ڪرشن نگر جي ڪنوار
... لاهور جي ڪرشن نگر پاڙي ۾ سراج بلڊنگ جي چوٿين ماڙ تي فليٽ ۾ رهندڙ 23 سالن جي راجپوت نوجوان منظور حسين کي خوش قسمتيءَ سان هڪ دل گهريو دوست ۽ هڪ من موهيندڙ محبوبه ٻئي هڪ هنڌ ملي ويا.
منظور حسين اوڪاڙه جو ويٺل هو، جتان مئٽرڪ پاس ڪري 1956ع ۾ لاهور اچي ديال سنگهه ڪاليج ۾ داخل ٿيو ۽ سراج بلڊنگ ۾ ڪمرو مسواڙ تي وٺي اُتي رهڻ لڳو. ڪجهه وقت کان پوءِ هن ذاڪر حسين نالي هڪڙي قانون جي پهرئين سال جي شاگرد کي به پاڻ سان رهايو، پر معلوم ٿو ٿئي ته ذاڪر سان سندس ڪابه گهرائي ڪانه هئي. سندس دلي دوست هڪ پٺاڻ شيرين خان هو. شيرين خان باٽا ڪمپنيءَ ۾ ملازم هو ۽ ساڳئي ڪرشن نگر پاڙي ۾ پنهنجي مامي سعيدالزمان جي گهر رهندو هو، جو لاهور ۾ ڊپٽي چيف انسپيڪٽر آف بائلرس جي عهدي تي فائز هو. شيرين خان به ڪنوارو هو، سندس عمر 30 سال هئي.
منظور حسين جي شيرين سان ملاقات پهريون دفعو ڪٿي ۽ ڪيئن ٿي، سا خبر ناهي، بهرحال هُو پاڻ ۾ تمام گهرا ۽ پيارا دوست ٿي ويا، شيرين خان واندو ٿيندو هو ته منظور حسين جي فليٽ تي وڃي پتي راند ڪندو هو. شام جو فلمون ڏسندا هئا، يا انارڪليءَ ۽ مال روڊ جي من موهيندڙ حَسين نظارن سان دل وندرائيندا هئا.
ڪڏهن ڪڏهن هُو شيرين خان جي مامي جي گهر رهاڻ ڪندا هئا.
پوءِ هڪڙي ڏينهن منظور حسين کي پنهنجي محبوبه ملي وئي. هُو شيرين خان کي سڏڻ ويو هو. شيرين خان ڪونه هو، نڪو ٻيو مرد ماڻهُو هو. هڪڙي خوبصورت پٺاڻ ڇوڪري نڪري آئي. ڇوڪريءَ جي عمر 17-18 سال هئي، اچڻ شرط کيس سوٽ بوٽ پاتل ڏسي سوساٽ ڪندڙ انگريزيءَ ۾ ساڻس ڳالهائڻ لڳي ۽ منظور حسين جي انگريزيءَ سان گهڻي ڪانه پوندي هئي، رُڳو ڪم مس ٽپائيندو هو. هُو رُڳو ڇوڪريءَ جي چانڊوڪيءَ ۾ وهنتل، ٽڙندڙ جواني، سندس بيباڪ ۽ مست ادائن کي ڏسندو ۽ سندس ٻولن جي عجيب غريب ولائتي موسيقي ٻُڌندو رهيو. ڏٺائين ته ڇوڪري حيرت وچان کيس ڏسي رهي هئي، ائين جيئن ڪنهن عجيب جانور کي ڏسندي هجي. اتي ياد پيس ته ڇوڪري کيس پئي چيو ته، “اوطاق ۾ ويهه، شيرين خان اجهو ٿو اچي.” پاڻ ڪوبه جواب ڪونه ڏنو هئائين. ڇوڪريءَ جي عجب جو اهو ئي سبب هوندو. ايتري ۾ شيرين خان آيو. منظور کانئس ڇوڪريءَ بابت پڇيو. “اها منهنجي ماروٽ هئي.” شيرين خان چيو.
