ڪھاڻيون

ڪورٽ ڪهاڻيون

هي ڪتاب ”ڪورٽ ڪهاڻيون“ نامياري ليکڪ، وڪيل ۽ سياستدان رسول بخش پليجي صاحب جي ڪورٽ ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
ياد رهي ته هي ڪهاڻيون سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي پاران پليجي صاحب جي ڇپايل ڪتاب تخليقي ۽ تنقيدي ادب تان ورتل آهن جيڪو 2012ع ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book ڪورٽ ڪهاڻيون

برجستو پوليس آفيسر

دُنِيا جي سڌريل ملڪن جون يونيورسٽيون رُڳو ڪلاسن ۾ ڪتاب ڪونه چَٽائينديون آهن. آمريڪا ۽ يورپ جون يونيورسٽيون سائنسي ۽ علمي کوجنا جا عظيم ڪارناما سرانجام ڏينديون آهن. سندن پروفيسر ۽ شاگرد دُنِيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي پنهنجي پنهنجي علمي شعبي بابت تحقيقون ڪري نوان نوان انڪشاف ڪندا آهن.
يورپ جي نقشي تي نظر وجهبي ته فنلينڊ جي اوڀر ۽ روس جي اُتر ۾ بئرينٽس سمنڊ نظر ايندو. هيءُ سمنڊ اُتر قُطبُ جي ويجهو آهي ۽ اڪثر ڄميل رهندو آهي. وچ وچ ۾ ڪٿي ڪٿي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ٻيٽ نظر ايندو، نه ته هزارين ميلن ۾ رُڳو ڄميل برف سان ڍڪيل سمنڊ ئي سمنڊ آهي. ان جا ٻه وڏا ٻيٽ آهن نرويازيمانيا ۽ ڪولگوبيو.
ڪولگو بيو ٻيٽ ماسڪو کان اٽڪل 900 ميل اُتر ۾ آهي. منجهس عجيب قسم جا پکي ۽ جانور رهن ٿا. ماسڪو يونيورسٽيءَ ڪولگوبيو ٻيٽ جي عجيب ساهوارن جي مطالعي ۽ انهن بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ علم حيوانات جي ٻن ماهرن جي هڪ مهم اوڏانهن رواني ڪئي. اهي ماهر هئا پروفيسر بوزوو ۽ اسسٽنٽ پروفيسر ووردنوو. کين هڪ سال ڪولگوبيو ٻيٽ تي رهي تحقيق ڪري يونيورسٽيءَ کي رپورٽ ڪرڻي هئي.
اتفاق سان پروفيسر بوزوو ۽ اسسٽنٽ پروفيسر ووردنوو هڪٻئي سان اصل نه ٺهندا هئا. ٻنهي کي هڪٻئي لاءِ سخت نفرت هئي.
يونيورسٽيءَ جي ٻين پروفيسرن هنن ٻنهي جي گڏ انهيءَ ڏورانهين برفاني ٻيٽ ڏانهن موڪلجڻ جو ٻُڌي چرچي طور چيو، “شايد کين ڄاڻي ٻُجهي انهيءَ لاءِ موڪليو اٿن ته ڪجهه گرمي ڇنڊي ٿڌا ٿي اچن...!” ڪن وري چيو، “ڏسجو ويٺا، هڪٻئي جا مٿا نه ڦاڙي وڌائون ته چئجو!”
پروفيسر بوزوو پنهنجي پهرئين خط ۾ دوستن کي پنهنجي پهچڻ جو اطلاع ڏيڻ ۽ ٻئي حال احوال ڏيڻ کان پوءِ لکيو، “جي اسسٽنٽ پروفيسر ووردنوو جيڪو خود مطالعي جي لائق عجيب جانور آهي، سو گڏ نه هجي ها ته جيڪر زندگي ڏاڍي مزي سان گذري ها، هيءُ شخص منهنجي زندگي زهر ڪندو رهي ٿو.”
اڃا مهينو ئي ڪين گذريو ته ٺڪ هڪڙي تار اچي سهڙي! “پروفيسر بوروو کي اسسٽنٽ پروفيسر ووردنوو اک ۾ چاقو هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي.”
