ننڍڙو شڪاري
____________________________________
رُومانيا
رُومانيا، ڏکڻ اوڀر يورپ جو ملڪ آهي.
گاديءَ جو هنڌ: بخارسٽ
ايراضي: 238397 چورس ميل
سڪو: رَون
آبادي: 19.12 ملين
سرڪاري ٻولي: رُومانيَن
ٻيون ٻوليون: هنگريَن [Hungarian] ۽ روماني (Romani)
____________________________________
گهڻو زمانو اڳ رومانيا ۾ هڪ شڪاري رهندو هو، هو شڪار جي فن ۾ ايترو تہ هوشيار هو جو سڀ ماڻھو کيس هنرمند شڪاري جي نالي سان ڪوٺيندا هئا. هن کي هڪ پٽ هو، هن چاهيو ٿي تہ هو پنھنجي پٽ کي پاڻ وانگر وڏو شڪاري بڻائي ۽ هن پڪو ارادو ڪيو تہ جڏهن هن جو پٽ وڏو ٿيندو تڏهن هو هن کي شڪار جا سڀئي طريقا سيکاري ڇڏيندو. قضا سان هن ويچاري کي پنھنجي اها آس پوري ڪرڻ جو موقعو ئي نہ مليو. ڇاڪاڻ جڏهن هن جو پٽ اڃا ننڍو ئي هو تہ هو شڪاري پاڻ گذاري ويو.
ننڍڙو ڇوڪر جڏهن وڏو ٿيو تہ هن جي ماءُ هن کي هڪ اسڪول ۾ داخل ڪيو، جتي هن تعليم سان گڏ ڪيترائي هنر سکيا، هو سڀني هنرن ۾ ڏاڍو هوشيار ٿي ويو. سڀئي هن جي هوشياري ڏسي دنگ ٿي ويندا هئا. پر هو ڪڏهن بہ ڪنھن هنر مان فائدو نہ وٺي سگهندو هو، ان جو کيس ڏاڍو ڏک هو. هڪ ڏينھن هن پنھنجي ناني سان اها شڪايت ڪئي.
”ناني مان هينئر جوان آهيان، امان مون کي اسڪول ۾ موڪليو، جتان مان هر هنر سکي آيو آهيان. مان صبح کان وٺي رات تائين ڪم ڪري سگهان ٿو. مان جڏهن ڪو ڪم ختم ڪري ڪنھن کي ڏيکاريندو آهيان تہ اهو ڏاڍو خوش ٿيندو آهي، پر مان بيحد ڏکارو آهيان. ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ صحتمند ۽ طاقتور آهيان، ۽ اڪيلي سر ڏهن ماڻھن جيترو پورهيو بہ ڪري سگهان ٿو تہ پوءِ مون کي اهو ڪم ڇو نہ ٿو ڏنو وڃي.“ ”ڏک نہ ڪر منھنجا ٻچڙا.“ ناني چيو. ”تنھنجي زندگي ضرور سھڻي گذرندي، وڃ وڃي ايتري محنت ڪر، جيڪا اڳ ۾ پئي ڪيئي، محنت مان دل کٽي نہ ڪر، خدا تنھنجي محنت ساب ڪندو، تون ايمانداريءَ سان ڪم ڪندو رھہ پوءِ ڏس تہ قسمت ڪيئن نہ ٿي ساٿ ڏئي.“
”ناني هڪ ڳالھہ ٻي بہ ٻڌاءِ“ ڇوڪر چيو، ”پر سچ ٻڌائجائين.“
”پٽ مون کي جيڪا خبر هوندي سا مان توکي ضرور ٻڌائينديس.“ هن جي نانيءَ چيو.
”منھنجو پيءُ ڇا ڪندو هو؟“ ڇوڪر پڇيو.
”پٽ، تنھنجو پيءُ هڪ مشھور شڪاري هو، هو شڪار تي جڏهن بہ ويو. ڪڏهن بہ خالي هٿين نہ موٽيو هن ڪيترن ئي خوفناڪ جانورن جو شڪار ڪيو، جيڪڏهن هو جيئرو هجي ها تہ توکي بہ ضرور هڪ بي ڊپو شڪاري بڻائي ها.“ نانيءَ وراڻيو.
”ناني مان امان کان جڏهن بہ شڪار بابت ڪجهہ پڇندو آهيان تہ هوءَ ڪوبہ جواب نہ ڏيندي آهي، آخر ڇو؟“ ڇوڪر نانيءَ کان سوال پڇيو.
”انڪري ٻچا جو هو هڪ خطرناڪ ڪم آهي، ۽ هوءَ توکي ان سکڻ لاءِ ڇڏڻ نٿي گهري تنھنجو پيءُ جڏهن بہ شڪار تي ويندو هو، تہ هو سدائين پئي روئيندي هئي ڇاڪاڻ جو شڪاريءَ جي زندگي تي ڪوبہ اعتبار نہ هوندو آهي، هوءَ جڏهن بہ اهو ٻڌندي هئي تہ ڪو شينھن ۽ ڪو جهنگلي جانور ڪنھن شڪاريءَ کي کائي ويو تہ هراسجي ويندي هئي، ان ڪري هوءَ سدائين تنھنجي پيءُ کي شڪار کان روڪيندي هئي، هوءَ توکي بہ شڪار بابت ڪجهہ بہ نہ ٿي ٻڌائڻ گهري تون ان جو هڪڙو ئي ٻچڙو آهين، پنھنجي اکين جي تاري کي هوءَ ڪيئن شڪار سيکارڻ لاءِ پنھنجين اکين کان پري موڪليندي.“ نانس چيو.
