ڪھاڻيون

ڪورٽ ڪهاڻيون

هي ڪتاب ”ڪورٽ ڪهاڻيون“ نامياري ليکڪ، وڪيل ۽ سياستدان رسول بخش پليجي صاحب جي ڪورٽ ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
ياد رهي ته هي ڪهاڻيون سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي پاران پليجي صاحب جي ڇپايل ڪتاب تخليقي ۽ تنقيدي ادب تان ورتل آهن جيڪو 2012ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ڪورٽ ڪهاڻيون

ڪئٿرائين دُنِيا جو سير ڪيو

يورپ جي نقشي تي نظر وجهبي ته هڪ طرف روس جهڙا اجگر ملڪ ڏسبا ته ٻئي طرف البانيا ۽ بيلجم جهڙا ننڍڙا ملڪ به نظر ايندا، انهن ننڍن ملڪن ۾ سڀ کان ننڍڙو ملڪ آهي لڪسمبرگ. جرمني، فرانس ۽ بيلجم جي وچ ۾ هيءُ فقط هڪ هزار چورس ميلن جي ايراضيءَ ۽ 30 لک ماڻهن جي آدم شماريءَ جو پتڪڙو ملڪ آهي. ماڻهُو اڪثر جرمن نسل جا آهن. زالون مڙس محنتي، جفاڪش ۽ دلير آهن.
ڪئٿرائين سال 1941ع ۾ ڄائي، جڏهن سڄو يورپ نازي جنگ جي شُعلن ۾ سڙيو پئي، هن اوائلي تعليم پنهنجي وطن لڪسمبرگ ۾ ورتي. هن ننڍڙي ملڪ جي ننڍڙي ڇوڪريءَ جي دل ۾ ننڍپڻ کان الائي ڇو هڪڙي زبردست خواهش پيدا ٿي. سندس آرزو هئي، ته ڪنهن ڏينهن، ڪنهن وڏي ملڪ، ڪنهن وسيع دُنِيا، بلڪه سڄيءَ دُنِيا جو سير ڪريان. هن رُڳي ٺلهي خواهش نه ڪئي، پر پنهنجي زندگي، ان خواهش کي پورو ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين.
لڪسمبرگ مان اخبار نويسيءَ ۾ ڊپلوما وٺي، هوءَ سئزرلينڊ جي غيرملڪي ٻولين جي ڪاليج ۾ داخل ٿي. سندس مائٽ مسڪين هئا. پڙهڻ جو خرچ ڪجهه مائٽن جي مدد سان ۽ ڪجهه سرڪاري اسڪالرشپ مان پورو ڪندي هئي، ان کان سواءِ هوءَ جرمنيءَ ۽ لڪسمبرگ جي اخبارن لاءِ مضمون لکي اتان به ٿورو گهڻو ڪمائيندي هئي. هوءَ اها ٻاهرين اُپت بچائي رکندي ويندي هئي. اڄ کان پورا ٻه سال اڳ، يعني سيپٽمبر 1964ع ۾ هن پنهنجي آرزو پوري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. سندس عمر ان وقت 23 سال هئي.
هوءَ پاڻ سان هڪ بئگ ۽ هڪڙو وڏو ٿيلهو کڻي لڪسمبرگ کان اڪيلي سِرُ رواني ٿي. فرانس مان بحري جهاز ۾ چڙهي ائٽلانٽڪ سمنڊ جو اُڀرندو ڪنارو ڏيئي، جبرالٽر وٽان ڦري، ڀونوچ سمنڊ پار ڪري، هوءَ اٽليءَ جي نيپلس شهر ۾ پهتي. اتان وري بحري جهاز رستي، اوڀر طرف مصر جي اسڪندريه بندر تي آئي. اتي ڪجهه ڏينهن رهي، جهاز رستي اُتر طرف لبنان جي تخت گاهه بيروت آئي. بيروت کان خشڪيءَ رستي شام، اردن، عراق لتاڙي ٻن مهينن کانپوءِ ڪويت پهتي، اهو خشڪيءَ جو سفر هن بِنا ڀاڙي ڪيو. هوءَ پنهنجي بئگ هٿ ۾ ۽ وڏو ٿيلهو هٿ ۾ وجهي، رستي تي اچي بيهندي هئي، اڳتي ويندڙ ڪارن مان ڪونه ڪو مهرباني ڪري، کيس ڪجهه منزل اڳتي پهچائي ڇڏيندو هو، پوءِ وري اڳتي، وري اڳتي.
