اسان کي ياد ڪيو وڃي ۽ جي موجود هجون ته عزت ۽ احترام سان ڏٺو وڃي،سڏيو وڃي ۽ ويهاريو وڃي.
محترم سامعين: اسين ڪڏهن هن ڳالھ تي غور ڪيو آهي ته ،هي جيڪي الله جا اولياءَ آهن،پير بزرگ آهن،رهبر ۽ رهنما آهن،جن کي گذرئي سوين سال ٿي ويا آهن،پر پوءِ به اهي اسان کي اڄ به ياد آهن،انهن لاءِ اسان جي سينن ۾ عزت ۽ احترام ڇو آهي؟ ان سوال جو جواب اهو ئي آهي ته اهي املھ انسان هميشه ٻين لاءِ جيئندا رهيا،هنن جي سوچ ۾،لوچ ۾،ٻين جي لاءِ پنهنجائپ هئي،جن وٽان هٿين خالي ڪو به موٽيو.ان ڪري اهي اڄ به اسان جي دلين ۾ زندھ آهن.اهو انسان عظيم آهي جيڪو ٻين جي خوشين خاطر پنهنجون خوشيون قربان ڪري ٿو.ڀلا ان ماڻهوءَ کي ڪير چڱو چوندو جيڪو پنهنجي مفاد خاطر،پنهنجي خوشيءَ خاطر انسانن کي رنج پهچائي ٿو.انسان پنهنجي اندر ۾ هڪ وڏو سمنڊ آهي،جنهن سمنڊ ۾ ڏکن ۽ سکن جا جهاز،گڏ گڏ سفر ڪن ٿا.ان سمنڊ ۾ وڏا طوفان به آهن ته تکيون ۽ تيز لهرون به آهن،۽ ڪڏهن اهو اندر وارو سمنڊ بلڪل خاموشي ۾ هوندو آهي ۽ سائين منهنجا خاموشي وقت مرڪ ئي اسان ۾ همٿ پيدا ڪري ٿي۽ آساني پيدا ڪري ٿي.
*
محترم سائين:انسان کي ان جو ڪردار ئي سڃاڻپ ڏيندو آهي.سٺو ڪردار آهي ته انسان عظيم بڻجي وڃي ٿو.انسان پنهنجي تجربي،وقت ۽ حالتن مان سکي ٿو.جيڪو ماڻهو پنهنجي من ۾ نفرتن جا نانگ پالي ٿو،اهو هر وقت پنهنجو پاڻ کي کائيندو رهي ٿو، ڇوته نانگ پنهنجا ٻچا کائيندو آهي ۽ جيڪو پنهنجن ٻچن کي کائي،تنهن کي ڪڏهن به سڪون نه هوندو اهو هر وقت پيو نانگ وانگر ڦوڪون هڻندو رهندو. چوڻ هي ٿو چاهيان ته اسان کي هر وقت پنهنجي ڪردار کي،اعليٰ رکڻ لاءِ،پنهنجي سوچ ۾ اعليٰ مقصد رکون،عظيم ذهن،عظيم ڪارناما سر انجام ڏيندا آهن،جن ڪارنامن جي ڪري اهي انسان هن دنيا جي آڪاش جا وِهائو تارا ٿي اڀرندا آهن.
*
سائين منهنجا:ڪڏهن ڪڏهن انسان مٿان اهڙا لمحا اچي ويندا آهن،جن لمحن وقت پربتن کان به اوچو ۽ مضبوط انسان هيڻو ۽ ويچارو بڻجي پوندو آهي،ان وقت نه اها ارڏائي هوندي اٿس نه ئي وڏائي،بلڪل نماڻو نماڻو انسان لڳندو آهي.اهڙن لمحن ۾ هڪ لمحواهڙو به ايندو آهي جنهن جي اچڻ سان انڪار جا هڙئي دروازا بند ٿي ويندا آهن،دل ۾ هڪڙي ڳالھ هوندي آهي پر زبان مان ٻيا لفظ نڪرندا آهن.من ڀلي انڪار جو فيصلو ڪري پر زبان منجهان اقرار جا لفظ نڪري ايندا آهن ۽ اهو لمحو آهي اکين جي اڱڻ تي حسن جي اچڻ جو. جنهن ويل حسن سمورين حسناڪين سان قرب جا قدم ڀري دل ۾ ديرو ڪري ٿو،تنهن ويل وڏا وڏا شمشير به پنهنجا سِرَ جهڪائي اکين کي ڀليڪار ڪرڻ لاءِ راهن ۾ وڇائي ڇڏيندا آهن ۽ حسن جي هر سوال جي جواب ۾ “ها” ڪرڻ جي خطا ڪري وجهندا آهن،جنهن خطا جو ڪوبه پڇتاءُ نه ٿيندو آهي پر فخر سان انسان جهومي پوندو آهي.
سائين منهنجا:وقت تمام قيمتي شيءِ آهي،جن به وقت جي رفتار جو قدر نه ڪيو،اهي پنهنجي منزل کان گهڻو ڏور ٿي ويا،پوءِ انهن سموري زندگي ڪوشش ڪئي پر انهن منزل نه ماڻي ۽ افسوس وچان هٿ مهٽيندا رهجي ويا.وقت جيڪو انسان جي هٿن مان واريءَ وانگي وهي وڃي ٿو،روزانو صبح،شام ۽ رات جو سفر،مهينن،ورهين ۽ صدين ۾ تبديل ٿيندو رهي ٿو،انسان جو ارتقائي عمل جاري آهي،هر انسان حياتي ۽ جهان جي حقيقت کي پرکڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوشان آهي.پهاڪو آهي ته“ڏڌل کير واپس ناهي ٿيندو ۽ ويل وقت به موٽي ناهي ايندو.” پڇجي انهن کان جن وقت جو قدر نه ڪيو ۽ وقت کي وڃائي ڇڏيو،وقت جو جن به قدر ڪيو تن کي پنهنجا مقصد مليا ۽ سي ئي پنهنجي منزل تي رسيا.