”شايد اهو ئي سبب آهي ناني.“ ڇوڪر چيو، ”پر ماڻھو ڇا چوندا تہ هڪ مشھور شڪاري جو پٽ شڪار بابت ڪجهہ بہ نہ ٿو ڄاڻي. ناني، مان شڪار ڪرڻ گهران ٿو، ڇاڪاڻ جو مون کي ڪنھن بہ ٻئي ڌنڌي مان فائدو نہ ٿو ٿئي، ۽ جنھن مان فائدو ئي نہ ٿو ٿئي ان ڌنڌي کي مان ڪيئن ڪندو رهان؟“
”مان توکي ڪيئن روڪيان يا سمجهايان.“ ناني چيو، ”پر تون بہ سچو آهين. تون بہ تہ ائين ٿو سوچين جيڪا سوچ مان رکان ٿي، مون کي توتي اعتبار آهي.“
”ناني جيڪڏهن تنھنجو اهو مطلب آهي تہ تون بہ مون لاءِ فڪرمند آهين تہ پوءِ مون کي اهو ضرور ٻڌائي، تہ منھنجي پيءُ جا هٿيار ڪٿي آهن؟“ ڇوڪري نماڻائيءَ سان چيو.
”ابا، مون کي تنھنجي پيءُ جي هٿيارن جي باري ۾ ڪابہ خبر نہ آهي.“ هن جي نانيءَ هن کي صاف جواب ڏئي ڇڏيو.
”تہ پوءِ مان ڪٿان اهي هٿ ڪريان؟“ ڇوڪرو روئڻھارڪو ٿيندي چيو.
ناني جي دل نرم ٿي وئي. هن ڇوڪري کي روئڻھارڪو ڏسندي دلاسو ڏئي چيو تہ ”انھن هٿيارن جي رڳو تنھنجي ماءُ کي خبر آهي، هوءَ توکي ڪڏهن بہ انھن جي باري ۾ نہ ٻڌائيندي، تون جيڪڏهن هن جي اڳيان روئين، ۽ پاڻ کي بيمار ظاهر ڪري ڏکارو ٿين تہ هو لازمن توکان ان جو سبب پڇندي، پوءِ تون اهو چئجائين تہ مون خواب ڏٺو آهي تہ مان جهنگل ۾ اڪيلو بنا هٿيارن جي آهيان ۽ مون کي جانور کائڻ ٿا اچن، تنھنجي ماءُ اهو ٻڌي ڊڄي ويندي ۽ سوچيندي تہ متان اهو خواب سچو ٿئي، ان ڪري هوءَ توکي تنھنجي پيءُ جا هٿيار ڏيندي.“
اهو ٻڌي ڇوڪر سڌو گهر آيو جتي اچي هن اهو ئي ڪجهہ ڪيو، جيڪو هن جي ناني هن کي ٻڌايو هو. ۽ ٿيو بہ ائين ئي، هن جي ماءُ هن کي هٿيار ڏنا.
جيڪي هن صاف ڪري پاڻ سان گڏ کنيا ۽ جڏهن هو کاڌي جو ٿيلھو پاڻ سان ٻڌي پورو تيار ٿيو تہ پنھنجي ماءُ وٽ آيو، ۽ چوڻ لڳو:
”امان مان وڃان ٿو، مون کي اميد آهي تہ منھنجي موٽڻ مھل بہ تون خوش هوندينءَ ۽ مان موٽي اچي توکي خوش ئي ڏندس.“ ماڻس هن کي دعائون ڏيندي چيو:
”پٽ! خدا تنھنجي مدد ڪندو جيڪڏهن تون پنھنجي پيءُ جي پيروي ڪندين تہ ضرور سڦل ٿيندين، منھنجي هڪ ڳالھہ غور سان ٻڌ منھنجا ٻچا! تون ڀلي شڪار ڪر، پر ڪڏهن بہ عاج جي ڏندن واري جانور جو شڪار نہ ڪجائين ۽ ڪڏهن بہ ائين ڪيو ئي تہ نقصان ۾ ويندين.“
هن ماءُ جي نصيحت کي ڌيان سان ٻڌو، ۽ موڪلائي اتان روانو ٿيو.
