ڪھاڻيون

ڪورٽ ڪهاڻيون

هي ڪتاب ”ڪورٽ ڪهاڻيون“ نامياري ليکڪ، وڪيل ۽ سياستدان رسول بخش پليجي صاحب جي ڪورٽ ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
ياد رهي ته هي ڪهاڻيون سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي پاران پليجي صاحب جي ڇپايل ڪتاب تخليقي ۽ تنقيدي ادب تان ورتل آهن جيڪو 2012ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ڪورٽ ڪهاڻيون

دؤر ٻيو

21 آڪٽوبر کان 28 آڪٽوبر... هڪ ڊگهيءَ غشيءَ ۽ غنودگيءَ جا اَٺ ڏينهن ۽ اَٺ راتيون. وچ وچ ۾ سُرت ۽ سجاڳيءَ جون گهڙيون، يادگيريءَ جون اڌ گيديون جهلڪيون، ڌُنڌ ۽ ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل چهرا، جملن جي اڌڙ، ڪمپائونڊر، ڊاڪٽر، انجيڪشنون، گوريون، ملاقات:
“ڪيئن آهين!”
“دعا آهي!”
“ڇا ٿو ٿئي!”
“بخار... پاسي ۾ سُور.”
29 تاريخ امام ۽ ادا، شميم لطيف، پناهه گهر وارا. ڪار، سول اسپتال، ڊاڪٽر عالماڻي. وري به ڪار، ڄامشوري جي پُل، ڄامشورو اسپتال.
پرائيويٽ وارڊ 14، روم نمبر 3، نرسون، گلوڪوز جي ڊرپ، انجيڪشنون، گوريون، دوائن جا وزن، ايڪس ري. مائٽ، ڪلهي ۾ چوويهه ڪلاڪ سُور جا ڏنگ، ڏينهون ڏينهن ڪمزوري، راتين جون راتيون تڙپڻ، اوجاڳا، مريضن جي ٻارن جون ورانڊي ۾ ڊوڙون ۽ ڌمچر، ملاقاتي، ڊاڪٽر.
“ڪهڙو حال آهي؟” ڊاڪٽر صالح مرڪي پڇيو.
“ڪلهه کان وٺي سخت اُلٽيون آهن.”
“ڇو ڀلا؟”
“بڻرلجين جي انجيڪشن ۽ گورين سان اچيو اُلٽيون ٿين، ڪلهه کان وٺي اها حالت آهي.”
“تڏهن ائنلجين ڏيوس... ڀلا ايميٽين شروع ڪيوَ؟”
“نه. بي پي 105 هو. تنهن ڪري ڊاڪٽر عالماڻيءَ چيو ته في الحال نه.” ڊاڪٽر پير ادب سان جواب ڏنو.
“فڪر ناهي. شروع ڪري ڇڏيو... ٺيڪ ٿي ويندا، فڪر نه ڪريو... کاڌو کائو... وري به ايڪس ري ۽ اسڪئننگ ڪرائي ڏسوس!”
“حاضر.” ڊاڪٽر پير وراڻيو.
“توهان سڏايو؟” سسٽر زرينه ڪمري ۾ گهِڙندي چيو.
“ها سسٽر. ڪُلهي ۾ سخت سور آهي. ائنلجين لڳايو؟”
“چڱو.”
نس ۾ سُئيءَ سان گڏ ڄڻ هزارين وڇونئن جا زهريلا ڏنگ گهِڙي ويا ۽ ڦهلجڻ لڳا. اڌ ڪلاڪ کانپوءِ آرام آيو.
سسٽر عزيزه گهِڙي آئي.
“هي سڀ ڪيڏانهن ويا؟”
“ننڍڙي بيمار هئي. امان اوجاڳا ڪري پاڻ بيمار ٿي پيئي، ڀاءُ اڳيئي چاڪ ڪونهي. هتي زڪام ۽ بخار ٿي پيس.”
“ڇا! هاڻي باقي اوهين ٽي، بس؟”
“بس!”
“ڊرپ لڳي اٿن؟”
“ها سسٽر!”
“کاڌو ڪهڙو کاڌو اٿس؟”
“سسٽر کاڌو وڻيس ئي نٿو. ڪجهه نٿو کائي.”