قتل جي جاچ ماسڪو جي پوليس انسپيڪٽر ليوشينين جي حوالي ڪئي وئي.
انسپيڪٽر ليوشينين ماسڪو جو برجستو پوليس آفيسر هو. برجستا پوليس آفيسر دُنِيا جي هر ملڪ ۾ آهن. البت برجستو پوليس آفيسر ڪهڙين لياقتن واري آفيسر کي سڏجي، تنهن جو مدار ملڪ ملڪ تي آهي.
مثلاً اسين پنهنجي ملڪ ۾ “برجستو” پوليس عملدار عام طرح ان کي ليکيندا آهيون، جيڪو تر جي وڏي ڀوتار اڳيان پاليل ٻليءَ جهڙو فرمانبردار ۽ عام خلقت لاءِ بگهڙ جهڙو خونخوار هجي، قانون جي نالي ۽ اوٽ ۾ ڦُريون، ڌاڙا، بلڪه خون ڪرڻ به ڏائي هٿ جو کيل سمجهي- مطلب ته “ڌو-پار” ۽ “مڙس ماڻهُو” هجي!
پر ٻين ملڪن ۾ “برجستو پوليس عملدار” ليکجڻ لاءِ وري ٻيون ڳالهيون ضروري آهن. پنهنجي پنهنجي پسند آهي.
انسپيڪٽر شينين هڪدم ڪولگوبيو ٻيٽ ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار ٿيو، پر معلوم ٿيس ته آسپاس سمنڊ سڄو ڄمي چڪو آهي. ڪوبه جهاز اوڏانهن وڃي نٿو سگهي، پر هيءُ مُڙڻ وارو ڪونه هو. هن معلوم ڪري ورتو ته ڪولگوبيو ٻيٽ جي آسپاس هڪڙو برف چيريندڙ جهاز برف پيو چيري. هن ان جهاز جي ڪيپٽن کي ريڊيو رستي پيغام موڪليو ته ٻيٽ تي وڃي پروفيسر بوزوو جي لاش کي سردخاني ۾ رکي ماسڪو پهچائي ۽ اسسٽنٽ پروفيسر ووردنوو کي به گرفتار ڪري وٺي اچ. کيس اهو به چيائين ته جاءِ واردات جي تپاس ڪري شاهدن جا بيان لکي اچ.
ڪجهه عرصي بعد ٻئي پروفيسر، هڪڙو سردخاني ۾ ۽ ٻيو هٿڪڙين ۾ ماسڪو پهتا.
شاهدن جي لکيل بيانن مان معلوم ٿيو ته ٻئي پروفيسر گڏجي شڪار تي ويا هئا، ساڻن ٻيو ڪير به ڪونه هو. واپس فقط جوابدار موٽيو. ماڻهن وڃي ڏٺو ته فوتي پروفيسر جي اک ۾ چاقو ٽُنبيو پيو هو. اکين ڏٺو شاهد ڪوبه نه هو.
انسپيڪٽر جوابدار کان اول سندس زندگيءَ جو احوال مختصر طور معلوم ڪيو. معلوم ٿيو ته هن وڏيون کوجنائون ڪيون هيون ۽ ڪارائتا ڪتاب لکيا هئائين.
“تنهنجا پروفيسر بوزوو سان ڪهڙا تعلقات هئا؟”
“بدقسمتيءَ سان اسان جا تعلقات سُٺا ڪونه هئا!”
“هو توهان کي نه وڻندو هو يا توهان کيس نه وڻندا هئا؟”
“اسين ٻئي هڪٻئي کي نه وڻندا هئاسون.”
“توهان جي هڪٻئي لاءِ ناپسندي ڪيتريءَ حد تائين هئي؟”
“سخت نفرت جي حد تائين!”
“قتل واري ڏينهن شڪار تي اوهان ٻنهي سان گڏ ٻيو ڪوبه هو ڇا؟”
“نه.”