رستي تي هو پنھنجي شڪار بابت سوچڻ لڳو، ”مان ڪھڙا جانور ماريان، خوفائتا جانور، مثلاً چيتو، گينڊو، شينھن، سانڀر، يا وري پکين مان، ڦوسڙي، ڪبوتر، ڳيرا، باز ۽ ٻيا پکي ماريان، ڇو نہ مان هاٿي ماريان، پر نہ امان روڪيو هو، مان ائين نہ ڪندس. پر... ٺيڪ آهي، مان اهو ئي جانور ماريندس، جيڪو منھنجي راھہ ۾ پھرين ايندو.“
سوچيندي سوچيندي، هو ڀلجي هاٿين واري جهنگ ۾ اچي نڪتو، هن جڏهن پنھنجي راھہ ۾ پھريون جانور ڏٺو (جيڪو هڪ هاٿي هو)، هن سوچيو تہ ڇو نہ مان پنھنجي شڪار جي شروعات هن کان ئي ڪريان، هن پنھنجي ماءُ جي نصيحت وساري هاٿيءَ جو شڪار ڪيو، هاٿيءَ کي ماري هن هاٿيءَ جي کل لاٿي، ۽ هاٿيءَ جا ڏند کنيائين ۽ گهر موٽيو.
واٽ تي هن کي بادشاھہ جو خاص نائب مليو، هن ڇوڪر کان پڇيو:
”ڇوڪرا، اهي ڪھڙي جانور جا عضوا آهن؟“
”سائين، اهي هاٿي جا آهن.“ ڇوڪري ڊپ مان وراڻيو.
وزير چيو، ”ڇا تون انھن کي وڪڻندين؟“
”بلڪل نہ.“ ڇوڪري وراڻيو.
”ڀلا ڏهن گينين ۾؟“ نائب وري پڇيو.
”نہ سائين، سؤ گينين ۾ بہ نہ.“ ڇوڪري وراڻيو.
نائب کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، هن ڪاوڙجندي چيو ”تون هڪ خسيس ڇوڪرو جي سک سان رهڻ ٿو گهرين تہ اهي منھنجي حوالي ڪر! ڇوڪر ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنو، ماٺ ڪري گهر هليو آيو، گهر اچي هن پنھنجي ماءُ کي سڄي ڳالھہ ڪري ٻڌائي.
ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ بادشاھہ هن کي سڏايو، بادشاھہ پڇيو ”ڇوڪرا! مون ٻڌو آهي تہ تو ايترا هاٿي ماريا آهن، جو انھن جي ڏندن مان هڪ محل ۽ انھن جي کلن مان هڪ وڏي ڇت ٺھي سگهي ٿي! ڇا تون اسان کي اهڙو محل ٺاهڻ لاءِ هاٿي ماري ڏيندين؟“
ڇوڪر ادب مان وراڻيو، ”جيئندا قبلا! جنھن توهان کي اها ڳالھہ ٻڌائي آهي سو وڏو ڪوڙو آهي. هو مون کي رڳو ذليل ڪرڻ ٿو گهري پر خدا جي مدد سان مان هن جي ان ڪوڙ جي صفائي ضرور ڪندس، مان توهان جي سوال جو جواب سڀاڻي ڏيندس. بادشاھہ هن کي هڪ ڏينھن جي مھلت ڏني.
ڇوڪر اتان سڌو نانيءَ وٽ آيو، هن نانيءَ کي شڪار ڪرڻ، نائب سان ملڻ ۽ بادشاھہ جي خواهش جو سمورو احوال ٻڌايو. نانيءَ هن کي هڪ ترڪيب ٻڌائي، ۽ چيائين تہ ”وڃ ۽ وڃي ائين ئي ڪر، جيئن مون چيو. خدا تنھنجي مدد ڪندو.“
ٻئي ڏينھن ڇوڪر بادشاھہ جي درٻار ۾ حاضر ٿي چيو، ”سائين، اوهان جي خواهش ضرور پوري ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن توهان مون کي گهربل شيون ڏيو؟“
”تنھنجي هرڪا ضرورت پوري ٿيندي.“ بادشاھہ چيو.
”مون کي ان ڪم ڪرڻ لاءِ هڪ هزار دٻا شراب ۽ هڪ سؤ اسپرٽ جا گهرجن، توهان پنھنجا ماڻھو هاٿين جي جهنگ ۾ مون سان موڪليو، جيڪي مون سان گڏ اتي هلي ٿنڀا کوڙيندا.“ ڇوڪر چيو.
”توکي هرڪا شئي مھيا ڪئي ويندي!“ ۽ پوءِ بادشاھہ حڪم ڏنو، ۽ ڇوڪر جي ضرورت جي هرڪا شئي مھيا ٿي وئي.
ڇوڪر ماڻھن جي مدد سان جهنگ ۾ ٿنڀا کوڙيا ۽ انھن جي وچ ۾ شراب ۽ اسپرٽ ملائي انھن جا پيپ لڳايا، ۽ پاڻ ماڻھن سان گڏ، اتان هٽي ويو. هاٿين جي جهنگ ۾ پاڻيءَ جي ڪمي هئي. هاٿي پاڻيءَ جي ڳولا ۾ اچي اتي نڪتا. انھن جڏهن شراب جي بوءِ سنگهي تہ سمجهي ويا تہ اهو پاڻي نہ آهي، ۽ هو سڀ دٻن جي ڀرسان ويھي رهيا، ويٺي ويٺي ٻہ ڏينھن گذري ويا. هاٿين کي اُڃ اچي ستايو ۽ ڪجهہ کائڻ جي لاءِ جهنگ ۾ بہ نہ پئي ويا. هنن وري شراب ڏانھن ڏٺو، شراب جو رنگ ٻن ڏينھن ۾ ڦريو ڪين هو. هاٿين ان کي پاڻي سمجهي پيتو، پيئڻ سان هڪ ٻئي ڀرسان ليٽندا ويا.