“پوءِ ايئن ڪيئن ڪم هلندو. آءٌ توهان کي پنهنجي ميس مان سُوپ موڪليان ٿي. اهو پِي ڏسجو. قَسم سان ڏاڍو مزيدار آهي. ضرور پِي ڏسجو.”
“چڱو.”
سندس پاڻ ۾ ڳالهيون . سسٽر حميده جون وچ وچ ۾ هلڪيون چيخون “ائي الله!” دٻيل ٽهڪڙا، مريضن ۽ سسٽرن جا قصا، اچرج، خوشي، ناپسنديءَ، ٽوڪ جا هٿن ۽ اکين سان اشارا... غنودگي.
... ... ...
گهنٽي.
“توهان سڏ ڪيو؟”
“ها سسٽر، هن جي طبيعت سخت خراب ٿي پيئي آهي. ڊاڪٽر کي گهرايو.”
“چ! چ! چيومانس سڄي رات اوجاڳو نه ڪندي ڪر. پنهنجي صحت جو خيال ڪندي ڪر.”
ڊاڪٽر پير آيو.
“هيءُ ڪنهن سرجن جو ڪم آهي. آرتوار جي رات ڪوبه سرجن گهر ڪونه هوندو... رات جا اَٺ ٿيا آهن. سرجن غنيءَ کي فون ڪريان ٿو، خدا ڪري هجي.”
“ها ڊاڪٽر، ذاتي ڪوشش وٺي ڪونه ڪو فوراً انتظام ڪريو. نازڪ حالت آهي. مڙس ماڻهُو ٿي.”
“حاضر ادا.” اڌ ڪلاڪ کانپوءِ سرجن غني، تپاس.
“ڪڏهن کان وٺي تڪليف آهي؟”
“پنجن ڏينهن کان.”
“اُلٽي به ٿي هئي؟”
“ها اڄ ٻنپهرن جو اُلٽي ٿي هئي.”
ٺيڪ آهي. هينئر ئي داخل ڪري، بئرالجين ڊرپ ۾ ملائي هڻوس. سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.”
ٻيو ڏينهن ڏهون نمبر ڪمرو، گلوڪوس جي ڊرپ، بئرلجين، ڪلورو فائيٽين.
وارڊ بواءِ، ڊرپ جو اسٽئنڊ، گلوڪوس جي ٿيلهي. پويان سسٽر زرينه.
“تڪليف ٿئي ته ٻُڌائجو.” سسٽر زرينه نس مان سُوئو ڪڍي وري ٻيو دفعو ٽُنبندي چيو. جواب ۾ سُور، طنز، خودقياسيءَ ۽ صبر ڀريل اڻ لکي مُرڪ.
گلوڪوس جي ٽنگيل ٿيلهيءَ مان گلوڪوس جا ڦُڙا ڳڙڻ لڳا. ٽِپ! ٽِپ! ٽِپ!
“اڪيلا رهجي ويا آهيو.” سسٽر زرينه همدرديءَ، قياس واري مُرڪ مُرڪندي چيو.
“هائو... ڏهين نمبر جو ڪهڙو حال آهي؟”
“ان کي به گلوڪوس لڳل آهي. رات ڪجهه ننڊ ڪيائين... سرجن غني رات 12 بجي ڏسڻ آيو هوس... سڀاڻي ايڪسري ٿيندو. رات لاءِ ايميٽين جي انجيڪشن آهي؟”
“نه شهر مان وٺڻ ويئي آهي، هن اسٽور تان نٿيون ملن.”
“ويچاري ڏاڍي تڪليف ۾ پئجي ويئي آهي. ساڳئي وقت ٻئي ڄڻا بيمار. سڄي رات ماڻس سان اوجاڳو ٿي ڪري، ڏينهن به سڄو! ٻنهي جي چاڪريءَ ۾ آهي... ڏاڍي سُٺي ڇوڪري آهي!” سسٽر عزيزه ڪمري جون ٽِڙيل پکڙيل دوائون ۽ سامان ٺيڪ ڪندي چيو.
در کُليو، هوءَ ٽوڪري کنيو سهڪندي، مُرڪندي پريان ئي زور سان ڳالهائيندي آئي...
