مذهب

اسلامي روشن فڪري

هن ڪتاب ۾ اسلام جا بنيادي تصور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اسلام، دنيا جي وڏن مذهبن ۾ هڪ قديم ترين ۽ ساڳئي وقت اهڙو جديد ترين مذهب آهي جنهن کي سڄي دنيا جي ماڻهن منجهان وڏو حصو مڃي به ٿو ۽ ان تي ڪنهن نه ڪنهن لحاظ سان عمل پيرا به آهي.
ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ جا جنهن ڪتاب موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book اسلامي روشن فڪري

پيش لفظ

هن ڪتاب ۾ اسلام جا بنيادي تصور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اسلام، دنيا جي وڏن مذهبن ۾ هڪ قديم ترين ۽ ساڳئي وقت اهڙو جديد ترين مذهب آهي جنهن کي سڄي دنيا جي ماڻهن منجهان وڏو حصو مڃي به ٿو ۽ ان تي ڪنهن نه ڪنهن لحاظ سان عمل پيرا به آهي. اسلام اوترو ئي قديم آهي جيترو خالق ۽ ان جي مخلوق! انسان جو ڪائنات ۾ موجود ٿيڻ کان اڳ به اسلام ئي ڪائنات ۽ موجودات جو مذهب هو ۽ اڳتي هلي اهوئي سلسلو دينِ فطرت، جي نالي سان قائم رهندو آيو. قرآني ڄاڻ ۽ عقيدي جي مطابق سڀ کان پهريون انسان، جنهن کي علم عطا ڪيو ويو، ان کي ”مسلم“ سڏيو ويو. اهو انسان لامحدود صلاحيتن سان نوازي پيدا ڪيو ويو هو ته جيئن پنهنجو پاڻ ۾ الله جا اخلاق سموهي ۽ ڌرتيءَ تي الله جو خليفو سڏرائڻ جي قابل ٿي سگهي.
اسلام اهڙو دين ناهي، جيڪو پاڻ سڳورنﷺ ايجاد ڪيو هجي. پاڻ سڳورن جو اهو ارشاد آهي ته: ”آدم کان وٺي هيستائين جيترا سچا مذهبي معلم خدا جي طرفان صداقت جي تبليغ ۽ تعليم لاءِ مقرر ڪيا ويا، اهي صرف هڪ ئي دين جا مڃيندڙ هيا، جنهن لاءِ عربيءَ ۾ لفظ: ”اسلام“ بيان ٿيل آهي. اسلام جي معنيٰ: ”امن ۽ پاڻ کي الله جي مشيت/مرضيءَ جي حوالي ڪري ڇڏڻ آهي.“
اسلام کانسواءِ ٻيو ڪو به اهڙو مذهب ڪونهي جيڪو پنهنجي صفتي نالي سان موسوم هجي. عيسائيت، حضرت عيسيٰ عليه السلام سان منسوب ٿي. ٻڌمت، گوتم ٻڌ جو مذهب سڏجڻ لڳو ۽ زردشتيت، زردشت جو دين سڏجڻ لڳي. حضرت محمدﷺ، اها ڳالهه گوارا نه ڪئي ته جنهن دين جي پاڻ تبليغ فرمايائون، اهو دين سندن نانءُ مبارڪ سان مشهور ٿئي. پاڻ اهو فرمايائون ته ”هي نه صرف مهنجو دين آهي بلڪه اهوئي دين عيسيٰ، موسيٰ ۽ انهن سمورن نبين جو هيو جيڪي مختلف قومن ڏانهن موڪليا ويا.“
”ڪائي اهڙي قوم ناهي جنهن ڏانهن ڪو آگاهه ڪرڻ وارو نه موڪليو ويو هجي.“ (الفاطر: 24)
اسلام اتحاد جو مذهب آهي ته ان وحدتِ اديان جو اصول پيش ڪيو. اسلام صرف انهن ئي مذهبن جي سچائي تسليم ڪري ٿو جيڪي توحيدي مذهب هيا. تنهن ڪري ان جي عقيدي ۾ وحدتِ اديان تحت اهي ئي مذهب اچي سگهن ٿا، جيڪي خدا جي وحدانيت جا قائل هيا. ٻيا سمورا دين وحشت ۽ جهالت جي يادگار آهن، جيڪي انسان کي ان جي درجي کان ڪيرائي حيوانيت جي سطح تي وٺي اچن ٿا. قرآن چوي ٿو ته:
”اهڙا ماڻهو جانورن مثل آهن، بلڪه جانورن کان به چٽ!“
(الاعراف: 179)
جنهن مفهوم ۾، قرآن اهو اصطلاح استعمال ڪيو آهي، ان روءِ سان اسلام هڪ عالمگير مذهب آهي. جتي به ڪو سچو دين هوندو اتي نجات جي اجاره داري نه هوندي. قرآن چوي ٿو:
”نه ڪي ابراهيم يهودي هيو، نه ڪي عيسيٰ نصارو هيو“.