ڇوڪر انھن هاٿين جون کلون لاٿيون، ڏند وڍيائين ۽ اهي سڀ کڻي اچي بادشاھہ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. بادشاھہ اهو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن کي هزارين گنيون انعام ۾ ڏنيون. ڇوڪر خوش ٿي گهر ڏانھن موٽيو.
ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ، بادشاھہ هن کي وري گهرايو، ۽ چيائينس تہ ”ننڍڙا شڪاري، مون ٻڌو آهي تہ تو ٻيڙين ۾ چڙهي وڏن وڏن شھرن مان ڪاريگر آڻي، ڪيترن ئي بادشاهن جا محل ٺھرايا آهن، ۽ مون کي بہ اهڙو محل ٺھرائي ڏئي، هن کان اڳ ۾ ڪڏهن بہ اهڙو ٺھيل نہ هجي! اهو محل انھن هاٿين جي عضون مان ٺھندو، جيڪي تو آڻي ڏنا آهن، جيئن تنھنجي محنت بہ تہ ڪنھن ڪم اچي.“
”حضور“، ڇوڪر وراڻيو ”مان تہ اها ڳالھہ سوچي بہ نٿو سگهان، پر جيڪڏهن اها ئي خدا جي مرضي آهي تہ مان توهان جي ان بدنيت نائب کي ثابت ڪري ڏيکاريندس تہ انسان جيڪڏهن ڪو عزم ڪري تہ جبل بہ ڏاري سگهي ٿو. مان توهان جي خواهش جو جواب سڀاڻي ڏيندس.“
هو اتان سڌو نانيءَ وٽ آيو، نانيءَ سان صلاح ڪري، هن نانيءَ کان ضروري شيون پڇيون ۽ ٻئي ڏينھن بادشاھہ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو.
”مون کي توهان جي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ وري بہ توهان جي مدد جي ضرورت آهي؟“ ڇوڪر چيو.
”تنھنجي ضرورت جي هرڪا شئي مھيا ڪئي ويندي.“ بادشاھہ وراڻيو.
”مون کي سؤ ٻيڙيون لوڻ سان ڀريل ڏنيون وڃن.“ ڇوڪر چيو.
بادشاھہ ڇوڪر کي سؤ ٻيڙيون لوڻ جون پھچائي ڏيڻ جو حڪم ڪيو. ڇوڪر بادشاھہ کان موڪلائي انھن ٻيڙين سان گڏ، سمنڊ جو سفر جاري رکيو.
اڌ رات جو جڏهن چنڊ آسمان جي وچ تي هو ۽ ٿڌي ٿڌي چانڊوڪي چؤطرف پکڙيل هئي. هو ان وقت سوچڻ لڳو، ”مان بادشاھہ جو اهو حڪم ضرور پورو ڪندس! انسان جي همت ۽ ارادو، جي پختو آهي تہ پوءِ ان جي اڳيان ڪابہ ڳالھہ ڏکي نہ آهي، پوءِ هو تارن بابت سوچڻ لڳو، هن هڪ چمڪندڙ تاري کي ڏسي دل ۾ چيو تہ جيڪو تارو چمڪي پيو سو منھنجو تارو آهي، هو بادشاھہ جو، ۽ هو بدنيت نائب جو تارو آهي.“ اهو سوچيندي سوچيندي لھرن جي لوڏن ۾ هن کي ننڊ اچي وئي.
هن جا تجربا هن جي مدد ڪري رهيا هئا. هو هر ڳالھہ غور سان محسوس ڪندو رهيو. هن جو عزم پختو هو ۽ هن کي يقين هو تہ هو ضرور پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ويندو، آخرڪار هو اچي هڪ وڏي شھر وٽ پھتو، ۽ هن شھر جي ٻاهران لنگر هنيو، ۽ سپاهين کي پنھنجي اچڻ جو اطلاع ڪيو. ان شھر جا رازا مشھور هئا، ۽ انھن جو فن ايترو تہ مشھور هوندو هو جو ماڻھو چوندا هئا تہ هو فن پرين کان سکيل آهن. جيئن تہ ان شھر جا سپاهي ماڻھن کي ٻاهر ئي روڪي ڇڏيندا هئا، ۽ بنان اجازت ڪوبہ اندر داخل نہ ٿيندو هو. ڇوڪر سپاهيءَ کي چيو.