“پروفيسر بوزوو جي اتي ڪنهن ٻئي سان به اڻبڻت ٿي پئي هئي ڇا؟”
“نه، هو پنهنجن ئي پُورن ۾ هوندو هو. ٻيو ته هونئن ٻين ماڻهن سان هو بلڪل خوش طبع هوندو هو.”
“دشمني فقط اوهان سان هيس؟”
“فقط مون سان!”
“ڪڏهن توهان انهيءَ نفرت جو ساڻس اظهار به ڪيو؟”
“ڪيترا دفعا- جڏهن هن منهنجي کوجنائن تي چٿرون ڪيون، تڏهن مون کيس چيو ته دل ٿي چويم ته...”
“جملو پورو ڪريو!”
“...چيومانس ته دل ٿي چويم ته تنهنجو مٿو ڦاڙي وجهان.”
“اوهان جي پاڻ ۾ آخري چڪري واقعي کان گهڻا ڏينهن اڳ ٿي؟”
“ٻه ڏينهن اڳ....”
“پروفيسر، اوهان جي خيال ۾ ڀلا ائين ممڪن ٿي سگهي ٿو ته پروفيسر جو ڪو دشمن ماسڪو کان آيو هجي ۽ موقعي جي تاڙ ۾ لڪو پيو هجي ۽ شڪار جي موقعي تي لڪ ڇپ ۾ توهان جي بي خبريءَ ۾ کيس خون ڪري ڀڄي ويو هجي؟”
“آءٌ نٿو سمجهان ته سندس ڪو اهڙو دشمن ٿي سگهي ٿو. هو سڄو وقت ڪتابن ۽ کوجنائن جي دُنِيا ۾ غرق هوندو هو، کيس ٻين ماڻهن سان دشمنيون رکڻ جو وقت ئي ڪونه هو.”
“آخري سوال پروفيسر! اهڙا ڪي سبب آهن جو ڪورٽ کي سفارش ڪري سگهجي ته توهان کي ڦاسيءَ جي بدران جنم ٽيپ ڏئي...مثلاً پنهنجي بچاءُ ۾ ڌڪ هڻڻ وغيره؟”
“نه.”
معاملو بلڪل صاف هو. جوابدار خلاف اڻ سڌيءَ طرح مڪمل ثابتي هئي. ٻه گڏ شڪار تي ويا هئا. منجهانئن هڪڙو قتل ٿيل ڏٺو ويو. جيئرو مئل جي موت بابت ڪابه سمجهاڻي نٿو ڏئي سگهي، حالانڪه خون وقت ٻئي گڏ هئا. انهيءَ مان انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪهڙو انومان نڪري سگهي ٿو سواءِ انهيءَ جي ته هڪڙي ٻئي کي پورو ڪيو هو. خاص ڪري جڏهن هُو خود قبولدار هو ته کيس فوتيءَ لاءِ سخت نفرت ۽ ڌِڪار هئي، ڪنهن به مهذب ملڪ جي عدالت ۾ حالتن ۽ ماحول مان اهي ثبوت جوابدار کي ڏوهي ٺهرائڻ لاءِ ڪافي آهن. اسان جو ڪوبه صوبيدار هجي ها ته رهيل ڪسر به منٽن ۾ پوري ڪري ڇڏي ها ۽ ٻه ته ڇا چار اکين ڏٺا شاهد به موجود ڪري وجهي ها ۽ سندن 164 جا بيان به وٺائي ڪيس لوهه ڪري ڦاهو کارائي ڇڏي ها.
