ڳاڙهي لوئِي
___________________________________
چين
چين، اُتر ايشيا کنڊ ۾ واقع آهي ۽ دنيا جو آباديءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو ملڪ آهي.
گاديءَ جو هنڌ: بيجنگ
ايراضي: 9.597 ملين چورس ميل
سِڪو: ’يوآن‘ جنهن کي رينمنبي [renminbi] به سڏبو آهي
آبادي: 1.412 بلين
سرڪاري ٻولي: مندارِن،
جنهن کي ’پوٽنگئا‘ [Putonghua] به سڏبو آهي
ٻيون ٻوليون: ڪئنٽونيز [Cantonese]، هُنانيز [Hunanese]
___________________________________
لوئي ڏاڍي سٺي هئي.
چائِي وِي، اها دڪان تي ڏٺي هئي. انھيءَ لوئيءَ کي پاسن کان ڳاڙهي رنگ جَي ٿُلھي بارڊر عجيب سونھن بخشي هئي. اها لوئي پري کان ڏسڻ ۾ ئي نرم ۽ گرم نظر اچي رهي هئي ۽ اهڙي تہ خوبصورت هئي جو دل ڏسڻ سان ڏانھنس ڇڪجي رهي هئي. چائِي وِي، پنھنجي ماءُ کي انھيءَ لوئيءَ کي هٿ لائيندي ڏٺو. هن جي ننڍڙي دل بي اختيار چاهيو تہ، ’ڪاش مان اها لوئي پنھنجي ماءُ کي وٺي ڏئي سگهان.‘
چائِي وِي جا وڏا اصل ۾ آفريڪا جا ويٺل هئا. انھيءَ ڪري چائِي وِي جا وار گهنڊيدار ۽ رنگ ڪارو هو. هو جڏهن آفريڪا مان لَڏي چين آيا تہ هن جو پيءُ بخار ۾ مري ويو. هاڻي چائِي وِي جي ماءُ، پاڙي جي ٻارن کي پڙهائيندي هئي. کيس ٻارن کي پڙهائڻ جي عيوض ۾ جيڪو اَن ملندو هو، سو وڪڻي ڪجهہ ڪپڙو وٺندي هئي ۽ ڪجهہ اَن پاڻ لاءِ رکندي هئي. هن ڀيري جڏهن چائِي وِي ۽ هن جي ماءُ خريداريءَ لاءِ نڪتا تہ هنن وٽ رڳو ماکيءَ جون برنيون هيون. ڇاڪاڻ تہ هن مھيني چائِي وِي جي ماءُ بيمار هئڻ ڪري ٻارن کي پڙهائي نہ سگهي هئي.
چائِي وِي ۽ هن جي ماءُ پيڪنگ جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ رهندا هئا. هُو هر ڀيري پنھنجي ڳوٺ جي هڪ هاريءَ چَن چُو جي ڍڳي گاڏيءَ ۾ شھر ايندا هئا ۽ انھيءَ گاڏيءَ ۾ ئي واپس ڳوٺ ويندا هئا. اڄ جڏهن چائِي وِي ۽ هن جي ماءُ شھر آيا تہ جيئن ماکي وڪڻي، اَن ۽ ڪپڙو وٺن. ان لاءِ انھيءَ دڪان تي آيون، جتي اها لوئي هڪ سھڻي شيشي جي ڪٻٽ ۾ رکيل هئي. چائِي وِي، پنھنجي ماءُ کان پڇيو: ”امان! ڇا تون اها سھڻي لوئي خريد ڪندينءَ؟“
هن جي ماءُ کيس ڏک وچان ڏٺو: ”ڌيءُ، اسان وٽ رڳو اَنَ ۽ ڪپڙي جا پئسا آهن، اسان اها لوئي نٿا خريد ڪري سگهون.“
چائِي وِي چيو، ”پر امان، توکي تہ ان لوئيءَ جي ضرورت آهي. ڏس نہ اسان کي تہ ڪو سھارو بہ ڪونھي. بابا ڪونھي جو توکي اها لوئي وٺي ڏئي سگهي. تون هي لوئي ضرور وٺ، ڏس نہ تون سياري ۾ ڇا پائيندينءَ؟“
چائِي وِي جي ماءُ وراڻيو، ”ڌيءُ، مون توکي اڳ ۾ بہ ٻڌايو تہ مون وٽ اَنَ ۽ ڪپڙي جا پئسا آهن، جيڪڏهن اسين اها لوئي خريد ڪنداسين تہ پوءِ سڄو مھينو ڇا کائينداسون“ ۽ پوءِ هوءَ دڪاندارن سان کنڊ ۽ اٽي جي اگهن جي باري ۾ ڳالھائڻ لڳي.