ان ڏينهن تاريخ هڪ دفعو وري پاڻ کي دهرايو. راجپوت جي دل جي مندر کي پٺاڻ لُٽي ويو. منظور حسين ڦُرجي فقير ٿي گهر موٽيو. هاڻ هُو اڪثر شيرين خان کي وٺڻ ويندو هو. شيرين خان نه هوندو هو ته هُو پڇا ڪندو هو، پاڻي گهرندو هو، جلد ئي راجپوتي رَتُ به پنهنجو روايتي اثر ڏيکاريو. فاتح خود مفتوح بڻجي ويو. پٺاڻ به آهستي آهستي راجپوت جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي پيو.
انارڪلي ۽ جهانگير واري لاهور اصل کان عاشقن جي جنت آهي. راويءَ جو ڪنارو، شاليمار باغ، انارڪلي، مال روڊ، بي انداز ڪشادا ۽ دلفريب پارڪ ڄڻ آهن ئي پيار ۽ محبت جي رنگين افسانن کي خلقڻ يا نپائڻ لاءِ.
شيرين خان جي ماروٽ سعادت سلطانه ليڊي مئڪ لئگان هاءِ اسڪول ۾ مئٽرڪ پڙهندي هئي. منظور حسين هاڻ ڪاليج بدران مئڪ لئگان هاءِ اسڪول جو طواف ڪرڻ لڳو. چٺيون ۽ نياپا آيا ويا. گس هلندي، باغن ۾ ملاقاتون ٿيون. چنڊ ۽ تارن کي شاهد بڻائي سڄي زندگي گڏ گذارڻ جا قسم سُنهن کنيا ويا. انهيءَ وچ ۾ منظور حسين انٽر آرٽز جي امتحان مان فيل ٿي جِند ڇڏائي ورتي ۽ وري پنهنجي عشق جي امتحان جي نيازيءَ ۾ جُنبي ويو.
هن شيرين خان سان اهو ذڪر ڪرڻ مناسب نه سمجهيو.“دوستي دوستي آهي، پر وري به ماروٽ اٿس.” هن سوچيو.
“آخر ڪيستائين هيئن لڪندا ڇپندا رهنداسون؟” سعادت هڪ ڏينهن چيو.
“ڇا ڪريون؟”
“توکي خبر ڪانهي مون کان پيو پڇين؟” سعادت ڪاوڙجي چيو.
“پڻهين ڪيئن ڏيندو؟ ذات ٻي، نه ڄاڻ نه سُڃاڻ!”
“بابا ڪو جهنگلي ڄٽ ڏٺو اٿئي ڇا جو ذات پات جو پراڻو قصو کڻي ويهندو!”
اهڙي ريت هو دل جهلي سعادت جي پيءُ سعيد الزمان وٽ وڃي حاضر ٿيو. ڳالهه ڪندي سندس گلو ڀرجي آيو، “آءٌ سڄي زندگي توهان جي در جو ڪُتو ٿي رهندس...” جيئن تيئن عرض ختم ڪري هو بُري کان بُري جواب ٻُڌڻ لاءِ تيار ٿي ويٺو پر جيڪو جواب سعيدالزمان ڏنس، تنهن جو کيس خواب خيال به ڪونه هو: “پٽ! تون شيرين خان جي ڪري منهنجو ٻچو آهين، پر مون گهڻو وقت اڳ فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته اهو ٻار تنهنجي دوست شيرين خان کي ڏيندس.” منظور کي ڄڻ ڪا پِيڻِ سونگهي ويئي.
پوءِ 6 فيبروري 1959ع تي سعادت جي ڳچيءَ ۾ مڱڻي جو رسمي پٽو وجهي کيس خاندان جي دفتر ۾ شيرين خان جي ملڪيت جي کاتي ۾ داخل ڪيو ويو، پر سعادت سلطانه جي دل جي دفتر ۾ اڻ ڊهندڙ اکرن ۾ لکيل منظور حسين جو نالو ميسارجي نه سگهيو. هوءَ بدستور منظور کي خط لکندي رهي. منظور ٻن باهين ۾ ڦاسي پيو. هيڏانهن دلبر، هوڏانهن دوست! انهيءَ وچ ۾ سعادت جي ماءُ کي سُڻس پئجي وئي، جنهن ڌيءَ کي ڏاڍي مار ڏيئي کيس منظور کان توبهه ڪرائي پر اها توبهه جٽاءُ ڪري نه سگهي. آخر شيرين خان کي به پتو پئجي ويو. کيس معلوم ٿيو ته منظور وٽ سعادت جو فوٽو ۽ سندس خط آهن.
