ڪھاڻيون

ڪورٽ ڪهاڻيون

هي ڪتاب ”ڪورٽ ڪهاڻيون“ نامياري ليکڪ، وڪيل ۽ سياستدان رسول بخش پليجي صاحب جي ڪورٽ ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
ياد رهي ته هي ڪهاڻيون سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي پاران پليجي صاحب جي ڇپايل ڪتاب تخليقي ۽ تنقيدي ادب تان ورتل آهن جيڪو 2012ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ڪورٽ ڪهاڻيون

رئيس وڏي جون ٽوپيون

جڏهن اهو ٻُڌم ته سندس والد رئيس الهندي خان جي ڇڏيل لائبريريءَ ۾ انگريزن جي واريءَ جا ڪي دلچسپ دستاويز آهن، تڏهن رئيس محبت خان جي دعوت کان معذرت ڪرڻ جو ارادو بدلائي، ساڻس وعدو ڪيم، ته 15 ڊسمبر تي اول خير، ڪراچيءَ مان سندس ڪيس هلائي، ساڻس گڏجي، سندس ڳوٺ هلبو.

رات جو ڪجهه دير رهاڻ ڪري ٿَڪ سبب ڪجهه جلد سمهي پياسين. ٻئي ڏينهن نيرن ڪري رئيس وڏي جي ڪاغذ پٽن کي جاچڻ ۾ جنبي وياسين. ماضي هرهڪ کي حيرت ۾ وجهي ٿو، خاص ڪري انهن کي جيڪي ماضيءَ کي حال وانگر جيئرو جاڳندو محسوس ڪرڻ جي تصور ۽ تخيل جي ذهني قوت رکندا هجن. عجيب دُنِيا هئي، خانداني شجرا، قرآن شريف مٿان لکيل خاندان جي ڀاتين جي ولادت ۽ رحلت جون تاريخون، خانداني فيصلا، انگريز آفيسرن ڏانهن موڪليل درخواستون، انهن جا مختصر، تز ۽ مغرور فضليت وارا جواب، شڪار جا بندوبست، انهن جي باري ۾ شڪرگذاريءَ جا خط، صاحب بهادرن کي رعيت جا ڏنل فصاحت، بلاغت ۽ عاجزيءَ ۽ احسانمنديءَ جا فخر ڀريل نماڻائيءَ سان ڇلڪندڙ سپاسناما، صاحب بهادرن سان گڏ ڪڍايل فوٽا جن اڳيان صاحب ۽ ميم صاحبون ۽ پويان رئيسن جا ميرن جي واري جي يادگار لباس ۾ ٻهڪندڙ، فرمانبردار ۽ تابعدار ديسي چهرا، پراڻي ابوالحسن واري سنڌيءَ جهڙي صورتخطين ۾ لکيل پراڻا طبي ۽ ٻيا ڪتاب، سنڌي ۽ فارسي شعر. مطلب ته هڪڙي پوري دؤر جي ڪهاڻيءَ جا مختلف عنوان اکين اڳيان هئا.
ان دؤر ۾ ان جي سماجي مزاج جا گوناگون رنگ ڏسي ماڻهُوءَ لاءِ اهو تصور ڪرڻ به مشڪل ٿي، ٿي پيو ته هن هڪڙي ساڳيءَ ڌرتيءَ تي ههڙا مختلف بلڪه هڪٻئي جي اُبتڙ جهان ڪيئن ٿا آباد رهي سگهن.
جڏهن سڄو ڏينهن اهي گذريل زمانن جا دفتر ڏسي ۽ پڙهي، ماني کائي، ٿورڙي ننڊڙي ڪري اُٿياسين، ته معلوم ٿيو ته مطالعي ۽ مشاهدي جي هڪڙي منزل اڃا به رهيل آهي.
رئيس چيو، “سڀاڻي اول خير نئين ۽ پراڻي زماني جي پوشاڪن جو فرق ڏسي وٺجو، پوءِ شام جو هليا هلنداسين حيدرآباد.”