*
سائين منهنجا:اسين جڏهن به عشق جي ڳالھ ڪندا آهيون،تڏهن عشق جي گهرائيءَ ۾ ناهيون ويندا.حقيقت ۾،حقيقي عشق ته اهو کورو آهي جنهن ۾ سواءِ باھ ٻرڻ جي ٻيو ڪو به ڪم ناهي ٿيندو،جتان باھ جا اُلا ڀڀڙ ڪري نڪرندا آهن، جتي صرف ۽ صرف تپش۽ تاب هوندو آهي.عشق جڏهن به جنهن وٽ آيو آهي،تنهنجي هستي،تنهنجو وجود،تنهجي دنيا ۽ تنهنجي زندگي ئي بدلجي ويندي آهي،بس پوءِ عشق جا اُلا اندر ۾ مچ مچائي ڇڏيندا آهن.عشق ته اهو رستو آهي جنهن تي هلندي سواءِ ڏکن جي ٻيو ڪجھ به پلئي ناهي پوندو.پر باوجود انهن سڀني ڪيفيتن جي ۽ منظرن ، عشق جو نتيجو ڏاڍو وڻندڙ ٿيندو آهي.اندر ۾ عشق جڏهن پچي راس ٿيندو آهي،تڏهن سمورو انسان هڪ اک بنجي پوندو آهي،سموري دنيا هن جي اڳيان پڌري پَٽَ وانگر ٿي پوندي آهي ۽ سمورا لڪل لقاءَ سامهون اچي ويندا آهن.
*
محترم سامعين:ڏاهن جي ڏاهپ ڀريل چوڻين ۾ اسان ماڻهن لاءِ روشن راهون موجود آهن،جن کي حاصل ڪري اسان هر پاسي کان ڪاميابي ماڻي سگهون ٿا.جيئن ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته مايوسي اسان جي سڀ کان وڏي دشمن آهي ۽ نه لهندڙ عذاب آهي.پاڻ کي بدلائي ڇڏيو،قسمت پاڻمرادو بدلجي ويندي.وفا سان همڪنار ٿيندا رهو،نفرتون خود اوهان کان پري ٿي وينديون.جيڪڏهن ڪنهن جي دل ۾ جڳھ ٺاهڻي اٿوَ ته ان کي پوري نالي سان سڏيو.ٻڌو هر هڪ ماڻهوءَ کي پر فيصلو پنهنجي عقل ۽ فهم جي بنياد تي ڪيو.بيشمار خواهشون،بيشمار پريشانيون پيدا ڪنديون آهن.دعا آهي دل سان،لفظن سان نه.هڪٻئي سان کلو ۽ پنهنجا ويڇا گهٽايو.انسان اهو ڀلو جيڪو ايذائڻ نه ڄاڻي.سٺي زندگيءَ جو راز درگذر ڪرڻ ۾ آهي.غلطين کان بچڻ نه پر انهن مان پرائڻ عقلمندي آهي.جيڪو عيبن کان آگاھ ڪري،اهو ئي اصل ۾ دوست آهي.
محترم سامعين:ڪڏهن ڪڏهن اسان جو واسطو اهڙن ماڻهن سان پوندو آهي،جن جو رويو مخصوص حالتن ۾ عجيب ۽ غريب،ڪنهن حد تائين پريشان ڪُن هوندو آهي.اهڙا ماڻهو نه صرف ٻين جو سڪون کسيندا آهن پر پنهنجو سڪون به وڃائيندا آهن.ڪجھ ماڻهو وري پنهنجي ماتحت ماڻهن کي حڪم ڏيندي،غصي ۽ ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي اعصابي ڪمزوريءَ ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن.انهن جا هٿ ۽ ڪنهن وقت پورو جسم ڪنبڻ لڳندو آهي،آواز ڀرجي ويندو اٿن،منهن جو رنگ به بدلجي ويندو اٿن،۽ ڪي وري ٿورڙي غلطيءَ تي وڏا پريشان ٿين ٿا.اهڙي طرح ڪي والدين پنهنجي ٻارن سان حيران ڪن حد تائين نرميءَ سان پيش اچن ٿا ته ڪي وري ننڍڙي غلطي به ٻارن جي معاف ناهن ڪندا.هن قسم جي غير معمولي روين کي نفسيات جي ماهرن،نفسياتي پريشانين جو نالو ڏنو آهي.چوڻ جو مقصد هي آهي ته پريشان ٿيڻ ڇڏي ڏجي،ڏک سک ۾ گڏ رهڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته زندگي ڏاڍي سهڻي آهي.
*
سائين منهنجا: اکيون جيڪي ڪجھ ڏسن ٿيون،تن کي قبول يا رد ذهن ڪندو آهي.اسان جي پوري حياتيءَ ۾ ڪي شيون اهڙيو به سامهون اينديون آهن،جن کي ڪلھ پسند ڪيو ويو يا سهڻيون لڳيون هيون،سي اڄ نٿيون وڻن.ڪلھ جيڪي شيون اسان کي سهڻيون نه پئي لڳيون سي اڄ خوبصورت ڇو پيون لڳن؟انهيءَ سوال جو جواب هي ئي ٿي سگهي ٿو ته “ڏسڻ وقت ذهن جي ڪيفيت ڪهڙي قسم جي آهي” هونءَ به ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته“خوبصورتي انسان جي اندر ۾ موجود هوندي آهي،ان ۾ ڪو به شڪ ناهي. ڇو ته جڏهن انسان جي ذهن ۾ خيال سٺا هوندا ته سنسار به سٺو لڳندو آهي.هن سنسار ۾ اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي هرشيءِ ۾ سونهن کي ڏسندا آهن.ڪک هجي،پنُ هجي،هر هڪ ۾ سونهن جو جلوو ڏسن ٿا ۽ جڏهن هر شيءِ ۾ سونهن جي سمجھ اچي وڃي ٿي ته پوءِ دل به هر دم خوش رهندي آهي.