”وڃ ۽ وڃي پنھنجي بادشاھہ کي چئو تہ مان سؤ ٻيڙيون لوڻ سان ڀرائي آيو آهيان.“ هن جو ايترو چوڻ ۽ سپاهين وٺي شھنشاھہ جي محل ڏانھن رخ رکيو. هنن کي پنھنجي ڪنن تي بہ اعتبار نہ پئي آيو. حقيقت ۾ ان شھر ۾ اوچتو لوڻ جي کوٽ پئجي وئي هئي ۽ ماڻھو ويچارا لوڻ لاءِ پريشان هئا. بادشاھہ جڏهن اها خبر ٻڌي، تڏهن هڪدم ڇوڪر کي پاڻ وٽ گهرايائين. جڏهن ڇوڪرو آيو تہ هن چيو:
”ننڍڙا، تون جلدي ٻڌاءِ، توکي ڪنھن موڪليو آهي؟“
”سائين“، ڇوڪري وراڻيو، ”مون ٻڌو تہ اوهان وٽ لوڻ جي کوٽ آهي، ان ڪري مان اوهان جي مدد ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيس. مون اها مدد ان ڪري ڪئي آهي جو مون کي بہ ڪجهہ گهرج آهي.“
”تون جلدي لوڻ جي قيمت ٻڌاءِ؟“ بادشاھہ بيتاب ٿيندي چيو.
”جيڪا قيمت چوندين سا توکي ادا ڪئي ويندي، رڳو مون کي لوڻ ڏي. اهو لوڻ هتان ڪنھن ٻئي هنڌ کڻي نہ وڃ.“
”بادشاھہ سلامت!“ ڇوڪر چيو، ”اهو لوڻ وڪري لاءِ نہ آهي، مان ان جي عيوض سودو ڪرڻ نٿو گهران، منھنجو ارادو آهي تہ لوڻ جي بدلي مون کي اوهان وٽان رازا ملن، يعني جيڪڏهن اوهان لوڻ خريد ڪندا تہ ان جي بدلي مون سان گڏ هتان جا رازا هلندا، جيڪي اتي هلي اسان جي مرضي وارو محل ٺاهيندا.“
تنھنجي خواهش پوري ٿيندي! اها خواهش جيتوڻيڪ اهڙي آهي، جو مون کي پنھنجا رازا پاڻ کان جدا ڪندي ڏک پيو ٿئي، پر لاچاريءَ کان اسان کي ائين ڪرڻو ٿو پوي!“ بادشاھہ چيو.
ان کان پوءِ بادشاھہ پنھنجن رازن کي گهرايو. ڇوڪر انھن مان ٻہ سؤ رازا چونڊيا ۽ بادشاھہ کي لوڻ ڏئي ان جو ٿورو مڃيو.
ان کان پوءِ ڇوڪر رازن سان گڏ، سامونڊي ٻيڙي ۾ چڙهيو. موٽندي هن بادشاھہ سان انجام ڪيو تہ جيڪڏهن ڪم ختم ٿيڻ کان پوءِ جيڪڏهن رازن واپس موٽي اچڻ چاهيو تہ مان ضرور واپس موڪليندوسان. هوا سڻائي هئي، هنن واپسيءَ جو سفر جلد پورو ڪري ورتو، ۽ پنھنجي ملڪ ۾ پھچي ويا. اتي اچي هن محل ٺھرايو، ۽ پوءِ رازن کي واپس پنھنجي ملڪ موڪليائين. ڪم ختم ٿيڻ کان پوءِ هن محل جو جائزو ورتو ۽ پوءِ بادشاھہ کي اهو ڏيکاريو. بادشاھہ محل ڏسي بيحد خوش ٿيو. هن ڇوڪر کي تمام گهڻو انعام ڏنو ۽ ڇوڪر خوش ٿي گهر موٽيو.
هن کي گهر آئي اڃا ڪجهہ ڏينھن مس ٿيا تہ بادشاھہ وري هن کي پاڻ وٽ گهرايو.
”ڇوڪرا، مون ٻڌو آهي تہ تو اها لٻاڙ هنئي آهي تہ تون گل سھڻا پٽيندو آهين؟ وڃ ۽ وڃي ايڊن شھر جي وچ تي بيٺل باغ جي وچ واري وڻ جو ڇڳو پٽي اچ! جيئن منھنجي نئين محل ۾ وڻن جي ڇانو ٿئي. ان حڪم جي پوري نہ ٿيڻ تي تنھنجو سر ڌڙ کان جدا ڪيو ويندو!“
”شل سائين جن جي خدمت ۾ ڪڏهن منھنجو وارو بہ اچي، جو مان اوهان کي ڪنھن جون ٻٽاڪون ٻڌايان!“ ڇوڪر چيو.
”تون اهو ئي ڪر، جيڪو مان چوان ٿو، ٻي ڳالھہ پوءِ ڏٺي ويندي.“ بادشاھہ چيو.
”سائين، مون تہ ڪڏهن اهڙي ٻٽاڪ هنئي بہ ڪانھي، مان توهان جي سوال جو جواب سڀاڻي ڏيندس.“
”مان پوري ڪوشش ڪندس، خدا جي مدد سان هي لڪ بہ لنگهي ويندس!“ ڇوڪر چيو.