چائِي وِي، ٽِڪ ٻڌي انھيءَ لوئيءَ کي ڏسندي رهي. جڏهن هن جي ماءُ ڪجهہ شيون خريد ڪري ٻاهر بيٺل چَن چُو، جي گاڏيءَ ۾ رکڻ وئي تہ چائِي وِي، سرڪي دڪاندار وٽ آئي. دڪاندار هڪ شفيق انسان هو ۽ هميشہ چائِي وِيءَ سان سٺي نموني سان پيش ايندو هو.
”او، هن لوئيءَ جي قيمت گهڻي آهي.“ چائِي وِي دڪاندار جو توجھہ لوئيءَ ڏانھن ڇڪائيندي چيو.
”صرف ڇھہ ڊالر ننڍڙي ادي.“ دڪاندار وراڻيو.
چائِي وِيءَ جي اکين مان مايوسي بَکڻ لڳي. هن پنھنجي چولي جا ٻہ مٿيان بٽڻ کوليا ۽ هڪ هار ڪڍي دڪاندار کي ڏيکاريندي چيائين، ”ڏس، هي ڪھڙو نہ سٺو هار آهي. هن جو رنگ گلابي آهي. جڏهن سج آسمان جي وچ تي اچي ويندو آهي تہ انھن موتين جو رنگ بدلجي نيرو ٿي ويندو آهي. منھنجو خيال آهي تہ هيءُ هار ڏاڍو سٺو آهي.“
دڪاندار هار کي پنھنجي هٿن ۾ وٺي ڏٺو ۽ چائِي وِي کي چيائين، ”ها، هن جا مان توکي ٻہ ڊالر ڏئي سگهان ٿو.“
چائِي وِيءَ جي منھن جو پنو لھي ويو. ”ٻہ ڊالر منھنجو مطلب آهي تہ... توکي خبر آهي تہ... مان هي لوئي خريد ڪرڻ ٿي گهران.“
”مون کي افسوس آهي پياري نينگر،“ دڪاندار چيو، ”اها لوئي ڏاڍي مھانگي آهي ۽ آءٌ توکي هيءَ لوئي، هن هار جي بدلي ۾ نٿو ڏئي سگهان.“ چائِي وِيءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو، هُوءَ ماٺ ڪري وڃي گاڏيءَ تي ويٺي. هن جي دل ۾ رڳو اهو خيال هو تہ هُوءَ ڪھڙي طرح بہ پئسا ميڙي پنھنجي ماءُ کي لوئي وٺي ڏي. هن وٽ وڪڻڻ لائق بہ ڪا شئي نہ هئي سواءِ ان هار جي، جنھن جي قيمت ان دڪاندار ٻہ ڊالر ٻڌائي هئي.
ٻئي ڀيري جڏهن چائِي وِي انھيءَ ساڳئي دڪان تي وئي تہ کيس اها لوئي شيشي جي ڪٻٽ ۾ رکيل نظر نہ آئي. هن سوچيو، ’يقيناً ڪو پئسي وارو اها لوئي خريد ڪري ويو هوندو.‘ سندس اکيون ڀرجي آيون هن دڪاندار کان پڇيو، ”ڇا اها لوئي وڪامجي وئي؟“
”لوئي“ دڪاندار غور سان هن کي ڏٺو، هن کي اها ڳالھہ ياد اچي وئي ۽ چيائين، ”اها لوئي، نہ اها لوئي ڪونہ وڪي اٿم، ڇا تون ان کي خريد ڪندينءَ؟“
”ها، مان ان کي خريد ڪرڻ چاهيان ٿي، پر مون وٽ پورا پئسا نہ آهن.“ چائِي وِيءَ هڪدم وراڻيو. هن پنھنجو هار لاٿو ۽ دڪاندار کي ڏيندي چيائين، ”مان ٻئي واري توکي ٻي رقم آڻي ڏينديس، ڇا تون منھنجو انتظار ڪندين؟“
هن جي سٻاجهڙي آواز ۾ اهڙي تہ بيقراري ۽ اکين ۾ اهڙي تہ درخواست هئي، جو دڪاندار هن ڏانھن نھاري نہ سگهيو. هن پيار سان چائِي وِيءَ جي مٿي تي هٿ رکيو ۽ کانئس پڇيو: ”ننڍڙي نينگر، تنھنجي عمر ڪيتري آهي؟“
”منھنجو خيال آهي تہ منھنجي عمر ست سال آهي. ها ست سال ئي آهي. منھنجي ماءُ تہ ائين چوندي آهي.“ چائِي وِي چيو.