“دوا ملي ئي نه. رُلي رُلي مس ملي آهي. سنڌي رسالا ڪونه مليا. ٽائيم اڃا ڪانه آئي آهي، پپيتو سڄي بازار ۾ ڪونه ٿو ملي.”
ٽوڪريءَ مان ساوا مرچ، هفتيوار نيوز ويڪ، موسميون، پالڪ، سنڌي اخبارون هفتيوار پيڪنگ رويو، انجيڪشنون، دوائن جون شيشيون ڪڍي ڪٻٽ ۾ وجهندي وئي.
“تڪڙ ۾ ڪلورومائيٽن وسري ويم. اما ڪاوڙبي. خير اڄ لاءِ ته آهي. سڀاڻي کڻي وٺبي... امان وٽان ٿي، اچي اوهان کي سُوپ ٿي ٺاهي ڏيئي وڃان.”
ڏينهن گذريا، ڪمرو 10 خالي ٿيو. ڪمرو نمبر 3 بدلائي ڪمرو نمبر 6 ورتو ويو.
“ڇا پڙهي پڙهي ٻُڌايان – اخبارون يا ناول؟”
“پهرين اخبارون پڙهه!”
“سنڌ جي ملازمن سان زيادتيون ختم ڪيون وڃن...
“سياسي رهنمائن کي بنيادي مسئلن تي ٺاهه ڪرڻ جي اپيل...
“175 اعليٰ آفيسر سبڪدوش ڪيا ويندا...
“حيدرآباد ۾ نوجوان شاگردن جو جلوس...
“اهو پڙهه!”
“حيدرآباد ۾ نوجوان شاگردن جو جلوس... هڪ شاگرد رهنما بُک هڙتال شروع ڪئي... ون يونٽ ٽوڙڻ، ووٽرن جون لسٽون سنڌيءَ ۾ شايع ڪرڻ ۽ تعليمي ادارن جي سنڌي سربراهن خلاف سازشون ختم ڪرڻ جا مطالبا...”
خبر پڙهي پوري ڪري پڇيائين:
“مطالبا منظور نه ٿيا ته پوءِ؟”
“پوءِ ڇا؟”
“پوءِ بک هڙتال ختم ڪندو يا...”
“خبر ناهي... ماڻهُوءَ ماڻهُوءَ تي مدار آهي.”
“ڪي موت تائين بک هڙتال ۾ مري به ويندا آهن؟”
“ها تازو هڪڙو سِک هندستان ۾ مُئو آهي.”
هوءَ سوچ ۾ پئجي ويئي.
“هاڻ ڇا پڙهون؟”
“ناول.”
“چڱو پهريائين ڀلي امان پڙهي.”
“ڪٿي ڇڏيو هيوسين؟” ماڻس پڇيو.
“جتي نعيم جي ڪمپني بيلجم پهتي آهي ۽ هاڻ جنگ جي محاذ تي اچي پهتا آهن.”
ماڻس عبدالله حسين جو ناول ‘اُداس نسلين’ ڪٻٽ مان ڪڍي پنا اُٿلائي، آخري نشان ڳولي لهي پڙهڻ شروع ڪيو:
“برف ڪِرڻ بند ٿي ويئي، چنڊ ڪڪرن کي چيري نِڪتو ۽ چوطرف سموري فضا برف جي اڇاڻ سان جرڪڻ لڳي. دشمن جي مورچن ۾ ڪنهن گِٽار جو يڪتارو بار بار پئي وڄايو، جنهن جو ڳنڀير ۽ نرم آواز اڇي ۽ گِهري صاف ڀريل رات جي جادوءَ کي پئي وڌايو...
“ٻئي ڏينهن وچينءَ جو حملي جو حڪم مليو. ساڻن گڏ نمبر هڪ نمبر ٻه نمبر ٽي ڪيولري برگيڊ جا وڏا حصا هئا. حملي جي رٿ هيءَ هئي: نمبر ٻه ڊبل ڪمپني جيڪا ميجر همفري جي ڪمان ۾، هولي بئنڪ واري سيڪشن جي خندقن تي قابض هئي، سا اڳتي وڌي ڇهه سؤ والن جو محاذ گهيريندي. نمبر پهرين ڪمپني ڪئپٽن ايڊيئر جي ڪمان ۾ روز بڪت تي قبضو ڪندي. جنهن مهل نمبر ٻه ڪمپني سندس ڀرسان اچي پهچندي، تنهن مهل نمبر ٻه ڪمپني چڙهائي شروع ڪندي...