يورپ ۽ آمريڪا ۾ ماڻهن وٽ جام ڪارون آهن ۽ غريب مسافر اڪثر ائين ڪندا آهن.
ڪويت کان هوءَ هوائي جهاز ذريعي ايراني نار جي شهر دبئي مان ٿيندي، 12 مئي 1956ع تي هوءَ ڪراچي پهتي.
ڪراچيءَ ۾ چار ڏينهن ترسڻ کانپوءِ، هوءَ روڊ رستي ٺٽي آئي ۽ مڪليءَ جون تاريخي جايون ڏٺائين. پوءِ هوءَ موهن جي دڙي وئي ۽ 7 ڏينهن لاڙڪاڻي ۾ منزل ڪيائين. لاڙڪاڻي مان ٽرين رستي سفر ڪري 24 مئي تي 3 وڳي شام جو روهڙي پهتي. اتان روڊ رستي لاهور وڃڻ جو ارادو هوس.
هوءَ ٽرين مان لهي شاهي روڊ تي وڃي بيٺي، کيس اميد هئي ته بيروت کان ڪويت واري سفر وانگر، روهڙيءَ کان لاهور جو سفر بِنا ڀاڙي ٿي سگهندو. ڪو نه ڪو موٽر وارو مهرباني ڪري اڳتي وٺي هلندو.
ڏهن منٽن کانپوءِ سندس اميد پوري ٿي، هڪ جيپ آئي، منجهس ٽي ڄڻا ويٺل هئا، سندس هٿ ڏيڻ تي جيپ بيٺي. “معاف ڪجو، جي لاهور طرف ويندا هجو ته مون کي مهرباني ڪري چاڙهي هلو.” هن کين انگريزيءَ ۾ منٿ ڪئي. منجهانئن هڪڙي چيو، “اسين هتان 20 ملي اڳتي پني عاقل تائين وڃون ٿا. اوستائين هلين ته اکين تي کڻي هلون.” ڪيٿرائين سندن ٿورو مڃي جيپ ۾ چڙهي.
جيپ ۾ ويٺلن ۾ هڪڙو پي ڊبليو جو ايس ڊي او، ٻيو اوورسيئر ۽ ٽيون ڊرائيور هو. اسان کي سندن صحيح نالا اچن ٿا، پر نالن ۾ ڇاهي؟ اچو ته ايس ڊي او کي کڻي ڪمال الدين سڏيون. اوورسيئر کي نظير سڏيون. باقي ڊرائيور جو نالو اصلوڪو ئي ٿا کڻون- عبدالعزيز.
نظير اڳين سيٽ تان اُٿي ڪيٿرائين کي جاءِ ڏئي پاڻ پوئين سيٽ تي وڃي ويٺو. ڪمال الدين ۽ ڪئٿرائين اڳيان ويٺا. 20 ميل خبرن چارن ۾ گذري ويا. ڪمال الدين چيس ته جي رات پني عاقل ۾ رهي پوين ته سڀاڻي آءٌ 100 ميل اڳتي وڃڻو آهيان. توکي به کنيو هلندس. ڪئٿرائين پڇيو ته پني عاقل ۾ ڪو ريسٽ هائوس آهي؟ ڪمال الدين چيس ته هائو. تنهن ڪري هوءَ رات رهي پوڻ تي تيار ٿي.
هُو 4 وڳي شام جو پني عاقل پهتا. جيپ هڪڙي باغ ۾ وڃي بيٺي. باغ ۾ ٻه گهر هئا، هڪڙو چيائون ته ريسٽ هائوس ۽ ٻيو ڪمال الدين جو گهر. ڪمال الدين ڪئٿرائين کي صلاح هنئي ته ڪجهه دير منهنجي گهر هلي ويهه. ڪئٿرائين خوشيءَ سان هلي.
“وسڪي پيئندؤ يا بيئر؟” ڪمال الدين پڇيو، کيس مغربي ماڻهن جي عادت جي خبر هئي، ته ٿَڪ لاهڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه پيئندا آهن. ڪئٿرائين چيو ته بيئر ٺيڪ ٿيندو. ٻنهي بيئر پيتو. نظير موڪلائي هليو ويو.