رئيس وڏي ۽ وڏن رئيسن جا لباس هونئن ته اڄ جي لباس جي ڀيٽ ۾ بلڪل اور ٿي لڳا پر جيئن ته منهنجا قديم سنڌي لباس اڳيئي ڏٺل هئا، ان ڪري انهن ۾ مون کي ڪا خاص نواڻ نظر نه آئي، پر ته به اخلاقاً سمورا سٽاءَ ڏٺم ۽ پنهنجي پسند جو دستوري اظهار ڪيم.
جيئن ئي پراڻين پوشاڪن واري ڪمري جي در وٽ آياسين ۽ ڀانيم ته هاڻي موٽي اوطاق ڏانهن هلبو، تيئن رئيس چيو، “بس هاڻ رڳو رئيس وڏي جون ٽوپيون رهيون آهن، انهن تي به هڪڙي نظر وجهي ڇڏيو ته بهتر.”
پوڙهو مگر چست، اڃا کڙو تڙو ملازم، ٽوپيون ڪڍي ڏيکارڻ لڳو. اهو معلوم ڪري خوش ٿيس ته هو نه رڳو چار درجا انگريزي به پڙهيل هو پر پنهنجي علميت ۽ قابليت جو ثبوت ڏيڻ ۽ ان جو داد وٺڻ لاءِ به تيار بلڪه بي چين هو. هر ٽوپي کڻي ان جو احوال تفصيل سان سمجهائڻ لڳو. مون کي لڳو ته جي هي ڪنهن ٻئي چڱي ملڪ ۾ هجي ها ته، سير سفر جي شوقين ماڻهن جو سُٺو سونهون يا ٽوئرسٽ گائيڊ ثابت ٿي سگهي ها.
جڏهن ڏٺائين ته آئون رئيس وڏي جي ٽوپين جون عجيب غريب ڊزائنيون ڏسي پنهنجو اچرج لڪائڻ جي ڪوشش پيو ڪريان، ته ادب سان چوڻ لڳو:
“سرڪار، توهان کي هيتريون ڀانت ڀانت جون عجيب غريب ڊزائين واريون ٽوپيون ڏسي عجب ته ضرور لڳندو، قدرتي ڳالهه آهي، هيتريون ۽ ههڙيون ٽوپيون توهان کي ڪنهن به سنڌ جي سکر جي پوشاڪ خاني ۾ مشڪل نظر اچن. ڳالهه هيئن آهي، منهنجا سائين، ته رئيس وڏو لباس ۾ٽوپيءَ کي مرڪزي اهميت ڏيندو هو.”
منهنجي چهري تي لکيل ٻيو سوال به ڄڻ پڙهي ورتائين، “سائين! رئيس وڏو راڄن ڀاڳن ۽ سکرن ۾ پڳ ٻڌڻ پسند ڪندو هو، پر سرڪارين درٻارين ۾ ٽوپي پائڻ وڌيڪ مناسب سمجهندو هو ۽ جيڪڏهن ٽوپي ڪنهن مختلف ڊزائين جي هجي ته ان کي عيب بدران خوبي سمجهندو هو.”
“ته هي هيتريون ۽ هنن قسمن جون ٽوپيون سڀ رئيس وڏي جون هيون؟”
“سرڪار، رئيس وڏي جو اُصول هو ته هر موقعي ۽ مهل لاءِ جدا لباس ۽ خاص ڪري جدا ڊزائين واري ٽوپي هجڻ لازمي آهي، مثلاً”، هن کِلندي چيو، “قائداعظم اڳيان ته توهان ڪانگريسي ٽوپي پائي ته نه وڃي سگهو ها نه!”
