ڏوٿي سا ڏورين
هينئر پاڻ جواڻ آهي، ته ڏاڏس مرڻ ڪنڌيءَ تي. اباڻي بلاڪ کن زمين هيس، پر ون يونٽي دؤر ۾ چوڌري اشرف پنهنجي ذات وارن هارين سميت اچي ڪڙڪيو ۽ چيائين ته، “مون ڪليمينٽ کان خريد ڪئي آهي.” هيءُ مسڪين وَس آهر ڏاڍو ڊوڙيو ڊُڪيو، مگر چوڌري اثر وارو ماڻهُو آهي. هن کي جواب مليو ته، “توهان جي زمين گرويءَ ۾ واڻين وٽ هئي، جيڪا هينئر ڪليم ٿي ۽ چوڌريءَ خريد ڪئي!”
ڪنڊو پنهنجي اباڻي ٻنيءَ تان لوڌجي، ڪڏهن ماستر عثمان جي ٻني ڪندو هو، ته ڪڏهن نظاماڻين وٽ. هينئر هو رئيس جانڻ خان وٽ پنهنجي جوڙي تي هاري آهي. رئيس ساڳئي ڳوٺ ۾ ذات وارو هوس. هن سال بصرجو اگهه سُٺو ٿيو. رئيس بصر ٺيڪيدار کي ڏيئي، ٻيئي حصا “هاري ۽ زمينداري” کڻي وڃي لطيف آباد ۾ بنگلي لاءِ پلاٽ خريد ڪيو ۽ مزورن عيوض هارين کي وٺي ويو. ڪنڊو به ويو، جتي کيس سيمينٽ جون تغاريون کڻايائون. جنهن ڪري سندس هٿن جي تِرين جون کلون لهي ويون ۽ ٺونٺين تائين ٻانهون ڦاٽي پيون. همراهه ڏهه پندرهن ڏينهن ڪم کان ويهجي ويو.
خير ڪنڊي جا هٿ ڇُٽي ويا. ڪنڊي ڪنهن سان به شڪايت نه ڪئي. پنهنجي ڌُن ۾ رهيو، ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي نه هو. زميندار وري ٽيوب ويل جي کوٽائيءَ ۾ ونگار سڏي، ته ڪنڊي جواب ڏنو ۽ ٻين کي به منع ڪيائين. رئيس کي جا خبر پيئي، ته هي پاڻ ته نمڪ حرام ٿيو ۽ ٻين کي به هاڻ کاريندو وتي، تنهن ڪنڊي کي قرض کڻائڻ بند ڪري ڇڏيو، وونئڻن لاءِ نه پورو پاڻي ڏنائينس نه ڀاڻ، جنهن ڪري هن جو فصل سُٺو نه ٿيو، پر ڪنڊي کي ڄڻ ته پرواهه ئي ڪانه هئي.
هڪ ڏينهن ڪمدار ڏنو خان (جنهن کي سندس پاڙي جي ٻن چئن گهرن تازو پٽيليءَ پڳ ٻڌرائي هئي) ڪنڊي کي سڏڻ آيو ته، “توکي رئيس ٿو سڏي.” هن چيو ته، “تون هل ته آءٌ اچان ٿو.” ڪمدار الائي ڪهڙا وڃي مرچ ملايا، جو ڪنڊي جو پهچڻ ۽ رئيس مٿس گرم ٿي ويو. ان وقت ڪنڊي، رئيس جانڻ ۽ ڪمدار کان سواءِ اوطاق ۾ ٻي ڪا پَهَر ئي ڪانه هئي. رئيس نڪا ڪئي هم نڪا تم، اچڻ شرط اچي ڪنڊي کي ورتائين، ڪنڊي به ڏنس ڌِڪو ته رئيس وڃي اونڌو ٿي ڪريو، ڪنڊو سٽ ڏيئي ٻاهر هليو آيو.