هو اتان سڌو نانيءَ وٽ ويو. نانيءَ کان صلاح وٺي ٻئي ڏينھن بادشاھہ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ چيائين، جيئندا قبلا، اهو سفر بيحد ڏکيو آهي، جيڪڏهن سائينجن مون کي صحيح سلامت واپس ڏسڻ ٿا گهرو تہ مون کي سئو ٻيڙيون اَن سان ڀريل ۽ سئو ٻيڙيون گوشت سان ڀريل ڏنيون وڃن، مان هڪ ڀيرو وري پنھنجي قسمت آزمائيندس.
بادشاھہ هڪدم هن جي ڳالھہ کي پورو ڪرڻ لاءِ حڪم ڪيو، جڏهن ٻيڙيون ڀرجي ويون، ۽ لنگر کڄڻ لڳا تہ ڇوڪر هڪ ٻيڙي ۾ ويٺو ۽ هن اولھہ طرف سفر ڪرڻ جو حڪم ڏنو، واٽ تي بہ هن جا سڄا خيال بادشاھہ ڏانھن هئا، سوچيائين تہ ڇا، اهو ضروري آهي تہ اسان جو بادشاھہ بيوقوف آهي، ايتريقدر جو هر ماڻھو جي ڳالھہ قبول ڪيو ڇڏي، جيڪڏهن ڪوبہ بادشاھہ ٿئي تہ هو اعليٰ دماغ سمجهو ۽ هوشيار هئڻ گهرجي، انھيءَ کي اهو خيال رکڻ گهرجي تہ آئون ڇا ٿو چوان ۽ ٻيا سڀ ڇا ٿا چون، هن کي هر ماڻھو جي ڳالھہ خيال سان ٻڌڻ گهرجي. ڇا بادشاھہ کي اهو سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي تہ خوشامدي ڪڏهن هن جي حڪومت جو ٻيڙو نہ ٻوڙين؟ پر نہ ائين نہ ٿيڻ گهرجي، اسان جو بادشاھہ تہ بيحد شريف ماڻھو آهي، مان هن کي انھن ذليل خوشامدڙين جي حوالي ٿيڻ نہ ڏيندس هن اهي ڳالھيون سوچي، دل ۾ بادشاھہ کي سمجهائڻ جو پڪو پھہ ڪيائين، جيئن تہ سفر تمام ڊگهو هو، ان ڪري سامونڊي سفر ڪندا اچي هڪ ڪبوترن جي سرزمين تي پھتا، اتي ڇوڪرو انھن جي بادشاھہ سان مليو.
”ڀلي آيا“ ڪبوترن جي شھنشاھہ چيو. ”توهان جو هتي ڪھڙو ڪم آهي.“
”منھنجي بادشاھہ طرفان مون تي هڪ ڪم رکيل آهي. اهو اُهو آهي تہ مون کي ايڊن جي باغ مان وڻن جو ڇڳو پٽڻو آهي، ڇا توهان مان ڪنھن کي ان رستي جي خبر آهي، جيڪو ان باغ ڏانھن وڃي.“ ڇوڪرو وراڻيو.
”تہ چئبو، تہ توهان ايڊن باغ ڏانھن، ايتريون ٻيڙيون، رسن سان ٻڌي، جهڳٽا ٺاهي نڪتا آهيو؟ هي توهان جو وڏو ٻيڙو ڪيترو نہ خوبصورت پيو لڳي.“ ڪبوترن جي بادشاھہ ٽوڪ مان چيو.
”سائين! مون ڪيتريون ئي شيون پاڻ سان آنديون آهن، جيڪي منھنجي سفر ۾ منھنجون ساٿي رهيون آهن، منھنجو کاڌي جو بندوبست اهڙو آهي جو مان هر صورت ۾ ڪنھن جي بہ خدمت جو پلئہ ڏيئي سگهان ٿو.“
هن جڏهن ٻڌو تہ هن جي ٻيڙين ۾ هنن سان کاڌو بہ آهي تہ ڪبوترن جي بادشاھہ هن جي خوشامند شروع ڪئي. هن ڇوڪري کي روڪڻ لاءِ ڪوشش ڪئي تہ جيئن هن کي ڪنھن ٻئي هنڌ، ان وڪڻڻ لاءِ نہ وڃڻو پوي، ڇوڪر وري بہ پنھنجو مطالبو دهرايو، تہ جيڪو بہ باغ جي باري ۾ ٻڌائيندو ان جي مدد ڪئي ويندي. اهي سڀ پکي اتفاق سان بکايل هئا، اهو ٻڌي اتان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪبوتر اچي گڏ ٿيا.
بادشاھہ چيو، ”جنھن کي بہ ايڊن باغ ڏانھن ويندڙ رستي جي خبر آهي سو مھرباني ڪري هن کي ٻڌائي.“
ڪيترن وراڻيو اسان کي خبر آهي اهو باغ ڪٿي آهي.“
بادشاھہ چيو ”توهان هن ڇوڪري سان گڏ ويندؤ. ان باغ ۾ داخل ٿي، سڀني جي وچ واري وڻ مان ڇڳو پٽي، هن کي ڏيندؤ. ڇاڪاڻ تہ اهو هن جي گهرج ۾ آهي.“
ڇوڪر سڀ سامان هن کي ڏنو ۽ ايترو کاڌو ڏسي. سڀ پکي بيحد خوش ٿيا، سڀني ڇوڪري جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ڇوڪرو بادشاھہ جي موڪليل ڪبوترن سان گڏ باغ ڏانھن روانو ٿيو.
