گم ٿيل ٻيڙي
______________________________________
آسٽريليا
آسٽريليا، عام طور ’ڪامن ويلٿ آسٽريليا‘ سڏبو آهي، جيڪو آسٽريليا کنڊ، تسمانيا ٻيٽ
۽ مختلف ننڍن ٻيٽن تي مشتمل آهي.
گاديءَ جو هنڌ: ڪئنبرا
ايراضي: 7.688 ملين چورس ميل
سڪو: آسٽريليَن ڊالر
آبادي: 25.74 ملين
سرڪاري ٻولي: انگلش (انگريزي)
______________________________________
سمنڊ جي ڪناري تي، هڪ ميرانجهڙي ڪاٺ جي جهوپڙيءَ ۾ پوڙهو مائڪ رهندو هو. سانوري رنگ وارو اهو پوڙهو چاچو، جنھن جي ڏاڙهي وريل هئي، سڀني ۾ پوڙهي مائڪ جي نالي سان مشھور هو. سندس اڳوڻي نالي جي ڪنھن کي بہ خبر ڪونہ هئي ۽ جيڪڏهن ڪو پراڻو واقف بہ هو تہ بہ وساري ويٺو هو. هن جو گذر سفر ڪاٺ جي ٻيڙين تي ٿيندو هو. هن جو روزگار ئي اهڙو هو. مختلف ماڻھو ”چاچي ماڻڪ“ وٽ اچي هن کان سمنڊ ۾ سير ڪرڻ لاءِ ٻيڙيون ڀاڙي تي وٺندا هئا. هو بہ کين سندن پسند واري ٻيڙي ڏئي پاڻ ڪناري تي ويھي هنن کي خوش خوش سمنڊ ۾ ويندي ڏسندو هو. ڪڏهن ڪو ماڻھو ٻيڙي ڪلاڪ لاءِ ڀاڙي تي وٺندو هو تہ ڪو ٻن ڪلاڪن لاءِ. ۽ ڪڏهن ڪڏهن تہ ڪو ماڻھو ٻيڙي ٻن ٻن ڏينھن لاءِ بہ ڀاڙي تي کڻندو هو. چاچي مائڪ وٽ ٻارهن ٻيڙيون هيون، جيڪي سندس جهوپڙيءَ جي پاسي کان لڳل ڪاٺ جي ٿلھي سان ٻڌل هونديون هيون.
سياري جي مند ۾ هن جو ڌنڌو جهڪو ٿي ويندو هو، هوا جڏهن حد کان وڌيڪ ٿڌي ٿي ويندي هئي ۽ ڪناري تي ڄايل سامونڊي گاھہ جڏهن پاري جو پوڻ سان اڇو ٿي ويندو تہ ”پوڙهو ماڻڪ“ پنھنجن ٻيڙين کي پنھنجي جهوپڙيءَ ۾ بند ڪري پاڻ پنھنجي ڀيڻ ڏانھن شھر هليو ويندو هو. پوءِ سڄي مند گذاري واپس وري سمنڊ جي ڪناري تي موٽي ايندو هو.
هن جو موٽڻ بھار ۾ ٿيندو هو. غير موجودگيءَ ۾ هن جي جهوپڙي دز سان ڀرجي ويندي هئي. سامونڊي ڪناري تان اڏاميل واري هن جي جهوپڙيءَ جي ڪاٺ وارين چيرن مان اندر هلي سندس ٻيڙين ۽ ننڍڙي ڪوٺيءَ کي اصل ڄڻ ناس ڪندي هئي. ويچاري کي اچڻ ساڻ پنھنجي ڪوٺي صاف ڪرڻي پوندي هئي.
هن ڀيري بہ جڏهن هو شھر مان موٽيو تہ هن پھرين پنھنجي جهوپڙي ڌوئي صاف ڪئي. پنھنجو هنڌ ڪڍي ڪاٺ جي تختي تي وڇائي ۽ پنھنجن ٿانون کي ڌوئي، ڪرسيون صاف ڪري، ٽيبل جو پوش ڌوتو. ويچارو پوڙهو ٿڪجي تہ ڏاڍو پيو پر ڇا ڪري اڪيلو جو هو.
