ٻاراڻو ادب

ڳاڙھي لوئي

ھن ڪتاب ۾ ٻارن لاءِ پرڏيھي ادب مان چونڊ 10 ڪھاڻين تي مشتمل آھي. اشاعتي حوالي کان هي ترجما، انگريزيءَ ۾ ڇپيل ڪتابن مان مارچ 1975ع کان 1984ع تائين ٻارن جي رسالي ”گُل ڦل“ ۾ ڇپيل آهن ۽ انھن جي پنھنجي اھميت آھي. 

  • 4.5/5.0
  • 118
  • 23
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمود مغل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Gaa’rhi Lo’i

چانديءَ جو ٻيڙو

(هالينڊ جي لوڪ ڪھاڻي)

__________________________________________
هالينڊ
هالينڊ، اُتر اولھ يورپ ۾ واقع آهي، جيڪو پنھنجن ڪئنالن، ڪنول جي پوک، پن چڪين جي ڪري مشھور آهي.
گاديءَ جو هنڌ: ايمسٽرڊئم
ايراضي: 41543 چورس ميل
سڪو: ڊچ ڊالر
آبادي: 17.53 ملين
سرڪاري ٻولي: ڊچ
ٻيون ٻوليون: يِدِش ]Yiddish[‎،
روماني ]Romani[، انگلش ]انگريزي[
__________________________________________