ٽين بجي فائرنگ شروع ٿي، ريجمينٽ، دشمن جي مشين گن ۽ رائيفل فائر جي اڳيان اچي ويئي... هوا ۾ بارود جي بوءِ هئي...
“ڪنڊ 39 – ڏکڻ اوڀر – فائر!” ڪمپني ڪمانڊر رڙ ڪئي – زخمي سپاهي ٻنهي هٿن سان پيٽ کي جهليو گوڏن ڀر ويٺو هو “پاڻي!” هن خوفناڪ غيرانساني آواز ۾ چيو ۽ جهُڪي پيو. سندس مٿو وڃي زمين سان لڳو ۽ هو ان حالت ۾ ڪمزور ۽ مئل آواز ۾ ڪجهڻ لڳو. ٻن سپاهين کيس سنئون ڪري ليٽايو ۽ پاڻيءَ جي ڇل کڻي وات تي رکيائونس. سندس نڙيءَ مان هڪڙو ڍُڪ مس هيٺ لٿو. ٻيو پاڻي واڇن مان وهڻ لڳس، سخت سُور کان سندس چهرو بڇڙو ٿي ويو هو ۽ موت جي خوف ڀريل نگاهن سان هُو ٽِڪ ٻَڌي آسمان کي تڪيندو رهيو. جنهن مهل نعيم آخري دفعو کيس ڏٺو، تنهن مهل هن پنهجين اکين سان پنهنجي پيٽ ڏانهن اشارو پئي ڪيو، جنهن کي اڃا تائين سندس رت ڀريل هٿ سوگهو جهلي ويٺا هئا...
“هو سال تائين بيلجم ۽ فرانس جي علائقن ۾ لڙندا رهيا... پنهنجن توڙي دشمن جي مورچن ۾ هن هزارين سپاهين کي مرندي ڏٺو. ڪن کي آسانيءَ سان مرندي ته ڪن کي سيٽجي مرندي، ڪن جي چهرن تي اَڇاڻ ۽ معصوميت هئي ته ڪن جي چهرن تي موت جي نيلاڻ ۽ سُور. ڪن جي اکين جيئري ماڻهُوءَ وانگر جهاتيون ٿي پاتيون ته ڪن جون اکيون انڌن شيشن وانگر پيشانيءَ تي جڙيون پيون هيون. ڪن جي کيسن ۾ سُڪل راشن ۽ ٻه ٽي گوليون هونديون هيون ته ڪن وٽ ٻارن ۽ سُهڻين ڇوڪرين جا فوٽا سندن ڪارين چوٽين جي چڳن جون نشانيون. هو سمورا ڪي پٿرن تي ته ڪي خندقن ۾ سُڪل نالن ۾، ته ڪي برف تي يا گپ ۾ مُئا پيا هوندا هئا. وقت هجي ها ته نعيم ڪنهن نوجوان سڪون ڀريل چهري وٽ بيهي رهي ها. سندس کيسا ڦلوري فوٽا ۽ خط ڪڍي ها. انهن عورتن جو تصور ڪري ها، جيڪي ڳوٺ کان ٻاهر نين ۽ نالن جي ڪنڌين تي پنهنجين پيارين شڪلين لاءِ سِڪنديون پيون هونديون ۽ خبر ئي ڪانه هوندين ته انهن محبوب مهانڊن جا چپ ٿڌا ڪري ڇڏيا ويا آهن، اهي بدن ۽ جسم جن کين بي پناهه خوشين جون راتيون بخشيون، سي هزارين ميل پري ڌوڙ ۾ ٽِڙيا پکڙيا پيا آهن، ۽ هو اجايو پيون واٽون نهارين. هو جيڪر انهن ٻنين بابت سوچي ها، جي نوجوان هٿن کان سواءِ غيرآباد ۽ ويران ٿي ويون.”
هاڻ بس!” چئي ماڻس ڪتاب بند ڪري هٿ وڌائي ڪٻٽ جي خاني ۾ رکيو.