ٻئي ڏينھن تي هن پنھنجن ٻيڙين کي ٻاهر ريتيءَ تي آندو، انھن کي رنگ روغن ڪري تيار ڪيائين، ڪن کي سائو رنگ ڏنائين، ڪن کي آسماني ۽ ڪي وري ناسي رنگ ۾ رنڱيائين، ۽ پوءِ انھن کي سڪائڻ لاءِ رکي پاڻ وري ٻئي ڪم کي لڳي ويو.
نيٺ اونھارو بہ اچي ويو. هي مند چاچي مائڪ جي ڪمائيءَ جي هئي. هاڻي تہ روز ڪيترائي ماڻھو هن جون ٻيڙيون ڀاڙي تي وٺڻ لڳا. ڪن کي پڪنڪ ڪرڻي هئي تہ ڪي وري پنھنجن ٻارن ٻچن سان گڏ مڇي مارڻ لاءِ سمنڊ ڏانھن ٿي ويا. مطلب تہ ڪنارو ماڻھن سان ڀريل هوندو هو ۽ چاچي جي هڪ بہ ٻيڙي واندي نہ بچندي هئي. هر واري هر گراهڪ کي هو ڌڪي ٻيڙي سمنڊ ۾ لاهي ڏئي مرڪي خدا حافظ چوندو هو. سڀئي هن جي ان انداز کان واقف هئا تہ هاڻي هو ٻيڙي کي ڌڪي سمنڊ ۾ لاهي چوندو ”خدا حافظ، هيءَ هڪ بھترين ٻيڙي آهي.“
هڪ رات چاچو ٿڪجي ٽٽجي پنھنجي جهوپڙيءَ ۾ ستو پيو هو. ٻاهر پاڻي چنڊ جي ڪرڻن تي ڄڻ ناچ ڪري رهيو هو. لھرون اڇلجي اڇلجي اچي ڪناري تي پيل واريءَ کي آلو ڪري، ڄڻ ان کي ٿڌو ڪري واپس ويون پئي. سامونڊي ريتي چمڪي پئي ۽ هرڪا شيءِ سانت ۾ هئي، سواءِ انھن ٻيڙين جي جيڪي ٿلھي سان ٻڌل هجڻ جي باوجود لھرن جي ڪيڏي ڪيڏي مھل ڪناري تي ڪاهي اچڻ ۽ کين لوڏڻ تي ڄڻ رڙيون ڪنديون هجن.
چنڊ جهوپڙيءَ جي کليل در مان جهاتي پائي چاچي مائڪ جي منھن تي چانڊوڪي جون لھرون موڪليون. انھن چاچي جي منھن تي لڪ لڪوٽي کيڏڻ شروع ڪئي پر چاچو ٿڪل ٽٽل هو، سو سجاڳ ڪٿان ٿو ٿئي. ٻاهر واريءَ تي قدمن جا آواز اڀريا پر اهي بہ چاچي کي اُٿاري نہ سگهيا. ٻاهر ڪو آيو، جنھن چاچي جي ٻيڙين ڏانھن رخ رکيو. چاچو اگهور ننڊ ۾ ستل هو، هن چاچي کي کلي ڏٺو ۽ پوءِ هن جي ٻيڙين مان سڀ کان سھڻي ٻيڙي ”بليو برڊ“ ڪاهي هليو ويو.
جڏهن چاچي جي اک کلي تہ سج ڪافي مٿي چڙهي چڪو هو. ٻيڙيون ٻڌل هجڻ جي باوجود لھرن جي ڪيڏي ڪيڏي مھل اچڻ تي لڏي لڏي انھن کي صبح جو سلام ڪري رهيون هيون. چاچي فخر سان پنھنجين ٻيڙين ڏانھن ڏٺو، سڀئي تمام نفيس سھڻيون ۽ نازڪ هيون. پر ”بليو برڊ“ پڪ سان پنھنجي جڳھہ تان هتيل هئي، ٻي هرڪا ٻيڙي ساڳي جڳھہ تي ٻڌل هئي، جتي چاچي هن کي گذريل رات ٻڌو هو. چاچو حيرت ۾ پئجي ويو.