مون چيو، “برابر، پر هيءَ ٽوپي...؟”
“ها، اها ئي ته ڪانگريسي ٽوپي آهي نه! اها رئيس تن ڏينهن گهڻي پائيندو هو، جڏهن سيٺ خوبچند ۽ ٻيا ڪانگريسي سندس مددگار ۽ پاڻ سندن مدد سان ڊسٽرڪٽ بورڊ جو صدر ۽ ضلعي ڪانگريس جو پريزيڊنٽ ٿيو هو.”
“۽ هيءَ....؟”
“اها قائداعظم ڪيپ پائي رئيس وڏو 1936ع ۾، ڪراچيءَ واري مسلم ليگ جي ڪانفرنس ۾، قائداعظم جي خدمت ۾ پيش ٿيو هو ۽ پاڻ کي ضلعي مسلم ليگ جو صدر مقرر ڪرائي موٽيو هو.”
“۽ هيءُ ٽوپلو....؟”
“توهان کي ياد هوندو ته صدر اسڪندر مرزا اڪثر ٽوپلو پائيندو هو. جڏهن رئيس وڏو ليگ ڇڏي، ريپبلڪن پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ هيءُ ٽوپلو پائي، وڃي صدر جو سلامي ٿيو، ته ضلعي ڇا، سڄي سنڌ جا وڏيرا اندر ۾ سڙي ويا! اسڪندر مرزا واري ٽوپلي جهڙو ٽوپلو پائڻ جو خيال ڪنهن کي به ڪونه آيو. سائين دماغ به ته کپي اهڙين ڳالهين لاءِ! اسان جي سنڌ جي وڏيرن وٽ اهڙا دماغ هجن ها ته هيئن ڌڪا ڇو کائون ها؟ ڀلا هيءَ شڪاري ٽوپي، ٻُڌايو ڪهڙي حاڪم جي پسند جي هئي؟”
مون کان جواب نه ملندو ڏسي، چيائين:
“سڃاڻو نٿا؟ ٿورو ياد ڪريو! صدر ايوب شڪار تي ڪهڙي ٽوپي پائيندو هو؟”
“۽ هيءَ مائو ڪيپ؟”
“توهان خيرن سان ٺپ هڻي ڏسو!”
“ذوالفقار علي ڀُٽو؟”
“هان شاباس!” هن ٽهڪ ڏيئي داد ڏيندي چيو، “نيٺ به ته سائين باليسٽر وڪيل آهيو. ڪا گهٽ ڳالهه ته ناهيو! ۽ سائين منهنجا! اٿوَ اها ترڪي ٽوپي، جيڪا رئيس وڏو تڏهن پائيندو هو، جڏهن خلافت تحريڪ زور شور سان پئي هلي. هندستان ۾ وڏو خلافتي هو، سائين، اُن زماني ۾. پنهنجو رئيس وڏو! مولانا محمد علي ۽ مولانا شوڪت عليءَ سان گڏ اڳهڙو سندس گروپ فوٽو نه ڏيکاريومانوَ؟ هاڻي هيءَ به ڏسو مودودي ڪيپ. هي مولانا نيازيءَ وارو ڪُلو. هيءَ احراري ٽوپي....” هن درجن کن ٽوپيون ڏيکاريندي سندس سياسي قبيلا ٻُڌايا. هڪڙي ٽوپي نڪا ٿي لڳي ڪانگريسي نڪا ليگي.
“اها؟ اها سائين. بنگالي بابوئن سان ياريءَ جي نشاني آهي. تن ڏينهن رئيس وڏو ۽ خواجه ناظم الدين ڄڻ پڳ مٽ يار هئا. هاڻ اصول ته طئي ٿيل هو ته سائين منهنجا! ته جنهن جي پارٽيءَ ۾ داخل ٿبو، ان جي ٽوپي پائبي.”