*
سائين منهنجا:اعتقاد سان جڙيل آهي هي اسان جو جهان. آسن جي حاصلات لاءِ پاڻ کي تبديل ڪرڻ ۽ پنهنجي پريشانين جر خاتمي جو سڀ کان بهتر وسيلواعتقاد آهي،مالڪ حقيقي سان دل لڳائڻ،ڏينهن ۾ صرف هڪ دفعو،اڌ ڪلاڪ لاءِ ئي سهي،اڪيلائيءَ ۾ پنهنجي حقيقي مالڪ سان ڳالهايون ته سهي،جنهن اسان کي خلقيو آهي.پيدا ڪيو آهي هي سمورو سنسار،جنهن ڪئي آهي اسان جي پرورش،ڀلا اسانجي مسئلن کي ان کان بهتر ڪير ٿو ڄاڻي؟ٻيو ڪنهن کي طاقت آهي جيڪو اسان جي مسئلن کي حل ڪري سگهي.اسان هڪ ڊاڪٽر وٽ وڃون ٿا،ڊاڪٽر اڳيان سڀ درد ظاهر ڪريون ٿا،تڏهن ئي ڊاڪٽر اسان جو اعتماد سان علاج ڪري ٿو ۽ اسين ان تي اعتقاد ڪريون ٿا. پر جيڪو جڳ جو والي آهي، اسان جا درد،سور،خوشيون سڀ ڄاڻي ٿو،ان سان ٿورو سچائيءَ سان ڳالهائي ته ڏسون.ڇو ته واڳ هن جي وس آهي ۽ ورائڻ وارو به اهو ئي مالڪ حقيقي آهي.
محترم سامعين:اسين هميشه آرام ۽ سڪون جي ڳولا ۾ رهندا آهيون. لفظ “گهر” ايندئي ذهن ۾ سڪون،آرام ۽ سرشاري جهڙي ڪيفيت پيدا ٿي وڃي ٿي،سبب صرف اهو آھي ته گهر کڻي دنيا جي ڪهڙي به خطي ۾ هجي،گهراها جاءِ آهي،جتي اسين دفتر،اسڪول،ايستائين جو ڪنهن تفريح جي مقام کان به وڌيڪ سڪون ۽ آرام محسوس ڪندا آهيون. گهر ۾ سڪون اچي ڇو ٿو؟ ان سوال جو هي آهي ته جنهن گهر ۾ ترتيب آهي،توازن آهي،سهپ ۽ صفائي آهي،اهوئي گهر سڪون ڏيندو آهي ۽ گهر انهن فردن تي مشتمل هوندو آهي جن فردن لاءِ هر انسان سخت کان سخت پورهئي ڪري به خوشي حاصل ڪندو آهي اهي اهي فرد آهن جن ۾ ڪنهن به قسم جي لالچ نه هوندي آهي پر انهن جي خدمت کي فرض سمجهيو وڃي ٿو.ٻين جي خدمت کي فرض سمجهي جيڪڏهن اسان اهڙا عمل ڪياسين ته اهي ڏينهن پري ناهن جو اسان پنهنجا وڃايل سمورا اثاثا آسانيءَ سان حاصل ڪري سگهون ٿا.اچو ته پنهنجي اثاثن جي پاڻ مالڪي ڪريون ۽ انهن جا سچا پچا وارث بڻجون.
*
سائين منهنجا:عظيم آهن اهي قومون جن صدين کان پنهنجي تاريخي ماڳن کي سنڀالي رکيو آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين سنڀاليندا پيا اچن.اهي تاريخي ماڳ ئي آهن جيڪي دنيا ۾ قومن کي سڃاڻپ ڏين ٿا ۽ قومن جي حيثت برقرار رکن ٿا.قديم روم هجي يا اسپين جو “الحمرا” گوتم ٻڌ جا خوبصورت مجسما هجن يا مصر جا احرام.اهي سڀ جو سڀ انسانيت جي عظمتن جا اهڃاڻ آهن.دنيا جي تاريخ جي وقن مان نڪري واپس جڏهن سنڌ ڏانهن اچون ٿا ته اکين مان ڳوڙها لارون ڪريو وهيو پون.ڇو ته اسان جا تاريخي ماڳ پنهنجي ئي قوم جي هٿان بي رحمي سان تباھ ٿي رهيا آهن.اسان جو اڄ جو نوجوان پنهنجي پيرن هيٺان اهي ماڳ لتاڙي رهيو آهي،انهن ماڳن جي حفاظت ڪرڻ بجاءِ انهن مٿان موٽر سائيڪلن ۽ ٻين سوارين سان گهمن ٿا،جنهن ڪري اهي ماڳ مسمار ٿي رهيا آهن.اسان جي حڪومت سڀ ڪجھ ڄاڻيندي به پنهنجي ڌرتيءِ جي تاريخي ماڳن کي بچائڻ لاءِ ڪنهن به قسم جا جوڳا اپاءَ نه وٺي اهو ثابت ڪري رهي آهي ته اسان جو انهن ماڳن سان نه پيارآهي ۽ نه ئي اسان ان جي حفاطت ڪرڻ جي لائق آهيون.