شيرين خان خبر ناهي ڪهڙي قسم جو ماڻهُو هو. ڪو عام پٺاڻ هجي ها ته سڌو منظور کي يا سعادت کي ڇُرو هَڻي ها يا طوفان مچائي جهيڙو ڪري مڱڻو ٽوڙي وجهي ها. ممڪن آهي ته مامي جي احسانن ڪري يا سعادت سان بيحد پيار سبب يا پڙهيل ڳڙهيل، بُردبار ۽ شريف هئڻ سبب هن ڳالهه کي ماٺ مٺيءَ ۾ ختم ڪرڻ ٿي چاهيو يا ممڪن آهي ته هُو تمام اونهو ماڻهُو هجي. بهرحال هن سعادت کي هڪ عجيب خط لکيو: “مون کي ٻُڌاءِ ته تون منظور سان ڪيتري گهري هئينءَ؟ ڇا تون پنهنجي عصمت به وڃائي چڪي آهين؟ تنهنجا وٽس گهڻا فوٽو ۽ خط آهن؟” سعادت کيس جواب ڏنو، ڇا لکيائين، سا خبر ڪانهي. شيرين خان وري ٻيو خط لکيس- ان جو جواب مليس يا نه سا به خبر ڪانهي. شيرين خان انهيءَ وچ ۾ منظور سان ان باري ۾ اکر به نه ڳالهايو ۽ شايد ساڻس بدستور ملندو به رهيو، ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هو.
سڄو فيبروريءَ جو مهينو اها سَنگين لڪ لڪوٽي راند هلندي رهي. هنن ٽن انسانن جي تقدير جي ٽرين، پيار ۽ حسد جي ڀڙڪندڙ ٻارڻ تي طوفاني رفتار سان ڊوڙندي رهي. نيٺ هڪڙي ڏينهن اها پٽن تان لهي ويئي.
منظور حسين جي ڪمري جو ڀائيوار ذاڪر حسين 26 فيبروري 1959ع تي پنهنجي ڳوٺ منٽگمري ويو ۽ 1 مارچ 1959ع تي شام جو موٽي آيو. ڪمري جي چاٻي هڪڙي هئي. ٻي ڪجهه ڏينهن اڳ وڃائجي ويئي هئي. تنهن ڪري ٻنهي مان جيڪو روم ۾ هوندو هو، سو ٻاهر نڪرڻ وقت چاٻي مقرر ڪيل هنڌ تي رکي ويندو هو. ذاڪر حسين آيو ته ڪمرو بند هو ۽ تالو آيل هوس. مقرر ڪيل جاءِ تي چاٻي ڳوليائين ته رکيل ڪانه هئي. شايد منظور کي رکڻ وسري ويئي هئي. هن ڪلاڪ کن انتظار ڪيو. پوءِ هڪڙي پاڙيسري محمد سليم کان چاٻيون وٺي اچي ڪُلف تي هڻي ڏٺائين پر ڪابه نه لڳي. لاچار هيٺئين بوٽن جي ڪارخاني مان آر اوڌاري وٺي اچي ڪلف کوليائين. محمد سليم به ساڻس گڏ هو. ڪمري ۾ گهڙڻ شرط شيرين خان تي نظر پين- هو پَٽَ تي هڪڙي رَتُ جي دُٻي جي وچ ۾ پيو هو. پريان هڪڙو رَتُ سان ڀريل ڇُرو پيو هو ۽ ڪمري جي بتي ٻري پئي.