هيءَ ڪھاڻي هالينڊ جي آهي. اهو ملڪ، جنھن مان دٻن ۾ بند ٿيل کير ايندو آهي. هي ملڪ ڏاڍو ٿڌو ٿيندو آهي، خاص طور تي سياري ۾ جڏهن هتي برف پوندي آهي تہ هر هنڌ برف جو ٿُلھو تھہ ڄمي ويندو آهي. تڏهن هتان جا ماڻھو برف تي ڪونہ هلندا آهن، پر ڪاٺ جا سليپر پائي برف تي ترڪندا آهن.
هالينڊ کي جانڊَهُن جو ملڪ بہ چوندا آهن، ڇاڪاڻ جو هتي هر هنڌ جانڊهون هونديون آهن، جيڪي هوا جي زور تي هلنديون آهن. ڪارل بہ هڪ جانڊھہ واري جو پٽ هو. هو پنھنجي ماءُ، پيءُ ۽ هڪ ننڍڙي ڀيڻ جوليءَ سان گڏ رهندو هو، هن کي برف تي ترڪڻ جو شوق هوندو هو، پھرئين ڏينھن جڏهن ڪارل برف تي ترڪڻ چاهيو تہ هو ڏور وڃي پٽ ۾ برف تي ڪريو. هن جي پيءُ، هن کي سھارو ڏئي اٿاريو ۽ چيائين تہ، ”پٽ شروع شروع ۾ سڀڪو ائين ئي ڪِرندو آهي، پر پوءِ جڏهن عادت ٿي ويندي آهي تہ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بنا ٿَڪَ جي ماڻھو ڊوڙندو رهندو آهي.“
جلد ئي ڪارل کي تِرڪڻ اچي ويو، هن کي تِرڪڻ ۾ خاص مزو ايندو هو. ڇو جو پنڌ هلڻ جي نسبت تِرڪڻ آسان آهي ۽ برف ۾ تہ ماڻھو رڳو تِرڪي ئي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪو هلڻ چاهي تہ ڏاڍي تڪليف ايندس.
ڪارل هڪ فرمانبردار ڇوڪرو هو، هُو ڪڏهن ڪڏهن پنھنجي استاد جي گهر وڃي هن جي گهرو ڪمن ڪارين ۾ مدد ڪندو هو. هن کي پنھنجي استاد جي خدمت ڪندي ڏاڍو لطف ايندو هو. هن کي پنھنجي استاد جي گهر ۾ رکيل چانديءَ جو ٻيڙو ڏاڍو وڻندو هو. هُو دير تائين ان کي ڏسندو رهندو هو. هن جي استاد هن کي ٻڌايو هو تہ هن اهو ٻيڙو اسڪيٽنگ (برف تي تِرڪڻ) جي مقابلي ۾ پھرئين نمبر اچڻ تي حاصل ڪيو هو.
”ڇا توهان ان وقت مون جيتري عمر جا هئا؟“ هُو پنھنجي استاد کان پڇندو هو.
”ها، مان ايترو ئي هوس.“
۽ ڪارل خوابن جي دنيا ۾ گم ٿي ويندو هو. هُو سوچيندو هو تہ ڪڏهن مان بہ اهو انعام حاصل ڪندس. هُو جڏهن بہ پنھنجي ماءُ سان ذڪر ڪندو هو تہ هن جي ماءُ چوندي هئي، ”ها پٽ، هڪ نہ هڪ ڏينھن تون ضرور اهو انعام حاصل ڪندين.“
ٻن سالن کان پوءِ، هڪ ڏينھن هن کي استاد ٻڌايو تہ سڀاڻي اسڪيٽنگ جو مقابلو ٿيڻ وارو آهي. اهو مقابلو ’هورن ڳوٺ‘ کان، ’والڪر ڳوٺ‘ تائين ٿيندو. ڪيترائي ماڻھو شرڪت لاءِ ۽ ڪيترا ان مقابلي کي ڏسڻ لاءِ ايندا.
ان شام ڪارل جڏهن پنھنجي پيءُ کان مقابلي ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ورتي تہ هن مشڪي ڏنو. هن چيو ”ڪارل پٽ، تنھنجو مقابلو ملڪ جي مشھور اسيڪيٽرن (برف تي ترڪڻ وارن) سان ٿيندو.“
تنھن تي جوليءَ هڪدم وراڻيو، ”بابا، ڪارل بہ تہ سٺي اسڪيٽنگ ڪندو آهي. هُو تہ ائين هلندو آهي ڄڻ هوا ۾ پيو اڏامي.“
هن جي والد ڪارل کي چيو تہ، ”ٺيڪ آ پٽ، تون ڀلي قسمت آزماءِ، جيڪڏهن تون هارائي بہ وئين تہ بہ پرواھہ نہ آهي.“
ڪارل جي استاد هن جو نالو بہ مقابلو ڪندڙن ۾ لکايو.
مقابلي واري ڏينھن موسم خاص سٺي ڪانہ هئي. جڏهن ڪارل مقابلي لاءِ پھتو تہ هن کان اڳ ئي سڀ رانديگر جمع ٿي چڪا هئا، اهو مقابلو، ’هورن ڳوٺ‘ کان ’والڪر ڳوٺ‘ تائين هو. جتان موٽي وري ’هورن ڳوٺ‘ اچڻو هو.
جڏهن مقابلو شروع ٿيو تہ ڪارل سڀني کان اڳيان هو. هن کي اميد هئي تہ هو سڀني کان پھرين والڪر ڳوٺ پھچندو ۽ ٿيو بہ ائين ئي. هُو سڀني کان پھرين پھتو، هاڻي اڌ مقابلو باقي هو، واپسي ۾ رانديگرن کي ٻئي رستي سان ”هورن ڳوٺ“ پھچڻو هو.
هُو جڏهن موٽيو تہ هر طرف ڪوهيڙو ڄمي ويو. ڌنڌُ هر طرف ڦھلجي وئي. هر شئي دونھاٽجي وئي. هن کي خبر هئي تہ جيڪڏهن هُو صحيح رستو نہ ڳولي سگهيو تہ پڪ ڀلجي ويندو. هُو احتياط سان هلڻ لڳو ۽ اتفاق سان هن کي صحيح رستو ملي ويو ۽ هُو موٽڻ لڳو. موٽندي هن جي ڪنن تي اوچتو آواز پيو، ”مدد، مدد، خدا جي واسطي ڪو مدد ڪري.“
هن جڏهن اهو ٻڌو تہ هُو سوچڻ لڳو تہ ڪاش اهو آواز منھنجي ڪنن تي نہ پوي ها، پر پوءِ ان بي سودي خيال تي هن جو ضمير هن کي ملامت ڪرڻ لڳو.
