ڪُئِيءَ جي شادي
__________________________________
جاپان
جاپان، اُتر ايشيا ۾ آهي ۽ ڏکڻ اولھہ ’پئسيفڪ سمنڊ‘ ۾ واقع آهي.
گاديءَ جو هنڌ: ٽوڪيو
ايراضي: 377915 چورس ميل
سڪو: جاپانيز يَون
آبادي: 125.7 ملين
سرڪاري ٻولي: جاپانيز
ٻيون ٻوليون: امامي [Amami]، ڪِيُوڪو [Kyukyu]،
ڪِڪائِي [Kikai]، مِياڪو [Miyako]
_________________________________
اوٽوسان ۽ اوڪاسان، جاپان جي هڪ اسٽور هائوس ۾ رهندڙ ٻہ پوڙها ڪوئا ڪئي هئا. اوٽوسان ڪوئو ڪافي امير هو، هن وٽ چانورن جو هڪ گودام هو جيڪو هن چانور ميڙي ميڙي پنھنجي ٻرً جي ڀر ۾ تعمير ڪيو هو.
اوڪاسان سندس زال بہ ڏاڍي هوشيار ڪئي هئي. هوءَ بہ سندس ٻانھن ٻيلي هئي.
ساڻن سندن نانءَ جو مکيہ سبب سندن ڌيءَ هئي. اڇي، اجري، نرم، سھڻي.... ان ڪئيءَ جون اکيون بيحد خوبصورت ۽ چمڪ ڀريل ۽ نازڪ گلابي نڪ ڏاڍو پيارو هو. هوءَ ايڏي تہ سھڻي هئي جو پري پري جي رياستن جا ڪوئا سندس هٿ ڪرڻ لاءِ ڪھي ايندا هئا. پر اوٽوسان ۽ اوڪاسان، ان ڳالھہ جي حق ۾ ئي ڪونہ هئا تہ پنھنجي پرين جھڙي ڌيءَ جو هٿ ڪنھن عام ڪوئي جي هٿ ۾ ڏين.
”اهو ناممڪن آ. ڪوبہ عام ڪوئو اسان جي نياڻيءَ جي لائق ڪونھي.“ هنن رڙ ڪئي. ”اسان کي ڪنھن خاص وَرَ کي ڳولڻ گهرجي. اسان پنھنجي نياڻيءَ جو رشتو جاپان جي طاقتور ترين هستيءَ سان ڪنداسين.“
سو هنن چئن ئي طرفن ڳولا شروع ڪئي ۽ اوچتو سندن نظر اڀ ۾ چمڪندڙ محبتن ڀرئي سج تي پئي.
”سج کي ڇو نہ پنھنجي نياڻي ڏيون.“ هنن خوشيءَ وچان نعرو هنيو اهو خيال تہ واھہ جو هو.
بس سائين، هنن پنھنجي ڌيءُ کي هڪ بھترين وڳو ڍڪايو. اهڙي خوبصورت ڪنوار، ڪوئن پنھنجي سڄي عمر ۾ ڪونہ ڏٺي هئي.
هاڻي مون کي اها خبر ڪانھي تہ سفر اهو ڪيئن ٿيو، باقي ٽئي سفر ڪندا رهيا، تان جو وڃي سج تائين پھتا.
پيءُ سج اڳيان جهڪندي، جيھڻي آواز ۾ عرض ڪيو، ”عزت ماب ۽ رحمدل سج، تون هن ڌرتيءَ تي طاقتور ترين هستي آهين، اسان جي ڌيءُ قبول ڪر، ڇو جو اسان جي اها خواهش آهي تہ تون اسان جي نياڻيءَ جو گهوٽ ٿئين.“
سج مسلسل مرڪندو رهيو. ڏانھن ڏسندي چيائين ”توهان ڏاڍا رحمدل آهيو، مان توهان جي ان رشتي لاءِ ٿورائتو آهيان، پر مان هن ڌرتيءَ تي طاقتور ترين هستي ناهيان، اها اڃا بہ ٻي شيءِ آ.“
اوٽوسان ۽ اوڪاسان، جا وات حيرت مان ڦاٽي ويا ”اهو وري ڪيرآ؟“
”اهو ڪيومو آ يعني ڪڪر، مان تہ ڌرتيءَ کي گرمي ٿو پھچايان، پر جيڏي مھل ڪڪر ٻاهر نڪري اچن ۽ مون کي ڍڪيو وجهن تہ مان بلڪل بي وس هوندو آهيان.“
”خير، خير.“ اوٽوسان ۽ اوڪاسان هڪٻئي ڏانھن ڏٺو، ”اهو سچ بہ آهي ان ۾ ڪھڙو شڪ آ!“
سو، هُو، سج اڳيان جهڪي ۽ پنھنجي ڌيءَ کي وٺي ڪڪر وٽ آيا.