ذاڪر حسين ۽ محمد سليم هڪڙي پاڙيسري علي اڪرم کي ساڻ ڪري ڪرشن نگر پوليس چوڪيءَ تي ويا. رات جو 12 لڳي 20 منٽن تي سندن ڪچو فرياد وٺي کين انارڪلي پوليس ٿاڻي تي باقاعدي فرياد داخل ڪرائڻ لاءِ موڪليو ويو.
انارڪليءَ جو هڪڙو اي ايس آءِ سرزمين تي آيو، لاش اسپتال موڪليو ويو. ڪُلف، آر رت ٻُڏل ڇُرو هٿ ڪيا ويا، ۽ لاش جي هيٺان پيل رَتُ واري مِٽِي کرڙي تپاس لاءِ موڪلي ويئي، ڏيڍ وڳي صوبيدار آيو. کٽ تي پيل رَتُ ٻڏل پتلون، شرٽ، گوڏ، 4 فوٽا، جن ۾ هڪڙي ۾ سعادت ۽ منظور گڏ هئا، چار خط ۽ ريشمي صدري هٿ ڪيا ويا. صدريءَ ۾ ٻن لفافن ۾ پيل ٻه ٻيا خط، 16 روپيا روڪڙا ۽ شيرين خان جا ٻه فوٽا هٿ ڪيا ويا.
ڊاڪٽري تپاس ٿي، شيرين خان جي گلي تي ٽي تيز اوزار جا اُونها زخم هئا، جي نڙگهٽ چيري وڃي ڪنڌ جي پُوڇڙ سان لڳا هئا، پر ڪرنگهي واري ڏوري سلامت هئي، ٻيا زخم ڇاتيءَ تي هئا، جيڪي وڃي ڦڦڙن تائين پهتا هئا. سندس هٿن جي آڱوٺن ۽ آڱرين ۽ هٿ جي پُٺ تي به زخم هئا. ڪُل 9 تکي اوزار جا زخم ۽ 6 رهڙون هيون.
پوليس جاچ ڪئي- منظور حسين لاپتا هو- اشتهاري روپوش ٺهرايو ويو. ٻه سال گذري ويا.
25 مارچ 1961ع تي منظور حسين لاهور جي هڪڙي ماجسٽريٽ اڳيان پيش پيو. آخر مقدمو ايڊيشنل سيشن جج لاهور وٽ ڪمٽ ٿيو.
سرڪار جي پاران جيڪي شاهديون پيش ڪيون ويون، تن ۾ ڏيکاريو ويو ته منظور حسين، سعادت سلطانه جي ڪري شيرين خان کي پنهنجي رستي تان هٽائڻ لاءِ کيس خون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.
هڪ رڪشا واري شاهدي ڏني ته واقعي کان ٻه ڏينهن اڳ منظور حسين رڪشا ۾ چڙهي شيرين خان جي ڪارخاني تي هليو هو. واٽ تي چيو هئائين ته شيرين خان منهنجي محبوبه سان مڱيو آهي، تنهن ڪري آءٌ کيس پنهنجي رستي تان هٽائيندس. سعادت سلطانه جي پيءُ ۽ شيرين جي مامي سعيدالزمان شاهدي ڏني ته خون واري ڏينهن صبح جو منظور منهنجي گهر شيرين خان کي سڏڻ آيو، ٻنهي هٿ ملايو ۽ گڏجي روانا ٿيا. سراج بلڊنگ جي گرائونڊ فلور تي رهندڙ دڪاندار خدا بخش چيو ته ان ڏينهن 11 وڳي ڌاري منهنجي اڳيان ٻئي ڄڻا ڏاڪڻ چڙهي مٿي ويا- پاڙي جي هڪڙي ماڻهُو رياضت حسين، هڪڙي چانهه واري ڇوڪري محمد صديق به ساڳي شاهدي ڏني ته انهن کيس مٿي ويندي ڏٺو ۽ وري اڪيلي منظور کي لهندو ڏٺوسين. ڪمري اندر ڇا ٿيو، تنهن بابت ڪوبه اکين ڏٺو شاهد ڪونه هو.