(آل عمران: 67)
انهن جو مذهب اهوئي ابدي ۽ ازلي اسلام هو، يعني اهو مذهب، جنهن ۾ خدا ۽ انسان جي مشيت هڪ ٿي پوندي آهي ته جيئن اها ڪامل هم آهنگي پيدا ٿي پوي جيڪا نه صرف انسانيت بلڪه مڙني مخلوقات لاءِ هڪ مثالي محرڪ ۽ منزلِ مقصود آهي.
”يهودي چون ٿا عيسائين جو ڪوئي مذهب ڪونهي. عيسائي چون ٿا يهودين جو ڪوئي مذهب ڪونهي. ٻئي پنهنجين ٽولين لاءِ نجات جي اجاره داريءَ جا دعويدار آهن.“ (البقره: 112)
قرآن، سچائي ۽ نجات جي اجاره داريءَ جي سمورن تصورن کي کلي طور تي رد ڪري ٿو. نجات ۽ سلامتي هتي ۽ زندگيءَ کان پوءِ واري جهان ۾ صرف ان لاءِ آهي جيڪو پاڻ کي خلقڻهار جي قانونن ۽ مشيت سپرد ڪري ۽ باڪردار هجي. يعني خدا پرستي ۽ انسان دوستي ان جو وطيرو هجي. قرآن جي مطابق مذهب جا اهي ئي لوازمات آهن. خدا جي ذات تي ايمان: جيڪو سموري اخلاق ۽ فطري نظام جو سرچشمو آهي. ضابطئه اخلاق يا مڪافات عمل تي عقيدي جي ڪري انسان ايمان جي تڪميل ڪري ٿو، بشرطيڪه اهو باڪردار هجي. ان کانپوءِ اسلام جون سموريون شيون ضمني نتيجا آهن جيڪ ان بنيادي نظريي مان منطقي طور تي پيدا ٿيندا آهن. جنهن شخص ۾ دين بابت اهڙو نقطئه نگاهه آهي، تنهن سچائي ۽ صداقت ماڻي. قرآن حڪيم هڪ کان وڌيڪ جاين تي مختلف طريقن سان اهڙي صورتحال تي زور ڏئي ٿو:
”جن ماڻهن (پيغمبر اسلام تي) ايمان آندو آهي، اهي هجن، يا اهي ماڻهو هجن جيڪي يهودي سڏائين ٿا يا عيسائي يا صابي هجن. (ڪير به هجن ۽ ڪهڙي به ٽولي سان تعلق رکندا هجن، پر خدا جي نجات جو قانون اهو آهي ته) جنهن به الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آندو ۽ ان چڱا ڪم به ڪيا ته اهو پنهنجي ايمان ۽ عمل جو اجر، پالڻهار وٽ ضرور لهڻندو، ان لاءِ نه ڪي ڪنهن قسم جو ڪو غم آهي نه ڪي کٽڪو!“ (البقره: 63)
هر عقيدي ۽ ضابطي وانگر اسلام جا به پنهنجا شعائر ۽ رسمون آهن، پر اسلام انهن کي نيڪيءَ جو بنياد نٿو بڻائي ۽ انهن کي رسوم جي حيثيت ڏئي ٿو. مثال طور اسلام، هر مسلمان کي اهو حڪم ٿو ڏئي ته هو نماز ادا ڪرڻ وقت پنهنجو رخ قبلي ڏانهن رکي پر ان انديشي کان ته ڪٿي ان کي بنياد نه قرار ڏنو وڃي، قرآن واضح طور چوي ٿو ته:
”اها اصل نيڪي ناهي ته پنهنجو رُخ اوڀر يا اولهه ڏانهن ڦيريندا ڪريو، الله لاءِ ئي مشرق ۽ مغرب آهن، توهين جيڏانهن به رخ ڪندؤ، کيس پنهنجي سامهون پسندؤ.“ (البقره: 177 ۽ 112)