محترم سامعين: هن سموري ڪائنات ۾ يا کڻي ائين چئجي ته هن آسمان هيٺ،جيڪا به ساهواري مخلوق آهي،سا آهي ئي محبت جي مياڻ ۾ بند.اسان انسانن ۽ جانورن جو ازل کان واسطو رهيو ئي قرب ڪرڻ وارن سان آهي.جتي به انسان کي محبت ملندي آهي يا قرب ڏسڻ ۾ ايندو آهي،اُتي ئي ان کي سڪون ۽ آرام ملندو آهي.ڇو ته محبت ۽ قرب اهو گهاٽو وڻ آهي،جنهن جي ڇانوَ ڏاڍي ٿڌڙي ۽ وڻندڙ ٿئي ٿي.هن سماج ۾ محبتون ورهائيندڙ ۽ قرب ونڊيندڙ انسان به ٿڌا ڇانورا ڏيندڙ وڻَ آهن،جن جي ڇانوَ ۾ ويهي ماڻهو گهڻو ڪجھ حاصل ڪري سگهي ٿو.اهڙن انسانن جي سينن ۾ تاريخون لڪل هونديون آهن جن سان ڪچهري ڪري اسين علم ۽ ادب کي حاصل ڪري سگهون ٿا،هي اهي وڻ آهن جن جي ميون ۾ سدائين مٺاس موجود هوندو آهي.جيڪي هن طرح جي صلاح ڪن تن وٽان ڀيرو ضرور ڪرڻ گهرجي.
“ ايندي چَوني آءُ،ويندي چَوني ويھ،
ٻيو ڇڏي سارو ڏيھ،اڱڻ وڃجي انِ جي.
*
محترم سامعين:هن ڪائنات ۾ هر هڪ شيءِ جو ڪو نه ڪو مخالف يا ضد ضرور آهي.هر شيءِ تضادن جي بنيادن تي بيٺل آهي اهواصول فلسفي جي سائنس جو آهي ته هر شيءِ پنهنجي مخالف قوت جي مدد سان ئي وجود رکي ٿي.نيڪي جو وجود بديءَ جي ڪارڻ،سچ جو وجود ڪوڙ جي ڪارڻ،ڏينهن جو وجود رات جي ڪارڻ،اڇي جو وجود ڪاري جي ڪري آهي.ائين ئي اسان جي سماج ۾ عورت ۽ مرد هڪٻئي سان وجود رکن ٿا،عورت جو ڪردار مرد کان نمايان آهي،پر عورت کي سماج ۾ اها حيثيت ڇو ڪونه آهي؟ان جي ڪافي حد تائين عورت ذميوار آهي،ڇاڪاڻ ته عورت هميشه پاڻ کي نازڪ،ڪمزور،لاچار ۽ بيوس جهڙن لقبن سان نوازيو آهي.ٻي طرف هن چمڪ ڌمڪ واري جهان ۾ عورت پاڻ کي ميڪ اپ ۽ فيشن جي خواهشن کي پنهنجي ترجيحن ۾ نمايان رکيو آهي.عورت کي پنهنجي حيثيت مڃرائڻ لاءِ چمڪ ڌمڪ واري دنيا مان نڪرڻو پوندو ۽ عالمي ادب،فلسفي،سائنس ۽ سياسي نوعيت جي ڪتابن،مضمونن ۽ اخبارن جو مطالعو ڪرڻو پوندو ۽ کيس ٽي وي جي ڊرامن کان ٻاهر نڪرڻو پوندو.
محترم سامعين:اسان وٽ غربت ۽ مهانگائيءَ جو هي حال آهي جو جيڪا ماءُ پنهنجي ٻچڙن تان جان گهوري ٿي،اها ماءُ پنهنجي ٻچڙن کي وڪرو ڪرڻ لاءِ شهر جو رخ ڪري ٿي،۽ پيٽ جي باھ وسائڻ لاءِ اولاد کي کپائڻ جا هوڪا ڏيئي ٿي.اها روايت اسان جي سماج ۾ جنم وٺي رهي آهي. ڏسجي ته اهي والدين جيڪي اهڙو ڪڌو ڪم ڪن ٿا سي حالتن سان مقابلو نٿا ڪن،اهي مفلسي ۽ لاچاري کي وسيلو بنائي رهيا آهن.اهي حالتن سان مقابلو ڪري سگهن ٿا،پنهنجي اولاد کي ٻه ويلا ماني کارائڻ لاءِ محنت مزدوري ته ڪري سگهن ٿا.ٻار ته هميشه پاڻ کي ماءُ جي هنج ۾ ئي محفوظ سمجهي ٿو،پوءِ اهو کڻي بادشاهن جي محلن ۾ رهندڙ هجي يا ڪنهن غريب جي ڪکائين گهر۾.ماءُ ته ٻار لاءِ ٿڌي ڇانوَ آهي.ٻارن کي وڪرو ڪرڻ واري روايت کي ختم ڪيو وڃي ۽ اهڙو قانون جوڙيو وڃي جنهن کان پوءِ ڪو به فرد پنهنجي اولاد کي کپائي نه سگهي.