پوءِ ڪيس جي سڀ کان ڊرامائي ۽ دردناڪ گهڙي آئي، سرڪار جو شاهد نمبر 18 پڃري چڙهيو. شاهد ۽ خون جي جوابدار جون نگاهون هڪ سيڪنڊ لاءِ هڪٻئي کي چُمي هيٺ ٿي ويون. جوابدار جي نگاهن ۾ ڏوراپو هو (تون به؟) ۽ شاهد جي نگاهن ۾ معافيءَ لاءِ التجا هئي (ڇا ڪريان! مجبوري) سرڪاري شاهد نمبر 18 مسمات سعادت سلطانه چيو ته، “جوابدار ۽ منهنجو پيار هو. اسين هڪٻئي کي خط لکندا هئاسون ۽ گڏ فوٽا ڪڍياسون، پوءِ منهنجو مڱڻو ٿيو ته جوابدار چيو ته، ‘آءٌ شيرين خان کي نه ڇڏيندس، انهيءَ رنڊڪ کي رستي تان هٽائيندس.’”
منظور حسين پنهنجي بيان ۾ چيو ته، “سعادت سلطانه سان منهنجو پيار برابر هو، پر مڱڻي کان پوءِ منهنجي دلچسپي گهٽجي وئي، پر سعادت سلطانه جي مرضي هئي ته ڪيئن به ڪري مون سان
(نوٽ اخباري ڪالم صحيح فوٽو اسٽيٽ نه هئڻ جي ڪري ڪمپوزنگ نه ٿي سگهيو آهي)
هئي ته رُڳو سعادت سلطانه کي هئي. ٻيو ته هوءَ مڱڻي بعد به ساڻس ملي پئي، پوءِ خون ڪرڻ جو کيس ڪهڙو ضرور هو. ٽيون ته جيڪڏهن خون انهيءَ ڪمري ۾ ٿئي ها ته آسپاس جا ماڻهُو ضرور دانهن ڪُوڪ ٻُڌن ها. چوٿون ته بتيون ٻريون پئي، سو ڏيکاري ٿو ته خون جو وقت رات آهي، ۽ نه ڏينهن، جيئن شاهد چون ٿا ته هن اشاري طور چيو ته شڪ آهي ته خود سعادت سلطانه ئي خون ڪرايو هجي.”
سيشن جج جوابدار جون سموريون حُجتون رد ڪري کيس شيرين خان جو قاتل ٺهرايو ۽ کيس ڦاسيءَ جي سزا ڏنائين.
هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي وئي، هاءِ ڪورٽ سيشن جج جي راءِ کي قبول نه ڪيو. هن فيصلو ڪيو ته: سعيد الزمان غيرجانبدار شاهد نه آهي، اهو وسهي نٿو سگهجي ته ڪو منظور حسين ائين سندس گهر ويو هوندو. سعادت سلطانه اعتبار جوڳي نه آهي، ڇاڪاڻ ته هو پيءُ جي وس آهي ۽ رڪشا واري جي ڳالهه بلڪل وسهڻ جوڳي نه آهي، ڇاڪاڻ ته ڪوبه ماڻهُو پنهنجي خوني ارادن جو سڄي دُنِيا کي اشتهار ڪونه ڏيندو وتندو. ٻريل بتين هجڻ، دانهن ڪُوڪ نه ٻُڌجڻ ۽ ٻين حالتن سبب ڪورٽ سرڪاري شاهد کي “خلاف قياس، اڻ وسهندڙ ۽ اُبتڙ ڳالهين سان سٿيل” ٺهرايو. هاءِ ڪورٽ چيو ته معاملو شڪ کان خالي نه آهي. 10 ڊسمبر 1962ع تي منظور حسين کي بيڏوهي ٺهرائي آزاد ڪيو ويو.