اسلام، عام اصول بيان ڪري مطمئن ٿي ويهي نه رهيو، بلڪه اهو ضروري سمجهيو ويو ته هڪ اهڙو عملي طريقو ۽ ضابطئه حيات مهيا ڪيو وڃي جيڪو پنهنجي اندر انفرادي ۽ اجتماعي فلاح رکندڙ هجي. اسلام هڪ مڪمل ضابطئه حيات آهي جيڪو هڪ طئه ٿيل نظرئيه زندگيءَ جو علمبردار آهي. ڪنهن به وڏي مذهب جو باني اهڙو ناهي جنهن کي تاريخ، معاشي، معاشرتي ۽ سياسي زندگيءَ جهڙي زندگيءَ جي اهم شعبن جي مڙني پاسن کي سنڀالڻ ۽ هلائڻ جا موقعا نه ڏنا ويا هجن. پاڻ سڳورن، هڪ غريب ڌنار ۽ پورهيت وانگر زندگيءَ جي شروعات فرمائي ۽ اڳتي هلي هڪ ڪامياب واپاريءَ وانگر ڪم سرانجام ڏنائون. ان کانپوءِ هڪ مڙس ۽ هڪ پيءُ جي حيثيت سان هڪ مثالي ۽ خوشگوار زندگي گذاريائون. هڪ خبردار ڪندڙ وانگر انساني ظلم ۽ ناانصافيءَ جي خلاف آواز اٿاريائون. پهريان، محبت ذريعي پنهنجي دشمنن جون دليون موهيائون ۽ جڏهن حالات مجبور ڪري وڌن ته، گهٽ ۾ گهٽ طاقت استعمال ڪري انسانيت لاءِ امن، سلامتي ۽ فلاحي معاشري جي رڪاوٽ وجهندڙن کي فتح ڪيائون ۽ جڏهن انهن سرڪشن جي مٿان سوڀارا ٿيا ته فراخدلي ۽ فياضيءَ سان کين عام معافي ڏئي ڇڏيائون. معافي ۽ مهربانيءَ جو اهڙو مثال پيش ڪرڻ کان تاريخ قاصر آهي. پاڻ سڳورن هڪ اهڙي هنڌ ۽ اهڙن ماڻهن ۾ مملڪت جو بڻ بنياد وڌو، جتي پهريان دنيا جو مڃيل تمدن نه هيو ۽ جتان جي رهواسين جو سياسي شعور، قبائلي تنظيمن کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به نه هيو. پر پاڻ اهڙن قانونن جو نفاذ فرمايائون جيڪي پنهنجي زماني کان گهڻو اڳتي ۽ نهايت مهذب هيا، جن جو ان زماني ۾ تصور به نه پيو ڪري سگهجي. پاڻ، جنگ ۽ امن جي زماني ۾ بين الاقوامي تعلقات ڏانهن ڌيان ڏنائون ۽ آخر ۾ پاڻ حق ۽ انصاف جو هڪ اهڙو نظام مرتب فرمايائون جيڪو آزادي، ڀائيچاري ۽ مساوات تي مبني هيو ۽ جنهن جي نوعيت ڇڙو اخلاقي ضابطي جي ئي نه هئي، بلڪه اهو اقتصادي مساوات جو هڪ واضح خاڪو پڻ هيو. پاڻ سڳورن جي جامع الصفات زندگيءَ جي رنگ برنگي نموني ۾ جيڪو سونهري تندن سان اڻيل رستو نظر اچي ٿو، اُهو انسانيت ۽ سادگيءَ جو ئي سهڻو رشتو آهي. اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ جي باوجود پاڻ سڳورا فاتح ٿيڻ کانپوءِ به پهرين وانگر ئي سادا ۽ نوڙت پسند انسان هيا. ڇا تاريخ، زندگيءَ جو ڪو اهڙو ”اسوهء حيات“ پيش ڪري سگهي ٿي جنهن ۾ هڪ فرد جي هستي، سموري انسانيت جي زندگي پاڻ ۾ سمائي ڇڏيندي هجي؟
اسلام، نظامِ زندگيءَ جو هڪ آئينو ۽ نظارو آهي. رسولِ اڪرمﷺ جي پاڪيزه ان جو هڪ بهتر نمونو آهي، انڪري مسلمانن کي ان اسوه حسنه کي معيار بنائڻ جو چيو ويو آهي. هڪ شخص، سانئڻ امڙ عائشه صديقه ؒ کي عرض ڪيو ته: پاڻ سڳورن جو اخلاق ۽ ڪردار بيان ڪريو! سانئڻ امڙ عائشه ؒ فرمايو ته:
”ڇا تون قرآن نه پڙهيو آهي؟ قرآن ئي ته محمدﷺ جي اخلاق ۽ ڪردار جو عڪس ۽ آئينو آهي!“ (مسلم-ابو داؤد-نسائي)