”آھہ“ دڪاندار ڏکارو ٿيندي چيو: ”جيڪڏهن منھنجي ڌيءُ جيئري هجي ها تہ اها بہ تو جيتري هجي ها. ها منھنجي مٺي ڌيءُ، مان هيءَ لوئي تولاءِ اوستائين رکندس، جيستائين تون ٻيا پئسا نہ آڻيندينءَ.“
اهو مھينو چائِي وِي ڏاڍي محنت ڪئي. هن ماءُ کان لِڪي وڻن تي چڙهي ماکي لاهي ان جي هڪ وڏي برني تيار ڪئي. ٻئي ڀيري جڏهن هُوءَ دڪان تي آئي ۽ جنھن وقت هن اها برني دڪاندار جي حوالي ڪئي ان وقت هن جي دل زور زور سان ڌڙڪي رهي هئي. هن کان اهي سڀ تڪليفون وسري ويون، جيڪي هن ماکي هٿ ڪرڻ لاءِ سَٺيون هيون. هُوءَ ماکيءَ جي مکين جا ڏنگَ وساري ويٺي، اهي ڪنڊا جيڪي کيس وڻن تي چڙهڻ مھل هٿن ۾ لڳا هئا، سي وساري ويٺي هئي. هن دڪاندار کي چيو، ”مان هي ماکيءَ سان ڀريل برني کڻي آئي آهيان تہ جيئن لوئيءَ جي قيمت ادا ٿي سگهي.“
ماکي وٺندي دڪاندار ڪجهہ پريشان نظر آيو، هُو برني وٺي هڪ انگريز سان ڳالھائڻ لڳو پوءِ هن چائِي وِي ڏانھن مُنھن ڪيو ۽ کيس چيو تہ: ”مون وٽ ڪيتريون ئي لويون آهن. هن انگريز تو واري لوئي خريد ڪري ڇڏي آهي. تون فڪر نہ ڪر مان توکي ٻي لوئي ڏيندس، ان لوئيءَ کان بہ سٺي.“
چائِي وِي هن کي ڪجهہ نہ چيو، ماٺ ڪري چَن چُو جي گاڏيءَ ۾ وڃي ويٺي ۽ ڳوٺ موٽندي بہ هُوءَ سوچي رهي هئي تہ هي انگريز ڪيڏا نہ ظالم آهن. اسان ڪارن ماڻھن تي ڪيئن نہ ٿا ظلم ڪن. گهر وٽ لھڻ وقت هن جي ماءُ هن کي هڪ ننڍڙو پُڙو ڏنو. پُڙو ڏيڻ وقت هن جي ماءُ کيس چيو، ”اچي وٺ هي پُڙو، هن انگريز تہ چيو پئي تہ هي تو خريد ڪيو آهي.“
ائين چئي هن جي ماءُ چَن چُو جي گاڏيءَ مان ٻيو سامان لاهڻ وئي. چائِي وِيءَ جڏهن ان پُڙي کي ڦاڙيو تہ ان ۾ انھيءَ لوئيءَ جي مٿان هن جو هار پيو هو ۽ هار جي هيٺان هڪ ڪاغذ پيل هو. چائِي وِيءَ اٽڪي اٽڪي انھيءَ ڪاغذ تي لکيل اکرن کي پڙهيو. ڪاغذ تي لکيل هو:
”منھنجي ننڍڙي ادي، توکي پنھنجي ماءُ سان ايتري محبت آهي، جو تون ان لاءِ انھيءَ لوئيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ محنت ٿَي ڪَئي. هي انھيءَ جو انعام آهي. تو جھڙي پياري ڇوڪري مون کي ڏاڍي پسند آهي. ڪوئي اڇو انگريز هجي يا ڪارو، دل سڀني جي هڪجھڙي هوندي آهي.“
هاڻي لوئي چائِي وِي ۽ پوءِ هن جي ماءُ جي هٿن ۾ هئي. چائِي وِيءَ جي اکين ۾ خوشيءَ جا ڳوڙها هئا. سندس ماءُ اڃا تائين اها ڳالھہ نہ سمجهي سگهي هئي، مگر چائِي وِي سمجهي چڪي هئي تہ سڀ ڪجهہ رنگ ۽ نسل تي ڇڏيل ڪونھي پر دل جي اُجراڻ ئي انسان جو اصلي گڻ آهي.
(ڇپيل: ’گُل ڦُل‘ جنوري 1976ع)