”ڪير آهي؟ مدد لاءِ ڪير پڪاري رهيو آهي.“ هن زور سان چيو. هن جو آواز ٻڌي هڪڙو مرد ڌنڌ ۽ ڪوهيڙي جي ديوار کي ٽوڙيندو هن وٽ آيو. هُو هڪ پوڙهو هو جنھن ڏڪندڙ آواز سان چيو، ”منھنجا پٽ، شڪر آ خدا جو، جو تون ملي وئين. منھنجي زال ڪوهيڙي جي ڪري برف ۾ ترڪي ڪرِي پئي آهي. ڪرڻ ڪري هن کي چڱو ڌڪ لڳو آهي. مان پوڙهو هن کي سھارو نہ ٿو ڏئي سگهان. ڇا تون هن کي کڻائي هلڻ ۾ منھنجي مدد ڪندين؟“
”بلڪل سائين، ڇو نہ“ هن وراڻيو. هن پوڙهي جي مدد سان ان ڪريل زال کي کنيو. جيڪا منڊڪائي آهستي آهستي هلي رهي هئي، جلد ئي هن جي پاسي کان ڪي ڇوڪرا لنگهي ويا. هُو اها ڳالھہ سمجهي ويو تہ اهي مقابلي وارا ڇوڪرا هئا. هن جي نڙيءَ ۾ ڪا شئي اٽڪڻ لڳي ۽ اکيون پاڻيءَ سان ڀرجڻ لڳيون. هن ڳيت ڏئي نڙي کي آلو ڪيو ۽ منھن ڦيري ڇڏيائين. پوڙهي ويچاري بيمار هئي، ان ڪري هُوءَ ٻہ قدم هلي رهي هئي ۽ هڪ قدم بيٺي پئي. آخر خدا خدا ڪري هُو مَس مَس هڪڙي جانڊھہ وٽ پھتا. ”توهان بيھو تہ مان ڪنھن کي اندران وٺي اچان.“
ائين چئي هُو اندر ويو ۽ جانڊھہ واري کي وٺي آيو. جنھن جي مدد سان هنن پوڙهيءَ کي کڻي اندر پھچايو.
جڏهن ڪارل هلڻ لڳو تہ پوڙهَي هن جا ٿورا مڃيا ۽ دعا ڪئي ”خدا تنھنجي عمر ۾ برڪت ڏئي.“
جانڊھہ واري هن کان پڇيو ”شايد تون اسڪيٽنگ جو مقابلو ڏسڻ پئي وئين.“
ڪارل ڪجهہ ملول ٿي ويو. هن ڏکارو ٿيندي چيو، ”جي، ائين نہ آهي... مان... مان دراصل ان مقابلي ۾ شريڪ هئس.“
جانڊھہ وارو حيران ٿي ويو. ”ڇا، تون بہ مقابلي ۾ شريڪ هئين؟“
”ها، پر هاڻي شايد مقابلو ختم ٿي ويو هجي.“ هن وراڻيو.
جانڊھہ واري چيو، ”آفرين آهي توتي ۽ تنھنجي نيڪدل مائٽن تي، جن توکي اها تعليم ڏني، مون کي اميد آهي تہ تنھنجا مائٽ تنھنجي ان ڪارنامي تي ضرور خوش ٿيندا.“
ڪارل جڏهن ’هورن ڳوٺ‘ پھتو تہ هن جي استاد هن کي چيو، ”مون ٻڌو آهي تہ والڪر ڳوٺ تون سڀني کان پھرين پھتو هئين، مون کي افسوس آهي جو تون رستو ڀلجي وڃي، ڪنھن ٻئي هنڌ تي پھتين.“
ڪارل ڪجهہ ڪونہ ڪڇيو. هُو چپ رهيو.
ان کان پوءِ ڪجهہ ٻيا مقابلا ٿيا. انھن ۾ ملھہ، وزن کڻڻ، نيزو اڇلائڻ وغيرہ شامل هئا. آخر ۾ ڪمشنر صاحب انعام ورهائڻ لڳو. ان مھل سڀ رانديگر هن جي چوگرد اچي ويا. ٺيڪ ان مھل هڪڙو ماڻھو ميڙ کي چيريندو ڪمشنر صاحب وٽ پھتو. ڪارل سڃاتو اهو ساڳيو جانڊھہ وارو هو. ان ڪمشنر صاحب سان ڪجهہ ڳالھايو. ڪمشنر جي اشاري سان هڪڙو ماڻھو اسڪيٽنگ ڪندو ويو ۽ جلد ئي موٽي آيو. هن جي هٿ ۾ سونھري دٻو هو، جيڪو هن ڪمشنر صاحب کي ڏنو. جڏهن انعام ورهائڻ جي تقريب ختم ٿي وئي تہ ماڻھو وڃڻ لڳا. ڪمشنر صاحب هنن کي چيو تہ ”ترسو، اڃان تقريب ختم نہ ٿي آهي. مان اوهان کي هڪ اهڙي جوان جو ڪارنامو ٿو ٻڌايان جنھن جي جذبي جو هميشہ قدر ڪيو ويندو. اهو نوجوان ڪارل آهي. جيڪو سڀني کان پھرين والڪر ڳوٺ پھتو پر موٽيو سڀني کان پوءِ. اسان اهو سمجهو تہ هو ڪوهيڙي جي ڪري رستو ڀلجي ويو هو، پر اصل ۾ ائين نہ هو، هُو هڪ بيمار پوڙهيءَ جي مدد ڪرڻ لاءِ ترسي پيو هو، هن هڪ ضعيف عورت جي مدد ڪئي ۽ پھرين نمبر اچڻ جو موقعو هٿان وڃائي ڇڏيو. مان ان نيڪ ۽ بھادر ڇوڪري کي خاص انعام ڏيڻ گهران ٿو، اچ ڪارل پٽ، تون اسٽيج تي اچ.“
ڪارل جو منھن خوشيءَ کان ٻھڪڻ لڳو، هُو آهستي آهستي اسٽيج وٽ پھتو. ڪمشنر صاحب دٻو کوليو ۽ ان مان چانديءَ جو ٻيڙو ڪڍيو ۽ تاڙين جي آواز ۾ اهو ڪارل کي انعام طور ڏنو، هن چيو، ”پٽ، تون ان مدد جو عيوض سمجهجانءِ جيڪا تو پوڙهيءَ سان ڪئي. ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ سان نيڪيءَ جو اجر ضايع ٿي نہ ويندو، پر ائين سمجهجانءِ تہ تون هڪ امتحان ۾ ڪامياب ٿيو هئين.“
ڪارل جي ماءُ پيءُ کي اهو ڪارنامو ٻڌي بيحد خوشي ٿي، ليڪن سڀ کان زيادہ خوشي ڪارل کي ٿي.
هن ڪمشنر صاحب جا لفظ سدائين ياد رکيا.


(ڇپيل: ’گُل ڦُل‘ نومبر 1977ع)