”ڪيوموسان، ڪيوموسان (ڪڪر سائين، ڪڪر سائين) تون هن ڌرتي تي طاقتور ترين هستي آهين، اسان جي ڌيءَ کي پنھنجي زال قبول ڪر.“
”مون لاءِ سوچڻ جي مھرباني“ ڪڪر وراڻيو. ”پر هتي تہ مون کان بہ طاقتور هستيون ويٺيون آهن. مان هونئن تہ ڪافي طاقتور آهيان، پر اوستائين جيستائين ڪيز (هوا) نٿي اچي. بس هن جو اچڻ ۽ منھنجو ڀڄڻ.“
”بلڪل بلڪل“ اوٽوسان ۽ اوڪاسان کي ڳالھہ سمجهہ ۾ اچي وئي هو سڌا هوا وٽ هليا آيا.
”ڪيزسان، ڪيزسان (هوا سانئڻ، هوا سانئڻ) تون جاپان جي طاقتور ترين هستي آهين، اسان پنھنجي ڌيءَ توکي پرڻائڻ لاءِ آندي آ.“
”مھرباني ننڍڙا ڪؤو، پر مان طاقتور ترين ناهيان، مان مڃان ٿي تہ مان ڏاڍا گهوگهاٽ ڪري هلندي آهيان، پر جڏهن بہ مان ڪنھن طاقتور ڀت سان ٽڪرائيندي آهيان تہ مون کي ئي شڪست ٿيندي آهي، هاڻي مان طاقتور ترين ٿيس؟“
”اوھہ، اهو تہ بلڪل سچ آ“ مائٽن ٿڌو ساھہ کنيو.
”اسان کي ڀت سان ملڻ گهرجي.“
خير سائين، هڻندا ماريندا هو ڀت وٽ پھتا ۽ کيس سندن ڌيءُ سان شادي ڪرڻ لاءِ چيائون.
”مھرباني.“ هن وراڻيو، ”پر اڃا بہ هڪ ٻي هستي آ، مان هونئن تہ ڪافي سخت ۽ مضبوط هوندي آهيان، پر جيڏي مھل ڪوئا مون کي ٽڪين ٿا، ان مھل مان بلڪل بي وس ٿيو پوان، تان جو مون ۾ ٻر ٺھيون پون. مان ڪوئن کي ڪٿان ٿي پڄان؟“
۽ ان مھل، غريب ڌيءَ ڪئي بلڪل ٿڪجي پئي، سندس ڳل لڙڪي پيا ۽ اکيون ڳوڙهن سان ٽمٽار ٿي ويون.
”امان بابا، مان پنھنجي پاڙي واري ڪوئي چُوسُوڪيءَ جي زال ٿيندس. ڇا ٿيو جيڪڏهن هو، هڪ عام ڪوئو آ.“
پر ان مھل پيءُ ماءُ جا خيال ڪجهہ ڦريل هئا.
”بلڪل نہ، ڪير ٿو چئي تہ هو عام ڪوئو آ! ڪجهہ ڏينھن اڳين تہ هن (ڪيب سن (Kabe-san يعني ڀت سانئڻ ۾ هڪ وڏو سوراخ ڪيو هو. هاڻي ٻڌاءِ، هو طاقتور ترين ڪوئو ڪونھي؟“
بس سائين، هاڻي هو چوسوڪيءَ تي ڏاڍو نازان هئا، هو رهندو بہ تہ بلڪل ڀت پريان هو.
اها شادي ڏاڍي بھترين ٿي، ۽ چون ٿا، ان ڏينھن ڪنھن مھل سج ٿي نڪتو، تہ ڪيڏي مھل ڪڪر ٿي آيا، ۽ ڪيڏي ڪيڏي مھل تہ هوا بہ ٿي گهوگهٽ ڪيا.
ها سائين، ڀت سانئڻ بہ پاڻ ۾ ٿيل ٻَرَ ۾، ان شاديءَ کي ڏسي، خوش پئي ٿي.
(ڇپيل: ’گُل ڦُل‘ سيپٽمبر 1982ع)