مون چيو، “۽ جڏهن پارٽي بدلائبي تڏهن ٽوپي به بدلائبي؟”
“هان شاباس! توهان جا پُٽ بچن! جيئن ئي هڪڙي ڏينهن ڪو حاڪم لٿو، تيئن ئي خبر ٻُڌڻ شرط، ان جي ٽوپي لاهي ڦٽي ڪبي ۽ نئين حاڪم جي ٽوپي مٿي ۾ پائبي... سائين ڪنهن کي به خبر ڪانه اٿو! ڪنهن کي به نه! معاملو ئي اهڙو هو نه! پر هنن گنهگار اکين رئيس وڏي کي اَسر مهل ماٺ مٺيءَ ۾، ڪلاڪن جا ڪلاڪ، هر هر هيئن سلام ڪندي ڏٺو آهي!”
هن سختيءَ سان ٻانهن گوڏن کان مٿڀري اڳتي ڌڪي، نازي سلام ڪري ڏيکاري.
“مشق پئي ڪيائين، منهنجا سائين، مشق! ڪهڙي خبر؟ ڇا به ٿي سگهيو ٿي! هٽلر نامراد کي مصر مان يا ايران مان سٽ ڏيئي، سنڌ پهچي وڃڻ ۾ دير گهڻي لڳي ها؟ ماڻهُو هڪڙي بدران ٻي ٽوپي پائي وڃي، هٽلر جهڙي رهزن کي سلام ڪري، ته اُبتي کل نه لهرائي ڇڏي؟ عزت ئي نه ڌوڙ ٿي وڃي؟” منهنجي چهري جي تاثر کي پسنديدگيءَ سان ڏسندي چيائين، “۽ سائين! ٿورڙي هن پاسي به قرب جي نظر ٿئي. هي به بندوبست هئا!”
پراڻي اخباري ڪٽنگ ۾ مشهور هندستاني باغي ليڊر سباش چندر بوس فاتحانه شان سان جپان جي فوجي وزيراعظم جنرل ٽوجو سان گڏ ويٺو هو.
“جپانين جي حاڪم جنرل ٽوجو جي جِنَ کي قبضي ۾ ڪرڻ لاءِ ٽوجو جي ٽوپي به خيرن سان موجود هئي! اجها هيءَ چٻي ٽوپي ان چنگيز صفت جنرل جي! دورانديشيون ڏسندا هلو، قبلا! چرچو ناهي؟ پر افسوس جو قوم جهڙو چئجي تهڙو قدر نه ڪيو!” هن ڏک وچان چيو، منهنجي وات مان بي اختيار نڪري ويو، “سبحان الله! پوءِ ته رئيس سوشلسٽ به ضرور هوندو!”
“فرمايو ڇا ٿا قبلا! رئيس وڏو سؤ سال ڇا، سؤ صدين کان پوءِ ٿيڻ جوڳيون ڳالهيون به خيال ۾ رکندو هو.” ايئن چئي هو وري اندر هليو ويو. سندس هٿ ۾ ٽي ٻيا ٽوپلا ۽ ٽي ٻيون ٽوپيون هيون.
“هيءُ خاص ٽوپلو ان لاءِ وٺي رکيو هئائين ته جي اتفاق سان وري به انگريزن اهنجارن جي حڪومت موٽي اچي ته ههڙو ٽوپلو هڪيو حاضر هجي، جيڪو پائي سڌو صاحب جي سلاميءَ تي هليو وڃجي.”
“هي فليٽ هيٽ؟”
“۽ هي فليٽ هيٽ ۽ هوءَ پريان ٽنگيل صدري ان موقعي لاءِ هئا ته جي ڪنهن ڏينهن، خدا نه ڪري، هتي هندو ڪافرن جي حڪومت وري قائم ٿي وڃي، ته پوءِ اهو جواهر لال نهرو جو فليٽ هيٽ ۽ هوءَ سندس دلپسند صدري پائي، کيس ڪراچيءَ ۾ وڃي هار پارائي، ڳوٺ دؤري تي وٺي اچجي. رئيس جو دماغ ڏسي ڪانگريسي ڌوترن جا عقل نه چرخ ٿي وڃن ها!”
