سمنڊ جو سونُ
________________________
انگلستان
انگلستان، يونائيٽيڊ ڪنگڊم جو هڪ حصو آهي، جنھن جون سرحدون، اولھہ ۾ ’ويلس‘ ۽ اتر ۾ ’اسڪاٽلينڊ‘ سان ملن ٿيون. ’آئرش سمنڊ‘ اُتر اولھہ ۽ ’ڪئلٽِڪ سمنڊ‘ ڏکڻ اولھہ ۾ گهيرو ڪيل اٿس. يورپ کنڊ کان ’نارٿ سمنڊ‘ کيس اوڀر کان ۽ ’انگلش چئنل‘ ڏکڻ کان جدا ڪري ٿو.
گاديءَ جو هنڌ: لنڊن
ايراضي: 130279 چورس ميل
سِڪو: پائونڊ اسٽرلنگ
آبادي: 55.98 ملين
سرڪاري ٻولي: انگلش ]انگريزي[
ٻيون ٻوليون: هتي ٽي سئو کان مٿي ٻيون ٻوليون بہ ڳالھايون وڃن ٿيون
________________________
انگلستان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ هڪ ننڍڙي ڇوڪري رهندي هئي، جنھن جو نالو ’سيرينا‘ هو، هُوءَ پنھنجي نانيءَ سان گڏ رهندي هئي. سندس ناني صبح جو سويل اٿي پاڙيوارن وٽ ڪم ڪار ڪرڻ ويندي هئي. جڏهن سيرينا جي ناني گهر مان نڪري ويندي هئي تہ سيرينا پھرين گهر جي صفائي ڪندي هئي، پوءِ پنھنجي ننڍڙي گهر جي ٻاهر دروازي وٽ ويھي رهندي هئي ۽ سامھون ميدان ۾ ٻارن کي راند کيڏندو ڏسندي هئي. جيئن تہ سيرينا جي ناني هڪ غريب عورت هئي، ان ڪري کيس نڪي سٺا ۽ قيمتي ڪپڙا ملندا هئا ۽ نہ سٺو کاڌو، تنھن ڪري ٻار مٿانئس کلندا هئا.
ان ڳوٺ ۾ هڪ هاري بہ رهندو هو، جنھن جو نالو ’اوبرين‘ هو. هُو هر هفتي پنھنجي گهوڙي گاڏيءَ ۾ شھر ويندو هو ۽ ٻيا ٻار بہ ساڻس گڏ ويندا هئا. ڪن وٽ بيدا هوندا هئا. ڪن وٽ ڪا ٻي شئي. ٻار اهي شھر ۾ وڪڻي ايندا هئا. جيئن تہ سيرينا وٽ وڪڻڻ ڪاڻ ڪا شئي نہ هوندي هئي. ان ڪري هُوءَ دروازي تي بيھي اوبرين جي گاڏيءَ کي ڏسندي هئي.
هڪ ڏينھن جيئن ئي اوبرين جي گاڏي سيرينا جي در وٽان لنگهي تہ اوبرين دستور خلاف سيرينا کان پڇيو تہ ”ننڍڙي ادي، جيڪڏهن تون شھر هلي سمنڊ جو سير ڪرڻ چاهين تہ گاڏيءَ ۾ ويھي رھہ.“
سيرينا چاهيندي هئي تہ هُوءَ بہ شھر وڃي. هن ڪڏهن بہ جبلن جي پار وارو شھر نہ ڏٺو هو. ان ڪري اوبرين جي ڳالھہ ٻڌي، هن پنھنجي نانيءَ طرف ڏٺو. هن کي ڊپ هو تہ ڪٿي ناني کيس شھر وڃڻ کان نہ روڪي، مگر نانيءَ کي تہ سيرينا سان ڏاڍي محبت هئي. هن پروڙيو تہ سيرينا پاڻ وڃڻ گهري ٿي، تنھن ڪري هن کيس شھر وڃڻ جي اجازت ڏني ۽ کيس هڪ ڳاڙهو صوف، ٻہ ڪيڪ ۽ هڪ بوتل ۾ مزيدار جام ڀري ڏنو تہ متان هن کي شھر ۾ بک لڳي ۽ هوءَ پريشان ٿئي.