اسلام جي تيز ترين ۽ گهڻ پاسائين ترقي، اشاعت، تهذيب ۽ تمدني ڌارائن ۾ سڄي دنيا جي قومن اڳواڻي ڪرڻ اسلام جي صحت بخش نظريي ۽ ترقي پذير نظام جي ڪري ممڪن بڻي هئي. اسلام جي تڪڙي ڦهلاءَ جو سبب اهو هو ته هو انهن سمورين انساني جماعتن جي منصفاڻي قانون ۽ معاشرتي مساوات جي تعليم ڏيندو آيو جيڪي هر لحاظ کان ظلم ۽ زيادتيءَ جو شڪار ٿي رهيون هيون. ڳچ صدين گذرڻ کانپوءِ توڙي جو ان جي ڦهلاءَ جي رفتار ڍري ٿي وئي ۽ اسلام جي آزاد ۽ ترقي پذير نظامِ رسمي ۽ تقليدي خيالن جي ڪري جمود پيدا ٿي پيو، تڏهن به بدلجندڙ حالتن سان گڏ اسلام جو فقهي نظام به ترقي ڪندو رهيو ۽ وڏا وڏا فقيهه، قانون ۽ رواج جي اهڙن طريقن جي اشاعت ڪندا رهيا جيڪي نين حالتن سان مطابقت پيدا ڪري سگهن پر فقيهن جي اها ڪوشش رهي ته اسلام جي روح ۾ جيڪو معاشرتي عدل جي روح جي برابر آهي، وار جيتري به وٿي نه پوي. اسلامي زندگيءَ جي واڌ ويجهه هڪ نظام جي صورت ۾ ٿي ۽ اهو آزاد نظام ان وقت تائين قائم رهيو جيستائين زندگيءَ جي آس، مسلمانن ۾ تخليقي ۽ ترقيءَ واري انداز ۾ رهي.
مسلمانن جو اهو عقيدو آهي ته: ”اسلام جا اصول ابدي حيثيت رکن ٿا ۽ ساڳيءَ ريت عمل جا اهي طريقا به، جنهن کي شريعت چئجي ٿو. ”شريعت جو بڻ بنياد به، جنهن جو علم قرآن جي تعليمات ۽ متسند حديثن ۽ سنت جي مطالعي مان حاصل ٿئي ٿو، ابدي حقيقتن تي قائم آهي.“ اهو اسلام هڪ اهڙو مذهب آهي جيڪو ڪڏهن به فرسوده ۽ ماضيءَ جا قصا ڪهاڻيون ٿي نه ٿو سگهي. اسلام انهن مذهبن وانگر ناهي، جيڪي پنهنجا ڏينهن پورا ڪري ختم ٿي ويا. انسان جي تاريخ، فرسوده عقيدن ۽ ڪمزور خيالن جو قيد خانو آهي، پر اسلام، ڪنهن به اهڙي خيال تي ايمان آڻڻ لاءِ اصرار نه ٿو ڪري جيڪو بنا ڪنهن ثبوت جي مڃيو وڃي يا جيڪو عقل، مشاهدي ۽ تجربي جي خلاف هجي. چيو وڃي ٿو ته: ”سائنس مڙني مذهبي خيالن کي پورو ڪري ڇڏيو“، پر خود سندس بنياد موجودات جي وحدت ۽ فڪري يڪرنگيءَ تي قائم آهي جيڪو دراصل اسلامي روءِ کان نتيجو آهي خدا جي وحدت ۽ هيڪڙائيءَ جو! اسلام جو خدا هڪ عقلي خدا آهي جيڪو موجودات کي هڪ اندازي ۽ ناقابل تغير قانونن جي مطابق ظاهر ڪندو رهندو آهي. ڇا اهو عقيدو، ڪو عقلمند ماده پرست ماڻهو رد ڪري سگهي ٿو؟ اسلام جو چوڻ آهي ته: ”مادو، وجود جو صرف هڪڙو رخ آهي جيڪو هڪ لحاظ کان انساني روح سان ٺهڪندڙ شيءِ جي ظاهري صورت آهي. ڇا مادي فطرت پرستي پنهنجي موت پاڻ مري ناهي چڪي؟ ڇا ماده پرست جو مادو به جيڪو گهٽجي گهٽجي مجرد توانائي ۽ مجرد رياضياتي مسئلو بڻجي چڪو هيو، ڇڙو هڪ ذهني رمز ۽ خيال بڻجي نه رهجي ويو آ؟ ڇا، دل جي گهراين ۾ لهي ڪري ۽ ان جي ناقابلِ تصور صلاحيتن جو اندازو ڪري، انسان روحانيت ڏانهن مائل ٿي ۽ مادي جي انڌي ميڪانيت کان خفا ناهي ٿي چڪو؟ ڇا، ارتقاء جو نظريو پنهنجين گونان گون وضاحتن جي ذريعي انسان کي ڪائنات جي تخليقي ۽ اصلاح پذير رجحانن ڏانهن ناهي وٺي آيو؟ ڇا اخلاقي لوازمات کي ڪاميابيءَ سان رد ڪري سگهجي ٿو؟ ڇا انسانيت جي وحدت جو اصول، فردن ۽ جماعت جي گڏجي وڃڻ جي باوجود هڪ ثابت ٿيل حقيقت جو درجو ماڻي نه چڪو آهي؟ ڇا اهو عقيدو ڪڏهن به غير معقول ٿي سگهي ٿو ته مرتبا ۽ وجود جا درجا، مادي، روحاني ۽ ذهني سطح کان بالاتر آهن؟ ڇا اهو ڪڏهن ثابت ڪري سگهجي ٿو ته روح جسم جي پيداوار آهي ۽ ان جي هڪ خاص صفت آهي جيڪو جسم سان گڏ فنا ٿيو وڃي؟ ڇا ڪڏهن اهو ثابت ڪري سگهجي ٿو ته اسان جو زماني ۽ مڪاني وجود سمورين موجودات سان گڏ هم زمان ۽ هم مڪان آهي؟ ڇا اهو خيال ڪڏهن رد ٿي سگهي ٿو ته زندگيءَ کي وڌ کان وڌ همه گير امتزاج ۽ يڪرنگيءَ ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، يا اهو ته جزئيات جيئندا، حرڪت ڪندا ۽ پنهنجو وجود، ڪليات ۾ رکندا آهن ۽ ڪليات آخرڪار هڪ عظيم غير محدود ڪل ۾ ملي ويندا آهن؟
اسلام جو مستقبل اهوئي آهي جيڪو خود مذهب جو مستقبل آهي. جيڪڏهن مذهب ۾ باقي رهڻ جي خاصيت آهي ته اسلام يقيناً زندهه رهندو. وقتي طور هي ضرور آهي ته مسلمان قومون جتي ڪٿي ان مرض ۾ مبتلا آهن، جنهن ۾ تقليد پسند قومون مبتلا رهنديون آهن. اسلام جا عالمگير عناصر، زماني جي ڦير گهير سان ايترو ته رلي ملي ويا آهن جو انهن کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪرڻ مشڪل آهي. جيڪو مذهب، ڪامل يقين کان خالي نه هيو، ان ۾ هر قسم جا وهم ٽنبجي چڪا آهن. هينئر روايتن جي بنياد تي مسلمان نجات جا ٺيڪيدار بڻيا ويٺا آهن. مسلمانن جو موجوده فقهي نظام به فرسوده بڻجي ردي ٿي چڪو آهي ۽ فقيهن جي فتوائن جي انڌي تقليد، ايمان جو حصو سمجهي وڃي ٿي. مسلمانن جو حال اهوئي ٿي رهيو آهي جيڪو کانئن اڳ تباهه ٿي ويل قومن جو هيو. مسلمان، ابدي قانون ۽ تغير پذير ضابطن جو فرق وساري ويٺا آهن. زندگيءَ جي معنيٰ ئي آهي: تبديلي! جيستائين هڪ جسم زندهه رهندو آهي، ان ۾ داخلي تبديلين سان گڏ خارجي تبديليون به حالات جي لحاظ کان ٿينديون رهنديون. زندگي، پاڻ کي سنواريندڙ هڪ تخليقي رنگ آهي. اسلام، بنيادي خوبين ۽ خدا جي وحدانيت جو هڪ سادو عقيدو آهي. ان جي شروعاتي دور ۾ جيڪي جنگيون وڙهيون ويون سي سڀ دفاعي هيون ۽ اهي دراصل مذهبي تعصب ۽ تشدد کي ختم ڪرڻ لاءِ وڙهيون ويون هيون. اسلام، ضمير جي آزادي ۽ ٻين مذهبن جي احترام جي تعليم ڏني. ان غيرن جي حفاظت ڪئي ۽ انهن ماڻهن کي به برابريءَ جا حق عطا ڪيا جن جا عقيدا الڳ هيا. ان ٻين مذهبن جي سچار اڳواڻن جي بي انتها واکاڻ ڪئي. اسلام هڪ اهڙو مذهب آهي جيڪو زندگيءَ جو قدر ڪري ٿو ۽ چاهي ٿو ته نيڪي، عقل ۽ جدوجهد جي ذريعي منجهائنس ڀرپور فائدو ماڻجي.
