ڪھاڻيون

ڪورٽ ڪهاڻيون

هي ڪتاب ”ڪورٽ ڪهاڻيون“ نامياري ليکڪ، وڪيل ۽ سياستدان رسول بخش پليجي صاحب جي ڪورٽ ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
ياد رهي ته هي ڪهاڻيون سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي پاران پليجي صاحب جي ڇپايل ڪتاب تخليقي ۽ تنقيدي ادب تان ورتل آهن جيڪو 2012ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ڪورٽ ڪهاڻيون

سانگوٽا ۽ ستيون

بابا کي اچي شوق جاڳيو ته، ‘پُٽ کي پڙهائيندس.’ مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته، بابا منهنجي ڏٻري جسم ڏانهن نهاريندي چوندو هو ته، “منهنجي نظر جو بدن کاٽي کڻڻ جهڙو ناهي، نه وري هن کي زميندارن جا ميهڻا سهڻا آهن. هن کي پڙهائيندس، مَن ٿڌي ڇانوَ ۾ ويهڻ جهڙو ٿي پوي!’ تڏهن آءٌ سوچيندو هوس ته برابر کاٽي ته مون کان ڪانه کڄندي پر زميندار گاريون ڇو ڏيندو؟ اڃا ڇهين (نائين) درجي انگريزيءَ ۾ هوس ته بابا گذاري ويو، جيئن تيئن ڪري مئٽرڪ پاس ڪيم ۽ ڪلارڪي ملي ويم. قسمت سانگي چڱي ٽيبل ملي هئي. چوڻ آکڻ واري پهر ڪانه هئي. مفت جو پئسو، خوب عيش ڪيم، پر ايڏي عيش هوندي به آرام ڪونه هو، صبح جو سوير آفيس وڃڻ شرط صاحب گهرائي بيعزتي ڪندو هو، پنهنجي حصي کان گهڻو کڻندو هو، تڏهن به راضي ڪونه ٿيندو هو،جڏهن خوش هوندو هو ته چوندو هو، “هميشه يه اُصول ياد رکو، کائو اور غُرائو.” اهو اُصول پنهنجي سنڌي ڀائرن تي ڏاڍو ڪارائتو ثابت ٿيو، پر هڪڙي چوڌريءَ سان ٿو ٽڪران، تنهن ڪم ڪڍي، اهڙو ڌڪ ڏنم جو نوڪري ته وئي پر جان به مس مس ڇُٽي. پاڇي رقم ڊوڙن ڊُڪن ۾ ختم ٿي وئي. ڏاڍو پريشان ۽ محتاج ٿي پيس. اڃان اهو ڌڪ پچايم ئي ڪونه ته مٿان ٻيو ڪاپاري ڌڪ ٺڪاءُ ٿي ويم. ذڪيا سان ڪافي عرصي کان مثالي تعلقات هئا.
روئي روئي پنهنجي پيار جو اعتبار ڏياريندي هئي، آءٌ کيس هفتي ۾ ٻه ڀيرا ريشمي گهٽيءَ ۾ خريداريءَ لاءِ وٺي ويندو هوس، جتي ڀيري ڀيري ٻه ٽي سَؤ روپيا ڳاريندو هوس. ان هڪڙي ڏينهن اوچتو اهو جواب ڏيئي موٽائي ڇڏيو ته، “منهنجو خالا زاد ڀائي برما مان اڄ پهتو آهي، هفتي ۾ اسان جي شادي ٿيڻ واري آهي. تون مهرباني ڪري آئيندي هيڏانهن نه ايندو ڪر!” پنهنجي مثالي ۽ وڏي قيمت ڏيئي حاصل ڪيل پيار کي هيئن پرزا پرزا ٿيندو ڏسي منهنجون هيٺيون هيٺ مٿيون مٿي رهجي ويون، انهن بي عزتين، بدنامين، ناڪامين ۽ بيروزگاريءَ جي ڳڻتين منهنجو اڌ مٿو اڇو ڪري ڇڏيو. ڪا آٿت واري به پَهَرَ نه هجي.
سائين وڏي کي منٿون ڪري سفارش ڪرايم، صاحب سنڌي ماڻهُو هو ، 500 روپيا ورتائين. سنڌي ماستر جو آرڊر مليو. وڃي نوڪريءَ تي چڙهيس. ماني وڏيري جي گهران ملندي هئي. وڏيري جي اوطاق تي وڏن وڏن عملدارن جون مهمانيون ٿينديون هيون، منهنجو ڪم هوندو هو معزز مهمانن جي خدمت چاڪري ڪرڻ. ڪجهه ڏينهن ۾ معلوم ٿيو ته مهمانن جي خدمت منهنجي وَسَ جي ڳالهه ڪانهي. هڪ نه ٻئي ڏينهن جيپ تي چڙهي وڃي شهر مان رنون وٺي اچڻ ۽ جي تڪڙ هجي ته هارياڻين مان پُورت ڪرڻ لاءِ ڪمدار کي چوڻ منهنجي ڊيوٽي ٿي پيئي، ان هوندي به وڏيرو جڏهن جلال ۾ ايندو هو ته مون کي ڏاڍيون گاريون ڏيندو هو. مون آهستي آهستي اوطاق تي وڃڻ بند ڪري ڇڏيو.