رستي تي ڪبوترن پڇيو ”اسان هاڻ ڇا ڪيون؟ ڇاڪاڻ جو اسان کي واٽ تي ڳجهن جي ملڪ مان لنگهڻو آهي.“
ڇوڪر چيو ”فڪر ئي نہ ڪريو مان انھن جو منھن بند ڪري سگهان ٿو.“
”پر ڪيئن؟“ ڪبوترن پڇيو. ”بس توهان ماٺ ڪري ڏسجو.“ ڇوڪر چيو.
ڪجهہ سفر ڪرڻ کان پوءِ، ڳجهن جي گوڙ جي ويجهو اچڻ تي ڇوڪر ڪبوترن کي ٻيڙيءَ ۾ لڪائي ڇڏيو. جيئن هو هن جي ڀرسان لنگهيو تہ ڪيتريون ئي ڳجهون اچي هن جي ٻيڙي جي ڀرسان اڏامڻ لڳيون، هنن جون رڙيون ايتريون تيز هيون، جو ڪابہ ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ پئي آئي. هڪ ڳجهہ چيو ”شڪاريءَ جا پٽ، تنھنجو ڇا مقصد آهي، ڇا تون اسان کي مارڻ آيو آهين. يا اسان جي بادشاهت ختم ڪرڻ آيو آهين؟ ڇا تون نہ ٿو ڄاڻين تہ تون وڌيڪ وقت جيئرو رهي نٿو سگهين، ۽ جيڪڏهن جيئرو بچئين تہ بہ موٽي ڪونہ ويندين.“
”منھنجي ڳالھہ غور سان ٻڌو مان توهان جو دوست ٿي آيو آهيان مان توهان جي ملڪ مان لنگهي، ٻئي پاسي ويندس، ۽ موٽي ايندس اهڙيءَ طرح جو منھنجو وار بہ ونگو ڪونہ ٿيندو. مان ڪوبہ تير نہ هڻندس. ۽ توهان بہ مون کي ڪجهہ نہ چئجو.“ ڇوڪر کي چيو، ”تون اڃا بہ خوش فھميءَ جو شڪار آهين.“ ڳجهن کليو، ۽ هنن لامارن ڏيڻ لاءِ ٻيڙين جي چوڌاري ڦرڻ شروع ڪيو.
”ترسو“ ڇوڪر رڙ ڪئي، ”غور سان ٻڌو، مون کي خبر هئي اوهان بکايل آهيو. انھيءَ لاءِ مون اوهان لاءِ کاڌو آندو آهي توهان ان جي بدلي ۾ منھنجي مدد ڪيو.“
ڳجهن جي بادشاھہ کي اها ڳالھہ ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي، هن ڇوڪر جي ڳالھہ مڃي ڳجهن کي پري رهڻ جو حڪم ڪيو.
ڇوڪر بادشاھہ کي چيو مان توهان کي سڀ گوشت ڏيندس، پر ان جي بدلي اوهان مون سان گڏ پنھنجو بہ هڪ پکي موڪليندا. سڀئي ڳجهون ان ڳالھہ تي راضي ٿي ويون. ڇوڪر پنجاھہ ٻيڙيون گوشت جون ڏنيون. ۽ ڳجهون لامارا ڏيئي ان کي کائڻ لڳيون. جڏهن هنن کائي ڍؤ ڪيو تہ ان کان پوءِ ڇوڪر انھن مان هڪ ڳجهہ کي ساڻ کنيو. هن رستي تي ئي ڳجهہ کي اهو سمجهائي ڇڏيو. تہ جيڪڏهن ڪنھن بہ حڪم جي انحرافي ڪئي تہ هو هڪدم ڳجهہ کي ماري رکندو. ڳجهہ ڏاڍو ڊني ۽ چپ چاپ هن جي حڪم تي عمل ڪرڻ لڳي. آخرڪار هو باغ جي ويجهو پھتا، پر ويجهو وڃي تہ ڪير وڃي؟ اهو وڻ اهڙي نموني جو هو، جو ان جي چوڌاري اوندھہ هئي، ۽ هو پاڻ ڏينھن وانگر روشن ۽ چمڪدار هو، ڇوڪر ڳجهہ کي چيو ”غور سان ٻڌ. مان هڪ ڪبوتر توسان گڏ ڇڏيان ٿو. تون ڪبوتر کي چنبن ۾ کڻي، مٿي ويندينءَ ۽ پوءِ هن کي ڇڏي بھاني سان هن جو شڪار ڪرڻ لاءِ پٺيان لڳندينءَ. هو اڳيان ۽ تون پويان هوندينءَ، پر خبردار جو ماريو اٿئي، نہ تہ ٻي صورت ۾ منھنجو تير بہ تنھنجي نڙيءَ جي پار هوندو.