ڏسجي ته ڪمال الدين اتفاق سان هڪ رنگين مزاج ايس ڊي او هو. معلوم ٿو ٿئي ته انهيءَ سلسلي ۾ هُو ڪو سيکڙاٽ ڪونه هو. کيس انهيءَ سفر جي سمورين لاهين چاڙهين جي خبر هئي.
بيئر پيئندي، هن کي پنهنجي بخت تي ناز ٿيڻ لڳو. هزارين ميلن کان ڪهي آيل هيءَ جرمن نازنين، ڄڻ ته قدرت طرفان سُوکڙي طور وٽس موڪلي وئي هئي. هن سوچيو: “هتي جي شڪارن کي ڦاسائڻ لاءِ ڪيڏو اوسيئڙو، ڪيڏي ڪوشش، ڪيئن لڪ ڇپ ڪرڻي ٿي پوي! ڪيترا ساوا نوٽ قربان ڪرڻا ٿا پون!” هيءَ ڀوري ڀوري، ڳوري ڳوري شهزادي ست سمنڊ پار ڪري ڪنهن اڻ ڏٺل ڏور ۾ ڇڪي، پنهنجو پاڻ اچي سندس هنج ۾ ڪري هئي. هن سندس چهري ۾ چتائي ڏٺو. بيئر سندس اکين ۾ هلڪو خمار ڀري ڇڏيو هو. سندس ڳل باهه جي اُلن جهڙا لال ٿي ويا هئا. صاف ظاهر هو ته هوءَ بلڪل آزاد خيال هئي ۽ ڪوبه حجاب ڪونه هوس. ڪمال الدين جو هرڪو چوڻ مڃيائين ٿي. اجايو ڊڄڻ بيڪار هو. رازي، زر يا زور- ڪنهن نه ڪنهن مان ڪم ٿي ويندو. هن ڪرسي سيري ڪئٿرائين جي ويجهو ڪئي. هوءَ ڏانهس ڏسندي مرڪندي رهي. هن وڌي سندس ٻانهن ۾ هٿ وجهي کيس چيو: “هڪڙي چُمي!” ڪئٿرائين مُرڪي انڪار طور ڪنڌ لوڏيو. اهڙا انڪار هن گهڻي ئي ٻُڌا هئا، هن وڌي کيس ڀاڪر پاتو. ڪئٿرائين ڇڏائڻ لڳي پر ڪمال الدين کيس لوهه ڪري ڇڏيو.
ڪئٿرائين دانهن ڪري ڊرائيور کي سڏ ڪيو- ڊرائيور ڊوڙي ته آيو، پر اچي پاڻ در دريون بند ڪري ڇڏيائين، پوءِ ٻنهي گڏجي ڪئٿرائين کي غاليچي تي دسيو. ڪئٿرائين کين سندن الله ۽ رسول جا واسطا وڌا. ڪمال الدين چيس، “جي چُپ نه ڪندينءَ ته خون ڪري ڇڏينداسونءِ.” پر ڪئٿرائين ساڻن لڙندي رهي، آخر هوءَ ساڻي ٿي پئي....
جڏهن ايس ڊي او جي فارغ ٿيڻ کانپوءِ وري ڊرائيور ڏانهس وڌيو تڏهن ڪئٿرائين ڪمال الدين کي فرياد ڪندي چيو، “اهو ظلم ته نه ڪريو.... ڊرائيور کي ته روڪ...” مٿس بيهوشي ڇانئجڻ لڳي. جڏهن هوش ۾ آئي تڏهن ڪمال الدين چيس ته غسل خاني ۾ وڃ، هن پنهنجو پرس کنيو، ڊرائيور ۽ ايس ڊي او کيس ٽيڪ ڏئي غسل خاني پهچايو. غسل خاني ۾ وهندي هن ڏٺو ته ڀتيون ننڍيون آهن. بالٽي اونڌي ڪري ان تي پير رکي ڀت چڙهي وئي ۽ هيٺ ٽپو ڏئي وٺي ڀڳي.