“۽ هيءَ ٽوپي ڪهڙي حاڪم جي آهي؟”
“اهو کڻي توهان ٻُڌايو!”
جڏهن گهڻي ڪوشش کانپوءِ مون کان ڳُجهارت ڀڳي نه ٿي، ته هو امالڪ اندر ويو ۽ هڪڙي فريم واري تصوير کڻي آيو، “ڀلا هن تصوير واري ٽوپيءَ تي نظر ڪريو. هيءُ همراهه ڀلا سڃاڻو ٿا؟ زبر زنگ وڪيل آهيو. ضرور سڃاڻندا هوندا.” هن مون ڏانهن دوستاڻي چئلينج وارين مُرڪندڙ نظرن سان ڏسندي چيو. تصوير ۾ هڪڙو ماڻهُو هوبهو اهڙي ٽوپي پايو ويٺو هو، جهڙي رئيس وٽ هئي. اهو ماڻو روسي سوشلٽ انقلاب جو باني ۽ ان جو معمار ولاديمير لينن هو.
“سائين قهر جو ماڻهُو هو رئيس وڏو. چي، ‘ڪهڙي خبر اوچتو ڪميونزم ڪڙڪي پوي ته ڇا ڪبو؟’ آمريڪا کان به غافل نه هو. چوندو هو، ڏسجو ويٺا! پس پيش آمريڪا توهان کان ملڪ کسيندو، نه مُرندو اصل نه، هي اٿوَ صدر جانسن وارو وڏو ٽوپلو. آمريڪي اچن ها ته رئيس جي مٿي تي اڳواٽ ئي جانسن وارو ٽوپلو ڏسي ششدر نه ٿي وڃن ها!؟”
حيدرآباد موٽندي مون رئيس محبت خان کي چيو، “چوٿين تاريخ شام جو آفيس ۾ اچجو ته ڪيس بابت ڪجهه صلاح مصلحت ڪري وٺجي.”
چيائين: “چوٿينءَ بدران ڇهين رکجي ته ڪيئن ٿئي؟”
مون چرچو ڪري چيومانس، “چوٿين تاريخ ڪنهن دلبر جي درٻار ۾ حاضري آهي ڇا؟”
چيائين، “نه سائين! اهڙا ڀاڳ ڪٿي؟ اڄڪلهه ڏسو ٿا ته حُسن جون سرڪاريون ڪرسيءَ وارين سرڪارين کان سواءِ ٻئي ڪنهن ڏانهن اک کڻي نهارڻ لاءِ به تيار ناهن.”
“ته پوءِ؟”
“ٻيو خير آهي، ٽوپيون پراڻيون ٿي ويون آهن، ڪجهه نيون وٺڻيون آهن. مڙيئي وڏن جي ريت کي منهن ڏيڻو ٿيو.”
شنوائيءَ واري ڏينهن ڏٺومانس ته هڪڙي نئين ۽ نرالي ڊزائين واري ٽوپي پاتل هيس. ان ڏانهن اشارو ڪندي کِلي چيائين:
“بلڪل نئون فيشن آهي!”
ڪپڙي جي چَتيءَ تي ٽوپيءَ جو نالو هلڪي اڻ لکي رنگ جي سنڌ جي نقشي هيٺان لکيل هو، “خالص قوم پرست.”
الائي ڪهڙو خيال آيس. اوچتو سنجيدو ٿي چيائين، “هڪڙي ڳالهه چوان؟ دل ۾ ته نه ڪندؤ؟ ڪڏهن صدر ۾ قومي ڪئپ هائوس تان هلي ڪي يڪيون ٻَه ٽي درجن ڪم جهڙيون ٽوپيون وٺي ڇڏيو! سڄي عمر لاءِ جان ڇُٽي پوندي. موقعي ۽ موسم آهر ٽوپي پائي، پوءِ ماڻهُوءَ کي جيڪي وڻي، سو پيو ڪري، ڪير پڇڻ وارو ڪونه هوندو.”