سامهون اُلهندي پاسي واري کُليل دروازن مان سياري جي شام جي اُداس ۽ ٿڪل سج جي روشنائيءَ ۾ لان جي ڇٻر جو رنگ سائو سونهري ٿي پيو هو. ڦوهاري جي آس پاس رنگبرنگي ٻوٽن ۾ ننڍڙيون ننڍڙيون جهرڪيون پَرَ سوئي پاڻ ۾ راند پئي ڪُڏيون ۽ رَکي رَکي “ڦَر!” ڪري اُڏامي گوهيون ڏيڻ ٿي لڳيون.
“زبردست ناول آهي.” ٿوري دير رکي چيائين، “ماڻهُو هڪٻئي تي ظلم الائي ڇو ٿا ڪن؟” سندس گلو ڀريل هو. ماڻس به خلا ۾ گهُورڻ لڳي. ۽ پوءِ چيائين، “بس اصل کان وٺي هڪٻئي کي ڪُهڻ جو دستور هليو اچي. نظام ئي اهڙو آهي.”
هن چيو، “اهو نظام ئي ختم ڇو نه ٿا ڪري ڇڏين... منهنجو وس هجي ته انهن سڀني جنگ ڪرائڻ وارن کي شوٽ ڪري ڇڏيان.”
“اهو شوٽ ڪرڻ به ته ماڻهُو مارڻ ٿيو.”
“ها، پر اهو سُٺي مقصد لاءِ ٿيو... اهڙا انسانن جا دشمن مُئا ڀلا آهن.” ماءُ، ڌيءَ هڪ ٻئي پويان چيو.
“ڪير ماري؟”
“ماڻهُو... عوام.” هن چيو.
“اهي ته نه ٿا اُٿن.”
“ٻيا سُٺا ماڻهُو کين اُٿارين.” ماڻس چيو.
“شاگرد، نوجوان، پاڻ سڀ اُٿي پئون.” هن زوردار تائيد ڪئي، “چين وارن به ته ائين ڪيو نه! ويٽنام وارن ڏسو ڇا ڪيو آهي!” “اُتي ته مرد عورتون، ٻار، ٻُڍا به سِر ترين تي رکيو بيٺا آهن.”
“اسين به ايئن ڪنديون سين. خدا جو قسم هتي ماڻهُو اُٿي بيهن ته آءٌ جيڪر اڄ ئي ساڻن هلي وڃان...”
“پوءِ فلمون ڪير ڏسندو؟”
“فلمون! مون کي ته هاڻي انهن فلمن لاءِ نفرت آهي. سڀ ڪوڙ! پنهنجي زندگي سڄي غلط آهي. ايمان سان آءٌ ته چوان ٿي ته آءٌ ڇوڪرو هجان ها ته ويٽنام هلي وڃان يا فلسطين. عظيم انسان اهي آهن. هتي ته اسين رڳو حيوانن جي حياتي گذاريون ٿا....”
“اهي ويچارا ته روز مرن ٿا.” ماڻس افسوس سان چيو.
“ڀلي مرن، مرڻ ۾ ڇاهي. انسان ته ٿي مُئا. مربو ته ائين ئي. پنهنجي قوم لاءِ سِر ڏيئي مرجي يا اُنهن انسانن وانگر سڄي عمر لِپ اسٽڪون هڻي، فئشن ڪري، فلمون ڏسي، مانيون پچائي، زنانا جهيڙا ۽ گلائون ڪري ڪُتن وانگر مري وڃجي...” هن جوش ۽ نفرت وچان ڳاڙهو ٿي چيو.
گهوڙي وانگر تيزيءَ سان آيل بيماري جونءَ وانگر آهستي سُرندي موٽ کائي رهي هئي.
“سڀاڻي کان توهان صبح جو 7 بجي لان ۾ وڃي ٿورو هلجو ۽ اُس تي ويهجو.” سسٽر زرينه رات پنهنجي پنجابي اردوءَ ۾ حڪم ڏنو. سندس مهربان ۽ ٻاجهاري منهن تي چڙهيل پُرسڪون سنجيدگيءَ جي نقاب مان سندس سرهائي ۽ فتح جون جهلڪيون نظر پئي آيون. سندس سنڀال ۾ ڏنل مريض ٺيڪ ٿي رهيو هو.