ٻئي شيون پنھنجي ڳاڙهي رومال ۾ ٻڌي سيرينا اوبرين جي گاڏي ۾ چڙهي ويٺي. پوءِ جڏهن اوبرين جي گاڏي ٻارن سان ڀرجي وئي تڏهن اوبرين ڳوٺ کان ٻاهر نڪري گهوڙي کي چھبڪ هنيو ۽ گهوڙو ٽاپ ٽاپ ڪندو تيزيءَ سان ڊوڙڻ لڳو. ڪجهہ دير کان پوءِ هن جي گاڏي شھر ۾ داخل ٿي وئي. اوبرين گاڏيءَ کي وڏي گهنٽا گهر جي ڀرسان بيھاريندي چيو: ”هاڻي توهان سڀ اهي پنھنجيون شيون وڪڻي اچو، مگر هڪ ڳالھہ ياد رکجو تہ جيئن ئي سج لھڻ تي هجي، توهان گاڏيءَ وٽ پھچي وڃجو.“
سڀ ٻار گاڏيءَ مان لھي پنھنجيون پنھنجيون شيون وڪڻڻ ويا. هي شھر جيئن تہ سمنڊ جي ڪناري تي هو، ان ڪري سيرينا جلد ئي سمنڊ تي پھچي وئي. پري پري تائين پاڻي نظر اچي رهيو هو، سمنڊ جي ڪناري تي ڪيترائي رنگين پٿر ۽ ڪوڏ پيا هئا. سيرينا ڪجهہ پٿر ۽ ڪوڏَ کڻي راند ڪرڻ لڳي. سيرينا کي راند ڪندي چڱي دير ٿي وئي هئي. هاڻي هن کي بک بہ ستائڻ لڳي. هن هڪ وڏي پٿر تي ويھي پنھنجو رومال کولڻ شروع ڪيو. هن اڃا رومال پورو بہ نہ کوليو هو تہ هن هڪ رڙ ٻڌي. هن چؤطرف ڏٺو تہ کيس هڪ کڏ نظر آئي. ان کڏ ۾ ٿورو سمنڊ جو پاڻي هو ۽ ان ۾ هڪ ٻارڙو پئي تريو. هن جي پوئين ڌڙ کي ڏسي سيرينا سمجهيو تہ هي سامونڊي ٻار آهي. ان ٻار جي ڳچيءَ ۾ هڪ پٿر پيل هو. هن ٻار جي نيرين اکين ۾ ڳوڙها هئا ۽ هن جا ڳوڙها ٽپ ٽپ ڪري ان کڏ جي پاڻيءَ ۾ ڪِري رهيا هئا.
سيرينا کي ڏاڍو قياس آيو. هن ٻارڙي کان پڇيو: ”ادڙا، تون ڇو ٿو روئين؟“ نينگر چيو: ”مان رات جو ان وقت هتي آيس، جنھن وقت سمنڊ جو پاڻي چڙهيل هو ۽ هي سڀ پٿر ان ۾ ٻڏل هئا. آرام جي جڳھہ ڏسي مون کي هتي ننڊ اچي وئي، پوءِ جڏهن منھنجي اک کلي تہ سج نڪري چڪو هو ۽ سمنڊ جو پاڻي هٽي چڪو هو. هاڻي مون کي سمنڊ تائين پھچڻ لاءِ پنڌ ڪرڻو پوندو ۽ مان پنڌ ڪري نہ ڄاڻان ڇو جو مون کي اوهان وانگر پير نہ آهن. هاڻي مون کي سمنڊ جا جانور کائي ڇڏيندا ۽ هوڏانھن سمنڊ ۾ منھنجي ماءُ مون کي ياد ڪندي هوندي.“ ائين چئي هو ٻار وري روئڻ لڳو.