”نٽشي“ مذهبن جي تقسيم هن ريت ڪئي آهي ته: هڪڙا مذهب اهي آهن جيڪي دنياوي زندگيءَ جا خواهشمند آهن، ۽ ٻيا اهي مذهب آهن جيڪي ان کان ٽهندڙ آهن. اسلام، دنياوي زندگيءَ جو خواهشمند آهي پر زندگيءَ مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ ڪجهه فطري ۽ عقلي پابنديون ڏسي ٿو، جن کي قرآن، ”حدود الله“ چوي ٿو. هڪ اهڙو مذهب- جيڪو انساني زندگيءَ کي مڪمل طور تي آغوش ۾ آڻي ٿو ۽ انسان جي آڏو اڻ ڏٺل راهون کولي ٿو، ڇا ڪڏهن به فرسوده ٿي سگهي ٿو؟...
دنيا ۾ ڪا به تحريڪ، کنوڻ وانگر آسمان مان ناهي ڪرندي، تنهن ڪري هڪ انقلابي تحريڪ به قريب يا بعيد ماضيءَ سان ڪجهه ضرور جڙيل هوندي آهي. اصلاحي تحريڪون به پنهنجو گهڻو تڻو سرمايو قوم جي تهذيبي ورثي مان حاصل ڪنديون آهن. ڪنهن ملت يا قوم جي اندر هڪ نئين نظام جي تلقين ڪئي ويندي آهي. معاشي، معاشرتي ۽ تاريخي پسمنظر ۽ نئين تحريڪ هڪ ٻئي تي اثرانداز ٿيندا آهن ۽ قومن ۾ نفسياتي اختلاف به پيدا ٿيندا آهن. مختلف قومون زندگيءَ جي هڪ ئي فلسفي کان مختلف طريقن سان متاثر ٿينديون آهن. جڏهن ڪا تحريڪ مختلف حالتون رکندڙ قومن ۾ ڦهلبي آهي ته ڪڏهن ايئن ٿيندو آهي ته اها پاڻ به ايئن بدلجيو وڃي جهڙوڪر، اها قومن کي بدلايو ڇڏي. ڇو جو سمورا معاشرتي، تاريخي ۽ نفسياتي عوامل، زندگيءَ جي نظام تي اثرانداز ٿيندا رهندا آهن. اسلام جو آغاز ۽ ان جو ابتدائي ماحول به ان کان ٻاهر ڪونهي. شروعاتي ماحول ۾ اسلام گهڻو تڻو ماضيءَ جو ورثو آهي، جيڪو نه رڳو عربن سان بلڪه اسرائيلي ۽ سامي قومن سان به تعلق رکي ٿو. اسلام جي مذهبي نقطئه نگاهه جو پسمنظر اسرائيلي آهي جيڪو پوري قرآن مان ظاهر آهي. اسلام، پاڻ کي ابراهيم ۽ ٻين اسرائيلي پيغمبرن جي مذهب جو تسلسل چوي ٿو. جيستائين مذهب جي بنيادي اصولن جو تعلق آهي ته اسلام، ڪنهن جدت جي دعويٰ نه ٿو ڪري. پنهنجون کوڙ رسمون ۽ مذهبي معمولات، پڻ قانون ۽ احڪامات جي جيڪا عمارت ان کڙي ڪئي آهي اها انسانن جي هزارين سالن جي سفر ۾ ميچوئر ٿيل قديم روايتن تي بيٺل آهي. مسلمانن کي اهو چيو ويو آهي ته اهي نه صرف انهن شين تي ايمان آڻين جيڪي حضرت محمد ﷺ جي ذريعي لاٿيون ويون آهن، بلڪه انهن سمورن پيغمبرن تي به ايمان آڻين جيڪي مختلف قومن ۾ پاڻ سڳورن کان اڳ موڪليا ويا هيا. اسلام، انسان جي ثقافتي تسلسل ۽ ان جي بنيادي اصول جي حقيقي وحدت جو زبردست قائل آهي.