لان جي چوڌاري بينچن مان هڪ تي فتح مل واري ڇوڪري ۽ سندس ماءُ ويٺيون هيون. مينديءَ جي ٻُوٽن تي جهرڪيون چرچر ڪري پاڻ ۾ وڙهي رهيون هيون. ننڍڙو اياز لطيف سُٿڻ پائڻ کان انڪار ڪري گُسائي ڦوهاري ۾ هٿ پير پُسائي نعرا هڻي رهيو هو، “سنڌ جو بهادر!” “لالا قادر!” “سنڌ جو بهادر!” “لالا قادر!”
“هي نعرا ڪٿان سِکي آيو آهين؟”
“ڪٿان نه!”
“شهر ويو هو، اُتان ڇوڪرن کان ٻُڌا هوندائين.” ماڻس ٻُڌايو. ڇٻر اڃا آلي هئي. فراسي وڇائي ويئي.
“نيٺ ڀلا ڇا ٿيندو؟ مطالبا مڃيندا؟” هن پڇيو.
“خبر ناهي.”
“پوءِ بس ويچارو ڀلي مري وڃي! سرڪار کي احساس به ڪونه ٿيندو!”
“خبر ناهي... اڄ پاڻ به شهر ٿا هلون. خبر وٺجي. قاضي فيض محمد به اچي ويٺو آهي.”
“قاضي فيض محمد تمام سُٺو ماڻهُو چئبو. ٻيا ليڊر ته گهر سُتا پيا آهن.”
“وڏو سچار سنڌي آهي... سنڌ جو آزمايل سپاهي آهي.”
شهر کان موٽندي واٽ ۾ اها ئي ڳالهه ٿيندي رهي.
“قاضيءَ جي اچڻ تي شاگرد ليڊر ڇو ناراض ٿيا آهن؟”
“چون ٿا ته سياسي ليڊرن جي شامل ٿيڻ ڪري معاملي کي سياسي رنگ اچي ويندو، حڪومت هروڀرو ضد ٻَڌندي.”
“پوءِ ڇا ٿي پيو. سياسي معاملو اوئين ئي آهي.... قاضي ويچاري کي ته ارمان ٿيو هوندو.” ماڻس چيو.
“ها، ڳالهه ڪندي سندس گلو ڀرجي آيو. مون کي خود شرم پئي آيو.”
“ڇو؟”
“بس، قومي سياسي شعور جي پختائي ناهي. اڃا هرڪو پنهنجي ديڳڙي الڳ رڌڻ کائڻ ٿو گهري. هڪڙي بزرگ فدائي قربانيءَ لاءِ اچي ۽ ان جو اهو قدر ٿئي!”
هوا تي نڪرڻ ڪري طبيعت خراب ٿي پيئي. بخار... اُلٽيون... شام جو ڪجهه سامت آئي.
“ڪجهه پڙهجي.”
“چڱو ناول پڙهون؟”
“نه. انهيءَ مان طبيعت مورڳو اُداس ٿيو پوي. اڄڪلهه اهڙو ادب پڙهجي، جنهن سان همت وڌي، فتح ۾ يقين ٿئي، آئندي ۾ اعتماد ٿئي...”
“ٺيڪ آهي. تڏهن امان تون شاهه جو رسالو پڙهي ٻُڌاءِ.”
“ڪهڙو سُر.”
“کاهوڙي.”
“پيئي جنين باس گنبي ڏونگر گام جي،
ڇڏي لوڪ لباس، لوچي لاهوتي ٿيا.”
سڄو سُر پورو ڪري پڇيائين، “هاڻ وري اياز.... ائن؟”
“ها.”
“ڪتاب ته گهر رهجي ويو. ياد ٿا پڙهون. پهريائين تون هُو ٻُڌاءِ، اسين ننڊ جا نيڻ آهيون پرين!”
“اسين ته ننڊ جا نيڻ آهيون پرين،
سُتي ساهه جاڳي وڃي دور دور،
ستارا لتاڙي اسان جو شعور...
جڏهن موٽ کائون
سوين راز آڻيون
سوين ساز جي لاءِ آواز آڻيون
سوين چنڊ چايون،
ستارا تڳايون،
انهن سان اچي جڳ سڄو جڳمڳايون،
اسين ننڊ جا نيڻ آهيون پرين،
اسين جاڳ جا ڀاڳ آهيون پرين!”