بالٽيءَ جي ٺَڪاءُ تي ڪمال الدين ۽ ڊرائيور ڊوڙي آيا، ڪئٿرائين پريان ئي وحشت انگيز رڙيون ڪرڻ لڳي، “مون کي ڇڏيو، مون کي ڇڏيو!”
ڪمال الدين هاڻ هيٺائين ورتي، “جيڪي ٿيڻو هو سو ٿي ويو، رات رهه، سڀاڻي توکي اڳتي پهچائي ايندس.” ڪئٿرائين نه بيٺي، رُڳو هڪڙو گلاس پاڻيءَ جو گهُريائين ۽ پيتائين. ڪمال الدين ڊرائيور کي چيو ته گاڏي آڻ- ڊرائيور گاڏي آندي، هڪڙي پاسي ڊرائيور، ڀرسان ڪئٿرائين ويٺي، ٻئي پاسي ٻيو نوڪر عبدالله ويٺو- ڪئٿرائين هن کي پاسي ۾ ويهڻ نه ڏنو هو، پُٺيان وڃي ويٺو. سندس سامان به جيپ ۾ رکيائون، “ڊرائيور توکي پني عاقل کان 20 ميل اڳتي ڇڏي ايندو.”
جيپ جڏهن پڪي روڊ تي آئي تڏهن ڪئٿرائين وٺي جيپ مان ٽپ ڏنو. ڊرائيور اسٽيرنگ ويل ڇڏي سٽ ڏئي کيس جهليو ۽ جيپ ازخود بيهي رهي. هوءَ پاڻ ڇڏائي لٿي. نوڪر سامان لاهي رکيو ۽ ڊرائيور جيپ کڻي روانو ٿي ويو.
ڀرسان پئٽرول پمپ تان پُڇا ڪري هڪڙي ٽيڪسي واري عبدالڪريم کي ساڻ ڪري هوءَ پني عاقل پوليس ٿاڻي پهتي- ان وقت شام جو ست ٿيا هئا.
انهيءَ وچ ۾ ڪمال الدين بندوبست ڪري چڪو هو. اي ايس آءِ پوليس مسلم عليءَ سندس فرياد داخل ڪرڻ ۽ کيس بروقت ڊاڪٽري تپاس لاءِ موڪلڻ بدران کيس فقط زباني دلداري ڏني ته، “آءٌ فوراً ڪارروائي ڪريان ٿو.” سندس مطلب هو ته ڪنهن طرح کيس ٽاري ڇڏجي يا ڳالهه تان لاهجي- نه ته به فرياد ۾ گهڻي ۾ گهڻي دير وجهبي، ته جيئن ڊاڪٽر کي تپاس ۾ ڪو ثبوت نه ملي. ڪئٿرائين ائين ٺڳجڻ واري ڪانه هئي. هن سڄو فرياد پنهنجي هٿ اکر لکي ڏنس- مسلم علي هاڻ ٻي چال هليو، هيءُ نازڪ معاملو آهي، ايس پي کان اجازت وٺڻي پوندي، پوءِ فرياد داخل ڪبو-
ڪئٿرائين چيو، “آءٌ به هلان ٿي.”
نائين ڏهين ڌاري هو گهوٽڪي پهتا، اتي مسلم عليءَ چيو، “ايس پي صاحب نڪري ويو آهي، سڀاڻي ملندو.” هُو موٽي پني عاقل آيا، رات جو هوءَ مسلم عليءَ جي ٻارن ٻچن ۾ رهي. صبح جو مسلم عليءَ کيس چيو، “تون پرديسڻ آهين. ڪيس مان توکي ڪوبه فائدو نه پوندو. اجايو رُلندينءَ ۽ خوار خراب ٿيندينءَ، جوابدار سخت پشيمان ٿيو آهي. مون تي تمام گهڻا زور بار آندا اٿس. تون جيڪي گهرين، سو توکي ڏيڻ لاءِ تيار آهي. توکي پنج، ڏهه هزار وٺائي ٿا ڏيون- ڪيس تان هٿ کڻي ڇڏ.”