هاءِ ڪورٽ جي انهيءَ فيصلي خلاف شيرين خان جي پيءُ ۽ مغربي پاڪستان سرڪار ٻنهي پاڪستان جي سپريم ڪورٽ ۾ اپيلون داخل ڪيون. اپيلون پاڪستان جي چيف جسٽس جسٽس ڪارنيليس ۽ سپريم ڪورٽ جي ٻين ججن جسٽس حمودالرحمان ۽ جسٽس محمد يعقوب ٻُڌيون. سرڪار پاران ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل اسلم رياضي، شيرين خان جي پيءُ طرفان مشتاق حسين خان ۽ منظور حسين پاران اڳوڻي اٽارني جنرل پاڪستان مسٽر نذير احمد خان وڪالت ڪئي. ٽي ڏينهن لڳاتار ٻنهي ڌرين جا وڪيل دليل بازي ڪندا رهيا. فتويٰ جسٽس حمودالرحمان لکي ۽ چيف جسٽس ۽ جسٽس يعقوب علي ساڻس شامل راءِ ٿيا- اهڙيءَ ريت اصل واقعي کان 7 سال پوءِ هن سال 15 اپريل 1966ع تي هن معاملي جو آخري قانوني نيڪال ٿيو، سپريم ڪورٽ جي اڳيان اهم سوال هئا: (1) آيا منظور حسين شيرين خان کي واقعي واري وقت گهران وٺي ويو هو، آيا شيرين خان جي زندگيءَ ۾ آخري ماڻهُو جيڪو ساڻس گڏ ڏٺو ويو هو، سو منظور حسين هو؟ (3) فرض ڪجي ته اهي ٻئي ڳالهيون تسليم ڪجن ته پوءِ به ڇا سڌي، اکين ڏٺي ثابتيءَ جي نه هوندي فقط حالتن ۽ صورتحال مان اهو خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو ته شيرين خان جو موت منظور حسين کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به هٿان نه ٿيو آهي؟ (4) فرض ڪجي ته منظور حسين ئي کيس ماريو آهي ته به ڪهڙي خبر ته اهو چاقو ڪنهن جو هو ۽ ڪنهن ان کي پهريان استعمال ڪيو؟ ڇا اهو ممڪن ناهي ته حملو شيرين خان ئي ڪيو هجي ۽ منظور حسين پنهنجي بچاءُ ۾ کيس ماريو هجي؟ اهڙيءَ حالت ۾ ڇا منظور حسين کي خون جو ڏوهاري ٺهرائڻ لاءِ قطعي ۽ يقيني ثبوت آهي؟ ڇا منظور حسين اڳواٽ رٿيل رِٿَ موجب کيس قتل ڪيو هو؟
سپريم ڪورٽ سعادت جي پيءُ سعيدالزمان، محمد صديق چانهه واري، رياضت حسين ۽ ڀاڄيءَ واري خدا بخش جي شاهدين کي ڀروسي جوڳو ٺهرائي اهو فيصلو ڏنو ته منظور حسين واقعي شيرين خان کي گهران وٺي پنهنجي ڪمري ۾ آيو هو ۽ اهو ئي آخري ماڻهُو هو جيڪو شيرين خان جي زندهه هجڻ وقت ساڻس گڏ هو.
سڌي، اکين ڏٺي ثابتي نه هجڻ بابت سپريم ڪورٽ چيو، “اهڙن ڪيسن ۾ اهو چئي ڇڏڻ ڪافي ناهي ته جيئن ته جوابدار کي سنگين ڏوهه جو ڏوهاري ثابت ڪرڻ لاءِ سڌي ثابتي ڪانهي، تنهن ڪري ڏوهه لاءِ ڪنهن کي به ڏوهدار ٺهرائي نٿو سگهجي، منهنجي خيال ۾ بنهه اهڙا ڪيس ئي آهن، جن ۾ عدالت جو فرض آهي ته فوتيءَ جي زخمن جي نوعيت، جاءِ واردات جي صورتحال ۽ حالت، اتي لڌل شين، ڏوهه جي ڪارڻ ۽ آسپاس جي حالتن جي روشنيءَ ۾ تپاس ڪري ته انهن مان ڪهڙا قوي گمان پيدا ٿين ٿا. منهنجو ارادو آهي ته هن ڪيس ۾ آءٌ پاڻ به ائين ڪريان.”