ٻاهر اوندهه هئي. پريان وڻن جي پنن جي هلڪي سر سر جا ڀُڻڪاٽ پئي آيا. واري واري سان سهڻي لطيف ۽ اياز جو ڪلام پڙهجي رهيو هو. ايئن ٿي لڳو ڄڻ ڪمري نمبر 6، وارڊ 14 مان سڄي ايل.ايم.سي اسپتال مان سموري سنڌ مان سڀ مرض ۽ بيماريون ڌوپي رهيون هيون، ماڻهُو هنڌ ۽ بسترا ڇڏي، گهرن جون ڪُنڊون ڇڏي، گام ۽ گهٽيون ڇڏي، مڙي سڙي ولر ۽ ٽولا ڪري، قطارون ٺاهي، لشڪر بڻجي مست ٿي، نچندا ٽِپندا، ڳائيندا، ظلم ۽ قهر جي ڪوٽن تي، غلاميءَ جي مورچن تي، نڪري دوکي جي ديوارين تي هلائون ڪرڻ لاءِ لهرون لهرون ٿي وڌي رهيا هئا.
او شال عُقابن سان اٽڪان
مان وار ٿي واهرن جي
ٿي ساري سنڌ اياز پني
ڇا ڇم ڇم آندئي ڇيرن جي!”
“ڏونگر ڏکوين کي تپي ڪندين ڪوهه،
تون جي پهڻ پٻ جو ته لڱ به منهنجا لوهه،
جنهن ڇوريءَ ۾ ڇوهه سا پٿون ٿيندي پير تي.”
اکين ۾ حوصلي ۽ همت ۽ جذبي ۽ جولان جا ڏيئا جرڪي اُٿيا.
“هاڻ قائد انقلاب پڙهجي.”
هن ڪتابڙو ڳولي هٿ ڪيو ۽ پڙهڻ لڳو.
“سڄي دُنِيا جا عوام پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي وڃو ۽ آمريڪي اڳرائي ڪندڙن ۽ سندن شڪاري ڪُتن کي شڪست ڏيو. سڄي دُنِيا جا ماڻهُو مڙسي ڪريو، ڪمر ڪشيو وڙهڻ جي جرئت ڪريو، مشڪلات کان نه ڊڄو ۽ لهرن پويان لهرون ٿي اڳتي وڌو. پوءِ سڄي دُنِيا عوام جي ملڪيت ٿي ويندي. سڀني قسمن جا راڪاس تباهه ڪيا ويندا.”
“انساني تاريخ ۾ سدائين سمورين مرڻينگ ۽ مُردار قوتن پوين پساهن تي اچي، انقلابي قوت جي خلاف سِر ٽوڙ مقابلو پئي ڪيو آهي ۽ ڪي انقلابي اڪثر دشمن جي انهيءَ ظاهري طاقت ۽ اندروني ڪمزوريءَ کي ڏسي ڪجهه دير لاءِ دوکي جو شڪار ٿي ويندا آهن. کين خبر ئي نه پوندي آهي ته دشمن تباهيءَ جي ويجهو پيو پهچي ۽ هو پاڻ فتح جي ويجهو پيا پهچن...”
“اسان کي کپي ته پنهنجي طرف مان ڪمزوري ۽ بي وسيءَ جا سمورا خيال ختم ڪري ڇڏيون. دشمن جي طاقت کي اجايو گهٽ سمجهڻ جا سمورا خيال غلط آهن.”
“مظلوم عوام ۽ مظلوم قومن کي اهو ڪڏهن به نه سمجهڻ کپي ته ڪو عوام کي غلام بڻائيندڙ سامراجين کي ڪڏهن نه ڪڏهن حياءُ پئجي ويندو ۽ هو سندن ڳچيءَ مان هٿ ڪڍي ڇڏيندا. هو فقط تڏهن ڪامياب ٿيندا، جڏهن پنهنجي ٻڌيءَ کي مضبوط ڪندا ۽ پنهنجي جدوجهد تي ثابت قدم رهندا. سچو پچو رُڪ جو قلعو عوام آهي، لکين ڪروڙين عوام جيڪي سچائيءَ ۽ صاف دليءَ سان انقلاب جي پُٺ ڀرائي ڪن. اهو آهي صحيح معنيٰ ۾ رُڪ جو قلعو، جنهن کي ٽوڙڻ ڪنهن به طاقت جي وس جي ڳالهه ناهي...”