ڪنهن قوم ۾ نئين دين جي تبليغ ڪرڻ لاءِ لازم آهي ته اهو دين ان قوم لاءِ فهم جوڳو بڻائجي. سچائيءَ کي سمجهڻ لاءِ خود سچائيءَ جو ادراڪ هئڻ گهرجي، يعني ان جو تعلق سمجهڻ واري جي اڳوڻي علم ۽ تجربي سان ڳنڍيل هجي. تبليغ جو ذريعو اها ٻولي هجي جيڪا ان قوم ۾ رائج هجي. اهڙيون ساديون حقيقتون خود قرآن بيان ڪيون آهن:
”اسين اهڙو ڪوئي پيغمبر نه موڪليو آهي جيڪو پنهنجي قوم کي قومي ٻوليءَ ۾ مخاطب نه ٿيو هجي. اسين قرآن کي نج عربي ٻوليءَ ۾ نازل ڪيو ته جيئن ماڻهو ان کي سمجهي سگهن.“
(يوسف: 2)
ٻولي، ڪنهن قوم جي نفسيات ۽ ان جي زندگيءَ جي آئينيدار ٿيندي آهي. ٻولي پنهنجن لفظن ۽ ادائيگيءَ جي طرز ۾ زندگيءَ بابت قوم جي خيال جو نقطو پيش ڪندي آهي. اهوئي سبب آهي جو اسين قرآن ۾ ڪيتريون اهڙيون شيون ڏسئون ٿا جيڪي قوم جي نفسيات ۾ رچي چڪيون هيون. ڪو به اصلاح اهڙو انتهاپسندانه ناهي هوندو، جيڪو قوم کي نئين سري سان نظامِ زندگيءَ جو آغاز ڪرڻ تي مجبور ڪري. هر اصلاح دراصل موجوده حالتن جي خلاف بغاوت ۽ دور جي تصورن ۽ رواجن کان منهن مٽڻ جي ڪوشش برابر هوندو آهي. مشهور جرمن فيلسوف: ”هيگل“ جي لفظن ۾ ايئن چئي سگهجي ٿو ته: اُهو، دعويٰ جو هڪ جواب (Antithesis) آهي، جيڪو ڪنهن دعويٰ جي اندروني ڀڃ ڊاهه سان ظاهر ٿيندو آهي.“ پر اها دعويٰ ۽ ڪنهن جي اڳوڻي حالت ڪلي طور تي ختم ناهي ٿي ويندي، بلڪه اها اصلاح دراصل پنهنجي دعويٰ جي جواب سان گڏ عمل ڪندو رهندو آهي ته جيئن هڪ نئون امتزاج (Synthesis) پيدا ڪري. اهو زندگيءَ جو عام اصول ۽ ان جي ترقي پذير اقدار جي حصول جو طريقو آهي. اهڙو قانون، قرآن به تسليم ڪيو آهي. قرآن چوي ٿو ته:
”ڪا به آيت منسوخ ناهي ٿيندي جيستائين ان جهڙي، يا ڪا ان کان بهتر ڪا ٻي آيت ان جي جاءِ نه ڀري وٺي.“ (البقره: 106)
خوبي ۽ خرابي مطلق آهن، پر انهن جون تاريخي پڌرايون تغير پذير ۽ اضافي آهن. قرآن جي روءِ سان خدا ۽ قانون اخلاقِ مطلق آهن ۽ انهن تي ايمان رکڻ سموري صداقت ۽ مذهب جو لُب لباب آهي ۽ باقي سڀ شيون اضافي آهن. اهي مذهب، جيڪي مطلق ۽ اضافيءَ ۾ فرق نه ٿا ڪن، جڏهن پنهنجي اضافي حيثيت کان گذري ويندا آهن ته اهي فرسوده ٿي ويندا آهن. قرآن ان جو قائل آهي ته ڪنهن قوم جا قانون ۽ رواج، طريقا ۽ رسمون تغير پذير ۽ اضافي هوندا آهن. قرآن چوي ٿو ته:
”ذاتِ حق کانسواءِ هر شيءِ فنا پذير آهي.“ (القصص: 88)