پر انسپيڪٽر شينين پنهنجي وطن جي معيار مطابق برجستو ۽ تجربيڪار پوليس انسپيڪٽر هو. کيس ڪنهن ڇهين حواس ٻُڌايو ته سامهون ويٺل پيلو ۽ ڊنل پروفيسر سچ پيو ڳالهائي. سندس خلاف ثبوت برابر مضبوط هئا ۽ وٽس ڪو بچاءُ به ڪونه هو پر انسپيڪٽر جي تجربيڪار ذهن اها ڳالهه مڃي نٿي ته ڪو قاتل هيءُ ماڻهُو آهي، پر ڦاسي گهاٽ جي هن نئين پانڌيئڙي کي ڦاسي گهاٽ جي موتمار زيارت کان بچائڻ لاءِ کُليل ۽ چِٽي ثبوت جي ضرورت هئي. انسپيڪٽر عزم ڪيو ته جي پروفيسر بيگناهه آهي ته هُو کيس هرگز مرڻ نه ڏيندو. جيئن ته کيس پورو گمان هُو ته هو بي ڏوهي آهي، تنهن ڪري کيس حوالات ۾ رکڻ به ظلم چئبو. “جيڪڏهن اسين اصل حقيقت معلوم نه ڪري سگهيا آهيون ته ان ۾ هن جو ڪهڙو قصور؟” هن سوچيو. آخر هن پروفيسر کي چيو، ممڪن آهي ته آءٌ سنگين غلطي ڪري رهيو هجان پر منهنجو خيال آهي ته توهان سچ ٿا چئو. بهرحال آءٌ وڌيڪ جاچ ڪريان ٿو. توهان ٽيليفون ڪري ڪو ضامن گهرائي وٺو. في الحال مان توهان کي پنهنجي ذمه داريءَ تي ضامن تي آزاد ڪريان ٿو.
انسپيڪٽر شينين سڌو اسپتال ويو ۽ پوسٽ مارٽم رپورٽ پڙهيائين. ڊاڪٽر سيميو نووسڪي رپورٽ ۾ لکيو هو، “فوتيءَ جو موت کاٻي اک ۾ چاقو لڳڻ ڪري ٿيو آهي. اهو ڌڪ بي انداز بلڪه وحشي قوت سان هنيو ويو آهي.”
“وحشي قوت مان توهان جي ڪهڙي مراد آهي؟” انسپيڪٽر ڊاڪٽر کان پڇيو.
“منهنجو مطلب آهي ته ايتري قوت سان جيتري رواجي طرح انسان ۾ نه ٿيندي آهي، پر آءٌ ٻُڌائي نٿو سگهان ته ڪهڙي قسم جي.”
فوتيءَ جي بندوق ۽ خوني چاقو رواجي قِسم جا هئا. چاقو جاچيندي انسپيڪٽر ڏٺو ته ان ۾ ٿورڙو نقص هو، ان جي ڪاٺ جي ڳن واري پوڇڙي وٽ وچ واري رڪ جي سنهي پٽي ٿوري ٻاهر نڪتل ۽ چهنبياري هئي. اوچتو کيس ڪو خيال آيو ته هو ٽپ ڏئي اُٿي بيٺو- ڪلاڪ اندر هن پنهنجي آفيس ۾ هٿيارن ۽ شڪار جي ماهرن جو هڪڙو ٽولو گڏ ڪري ورتو ۽ ڳچ دير کانئن پڇا ڪندو رهيو.
انهيءَ وچ ۾ ماسڪو يونيورسٽيءَ ۾ ٿرٿلو مچي ويو. فوتيءَ پروفيسر بوزوو جا دوست ۽ عزيز مجرم جي ضامن تي آزاد ٿيڻ جو ٻُڌي باهه ٿي ويا. ٽيليفونون ٿي ويون، فوتيءَ جي ڀاءُ ڪورٽ ۾ سڌو فرياد داخل ڪيو- جوابدار تي ڪيس هلايو ويو- سموري ثابتي پيش ڪئي وئي. جوابدار کان پڇيو ويو، “ڪو بچاءُ ڏيندين؟”
“مون وٽ ڪوبه بچاءُ ڪونهي.” هن مايوسيءَ مان وراڻيو.
“آءٌ هن جو بچاءُ ڏيڻ گهران ٿو، مون کي خبر آهي ته هيءُ خون ڪيئن ٿيو آهي؟”
جج جويءَ ۽ وڪيلن جون نگاهون وچ ۾ ڳالهائيندڙ ڏانهن کڄي ويون، اهو انسپيڪٽر شينين هو.
جج بچاءُ جي وڪيل ڏانهن سوالي نگاهن سان ڏٺو. بچاءُ جو وڪيل مُنجهي پيو ته هيءُ پوليس انسپيڪٽر الائي ڪهڙي ڳالهه ڪندو. هُو خاموش رهيو.