انهيءَ تپاس بعد سپريم ڪورٽ چيو ته جنهن صورت ۾ منظور حسين، شيرين خان کي وٺي آيو هو ۽ آخري دفعي ساڻس گڏ هو، تنهن ڪري مٿس اهو ثابت ڪرڻ جو ڳرو بوجهه پوي ٿو ته آخر ڪمري ۾ ڇا ٿيو جو شيرين خان هينئن مري ويو. جيئن ته اهڙي ڪابه سمجهاڻي جوابدار طرفان نه ڏني وئي هئي، تنهن ڪري ڪورٽ فيصلو ڪيو ته شيرين خان جو موت منظور حسين هٿان ئي ٿيو آهي.
انهيءَ فيصلي تي پهچڻ کان پوءِ سپريم ڪورٽ انهيءَ سوال تي غور ڪيو ته آيا اهو قتل ڄاڻي ٻجهي، اڳواٽ رِٿ رِٿي پوءِ ڪيو ويو آهي، جيئن سرڪاري شاهدن چيو ٿي؟
رڪشا واري ۽ سعادت سلطانه چيو ٿي ته منظور اڳي ئي چيو پئي ته آءٌ شيرين خان کي پنهنجي رستي تان هٽائيندس. سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ سان انهيءَ ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته اهي ٻئي شاهديون اعتبار جوڳيون ناهن. حالتن مان ثابت هو ته منظور حسين جو مطلب پورو پئي ٿيو. سعادت کيس باقاعدي پئي ملي. ان ڪري کيس شيرين خان کي قتل ڪرڻ جو ڪوبه سبب ئي ڪونه هو. پاڻ اها ڳالهه ثابت هئي ته شيرين خان منظور کان سعادت سلطانه جا خط ۽ فوٽا هٿ ڪرڻ لاءِ آيو هو ته جيئن شاديءَ بعد هو ڪابه خواري مچائي نه سگهي.
ان کان سواءِ شيرين خان جي بدن جي زخمن به ڏيکاريو ٿي ته مٿس اول ڇُري سان وار نه ٿيا آهن- کيس ڇهه رهٽون هيون، جن مان ظاهر هو ته اول ٺونشيبازي ٿي آهي، جيڪڏهن منظور کيس خون ڪرڻ لاءِ ڀنڀلائي وٺي اچي ها ته جيڪر يڪدم مٿس چاقوءَ سان حملو ڪري ها ۽ ٺونشيبازي نه ٿئي ها.
ته پوءِ ڇا ٿيو؟
انهيءَ سوال تي ڳوڙهو غور ڪري سپريم ڪورٽ هن نتيجي تي پهتي ته شيرين خان منظور حسين کان فوٽا ۽ خط گهُريا آهن، جنهن تان ٻنهي ۾ “تون ڇا تون ڇا” ٿي آهي ۽ پوءِ هو پاڻ ۾ ٺونشيبازي ڪرڻ لڳا آهن. پوءِ ٻنهي مان ڪنهن (اهو ثابت نه ٿيو ته ڇُرو ڪنهن جو هو) چاقو ڪڍيو آهي. غالب گمان اهو آهي ته ڇُرو شيرين خان پٺاڻ وٽ هو ۽ منظور کانئس ڦُري مٿس وار ڪيا آهن.
انهيءَ گمان جي آڌار تي سپريم ڪورٽ منظور کي انهيءَ حد تائين شڪ جو فائدو ڏنو ته اهو ثابت نه ٿيو آهي ته ڪو هن سِٽَ سَٽي خون ڪرڻ جي ارادي سان قتل ڪيو آهي.
انهيءَ ڪري کيس 302 پاڪستان پينل ڪوڊ (ڄاڻي ٻُجهي خون ڪرڻ) جي ڏوهه بدران قلم 304 (حصو پهريون) پاڪستان پينل ڪوڊ (خون جي ارادي بِنا ماڻهُو مارڻ) جي ڏوهه جو ڏوهي ٺهرائي ڦاسيءَ بدران 7 سال سخت پورهئي سان سزا ڏني. هن وقت هُو سينٽرل جيل لاهور ۾ سزا ڪاٽي رهيو آهي. سعادت سلطانه جي خبر ناهي ته ساڻس ڪهڙو حشر ٿيو؟
(پي-ايل-ڊي 1966ع، لاهور 664)