هن سوچيو، ”هي ٻيري تہ مون ڪالھہ ٿلھي جي اُتر طرف کان ٻڌي هئي اڄ ڏکڻ طرف ڪيئن اچي وئي.“
پر وري پنھنجو پاڻ کي ئي مطمئن ڪرڻ لڳو. ”متان مون کان ڪا ڀل چڪ ٿي هجي. ٿي سگهي ٿو، مان هن کي ڏاکڻي ڪنڊ تي ٻڌو هجي.“
ان مھل ئي هڪ ماڻھوءَ هن کان ٻيڙي گهري ۽ هن ”بليو برڊ“ بابت وساري پنھنجي ڌنڌي کي شروع ڪيو.
ٻي رات وري اهو ساڳيو واقعو ٿيو. جيئن ئي چاچو ستو، پويان ڪو آهستي آهستي هلندو آيو، ”بليو برڊ“ وٽ ترسي، چئن ئي طرفن ڏسي، هن رسي کولي ۽ ”بليو برڊ“ هن مسافر کي کڻي، لھرن جي سفر تي رواني ٿي وئي.
صبح جو جڏهن پوڙهو مائڪ ٻيڙين کي سفر لاءِ تيار ڪرڻ آيو تہ ”بليو برڊ“ وٽ پھچي هن جي دماغ ۾ وري ڄڻ ٺڪاءُ ٿيڻ لڳا.
اها تہ عجب جھڙي ڳالھہ آهي، ”بليو برڊ“ کي ڇا ٿو ٿيندو وڃي. مون ڪالھہ هن جي حفاظتي پٽين کي پوئينءَ سيٽ تي رکيو هو، اڄ اڳئين سيٽ تي ڪيئن اچي ويون!“ هو ويچارو وري پريشان ٿيو.
ٽئين رات چاچي هڪ ترڪيب ڪئي. هن ٻيڙيءَ جي ٻنھي ونجن کي پاڻ ۾ ملائي، انگريزي لفظ V جي شڪل ٺاهي ڇڏي. هن سوچيو، جيڪڏهن سڀاڻي اهي ونجهہ انھيءَ شڪل ۾ نہ هوندا تہ پوءِ پڪ، ڪو آهي جيڪو ”بليو برڊ“ کي رات جو کڻي صبح جو موٽائي ٿو وڃي.“
ٻئي ڏينھن، اهي ونجهہ ان شڪل ۾ ڪونہ هئا، جنھن ۾ چاچي انھن کي رکيو هو. هاڻي تہ هن کي پڪ ٿي وئي تہ ڪو آهي جيڪو ”بليو برڊ“ رات لاءِ کڻي ٿو. ڪيتريون ئي راتيون چاچي ڀرپور ڪوشش ڪئي تہ ان چور کي پڪڙيان، پر هو پوڙهو هو، ڪم جي گهڻائيءَ ڪري ٿڪجي پوندو هو، بس پوءِ روز جاڳڻ جي ڪوشش جي باوجود بہ هن کي ننڊ اچي ويندي هئي ۽ پوءِ صبح جو ”بليو برڊ“ کي ڏسڻ سان خبر پوندي هئي تہ ڪو آيو هو، جنھن اها کنئي هئي. ڪڏهن اها صحيح جاءِ تي بيٺل نہ هوندي هئي تہ ڪڏهن هن جا ونجهہ کليل هوندا هئا ۽ ڪڏهن تہ وري هن جون حفاظتي پٽيون پنھنجي جڳھہ تان کليل هونديون هيون، ڪڏهن ڪڏهن هن کي ”بليو برڊ“ جي فرش تي ڇلر ۽ ڪنڊا بہ ملندا هئا. هو سوچيندو هو ”ڪاش مان ڄاڻان ها تہ اها کڻي ڪير ٿو اي ڪاش.“
هڪ ڏينھن جڏهن هو پنھنجي جهوپڙيءَ جي در وٽ ويھي سگريٽ ڇڪي رهيو هو تہ هن جي نگاھہ اوچتو وڃي ”بليو برڊ“ تي پئي اڄ اها ڪنھن ڀاڙي تي بہ ڪونہ ورتي هئي. اوچتو هن جي دماغ ۾ خيال آيو، ”پڪ اهي پريون هونديون.“
هن ڀڻڪيو ۽ پوءِ خوشي وچان رڙيون ڪرڻ لڳو.“ پڪ اهي پريون هونديون، ٿي سگهي ٿو اهي سمنڊ گهمڻ وينديون هجن، ٿي سگهي ٿو اهي منھنجي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي پنھنجا ”راتين وارا ناچ“ ڪنديون هجن.
