29 اپريل: رقص/ناچ جو عالمي ڏينهن ورلڊ ڊانس ڊي جي شروعات 29 اپريل سن 1982ع تي انٽر نيشنل ڊانس ڪميٽي ڪئي.ان ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد عام ماڻهن کي رقص/ناچ کان واقف ڪرائڻ آهي ۽ انساني زندگيءَ ۾ ناچ/رقص جي اهم ڪردار کان آگاھ ڪرڻ به آهي.هن ڳالھ کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي ته پنهنجي خوشين کي ڀرپور انداز سان ملهائڻ جي لاءِ رقص ڪيوويندو آهي،پاڪستان جي چئني صوبن جا پنهنجا لوڪ ناچ آهن.پنجاب ۾ ڀنگڙا ناچ کي لوڪ رقص جي حيثيت آهي،ان کان سواءِ لُڊي،سمي به لوڪ رقص آهن.بلوچستان ۾ ليوا،چاپ ۽ جهمر کي لوڪ رقص ڪري مڃيو ويو آهي،خيبر پختون خواھ ۾ خٽڪ،اَٽن ۽ چترالي ناچ ۽ سنڌ ۾ ڌمال،هو جمالو ۽ جهمر کي لوڪ رقص جي حيثيت حاصل آهي. *