محترم سامعين: هيپاٽائيٽس به ٻين موذي مريضن وانگر تيزي سان سنڌ ۾ ڦهلجي رهي آهي ملڪي تاريخ جي هنن ڏينهن ۾ جتي معاشي بيمارين ڪا ڪـثر نه ڇڏي آهي،اتي عوام جو رهيل رت هيپاٽائيٽس چوسي رهي آهي، هيپاٽائيٽس جي وڌندڙ مريض ۽ پوليو جا ظاهر ٿيندڙ نوان ڪيس صحت کاتي جي نااهلي جا ٻه وڏا ثبوت آهن. اسان جون سول اسپتالون علاج گهر هجڻ بجاءِ مرض ڦهلائي رهيون آهن، صحت کاتو نه صرف هيپاٽائيٽس تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام رهيو آهي،پر عوام کي ان مرض جي باري ۾ سجاڳ پيدا ڪرڻ واري مهم ۾ پڻ ناڪام ثابت ٿيو آهي،هيپاٽائيٽس اي،بي،سي ۽ اِي، جن مان هيپاٽائيٽس اَي(A) پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ بهتر کاڌي نه کائڻ ڪري ٿئي ٿي، جڏهن ته هيپاٽائيٽس بي(B)،سي(C)۽ ڊي(D) اسڪرين نه ٿيل رت جي منتقلي جنسي ميلاپ ۽ هڪڙي سرنج مختلف ماڻهن تي استعمال ڪرڻ سان ڦهلجي ٿي هن وقت ملڪ ۾ هر،ڏهون ماڻهو هيپاٽائيٽس بي يا سي جي وائرس ۾ مبتلا آهي صحت کاتي کي گهرجي ته ڪمرشل رت جي منتقلي واري عمل تي ضابطو آڻي گڏيل قومن جي صحت واري اداري ڊبليو ايڇ او مطابق 64 سيڪڙونشو واپرائيندڙ ماڻهو انجيڪشن استعمال ڪندا آهن ۽ سرنج جي باربار استعمال ڪرڻ سان هيپاٽائيٽس ڦهلجي ٿي.
سائين منهنجا: شاھ لطيف جي سموري شاعري ۾ سڀ کان وڌيڪ مرڪزي حيثيت عورت کي مليل آهي.هر سماج ۾ عورت جي حيثيت ڪهڙي ۽ رويو ڪهڙو آهي؟ ان مان سماج جي سڃاڻپ ٿيندي آهي.شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جا ٻه ڪردار ملن ٿا،هڪ جاگيردار سماج جي عورت ۽ ٻي سماج جي غلط روايتن کي قبول نه ڪندڙ عورت. شاھ جي شاعريءَ ۾ نوريءَ جي نماڻائي،انتهائي بيوسي جدوجهد جي علامت سسئي،سماج جي ريتن رسمن کان نه مڃيندڙ ۽ اک الٽي ڌاريندڙ سهڻي،پنهنجي مٽيءَ سان محبت ڪندڙ ۽ سون تي سيڻ نه مٽائيندڙ عزم ۽ ارادي جي پختي مارئي.شاھ لطيف مارئي جي جيڪا تصوير ڪڍي آهي اها سنڌي تهذيب جي هڪ مثالي عورت جي تصويرآهي.شاھ لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ عورت کي تمام گهڻي اهميت ڏني آهي ۽ عورت جي عظمت کي مختلف طريقن سان ڳايو آهي. هونءَ به سائين عورت جا مختلف روپ آهن،ان جو هر روپ اسان جي لاءِ عزت ۽ احترام جر لائق آهي.
*
محترم سامعين:ڪن سوالن جا جواب وري سوالن ۾ ئي لڪل هوندا آهن ۽ اهي جواب وري لاجواب هوندا آهن.هڪڙي شخص سامونڊي جهاز ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ملازم کان پڇيو“تنهنجو پيءُ،تنهنجو ڏاڏو ۽ پڙ ڏاڏو ڪيئن مري ويا.؟” ملازم ورندي ڏنس ته “سمنڊ ۾ سفر ڪندي” تنهن تي ان شخص ملازم کان سوال ڪيو ته“پوءِ تون سمنڊ ۾ وڃڻ کان ڊڄين نٿو؟” جهاز ۾ ڪم ڪندڙ ملازم ان شخص کان سوال ڪيو“تنهنجو پيءُ،ڏاڏو ۽ پڙڏاڏو ڪٿي مري ويا؟”تنهن تي ان شخص ورندي ڏنس ته“پنهنجي گهر ۾ پنهنجي بستري تي سمهندي” انهيءَ جواب بعد سامونڊي جهاز تي ڪم ڪندڙ ملازم شخص کي چيو“جتي تنهنجا وڏا،جنهن گهر ۾ مري ويا،اتي رهندي ۽ سمهندي تون نٿو ڊڄين ته پوءِ مان سمنڊ جي سفر تي وڃڻ کان ڇو ڊڄان؟ اهو آهي اهو سوال جنهن جو ڪو به جواب ناهي.ان ڪري سياڻا ماڻهو چئي ويا آهن ته جنهن به محفل ۾ ويهو اتي ڳالھ کي تور تڪي پوءِ ڪيو،اول سوچو تنهن بعد اوهان ڳالھ ڪريو،ڇو ته اها گفتگو ئي هوندي جيڪا اوهان جي عقل ۽ فهم کي ڪچهري اندر ظاهر ڪندي.
سائين منهنجا:هن هڻ وٺان جي دور ۾ هر ٻيو ماڻهو اهو سوچي ٿو ته هو آسودو ڪيئن ٿئي؟ ڪيئن به ڪري ۽ ڪهڙي به طريقي سان پيسو حاصل ڪري امير بنجي وڃي،پوءِ کڻي هن کي ڪنهن جي ارمانن جو خون ڇو نه ڪرڻو پوي.هر ٻيو ماڻهو،ٽئين ماڻهو کي اورانگهي پنهنجي منزل ماڻڻ جي چڪر ۾ آهي،واپاري پنهنجي گراهڪ سان،ڊاڪٽر پنهنجي مريض سان،استاد شاگرد سان،شاگرد استاد سان،وڪيل پنهنجي اصيل سان ۽ اصيل وري وڪيل سان،دوست،دوست سان.مطلب ته هر هڪ مڪتبه فڪر ماڻهو پنهنجي ڪِرت ۽ ڌنڌي سان سچو ناهي.ٻيو نمبر ڌنڌو اوج تي چرهيل آهي،ملاوٽ جا ماهر روز نت نوان طريقا ايجاد ڪري رهيا آهن.پيڙجي ٿو ته صرف ۽ صرف مسڪين،غريب ۽ اٻوجھ عوام جيڪو بيوس بڻيل آهي.شاھ جو هڪ بيت هن صورتحال تي ڪيڏو نه ٺهڪي ٿو.