هو خوش ٿيڻ لڳو تہ اهي پريون آهن جيڪي ”بليو برڊ“ استعمال ٿيون ڪن. هاڻي تہ هن جي سڀني سوچن کي ڄڻ خاتمو اچي ويو هجي. هن جو سانورو منھن ٻھڪڻ لڳو. ڏينھن ۾ ڪيترائي ڀيرا چاچي پنھنجي ڏاڙهي تي هٿ ڦيري مرڪندي ڀڻڪيو. ”اهي پڪ پريون هونديون.“
ان رات سمھڻ کان پھرين هن کاڌي جو هڪ ٿيلھو تيار ڪري ان ٻيڙيءَ ۾ پرين لاءِ رکيو. هن ان کان سواءِ هڪ پليٽ ۾ هڪ ڳاڙهو سھڻو صوف ۽ مانيءَ تي جام لڳائي رکيو.
ٻئي ڏينھن صبح جو چاچي اها پليٽ خالي ڏٺي ۽ کاڌي جو ٿيلھو اتي ڪونہ هو تہ هو ڏاڍو خوش ٿيو. اهو سڄو ڏينھن ڪم ڪندي بہ هن خوشيءَ مان پئي جهونگاريو.
ان کان پوءِ جڏهن بہ چاچو شھر ۾ خريداري ڪرڻ ايندو هو تہ سدائين ڪجهہ نہ ڪجهہ پرين جي کائڻ لاءِ ضرور وٺندو هو. ڪڏهن صوف يا چاڪليٽ يا بسڪوٽ تہ ڪڏهن جام ۽ جيلي. هر رات هو ڪانہ ڪا شئي ٻيڙيءَ ۾ ضرور رکندو هو. روز هن کي اها پليٽ صبح جو خالي ملندي هئي، حفاظتي پٽيون هٽيل هونديون هيون ۽ ونجهہ پنھنجي جڳھہ تان ٽڙيل هوندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن هن کي ڪا تازي تواني مڇي پليٽ ۾ پنھنجي ڪمائي لاءِ رکيل ملندي هئي.
هڪ صبح جو، اڃان پرھہ بہ ڪونہ ڦٽي هئي تہ هڪ طوفان آيو اهو هڪ سخت طوفان هو. سمنڊ جون لھرون اڇلجي اڇلجي مٿي اچڻ لڳيون. مٿي اچڻ جي ڪري واريءَ تي بيٺل ٻيڙين جي واري هيٺيان کسڪي وئي ۽ اهي پاڻ ۾ ٽڪرائجڻ لڳيون، پوڙهو مائڪ آواز تي ڇرڪي اٿي کڙو ٿيو.
ٻاهر هوا جا زوڪاٽ، لھرن جو ٽڪرائڻ ۽ ٻيڙين جو هڪ ٻئي سان لڳڻ زور شور سان جاري هو.
چاچي سوچيو ”رنگ تہ بلڪل لھي ويو هوندو، ٻيڙيون هڪ بئي سان ٽڪرجن جو پيون.“ هن پنھنجو ڪوٽ پاتو ۽ اوندھہ ۾ نڪري پيو. هڪ هڪ ڪري هن ٻيڙين کي ٿلھي تي چاڙهيو تہ جيئن لھرون مٿانھينءَ تائين نہ اچي سگهن، ”بليو برڊ“ انھن ۾ ڪانہ هئي.