ڪئٿرائين اهو ٻُڌي چيس، “مسلم علي، ڳالهه ٻُڌ! آءٌ ڪابه ڳالهه نه ٻُڌنديس، آءٌ سکر وڃي پڪارينديس.” اتي مسلم علي سمجهي ويو ته هي پئسن تي خريد ٿيڻ واري ڇوڪري ناهي. هن لاچار فرياد داخل ڪيو. فرياد ۾ تاريخ اڳئين ڏينهن واري وڌائين، وقت رات جو 9 وڳي ڏيکاريائين، هن احتياط طور 154 جي ڪتاب توڙي اسٽيشن ڊائريءَ ۾ اڳئين ڏينهن شام کان وٺي ڪابه داخلا نه ڪئي هئي.
ڊاڪٽر ڏانهن ليٽر ڪڍي ان تي اڳئين ڏينهن جي تاريخ وجهي رڪارڊ جي پورائي ڪيائين. باقي ڪئٿرائين کي ان ڏينهن به دير ڪرائي ڏيڍ وڳي ٻنپهرن جو اسپتال موڪليائين. ڪمال الدين واقعي ڪمال جو بندوبست رکيو. ڊاڪٽرياڻي مس ايس ايم ميمڻ جيڪو سرٽيفڪيٽ ڏنو، تنهن ۾ زوري زنا جو ڪوبه ذڪر ڪونه هو. پُٺ جي ڪنڊي، کاٻي هٿن جي پُٺ تي زخمن جو بيان هو. ڪيميائي ماهر جو سرٽيفڪيٽ به ڪئٿرائين جي خلاف نڪتو. ڏسڻ ۾ ائين آيو ته ڄڻ ڪئٿرائين جو جسم مڙدو بڻجي چڪو هو! ڪورٽ جو ڪم رُڳو اهو رهيو هو، ته ان لاش کي رسمن رواجن مطابق دفن ڪري، ڪيس سکر جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ چالان ٿيو. ڪمال الدين پاڪستان جي مشهور وڪيل مسٽر طفيل علي عبدالرحمان (جو پوءِ پاڪستان جو اٽارني جنرل ٿيو) جون خدمتون حاصل ڪيون. مسٽر طفيل علي، ڪئٿرائين کان زبردست آڏي پڇا ڪئي، کانئس سڄي واقعي جو احوال ورتائين. کانئس قبول ڪرايائين ته هوءَ ڪنواري هوندي به ڪنواري رهي. اهو به قبول ڪرايائينس ته هوءَ لاڙڪاڻي ۾ پورو هفتو هڪڙي ڇڙي ڇانڊ سيد نوجوان جي گهر رهي هئي.
جوابدار ڪورٽ ۾ لکيل بيان پيش ڪيو، جنهن ۾ لکيائين ته، “ڪئٿرائين مون سان روهڙيءَ کان پني عاقل ايندي جيپ ۾ ئي ٺهي وئي هئي. رات رهڻ لاءِ مون کان اڍائي سَؤ روپيا گهريائين، جي مون ڏيڻا ڪيا، پر پوءِ مون کي خبر پئي ته کيس ڪپڙا آهن- تنهن ڪري پئسن ڏيڻ کان انڪار ڪيم. انهيءَ تي هوءَ ڪاوڙجي پئي ۽ وٺي گوڙ ڪيائين. مون آخر 100 روپيا ڏئي جند ڇڏائي، هيءُ ڪيس انهيءَ ڪري مون تي ڪيو ويو، جو مون پورا پئسا ڪونه ڏنا.”
اي ڊي ايم سکر فريادڻ جي ڳالهه کي سچو ٺهرائي، جوابدا کي قلم 376 (زوري زنا) ۾ 5 سال سخت قيد ۽ 2 هزار ڏنڊ ۽ قلم 366 (ڪنهن کي زوري زنا لاءِ برغلائي وٺي وڃڻ) ۾ 3 سال سخت قيد ۽ هڪ هزار روپيا ڏنڊ جي سزا ڏني.
مغربي پاڪستان هاءِ ڪورٽ جي ڪراچي بينچ ۾ اپيل ڪئي وئي. جوابدار هاءِ ڪورٽ ۾ مسٽر طفيل عليءَ کان سواءِ، پاڪستان جي هاڪاري قانوندان مسٽر بروهيءَ کي به وڪيل ڪيو.
مسٽر بروهي هيٺين ڪورٽ جي فيصلي تي سخت قانوني ۽ منطقي جهلون ڪيون.