سيرينا کي ڏاڍو قياس آيو ۽ چيائين: ”تون نہ گهٻراءِ، مان توکي سمنڊ تائين پھچائينديس.“
ائين چئي سيرينا سمنڊ جي ٻار کي پنھنجي هٿن ۾ کنيو ۽ ان کي سمنڊ ۾ اوستائين پھچايو، جيستائين سندس گوڏن تائين پاڻي ٿَي آيو. سمنڊ ۾ پھچندي ئي ننڍڙي ڇوڪر پنھنجي ڳچيءَ ۾ پيل پيلي رنگ جو پٿر لاهي سيرينا کي ڏنو ۽ چيو: ”اهو منھنجي پاران تولاءِ تحفو آهي.“
”هي تون مون کي ڇو ٿو ڏين؟ ڇا تنھنجي ماءُ ڪونہ ڪاوڙبي؟ آءٌ ان پٿر کي ڇا ڪنديَس؟“ سيرينا پڇيو.
ننڍڙي جواب ڏنو تہ ”هي پٿر نہ پر سمنڊ جو سون آهي. هي پٿر ڏاڍو قيمتي ٿيندو آهي، ان کي وڪڻي تون ڪيتريون ئي شيون وٺي سگهين ٿي ۽ اهو مان توکي ان لاءِ ٿو ڏيان جو تو منھنجي جان بچائي آهي. هي سون جيڪڏهن مان توکي ڏئي ڇڏيان تہ منھنجي امڙ ڪونہ ڪاوڙبي، ڇاڪاڻ تہ هُوءَ چوندي آهي تہ جيڪو اوهان سان نيڪي ڪري ان سان نيڪي ڪريو. تحفي ڏيڻ سان دوستي پڪي ٿيندي آهي. تون سٺي ڇوڪري آهين، ان ڪري مان توسان دوستي رکڻ ٿو گهران. آئيندي جڏهن بہ تون شھر اچين تہ مون کي سڏيندي ڪر. مان هن ئي جڳھہ تي توسان ملندس.“ ائين چئي ننڍڙو خوشيءَ کان پڇ لوڏيندو پاڻيءَ ۾ هليو ويو.
هاڻي سيرينا جيئن ئي نگاھہ مٿي ڪئي تہ ڏٺائين تہ سج لھڻ وارو آهي. هن جلدي جلدي کاڌي جون شيون رومال ۾ واپس رکيون ۽ شھر ڏانھن موٽي. جڏهن هُوءَ گاڏيءَ ۾ چڙهي، تڏهن ٻين ٻارن چيو: ”سيرينا گهر وڃڻ لاءِ ڪا شئي نہ ورتي آهي ۽ هُوءَ گهر خالي هٿين هلي رهي آهي.“
سيرينا چيو تہ، ”نہ، مان ڪانہ ٿي خالي هٿن سان نہ هلان. مون وٽ سمنڊ جو سون آهي.“
سڀئي ٻار سون کي ڏسي ڏاڍو حيران ۽ خوش پڻ ٿيا.
”هيءُ تہ ڏاڍو قيمتي آهي! تون ان مان گهڻيون شيون وٺي ٿي سگهين.“ اوبرين چيو.
گهر پھچي سيرينا پنھنجي نانيءَ کي سڄي ڳالھہ ٻڌائي ۽ سمنڊ جو سون ڏنو. سون ڏسي هن جي ناني ڏاڍي خوش ٿي ۽ پوءِ انھن جا ڏينھن سٺا گذرڻ لڳا.
سيرينا پوءِ جڏهن بہ شھر ويندي هئي. تڏهن پنھنجي سامونڊي دوست سان ضرور ملندي هئي.
(ڇپيل: ’گُل ڦُل‘ مارچ 1975ع)