”ويچاري بيوقوف پري“ چاچي ڀڻڪيو، ”رات هن تي ڪيتري نہ ڳري آهي.“ ۽ وڃي واپس سمھي پيو.
هن کي وري جاڳ ان مھل ٿي، جڏهن سج اڌ کان مٿي چڙهي چڪو هو. طوفان تہ لنگهي ويو هو، پر هوا اڃان بہ تيز هئي. هن هڪ نظر ٻيڙين تي وڌي. ”بليو برڊ“ اڃا ڪونہ موٽي هئي.
”منھنجي خيال ۾ اها محفوظ آهي، اها منھنجي پياري ۾ پياري ٻيڙي آهي. منھنجا خدا، ان کي مون کان جدا نہ ڪجانءِ.“ هن ڀڻڪيو.
ان ڏينھن ڪوبہ ٻيڙي کڻڻ ڪونہ آيو. هوا تمام تيز هئي ۽ لھرون تمام اُڀيون پئي آيون. پوڙهي مائڪ کي فڪر ٿيڻ لڳو، ”ٿي سگهي ٿو تہ پرين ان کي ڪٿي ڦٽي ڪيو هجي يا ٿي سگهي ٿو اها ترندي وئي هجي ۽ ڪنھن ان کي کڻي ورتو هجي. اهو بہ ممڪن آهي تہ هوءَ سمنڊ جي ڪنھن لڪل ٽڪريءَ سان ٽڪرائجي ٻہ اڌ ٿي وئي هجي.“ چاچو ڏاڍو ڏک ڀانئڻ لڳو.
چاچي کي سڄي رات ننڊ نہ آئي. مختلف قسمن جا خيال هن کي وڪوڙيندا رهيا. هو ڪيڏيءَ مھل ڪو جهوٽو کائي پيو تہ هڪدم وري هن جي اک کلي پي وئي. ٻاهر هوا جهڪي ٿي وئي هئي، رات آهستي آهستي ماٺيڻي ۽ سھڻي ٿيندي وئي پر چاچو ڄڻ بيقرار هو. آخر جڏهن جڏهن چنڊ اڌ کان وڌيڪ سفر ڪري ويو ۽ سامونڊي واري سونھن ۾ سرس ٿي، چانديءَ وانگي چمڪڻ لڳي تہ چاچي کي ننڊ اچي وئي.
ٻئي ڏينھن صبح جو پرھہ ڦٽيءَ مھل چاچي جي اک کلي وئي، هو ڊوڙندو پنھنجي جهوپڙيءَ کان ٻاهر نڪتو تہ ڏسان تہ ”بليو برڊ“ موٽي آئي ڪين نہ.
هائو، اها ٿلھي جي پاسي کان ٻڌل هئي. سامونڊي لھرون ڪيڏيءَ ڪيڏيءَ مھل اچي هن جي پاسن کان ڪتڪتائيون ڪري رهيون هيون. هن جو رنگ، بريءَ طرح سان رهنڊجي ويو هو ۽ اها ڄڻ سست ۽ بيمار لڳندي هجي.
چاچو ٻيڙيءَ کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، هن هڪدم ڊوڙ پاتي ۽ ڪاٺ واري ٿلھي ڏانھن ڀڳو. ٻيڙيءَ وٽ پھچي، هو هڪدم بيھي رهيو. اندران ڪو آواز پئي آيو، ڪنھن جي ٿڪل ٿڪل ساهن کڻڻ جو آواز. پڪ ٻيڙي ۾ ڪو هو. ڇا اها ڪا پري هئي؟
چاچي آهستي آهستي ٻيڙي ۾ قدم رکيو ۽ اندر ڏٺائين، اها ڪا پري ڪانہ هئي، اهو هڪ ننڍڙو نينگر هو، گھري ننڊ ۾ ستل. هن جا ڪپڙا ڦاٽل هئا ۽ پير اگهاڙا هئس. هن نينگر جا ناسي ڪڪا وار، وکريل ۽ ميرا هئا.