آدمين اخلاص مٽائي ماٺو ڪيو،
هاڻ کائي سڀڪو،سندو ماڻهوءَ ماس،
هن دنيا م،وڃي رهندو واس،
ٻيو ڇڏي لوڪ لباس،ڪو هڪ دل هوندو هيڪڙو.
*
محترم سامعين:جيئن ستارن ۾ چنڊ جي اهميت آهي،جيئن گلن جو بادشاھ گلاب جي گل کي چيو وڃي ٿو،جيئن ڄڃ ۾ گهوٽ خاص اهميت رکي ٿو.بلڪل ائين ئي هڪ دوست پنهنجي دوستيءَ جي دائري ۾ اهميت رکي ٿو.جيڪڏهن اسان به پنهنجي دوستيءَ جي حلقي ۾ پاڻ کي اهڙي اهميت ڏيڻ جي خواهش رکون ٿا ته اسان کي به پنهنجي دوست کي سچيءَ دل سان،سچي جذبي سان،ايمانداريءَ سان اهميت ڏيون نه ڪي ائين ڪريون جو اسان پنهنجي دوست کي نظر انداز ڪري پوءِ نٽائڻ ۽ لنوائڻ لاءِ ٺاھ ٺاهيون،اهڙو عمل سچي دوست وارو عمل ناهي.افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان اڄڪلھ دوستيءَ کي گهٽ پنهنجي مفادن کي وڌيڪ اهميت ڏيون ٿا،جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو ڪڏهن به ڪم پوي ته اهو ڪم جلد ۽ مفت ۾ ٿي وڃي ته پوءِ اهڙي ماڻهوءَ سان دوستي رکڻ ۾ دير نٿا ڪريون ۽ اهڙي ماڻهو جي رسي وڃڻ تي آرام ڦٽي پوندو آهي ۽ منٿن مٿان منٿون هونديون آهن ته دوست پرچي پوي.
سائين منهنجا:ڪنهن ڏاهي ماڻهو،ڪنهن فنڪار کان پڇيو ته“جيڪڏهن ڪنهن گهر کي باھ لڳي ۽ ان گهر ۾ هڪ ابهم ٻار به هجي ۽ هڪ شاهڪار فن پارو،ته تون گهر مان اول ڪنهن کي ڪڍندين؟”فنڪار،ڏاهي کي جواب هن طرح ڏنو ته “ان گهر مان مان سڀ کان اول باھ کي ڪڍندس ته جيئن ابهم ٻار ۽ شاهڪار فن پارو سلامت رهي سگهن.” اصل ۾ ڳالھ هيءَ ڪرڻي آهي ته فنڪار جي دل ايڏي ته حساس ٿئي ٿي،جو هو ڪنهن جو به ڏک ڏسي نٿو سگهي،برداشت ڪري نٿو سگهي.تنهن لاءِ اهڙي حساس فنڪار جي حساسيت جو بيحد قدر ڪجي.ڪنهن سالڪ جو چوڻ آهي ته “ڪڏهن به ڪا شيءِ ختم نٿي ٿي سگهي،اها ڪنهن ٻي شيءِ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي،خوبصورتي ياد ۾،ياد نغمي ۾،نغمو گونج ۾،گونج فضا ۾،فضا لهرن ۾ ۽ لهرن کي ڪو مٽائي نٿو سگهي،نه تون نه مان.ان ڪري نه هوائن جو رستو روڪجي نه امنگن،احسان،اميد ۽ جذبن جو.جيڪڏهن ڪنهن به اهڙن شين جو رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،اهو پاڻ انهن ڪيفيتن جي نتيجن ۾ گم ٿي ويو آهي ۽ موٽ ۾ ان کي صرف ملي آهي رسوائي.
*
سائين منهنجا:اسان جي سماج جي تمام وڏي حصي ۾ مرد جي عورت سان ظالماڻي روش جا سوين روپ آهن،جن جا مثال هزارن جي تعداد ۾ موجود آهن،جنهن ۾ عورت کي پنهنجي ذاتي ملڪيت تصور ڪري،ڪڏهن پنهنجي کيسي کي گرم ڪرڻ لاءِ وڪرو ڪيو وڃي ٿو ته ڪڏهن ان کي زال،ڌيءُ،ڀيڻ يا زال جي روپ ۾ يا ڪنهن ٻئي رشتي جي آڙ ۾ غيرت جو نالو وٺي ماريو وڃي ٿو ته ڪڏهن ان عورت کي پنهنجي ڪيل مڙداڻي جهيڙن جي نبيري لاءِ ڀوتارن جي ڪيل فيصلن ۾ ڏنڊ طور ڏنو وڃي ٿو.ڪٿي وري بَدي جي آڙاھ ۾ اڇليو وڃي ٿو.اسين جانور ناهيون انسان آهيون،ان ڪري محبيت کي مانُ ڏيندي اچو ته هڪٻئي جي نياڻين جواحترام ڪريون،گڏجي ويهي ڪا صلاح ڪريون ته عورت هن سنسار جي سونهن آهي.عورت ماءُ آهي،عورت ڌيءُ آهي،ڀيڻ آهي ۽ تنُ،منُ ارپيندڙ زال آهي.جن جو احترام ڪرڻ هر باشعور انسان جي سڃاڻپ آهي.