جج ڪجهه سوچي چيو، “توهان کي ڪورٽ جي شاهد طور شاهدي ڏيڻ جي اجازت آهي.”
انسپيڪٽر شينين چيو، “جناب جج صاحب، منهنجي درخواست آهي ته انصاف جي بهتريءَ لاءِ ماسڪو يونيورسٽيءَ جي مڪينيڪل شعبي جي شڪاري، هٿيارن جي ماهر پروفيسر دوبدوسڪي کي سڏايو وڃي ۽ مون کي اجازت ڏني وڃي ته آءٌ کانئس ڪي سوال پڇان؟”
وڪيلن ۽ جج جي وچ ۾انهيءَ قانوني نقطي تي بحث هليو ته آيا ائين ڪري سگهجي ٿو؟ آخر جوابدار کان پڇيو ويو ته، “توکي اها ڳالهه قبول آهي؟” هن هائو ڪئي.
جڏهن پروفيسر دوبدو وسڪي آيو، تڏهن انسپيڪٽر شينين کانئس پڇيو:
“توهان شڪاري هٿيارن جي ماهر جي حيثيت ۾ بين الاقوامي شهرت رکو ٿا؟”
“آءٌ ماسڪو يونيورسٽيءَ جي هٿيارن ۽ بارُود جي علم واري شعبي جو صدر آهيان. انهيءَ علم بابت ڪجهه ڪتاب به لکيا اٿم، جي دُنِيا جي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيا آهن ۽ ڪن غيرملڪي يونيورسٽين ۾ اهي ڪتاب ڪورس طور پڙهايا ويندا آهن. باقي ڪا خاص بين الاقوامي شهرت آهي يا نه، سا مون کي خبر ڪانهي.”
“خير ٺيڪ آهي، توهان پاڻ مشهور آزموديگار شڪاري آهيو.”
“مشهور ۽ آزمودي گار شڪاري هجڻ بابت ته...”
“خير ٺهيو.... ننڍي هوندي هر قسم جو شڪار گڏجي ڪندا رهيا آهيون؟”
“ها.”
“جيڪڏهن ڪارتوس مِس ٿي پون ۽ ڪنهن ٻئي سبب بندوق جي نڙيءَ ۾ وجهندي ڦاسي پون ته توهان ڇا ڪندا آهيو؟”
“ان کي آهستي ڪنهن شيءِ سان ٺوڪي ٺوڪي اندر ڪندا آهيون.”
“مثلاً شڪار جي چاقوءَ جي ڳن سان.”
“ها.”
“هي چاقو ڏسو، سندس چُهنبدار پوڇڙي ڏسو.”
“جيڪڏهن هن چاقوءَ جي ڳن سان اهڙي ڪنهن ڪارتوس کي ٺوڪي بندوق ۾ اندر ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ۽ ڪارتوس جي مُنهن تي هيءَ ڳن جي چُهنب لڳي ته ڪجهه ٿي سگهي ٿو.”
“ها ممڪن آهي ته ڪارتوس ڦاٽي پوي!”
“پوءِ چاقو ڪيڏانهن ايندو؟”
“اهڙو اتفاق ٿي پوي ته پوءِ چاقو مخالف طرف ڏانهن زور سان ڌِڪبو.”
“مخالف طرف معنيٰ جيڏانهن ڪارتوس وجهندڙ ماڻهُو هوندو؟”
“ظاهر آهي.”
“توهان حساب ڪتاب لڳائي اهڙو چارٽ ٺاهي پيش ڪري سگهندا، جنهن سان اهو معلوم ٿئي ته اوچتو ڦاٽل ڪارتوس جي ڌِڪيل چاقوءَ جو صحيح رُخ ۽ ڪارتوس وجهندڙ جي بدن جي جنهن هنڌ تي اهو لڳندو، تنهن جي پوزيشن معلوم ٿي سگهي؟”
“ها، بشرطيڪ مون کي اهڙي آزمائش ڪرڻ ۽ چارٽ ٺاهڻ لاءِ هڪ ڏينهن مهلت ملي؟”
ٻئي ڏينهن هن چارٽ پيش ڪيو ۽ چيائين، “اهڙي اتفاق جي حالت ۾ ڦاٽل ڪارتوس جو ڌِڪي اُڇليل چاقو ڪارتوس ڀريندڙ جي ساڄي اک ۾ لڳندو.”