”تہ اهو تون آهين؟“ چاچي مائڪ ڪاوڙ مان چيو. ”اهي پريون بلڪل ڪونہ هيون، اهوتون هئين، جنھن سڄو اونھارو منھنجي ٻيڙي چورائي. هاڻي ڏس اها ڪيئن نہ ڀڳل ٽٽل آهي، ڪيڏي نہ هيڻي حالت اٿس، هان- اچ ڏس.“
ٻار هڪدم جاڳي پيو، هن ٽپ ڏئي ڊوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پوڙهي مائڪ هن کي ٻانھن کان جهلي ورتو. نينگر تمام ننڍڙو ۽ سنھڙو هو. هن جي ناسي وڏين اکين مان خوف جهاتيون پائي رهيو هو. چاچي کي هن تي ڏاڍو رحم آيو. هن کي محسوس ٿيڻ لڳو تہ هن اجايو هن غريب ۽ معصوم ٻار کي ڳالھايو.
”ڇا تون طوفان ۾ ڦاٿل هئين؟“ هُن، هِن ڀيري نرميءَ سان ڇوڪري کان پڇيو.
”هائو.“ ڇوڪر ڀڻڪيو.
”اڪيلو.“
”هائو.“
”اها هڪ وڏي ٻيڙي آهي، تو جھڙو ننڍو، پتڪڙو ٻار تہ ان کي سنڀالي ئي مشڪل سگهندو، ڇا تون جبلن ۾ ڦاسي پيو هئين؟“ چاچي هن کان ڄڻ آڏي پڇا ڪئي.
”هائو.“
”مان سمجهان ٿو، تون ٿڪل آهين.“ چاچي هن جي حالت مان اندازو لڳايو.
”هائو.“
”۽ بکيو پڻ ٿو لڳين.“
”هائو.“
”توکي ٻيو ڪجهہ ڳالھائڻ نہ ٿو اچي ڇا؟ چڱو، مون سان گڏ منھنجي جهوپڙيءَ ۾ هل.“ چاچي چيو. ”مان تنھنجي لاءِ نيرن ٿو ٺاهي وٺان، پاڻ پوءِ ڳالھائينداسين. ڀلا تنھنجو نالو ڇاهي؟“
”پئٽرڪ“ ننڍڙو ڄڻ ڀڻڪي رهيو هو.
چاچي مائڪ هن کي جهوپڙيءَ ۾ آندو. ۽ هن کي ڪنڊ ۾ پيل هڪ ڪرسيءَ تي ويھڻ لاءِ اشارو ڪيو. پئٽرڪ ويھي رهيو. هو چپ ڪري چاچي مائڪ کي پاڻي گرم ڪندي، مڇي تريندي ۽ ڊبل روٽي ڪپيندي ڏسڻ لڳو. هو سڀ ڪجهہ ڏسي رهيو هو، پر هن ڪجهہ بہ نہ چيو. پوڙهي مائڪ هن جي ناسيءَ اکين ۾ جهاتي پاتي تہ هن کي محسوس ٿيو تہ ان ڇوڪر اهڙي ماني ڪيترو عرصو ٿيو آ تہ ڪونہ کاڌي آهي.
جڏهن هن چانھن جو ڪوپ ۽ نيرن پئٽرڪ جي سامھون رکي تہ پئٽرڪ ان کي گهورڻ لڳو ڄڻ هو نيرن کي ڇهڻ کان گهٻرائيندو هجي. ڪجهہ پلڪ رکي هن هڪدم جهٽ هنيو ۽ تيزي سان کائڻ کي لڳي ويو. چاچو مائڪ صرف مشڪندو رهيو.
ڪجهہ ترسي، جڏهن هنن ٻنھي نيرن ختم ڪئي تہ چاچي مائڪ سخت آواز ۾ پڇيو.