هاڻي هڪ پاسي رئيس ڪنڊي کان جان ڇڏائڻ ۽ کيس نقصان رسائڻ جا طريقا ڳولهڻ لڳو ته ٻئي پاسي ڪنڊي جي چاچن، مامن ۽ فائنل پاس ماستر اچي کيس ورايو ته، “ميان ڇڏ ٻني، رئيس جبل آهي، ان سان ٽڪر کائي پنهنجو مٿو ڪونه ڦاڙائبو.” ڏاڏس به هدايت ڪيس ته، “ابا هن عمر ۾ ٿاڻو نه ڏيکارجانءِ....!” پنهنجي مُنهن ڀڻڪندي چيائين ته، “ٻنيون مليون ته ڪونه، باقي هو هارپو، سو به ويو. اسان جي ته الله به ڪونه ٿو ٻُڌي، ته ماڻهن جي واعدن جو ڪهڙو ڀروسو...!” هو مُنجهي پيو. هن کي پنهنجي ڪمايل ۽ تيار ٻني ڇڏڻ تي دل ئي نه وري، پر ڇا ڪري!؟
آخر ڪنڊو ورڪر خدا بخش سان مليو، جيڪو ميرن،پيرن ۽ وڏيرن کي گاريون ڏيندو هو ۽ اليڪشن ۾ زبردست ورڪ ڪيو هئائين. ايترو جو ٻئي پاسي جيان هتي به سندس پارٽي ڪامياب ٿي. ان کان پوءِ، جن وڏيرن کي خدا بخش گاريون ڏيندو هو، انهن هن جي حڪومت سان ملي، هن جا ڍڳا چوري ڪرايا. هيءُ ڏاڍو ڦٿڪيو پر ڪنهن کنگهيس به ڪونه، تنهن به ڪنڊي کي چيو ته، “مون کي سائينءَ چيو آهي ته، اسان جي حڪومت کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڪيئي ٺاهه ٺاهيا پيا وڃن، پڪ توکي رئيس زرعي اصلاحات کي ناڪام بڻائڻ لاءِ بي دخل ڪيو آهي، پر هيءُ وقت صبر جو آهي. دانهن ڪرڻ معنيٰ حڪومت کي ڊاهڻ، تنهن ڪري ترسو. اسان کي ڪجهه وقت گهرجي.” پر ڪنڊي چيو ته، “ادا! آءٌ ته ترسان، پر بُک، بيماري ۽ بيڪاري مون کي مهلت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن، آءٌ ڇا ڪريان؟”
ائين چئي ڪنڊو اُٿي ويو. باقي هن کي معتبر مولوي ٿي سُجهيو. سو لنگهي ويو مسجد ۾. مولويءَ هن کي ايندو ڏسي وٺي ڏاڍيان تلاوت شروع ڪئي، پرڪنڊو ويٺو رهيو. نيٺ مولوي صاحب ٿَڪو، ته ڪنڊي پنهنجو احوال ٻُڌايس، ته وراڻيائين، “خدا ڪنهن تي به سهپ کان وڌيڪ بار نٿو وجهي. صبر ڪر ۽ هن ناشڪريءَ وارن ڪمن کان توبهه ڪر. بندو ڪجهه نٿو ڪري سگهي.”
پر ڪنڊي تي مُلي جي حديثن ۽ قسمت جي ذلت جي دليلن ڪو اثرڪونه ڪيو، ۽ هيئن چوندي اُٿيو ته، “اوهين سڀ رئيس جا دلال آهيو، اوهين سڀ ٺڳ آهيو. پاڻ رئيس جي ماني کايو، ٻين کي ماني ڪمائي کائڻ جي رستن کان ويٺا ٿيڙيو.”
اُن کان پوءِ ڪنڊو ماٺيڻي مان ڦري ڳالهائڻو ٿي پيو. پنهنجن هاري ڀائرن سان هر هنڌ پيو ڪچهريون ڪندو هو. انهن جون ڳالهيون ٻُڌندو هو ۽ کين پنهنجون ڳالهيون ٻُڌائيندو هو. هوائي ڳالهين، اوائي ڳالهين ۽ توائي ڳالهين کان پاسو ڪندو هو ۽ ٻين کي به انهن کان جهليندو هو. “هارين جي ٻَڌي، هارين جي ٻَڌي، هارين جي ٻَڌي”، اهي ئي سندس ڳالهيون هونديون هيون ۽ اهي ئي سندس نعرا هوندا هئا.
اڄ رجوءَ ٻُڌايو ته ڪالهه ڪنڊي جي ونگار هئي، جنهن ۾ آسي پاسي جا 80 جوڙا هئا، رئيس خاص پنهنجن هارين کي وڙهڻ لاءِ چيو. هنن گڏجي وراڻيو ته، “اسين پنهنجي هاري ڀائرن سان نه وڙهنداسون.” رئيس مجبور ٿي پيو. لاچار ٺاهه جي موڊ ۾ آيو، پر پنهنجي اندر جي شڪست جي باهه کي لڪائيندي، ڦِڪي مُرڪ مُرڪندي سڀني کي چيائين ته، “ابا ڪنڊو منهنجو ٻچو آهي، ٻار مائٽ پاڻ ۾ وڙهندا ۽ ٺهندا آهن. اڄوڪي ونگار ڪنڊي جي نه پر منهنجي آهي. هن کي ڀت آءٌ کارائيندس!” اتي ڪمدارن ٿوري پاڻ ۾ سُس پس ڪئي، پر رئيس ڪاوڙجي، مُنهن ورائي اک ڀڃي چين، “بس ڪريو ڪُتا! اوهان ته مون کي ڪنڊي سان ٿا ويڙهايو، اوهين سڀ ٺڳ آهيو...”
ائين ڪنڊو پنهنجن سڀني هارين ڀائرن کي پاڻ سان ملائي، منجهن هڪٻئي جي مدد ڪرڻ جو مادو پيدا ڪري ۽ دشمنن سان مقابلي ڪرڻ جو رستو ڏيکاري، رئيس جانڻ خان ۽ سندس پاليل ڪاٽڪو ڪمدارن جي دٻدٻي ۽ لتڙ کان سڀني کي ڪجهه قدر ويساند ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿيو، پر ڪنڊي جو اصل ڪم اڃا اڳتي هو ۽ هو پنهنجو اُهو ڪم اڳي کان به وڌيڪ جوش سان ڪندو رهيو.
سيپٽمبر 1984ع