“جنهن هنڌان جنگ ڪرڻ جي ڀرپور طاقت جو چشمو ڦُٽي نڪري ٿو، سو عوام ۾ لِڪل آهي، هيءُ جو دشمن کي ايڏي مجال ٿي آهي جو اسان تي آڪڙ ۽ رعب پيو ڪري، ان جو خاص سبب اهو آهي جو عوام اڃان ڇڙوڇڙ ۽ غيرمنظم حالت ۾ آهي. جڏهن اها گهٽتائي نڪري ويندي، جڏهن اڳرائي ڪندڙ اسان جي لکن ڪروڙن عوام جي وڪڙ ۾ اچي ويندو ۽ جهنگلي ڍڳي وانگر شعلن ۾ وڪوڙجي رنڀو ڪري ٽڪر هڻندو ۽ ڊوڙون پائيندو، اسان جي آواز جي گجگوڙ ئي سندس دل ۾ دهشت وجهي ڇڏيندي ۽ هو سڙي رک ٿي ويندو.”
اونداهي گِهري ٿيندي ويئي. ڳالهين مان ڳالهيون نڪري اُسري نسري سياڻپ ۽ سورهيائيءَ جا سنگ ڪڍي رهيون هيون.
هن اوچتو پڇيو:
“آءٌ هڙتال ڪري سگهان ٿي؟”
“ڇو نه؟”
“ماڻهُو کِلندا ته ڪونه؟ چوندا ته ڪونه، ته نياڻي ڌيءَ هڙتالون پيئي ڪري...”
“ڪي ضرور کِلندا، ٽوڪون ڪندا، اول شايد سڀ ناپسند ڪن، هر نئين ڳالهه تي ماڻهُو کِلندو ۽ چٿرون ڪندا آهن.”
“پوءِ....؟” هن اُداس ۽ مايوس ٿي چيو، “مرشد سائينءَ جو فرمان آهي:
“ڪاريءَ رات ڪنن ۾ آهي ڪاڻيارين ڪم
“ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾ ڏي ڏراپا ڏم
هي هڏو ۽ چم گهوريو محب ميهار تان.”
“چڱو!” هن محڪم ارادي سان چيو، سندس اکين ۾ عزم جا شعلا هئا.
... ... ...
ٻئي ڏينهن اخبارن ۾ بک هڙتالين کي رتورت ڪري گرفتار ڪرڻ جون خبرون شايع ٿيون.
“هاڻ؟” هن اخبار پڙهي پڇيو، “خبر ناهي؟”
“هاڻ ته مڇرجي پيا آهن. هاڻ جيڪو بک هڙتال ڪندو تنهن کي ماريندا.”
“نه؟” “ها،”
“رتورت ڪري ڇڏيندا؟” “شايد.”
“پر جي ڪجهه نه ڪبو ته تحريڪ ته ناڪام ٿي ويندي؟ نه؟ چوندا ته سنڌي ڊڄي ويا؟ نه؟”
“ها.”
“ٻيا ڇوڪرا ته هاڻ ڪونه ويهندا؟”
“خبر ناهي. شايد نه ويهن.”
“آءٌ وڃان ٿي!” هوءَ اوچتو ٽپ ڏيئي اُٿي کڙي ٿي ۽ وِڄ جي تيزيءَ سان هلي وئي.
“بسترو کڻي وڃج!” ماڻس پويان سڏ ڪري چيو ۽ پوءِ پاڻمرادو ڀُڻ ڀُڻ ڪري چيائين، “ويئي هلي سڏ ڪونه ٻُڌائين.”
سسٽر زرينه سُئي هڻڻ لاءِ گهڙي آئي.
“هينئر اختر تڪڙي تڪڙي ڪيڏانهن پئي ويئي؟”
“جيل!” ماڻس سنجيدگيءَ سان چيو.
سسٽر منهن تڪيندي رهجي ويئي.
شاهه جو بيت اُڀري اکين اڳيان اچي بيٺو:
“پيئي جن پروڙ گنجي ڏونگر گام جي،
ڇڏي سڀ ضرور، لوچي لاهوتي ٿيا!”