”هاڻي، ننڍڙا پئٽرڪ، مان ڄاڻڻ ٿو گهران تہ تو ڇو منھنجي ٻيڙي هر رات، سڄو اونھارو چورائي.“
”نہ، چورائي نہ هئم“، پئٽرڪ تڪڙو تڪڙو چيو، ”اڌاري کنئي هئم.“
”ڪنھن کي ٻڌائڻ کان سواءِ ڪا شيءِ اڌاري کڻڻ چوري چئبي آهي. تون ان کي ڪيڏانھن ڪندو هئين.“
”اوڏانھن کڻي ويندو هئس، جتي ڍنڍ، سمنڊ سان ڇوڙ ڪندي آهي.“
”ڇا لاءِ تہ؟“
”مڇيون مارڻ لاءِ، ٻيو ڇا لاءِ“، پئٽرڪ معصوميت سان چيو.
”پر تو، ان مقصد لاءِ صرف ”بليو برڊ“ ڇو چونڊي هئي، اها جيڪا منھنجي سڀ کان بھترين ۽ نئين ٻيڙي هئي.“
”ڇاڪاڻ تہ اها تمام هلڪي هئي ۽ هلائڻ ۾ سولي هئي.“ ننڍڙو معصوميت سان جواب پئي ڏيندو ويو.
”چڱو، تہ اها ڳالھہ آ.“ چاچي مائڪ ٿڌو ساھہ کنيو.
”مھرباني ڪري، ڪاوڙ نہ ڪجانءِ“ پئٽرڪ هڪدم تڪڙو ڳالھائيندي چيو. ”مون کي خبر آهي تہ مون کي اها ٻيڙي نہ کڻڻ گهرجي ها. پر تون پاڻ چئو، مان مڇيون رات جو ماريندو هئس، ۽ تون ڪمائي ڏينھن جو ڪندو هئين. مون کي پئسا گهرجندا هئا تہ جيئن مان کاڌو خريد ڪري سگهان، ۽ سياري لاءِ ڪانہ ڪا بچت ڪري سگهان، سچي اها جڳھہ بلڪل مناسب هئي جتي مان مڇيون ماريندو هئس.
جڏهن مان طوفان ۾ ڦاٿس، تہ ٻيڙي منھنجي قبضي مان نڪري وئي، مان تقريباً ٻڏڻ تي هئس، مان تو ڏانھن واپس بہ نہ پئي اچي سگهيس، ان ڪري مان ڍنڍ جي ٻئي ڪناري ڏانھن هليو ويس، ان ڪري تون مون کي ڏسي نہ سگهئين، جو جنھن صبح مون کي موٽي اچڻو هو، ان مھل مان ڍنڍ جي ٻئي ڪناري تي هئس. گذريل رات مان ”بليو برڊ“ کي جلدي آندو، ڇاڪاڻ تہ مان ڏاڍو ٿڪل هئس ۽ مڇيون ماري نہ سگهان ها. مون ڪجهہ دير لاءِ آرام ڪرڻ چاهيو، مون کي ڪھڙي خبر تہ اهڙي ڪا اگهور ننڊ ايندم. تون جيڪا ماني روز ٻيڙيءَ ۾ رکندو هئين، سا پرين لاءِ هوندي هئي، ها نہ؟ مان اها سڀ کڻي کائي ڇڏيندو هئس.“
هن هڪدم ڳالھائڻ بند ڪيو. بلڪل ائين جيئن هڪدم ڳالھائڻ شروع ڪيو هئائين. ڪجهہ دير رکي هن چيو، ”مون کي معاف ڪر، چاچا.“
”تون هڪ بھادر ڇوڪرو آهين.“ چاچي مائڪ چيو. ”توکي پيءُ ماءُ آهن.“
”نہ.“
”ڪير بہ تنھنجي سار سنڀال لھڻ وارو ڪونھي؟“
”نہ.“ ڇوڪر وراڻيو.
چاچي مائڪ ڏاڙهيءَ کي کنھيو. ڪافي ديرهو ڇوڪري ۾ جوهو وجهي ڏسندو رهيو. پوءِ هن کي چيائين. ”تو اڌاري ڪونہ کنئي هئي، ڇاڪاڻ جو تو ٻڌايو ڪونہ هو.“
”ها، اها بلڪل اوڌر نہ هئي.“ ڇوڪر ڀڻڪيو.