آخر ٻي وِندر نه ڏسي اوتاري ۾ وڃي موالين سان ڪچهري ڪرڻ لڳس. ڪجهه ڏينهن ۾ انهن سان هري مري ويس. هڪ ڏينهن خُدو موالي هڪ رسالو ڪڍي مون ڏانهن وڌائيندو چيو، “ماستر صاحب! هيءُ ته پڙهي ڪچهريءَ کي ٻُڌائجو!” آءٌ هميشه اردو ناول ۽ ڊائجيسٽون يا سنڌيءَ ۾ “ڪوڪ شاستر” يا “شاديءَ جا ڳُجهه” جهڙا لذتي ڪتاب پڙهندو هوس. سو پهرين ته هي سنڌي رسالو مون کي سمجهه ۾ نه اچي. آهستي آهستي سمجهڻ جي ڪيم. تڏهن پتو پيو ته هي ڇورا “سنڌ! سنڌ!” ڪريو ڇو پيا رڙيون ڪن ۽ ٻَڌجن. اها به سُڌ پيم ته ووٽ ان لاءِ وٺبا آهن ته اهو فيصلو ٿئي ته ايندڙ پنج سال غريب ماڻهن کي ڦُرڻ، ٻَڌڻ ۽ دٻائڻ جو وارو وڏيرن جي ڪهڙي ٽولي کي ملي.
ٻيون به ڪَئِين ڳالهيون معلوم ٿيون، ڪَئِين راز کُليا.
آءٌ هارين کي ڪتاب ۽ رسالا پڙهيو ٻُڌائيندو هوس. پوءِ بحث ٿيندا هئا، موالي سُلفيءَ جو سوٽو ڀري ڏاڍي نماڻائيءَ سان ڏک سُک اوريندا هئا. ٻيا به پيڙهيل اچي گڏبا هئا، ڪچهري مچڻ لڳي. هاري به گسين پنڌين پيا خبرون ڏيندا وٺندا هئا.
هڪڙي ڏينهن ٻار ويٺي پڙهايم ته پوليس جي گاڏي ڀرجي آئي. ان ۾ ٻه وڏا آفيسر ۽ ويهارو کن سپاهي هئا. هُو اسڪول کي چؤطرف ڦِري ويا، رائفلن جو مُنهن ڪلاس ڏانهن ڏسي چيم: “خدايا خير!” سمجهيم ته شايد اسڪول جي آس پاس ٽوهه چانڊيو يا مراد علي جت جهڙو ڪو ڌاڙيل اچي لِڪو آهي، پر جڏهن صوبيدار رعبدار آواز ۾ چيو، “هٿ مٿي ڪر! تون D.P.R (پاڪستاني بچاءَ واري قانون) هيٺ گرفتار آهين.” دل ۾ سوچيم ته “موالين سان ڪچهريءَ ۾ پاڪستان کي خطرو ڪيئن ٿيو؟”
پوءِ مون کي خبر پئي ته مون تي ملڪ دشمني، بغاوت، ٻارن کي حڪومت خلاف اُڀارڻ ۽ ڪفر جي پرچار ڪرڻ جهڙا سنگين الزام هئا.
هفتي کن کان پوءِ زال ملاقات تي آئي. ٻارن جي خبرچار پڇيم. چيائين: “پرواهه نه ڪر! سڀ ٺيڪ آهي!”
چيم، “سو وري ڪيئن؟”
چيائين: “تو وارا هاري ۽ موالي يار تنهنجي گرفتار ٿيڻ کان پوءِ اڌ اڌ مڻ اَن جو ڪري، ڏهه مڻ اَن، هڪ ڍڳي ٻارن جي کير پيئڻ لاءِ، ڪاٺين جي گاڏي ۽ پنجاهه روپيا خرچ پکي لاءِ روڪڙا ڏيئي ويا. روز حال احوال وٺڻ ايندا آهن.”
اها ڳالهه ٻُڌي سوچيم، “پنهنجن کي ڦُري پئسا گڏ ڪري عيش واري زندگي گذارڻ ڄڻ ته ڇلرن جو واپار هو. هي آهي اصل واپار قوم جي عوام سان پيار ڪرڻ ۽ سندن پيار جا ماڻڪ ۽ موتي حاصل ڪرڻ!”
زال دلداري ڏيئي ويندي رهي ۽ آءٌ هي شاهه جو بيت جهونگاريندو وڃي کٿي تي ليٽيس:
سمنڊ جي سيوين، تنين ماڻڪ ميڙيا،
ڇلر جي چوئين، تن سانگوٽا ۽ ستيون.

ماهوار تحريڪ نومبر 1983ع