“ڦَر واري پاسي يا ڳن واري پاسي؟”
“ڦَر واري پاسي، مُنهانتو.”
“اک ۾ گهڙي ويندو.”
“بلڪل.”
“آهستي يا زور سان.”
“بي انداز، غير انساني زور سان.”
“ڄڻ ته ڪنهن وحشي قوت جو هنيل هجي؟”
“بلڪل.”
جج وچ ۾ چيو، “انسپيڪٽر شينين پروفيسر دوبووسڪيءَ جي شاهديءَ واقعي ڪيس ۾ نوان امڪان پيدا ڪيا آهن، پر هڪڙي ڳالهه سموري شاهديءَ کي بي معنيٰ بڻائي ٿي ڇڏي، توهان کي شايد معلوم ناهي ته فوتيءَ کي چاقو کاٻي اک ۾ لڳل آهي ۽ نه ساڄي اک ۾.”
“جناب، مون کي چڱيءَ طرح معلوم آهي، آءٌ انهيءَ تي به اچان ٿو... پروفيسر صاحب، توهان جيڪو حساب لڳايو آهي، سو انهيءَ بُنِياد تي ته ڪارتوس ڀريندڙ ڪارتوس ساڄي هٿ سان ٺوڪيندو هوندو... ائين نه؟”
“جي ها- ظاهر آهي...”
“پر ڪي ماڻهُو کاٻڙ به ٿيندا آهن... اهو ماڻهُو ڪارتوس کاٻي هٿ سان ٺوڪيندو... ائين نه؟”
“ظاهر آهي.”
“ساڄڙ ۽ کاٻڙ، مختلف طرفن کان ٺوڪ ڏيندا ۽ ردعمل به مختلف ٿيندو، يعني چاقو جنهن طرف موٽ کائيندو، سو ڌار ڌار هوندو؟”
“ها.”
“هاڻي فرض ڪريو ته ڪارتوس ٺوڪيندڙ کاٻڙ آهي ته پوءِ ڪارتوس ڦاٽي پوي ٿو ۽ چاقو پوئتي ڌِڪجي ٿو، اهو ڪهڙي پاسي ويندو؟ اهڙي ماڻهُوءَ کي ڪهڙي عضوي ۾ لڳندو؟”
“کاٻي اک ۾.”
انسپيڪٽر فوتيءَ جي ڀاءُ کي وري پڃري ۾ سڏايو ۽ کانئس هڪڙو سوال پڇيو، “توهان جو ڀاءُ ساڄڙ هو يا کاٻڙ؟”
“کاٻڙ.”
پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر کان پڇيو ويو، “جنهن وحشي قوت جو توهان ذڪر ٿي ڪيو، سا ڪنهن بارود جي ڇُٽڻ جي ٿي سگهي ٿي؟”
“بلڪل.”
“انسان جي هٿ جي نه؟”
“بلڪل نه؟”
هاڻي فريادي اُٿي بيٺو، هو پاڻ پروفيسر هو.
“جناب اعليٰ، مون هاڻ سمجهيو ته منهنجي ڀاءُ جو موت حادثي سبب ٿيو آهي ۽ کيس ڪنهن به خون نه ڪيو آهي. آءٌ فرياد تان دستبردار ٿيان ٿو ۽ پروفيسر ووردنوو کي غلط فهميءَ سبب پهتل تڪليف لاءِ کانئس معافي ٿو وٺان.
اهڙيءَ ريت پويلس انسپيڪٽر شينين هڪ دفعو وري به هڪ “برجستي” پوليس آفيسر سڏجڻ جو حق محفوظ ڪري ڇڏيو.
(رسالو سوويت يونين صفحو 40 ماسڪو، 1966 نمبر 199)