سائين منهنجا: سوچ جا ٻه رخ تمام اهم آهن،جن کي سمجهڻ ضروري آهي.پهريون اهو ته اسان انڪري به سوچيندا آهيون جو سوچڻ “انساني ڪم” آهي.اسان اهو تسليم ڪيون ٿا ته اسان ئي اهي سرجيندڙ آهيون،جيڪي خيال پيدا ڪيون ٿا ۽ اهي خيال مستقل اسان جي دماغ مان گذرندا رهن ٿا.ٻيو رخ جيڪو اڪثر بحث هيٺ ايندو آهي، ،اهو هي آهي ته اسان ڪنهن بابت،ڇا بابت سوچي رهيا آهيون؟ انهن ٻنهي راين جي وچ ۾ وڏو فرق آهي.مثبت سوچ جا حامي چون ٿا ته جيترو ٿي سگهي ته مثبت خيال سوچجن ۽ سڀني منفي خيالن کان پرهيز ڪجي.هن ڪائنات ۾ هر شيءِ جا ٻه روپ آهن، غريبي ۽ اميري،خوشيءِ ۽ ڏک،محبت ۽ نفرت،زندگيءَ ۽ موت،ڏينهن ۽ رات،پن ڇڻ ۽ بهار،جفا ۽ وفا،اس ۽ ڇانوَ،روشني ۽ اوندھ،ملڻ ۽ جدائي. ان ڪري زندگيءِ جي انهيءَ ٻن روپن مان مثبت روپ کي پنهنجو ساٿي بڻائجي. حقيقت به اها آهي ته مثبت سوچون ۽ خيال بهتر سماج کي جوڙيندا آهن.
*
سائين منهنجا: انسان پنهنجي سموري حياتيءَ ۾ رڳو حسرتون ئي پنهنجي من ۾ پاليندو رهيو آهي،حسرتون جن جو ڪو به انت ناهي،جن جو ڪو به شمار ناهي،هر انسان جي اها آس هوندي آهي ته هو شهرتن جي بلندين تائين پهچي،جڏهن هو رات ڏينهن هڪ ڪري محنت ڪري اهڙو مقام ماڻي ٿو،تڏهن وري هن جي من ۾ ٻيون حسرتون اچي پيدا ٿين ٿيون.اها ڳالھ آهي ته ڪي ماڻهو اهڙيون به حسرتون پاليندا آهن جن جي حاصلات لاءِ سوين ٻين ماڻهن جون حسرتون ختم ڪرڻيون پونديون آهن جيڪي حسرتون ڪنهن به طرح سان انسان دوست حسرتون ناهن ۽ اهڙي قسم جون حسرتون سواءِ نفرتن جي ٻيو ڪجھ به ناهن ڏيئي سگهنديون.
*
محترم سامعين:خوشي،ڏک،الفت،پيار،نفرت اهي سڀ موسمن جا نالا آهن.اهي مختلف موسمون اسان جي دل،دماغ ۽ روح تي اثر انداز ٿينديون آهن.ذڪر ڪيل موسمن جو ڪو خاص وقت ڪونهي،ڪنهن وقت به بنا ڪنهن اطلاع جي اچي ڪڙڪنديون آهن،انهن موسمن جي بدلجڻ ۾ ڪڏهن ڪڏهن سال لڳي ويندا آهن ته وري ڪڏهن ڪڏهن ڏينهن،ڪلاڪن ۽ منٽن ۾ مٽجي وينديون آهن.خوشي،ڏک ۽ پيار هر دل جو محبوب مشغلو آهي.اهي موسمون حقيقت ۾ اندر جا آلاپ ۽ احساس آهن.جنهن انسان جي دل ۾ الفت جو خزانو سمايل آهي،ان کي هر هنڌ عزت ملي ٿي ۽ ٻين جي دلين ۾ پنهنجي لاءَ وسيع جاءِ پيدا ڪري ٿو.
انٽرنيٽ جي دنيا
سائين منهنجا: ريسرچ سان معلوم ٿيو آهي ته تماڪ ڇڪڻ سان انساني جسم منٽن ۾ متاثر ٿيندو آهي. آمريڪا جي يونيورسٽي منيسوٽا جي ٽيم پاران ڪيل کوجنا موجب ڪينسر جو ڪارڻ بڻجندڙ ڪيميائي مادو سگريٽ ڇڪڻ سان انساني جسم ۾ تيزي سان تيار ٿيندو آهي. ماهرن انهيءَ ريسرچ جي متعلق ٻڌايو آهي ته اِها ريسرچ سگريٽ ڇڪندڙ ماڻهن لاءِ وڏي وارننگ آهي. سگريٽ ڇڪڻ دل جي بيمارين ۽ ڪينسر جو ڪارڻ بڻجي ويندو آهي. پر انهيءَ ريسرچ سان معلوم ٿيو آهي ته سگريٽ ڇڪڻ سان سالن بدران منٽن ۾ نقصان ٿيندو آهي. ريسرچ ۾ شامل سائنسدانن کي يقين آهي ته تماڪ هينئر تائين ڪينسر جو سڀ کان وڏو ڪارڻ آهي. سائنسدانن موجب تماڪ ڇڪڻ سان ڪينسر جو خطرو پنجاهه سيڪڙو وڌي ويندو آهي. جڏهن ته ميون ۽ ڀاڄين جو استعمال انهيءَ خطري کي صرف 10 سيڪڙو روڪي سگهي ٿو.