هن چيو ته (1) ڪوبه اکين ڏٺو شاهد ڪونه هو، جو فريادڻ جي پٺڀرائي ڪري. هڪڙي عورت جي بيان تي اعتبار ڪري، سزا ڏيڻ خطرناڪ ڳالهه آهي. (2) ڊاڪٽري شاهدي فريادڻ جي خلاف هئي. ڪئٿرائين ڄاڻي ٻجهي ڊاڪٽر وٽ ڪانه ويئي هئي. حالانڪه کيس ليٽر اڳئين ڏينهن ڏنو ويو هو. (3) ڪيميائي تپاس جو نتيجو به فريادڻ جي ڳالهه جي پٺڀرائي نٿو ڪري. (4) فريادڻ جو پسمنظر ۽ چال ڏيکاري ٿي ته جوابدار جو بيان سچو آهي. هوءَ اول راضي ٿي، پوءِ پئسن نه ملڻ ڪري ڪوڙو ڦڏو ٿي ڪري.
اپيل مسٽر جسٽس عبدالسلام فاروقي ٻُڌي. هن هر هڪ نُقطي تي تفصيل سان بحث ڪندي، جوابدار جي بيان کي ڪوڙو ۽ ڪئٿرائين کي سچو ٺهرايو. شاهد نه هجڻ جو ذڪر ڪندي هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏنو ته: “هن قِسم جي مقدمي ۾ جيڪڏهن سڀني حالتن تي غور ڪرڻ کان پوءِ انهيءَ نتيجي تي پهچجي ته فريادڻ ايمانداريءَ سان شاهدي ڏني آهي ۽ اها سمورن غالب امڪانن سان ٺهڪي ٿي ته پوءِ ڪورٽ کي جوابدار کي سزا ڏيڻ کان انڪار نه ڪرڻ کپي، توڙي جو فريادڻ جي بيان جي ٻئي ڪنهن کڻي تصديق نه به ڪئي هجي.”
هاءِ ڪورٽ مسٽر بروهيءَ جي اها ڳالهه قبول ڪئي ته 366 جو قلم لاڳو نٿو ٿئي. 376 (زوري زنا) جو ڏوهه ثابت ٺهرايو ويو. رُڳو انهيءَ ڳالهه کي خيال ۾ رکي ته جوابدار جي نوڪري ازخود ختم ٿي وئي. تنهن ڪري سندس سزا 5 سال مان گهٽائي 2 سال ڪئي وئي.
هاءِ ڪورٽ مسلم علي صوبيدار خلاف سخت رمارڪس پاس ڪيا ۽ ڪئٿرائين جي اُصول پرستي ۽ اعليٰ ڪردار کي خراج تحسين ڏنو، جو هن بي يارو مددگار ڇوڪريءَ، وطن کان هزارين ڪوهه پري، پرديس ۾ هيڏي مشڪلاتن هوندي، هيڏي لالچ کي ٺوڪر هڻي، ڪمال الدين جهڙي بااثر آفيسر ۽ پوليس جي سازش کي ناڪام بنائي ڏوهيءَ کي سزاياب ڪرايو ۽ پنهنجي بيعزتيءَ جو بدلو ورتو. ڪيٿرائين سڀني کي ڏيکاريو ته سڌريل ملڪن جا مرد توڙي عورتون نه رُڳو پنهنجي وطن پر ڌارين ملڪن ۾ به پنهنجي جائز قانوني حقن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿين ٿا. ڪابه لالچ ڪوبه دڙڪو، ڪابه تڪليف بلڪه خواري خرابي ۽ بدنامي به کين پنهنجي حق جي حفاظت کان روڪي نٿي سگهي.
اهو فيصلو پي.ايل.ڊي (ماهوار رسالو “پاڪستاني قانوني فيصلا” ) جي سال 1966ع جي مارچ مهيني جي ڪراچيءَ واري حصي جي صفحي 101 تي شايع ٿيل آهي.
ان کان سواءِ سنڌ جي مشهور افسانه نگار امر جليل پڻ انهيءَ واقعي بابت هڪ لاجواب افسانو “هن ڄار ۾” لکيو آهي، جو رسالي “روح رهاڻ” جي گذريل سال جي هڪ پرچي ۾ شايع ٿيو آهي.