”تہ پوءِ اها ڇا هئي، نہ چوري هئي، نہ اوڌر هئي، تہ پوءِ باقي ڇا هئي.“
”اهو منھنجو حق هو.“ پئٽرڪ چيو.
”ڇا؟“ پوڙهي حيرانيءَ مان رڙ ڪئي.
”ها، مون توکي پنھنجو ڏاڏو ڪيو هو. مان روز ائين ئي سمجهندو هئس ڄڻ تون مون کي مڇيون مارڻ لاءِ موڪليندو هجين، مان ائين ڀائيندو هئس، ڄڻ تون در وٽ بيٺو هجين ۽ مون کي چوندو هجين ”خدا حافظ پئٽرڪ مون تنھنجي ماني رکي ڇڏي آهي.“
۽ جڏهن بہ مان سمنڊ ۾ ويندو هئس تہ تنھنجي جهوپڙيءَ ڏانھن منھن ڪري ”خدا حافظ، ڏاڏا سائين“ ضرور چوندو هئس.“
”ڇا، سچ پيو چوين.“ چاچي کي اعتبار نہ آيو.
”ها، بلڪل.“ ڇوڪر معصوم نموني سان هن ڏانھن ڏٺو. چاچو سوچ ۾ پئجي ويو. ڪجهہ پلڪ رکي چيائين، ”تون حقيقت ائين ڏسڻ پسند ڪندين.“
”ڇو نہ.“ پئٽرڪ پھريون ڀيرو مرڪيو.
”مان تنھنجي خوب مدد ڪندس، مان توکي ٻيڙيون رنڱي ڏيندس، اهي پاڻيءَ ۾ ڌڪي ڏيندس، ماڻھن کي ڀاڙي تي کڻائيندي ڌڪي ڏيندس، مان تنھنجي لاءِ خريداري ڪري ايندس ۽......“
”۽ مون سان گڏ سياري ۾ منھنجي ڀيڻ وٽ، گهمڻ بہ هلندين.“ چاچي پڇيو.
”ها بلڪل، مان تنھنجي اولاد کان بہ سٺو ثابت ٿيندس.“ ننڍڙي خوش ٿيندي چيو.
”مان سوچان ٿو مون وٽ ڪافي ڪاٺ آهي، جنھن مان تو لاءِ هڪ کٽ بہ ٺھي ويندي.
اچ مون سان گڏجي ٻيڙيون سمنڊ ۾ لھراءِ، پوءِ پاڻ ٻيو ڪجهہ سوچينداسين.“
پئٽرڪ بيتابيءَ سان اٿيو، ۽ ڊوڙندو ٻيڙين کي ڌڪڻ لڳو، تہ جيئن مائڪ هنن کي لاهي ٿلھي سان ٻڌي سگهي. سمنڊ جون ڇوليون ڄڻ مرڪي رهيون هيون، ڄڻ هوا هلڪي هلڪي هئي.
”پئٽرڪ“ چاچي مائڪ ڇوڪر کي سڏيو.
”جي ڏاڏا.“
”مان سوچان ٿو، تہ اهو بھتر ٿيندو تہ تون ”بليو برڊ“ کي ڪاهي ڪناري جي مٿان واريءَ تي رکي اچين، جيئن مان ان کي ٺاهي سگهان، پوءِ پاڻ گڏجي ان کي رنڱينداسين.“
”حاضر ڏاڏا سائين.“
پئٽرڪ ٻيڙيءَ کي ڌڪڻ لڳو ۽ چاچو مائڪ گم ٿيل ٻيڙيءَ کي پنھنجي ٻيڙي ۾ موجود ڏسي فخر سان ڳاٽ اوچو ڪيو، کيس وڌيڪ خوشي ان ڪري بہ ٿي جو کيس هڪ سٺو ۽ نھايت برجستو ساٿي بہ ملي ويو.
(ڇپيل: ’گُل ڦُل‘ مئي / جُون 1980ع)