پوءِ هن ڪبوتر کي ڳالھہ سمجهائي ۽ ٻنھي کي اڏائي ڇڏيو.
ٻنھي پکين ائين ئي ڪيو، جيئن هنن کي چيو ويو هو. آخرڪار ڪبوتر پکيءَ ٿڪجڻ جھڙي حالت ڪري وڻ جي هڪ ڏار تي ويھي رهيو. ان وڻ جي هيٺان جن هوندا هئا ۽ ڪنھن کي بہ ويھڻ ڪونہ ڏيندا هئا. هنن جڏهن ڪبوتر کي ٿڪل ڏٺو تہ ڪجهہ نہ چيو. باقي ڳجهہ هن کي شڪار ڪرڻ جي بھاني سان وڻ تي ڦرندي رهي، ڪجهہ دير کان پوءِ ڪبوتر پنھنجي چھنب سان وڻ جي ٻور جو ڇڳو ٽوڙيو ۽ ان کي کڻي اڏاڻو، ڪجهہ دير کان پوءِ هو ڇوڪر جي ڪلھي تي اچي ويٺو.
وڻ جي ٻور جي ٽاريءَ کي ڏسي ڇوڪر بيحد خوش ٿيو، هن پنھنجي وطن ڏانھن واپس سفر اختيار ڪيو.
واپسيءَ جو سفر بيحد وڻندڙ هو، رستي تي هن ڳجهن ۽ ڪبوترن کي پنھنجي ملڪ واپس ڇڏيو ۽ هنن جي بادشاھہ جو بيحد شڪريو ادا ڪيو.
سندس بادشاھہ جڏهن اهو ٻڌو تہ ڇوڪرو هن جي حڪم کي پورو ڪري واپس موٽيو آهي تہ هن ڇوڪر کي پاڻ وٽ گهرايو، ۽ ڇوڪر جو ڏاڍي سھڻي نموني سان آڌر ڀاءُ ڪيائين.
ڇوڪر چيو: ”خدا توهان جي عمر وڏي ڪري توهان جي محل کي سچ پچ تہ هن گل جي بيحد ضرورت هئي“.
”ها- ان ڪري تہ مون توکي موڪليو هو!“ بادشاھہ چيو.
اهو وڻ جڏهن محلات ۾ لڳي وڏو ٿيو تہ ايترو تہ چمڪيدار هو، جو ڪابہ اک هن تي بيھي نہ سگهندي هئي ڄڻ تہ سج هجي. بادشاھہ هن کي ان ڪم جو بدلو اهو ڏنو، جو هن جي شادي پنھنجي ڌيءُ سان ڪرڻ جو اعلان ڪيائين. اهو اعلان ٻڌي ڇوڪرو ادب سان بادشاھہ جي سامھون جهڪيو ۽ پوءِ سڀني درٻارين جي سامھون چيائين ”جيئندا قبلا، مون ٻڌو آهي تہ توهان جو هڪ نائب اها ڳالھہ وڏي واڪي چوندو آهي تہ هو ڳچيءَ ۾ رسو وجهي ڊينوب دريا تري سگهي ٿو. اها ڳالھہ هن ڪيترن سان ئي ڪئي آهي، هو ائين ئي هٿ پير ٻڌائي جن پرين جي راڻيءَ کي پڪڙي حضور جن لاءِ آڻي سگهي ٿو. ان راڻيءَ جو جسم سونھن ڇلرن جو ٺھيل آهي.“
”هي ڪوڙو آهي، سائين“ نائب چيو، ”مون ائين ڪونہ چيو آهي.“ هي اهو ئي نائب هو، جنھن ڇوڪر بابت بادشاھہ کي ڪوڙيون خبرون ٻڌايون هيون. بادشاھہ هن جي جواب ڏانھن ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو. هن هڪدم حڪم ڏنو تہ هن جيڪا ٻٽاڪي هنئي آهي اها ڏٺي وڃي پوري ڪري سگهي ٿو يا نہ؟ ٻي ڪابہ راھہ نہ هئي نائب ڏاڍو رنو، ٻاڏايو پر بادشاھہ هڪ بہ نہ ٻڌيس. هن جي ڳچيءَ ۾ رسو وجهي ڊينيوب درياءَ ۾ ڪيرايو ويو، هو ڪجهہ دير بہ تري نہ سگهيو ۽ ٻڏي مري ويو.
بادشاھہ ڇوڪر جي شادي پنھنجي ڌيءَ سان ڪرائي ۽ هو خوش زندگي گذارڻ لڳو، اها شادي ايتري تہ سٺي هئي جو پوءِ ماڻھو ورهين جا ورهيہ هن کي ياد ڪندا رهيا ۽ پوءِ بادشاھہ خوشامدڙين جي ڳالھين تي ويساھہ ڪرڻ ڇڏي ڏنو.
(ڇپيل: ’گُل ڦُل‘ فيبروري / اپريل 1978ع)