*
سائين منهنجا:خواب هر ماڻهو ڏسي ٿو ۽ خوابن ۾ ماڻهو عجيب ۽ غريب ڪيفيتن مان گذري ٿو.ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته خواب روح جو سفر آهن.جڏهن جسم ۽ دماغ سمهي پون ٿا،تڏهن روح خودمختيارٿي وڃي ٿو۽ پوءِ اهو آزاديءَ سان پنهنجو سفر شروع ڪري انسان کي سموري ڪائنات جا سير ڪرائي ٿو.ڪي ماڻهو خواب کي ايندڙ وقت ۾ ظاهر ٿيندڙ واقعن کي اڳڪٿيون به قرار ڏين ٿا ۽ خوابن کي حقيقت سمجهن ٿا.خواب انسان جي اندرين ڪيفيت ۽ طوفانن جو عڪس به آهن.جنهن ۾ هو پنهنجي اڻ پورين خواهشن کي پورو ٿيندي ڏسن ٿا.وري هيئن به آهي ته انسان سان واسطو رکندڙ يادون به خوابن جي نه کٽندڙ سلسلن کي آڻي وجهنديون آهن.سائنسدان به واضع نموني سان ان نتيجي تي ناهن پهچي سگهيا آهن جنهن جي وسيلي معلوم ٿي سگهي ته خواب اصل ۾ آهن ڇا؟ ۽ انهن جي اچڻ جو اصل سبب ڪهڙيون شيون آهن.تنهن هوندي به هيءَ تحقيق سامهون آئي آهي ته خوابن جو اچڻ ڪجھ مائيڪرو سيڪنڊن کان وڌيڪ وقت ٿي سگهي ٿو.سائنسدانن جو خيال آهي ته شعور واري عالم جا ذهن ۾ رڪارڊ ٿيندڙ واقعا،لاشعور ۾ ذخيرو ٿيندا رهن ٿا،جيڪي رات جو شعور جي گهٽ فعال هجڻ سبب هڪ رپورٽ جي صورت ۾ سامهون اچن ٿا.جديد سائنسي تحقيق هي به آهي ته خواب جهٽڪن جي صورت ۾ اچن ٿا.
*
محترم سامعين:هڪ ريسرچ موجب آفيس ۾ ڪم ڪندي پنهنجي ڊيسڪ تان اُٿڻ، هڪ ٻه منٽ لاءِ گهمڻ ڦرڻ اسانجي صحت لاءِ ڏاڍو سُٺو آهي. آسٽريليا جي ڪوئنزلينڊ يونيورسٽي پاران ڪيل ريسرچ ۾ موجب پنهنجي ڊيسڪ تان اُٿڻ، هيڏانهن هوڏانهن گهمڻ، توڙي هڪ منٽ تائين ڏاڪا لهڻ يا چڙهڻ صحت لاءِ ڏاڍو سُٺو آهي.انهيءَ کوجنا مان معلوم ٿيو آهي ته جيڪي ماڻهو پنهنجي ڊيسڪ تي گهڻي دير تائين ويهندا آهن انهن جو وزن وڌي ويندو آهي ۽ ايڇ ڊي ايل ڪولسٽرول جيڪو صحت لاءِ مفيد آهي اُهو گهٽجي ويندو آهي.ڪم ڪرڻ دوران هڪ منٽ تائين اُٿي بيهڻ صحت لاءِ ڏاڍو سُٺو آهي ڇو ته الاهي دير تائين ڪم ڪندي ڪجهه دير تائين گهمڻ ڦرڻ سان اسانجي ڪم تي اثر ڪونه پوندو ۽ وزن به نه وڌندو.ان کوجنا ۾ 4757 ڄڻا شامل هئا جن جي عمر 20 سال يا انهيءَ کان مٿي هئي. ريسرچ ۾ شامل ماڻهن هڪ سائنسي پرزو استعمال ڪيو جنهن سان پنڌ هلڻ، ورزش ڪرڻ سان ٿيندڙ تبديليون رڪارڊ ڪيون ويون. انهن ماڻهن جي چيلهه جي پيمائش ڪرڻ سان گڏ ڪولسٽرول ليول کي پڻ چيڪ ڪيو ويو.
*
محترم سامعين:انٽر نيٽ جي دنيا مان اوهان جي لاءِ هي ڄاڻ کڻي آيو آهيان ته پٽ پيدا ڪرڻ جون خواهشمند عورتن کي ڪيلا ۽ پٽاٽا کائڻ گهرجن. پُٽ کي جنم ڏيڻ جي خواهشمند عورتن کي باقاعدگي سان ڪيلا ۽ پٽاٽا کائڻ گهرجن. ڌيءُ جي خواهشمند عورتن کي پنهنجي غذا ۾ ڀاڄيون شامل ڪرڻ گهرجن.غذا ٻار جي جنس طئي ڪندي آهي. اِها ريسرچ برطانوي اخبار ”ري پروڊڪٽو بائيو ميڊيسن“ ۾ شايع ڪئي وئي آهي.ته ڀاڄيون کائڻ سان ڌيءُ پيدا ٿيندي آهي ڇو ته ڀاڄيون ڇوڪريون پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجي وينديون آهن.سائنسدانن دعويٰ ڪئي آهي ته ڀاڄين ۾ ڪيلشيم ۽ مئگنيشيم جو مقدر گهڻو هجڻ ڪري ڇوڪري پيدا ٿيڻ جا امڪان وڌندا آهن. پُٽ جي خواهشمند عورتن کي پوٽاشيم ۽ سوڊيم سان ڀرپور خوراڪ کائڻ گهرجي، يعني ڪيلا ۽ پٽاٽا باقاعدگي سان کائڻ گهرجن.
*