روحاني حيثيت سان زندهه رهڻ لاءِ انسان کي گهرجي ته هو پنهنجو رشتو غيرتغير پذير ذاتِ مطلق سان جوڙي ڇڏي ته جيئن هو خود، مڙني تبديلين جو هڪ قانون بڻجي وڃي. ابدي اسلام- جنهن جا بنيادي اصول، حضرت آدم کان حضرت محمد تائين ساڳيا ئي رهيا آهن، اهو رڳو چند قانونن ۽ معمولات يا عبادت جي طريقي جو ڪو نظام ٿي نه ٿو سگهي، ڇاڪاڻ جو اهي شيون هر زماني ۾ بدلبيون رهنديون آهن. جيڪڏهن اضافي ۽ مطلق کي ناقابل تسليم، ڪل جي حيثيت سان اپنايو وڃي ته ان کي مذهب جو نالو ڏئي سگهجي ٿو. پر اهڙو مذهب هميشه لاءِ قائم رهي نه ٿو سگهي. اسلام جي عظمت اها آهي ته هو ابديت کي تبديل ٿيندڙ جزن کان الڳ ڪندڙ آهي. مذهب جي وحدت ۽ ڪليت جيڪا اسلام جي بنيادي تصورن منجهان هڪ آهي، ان جي ابدي زندگيءَ جي ضامن آهي. اسلام جي اهائي خاصيت آهي، جنهن جديد دور جي عارف: ”برناڊشا“ کي ان فيصلي جي اعلان ڪرڻ تي مجبور ڪيو ته: ”اوريجنل اسلام ئي ايندڙ زماني جو مذهب هوندو.“ برناڊشا، تقليد پرستين ۽ مفادپرست نظامن جو سخت دشمن هيو. هڪ تخليقي ارتقا پسند جي حيثيت سان هو، زندگيءَ جو قائل آهي جيڪا هميشه نوان روپ بدلائيندي رهندي آهي. پر ساڳئي وقت هو، اسلام جي دائمي قدر و قيمت ۽ ان جي مستقبل جو به قائل آهي. هن جي سامهون، مسلمانن جي اها تقليد پرستي ناهي جيڪا مسلمانن اڳتي هلي اپنائي ڇڏي ۽ جنهن جي بنياد تي اسلام کان اڳ جي رسم پرست ۽ تقليدي مذهبن وانگر وڃي ڪجهه مسخ ٿيل عقيدا ۽ رسمون باقي رهيا ۽ مسلمان دائمي ۽ تغير پذير پاسن ۾ فرق ڪرڻ جي صلاحيت کان محروم رهجي ويا. هميشه قائم رهڻ جي واسطي اسلامي زندگيءَ بابت اهڙو ٺوس طريقو هئڻ گهرجي جيڪو مڙني زمانن ۾ جاري رهي سگهي يا ٻين لفظن ۾ زماني جي سمورن تغيرن کان بلند ۽ بالاتر هجي. نظامِ زندگيءَ جو خاڪو ليڪڻ وقت به هو، ڪو بند يا ڪا اهڙي اهڙي رڪاوٽ نه بيهاري جنهن ۾ ترقيءَ سان ٺهڪڻ جي صلاحيت نه هجي. هو زندگيءَ کي هر حوالي سان وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ جي آزادي ڏي. غير محدود علم جو رستو کليل رهي. ادراڪ ۽ فهم جي ذريعي فطرت کي تسخير ڪرڻ جون راهون کليل رهن ۽ وحدتِ عالم ۽ وحدتِ انسانيت جا دڳ روشن رهن. سمورا ڪوڙا خدا، تخت تان لاٿا وڃن ۽ هڪ اڻ ڏٺل قادرِ مطلق، خالق ۽ رب جي بندگيءَ لاءِ راهه هموار ٿي پوي. خدا ۽ انسان جي وچ ۾ آيل سمورا واسطا ۽ وسيلا هٽايا وڃن ته جيئن انسان، ان حي و قيوم جي حضور ۾ براهِ راست اچي سگهي. ڪا فوق العقل وحي ۽ وجدان به جيڪو ڪجهه ثابت ڪري اهو عقل ۽ فطرت جي خلاف نه هجي. ڪو به انسان ڪنهن ٻئي انسان کي نه پوڄي ۽ ڌنڌوڙي ملائيت کي هڪ ئي ٺوڪر سان ٿڏي ڇڏي. انسان جو عالمگير ڀائيچارو، جيڪو ذات پات، رنگ ۽ خون جي فرق کان ماورا آهي، ان جي حاصلات جي ڪوشش ڪجي. انسان، زندگيءَ جي تقاضائن تي لبيڪ چوي ۽ ان سان گڏ زندگي بخش هم آهنگي اختيار ڪري. مڙني اقتصادي ناانصافين جي رستا روڪ ڪئي وڃي ۽ معاشرتي عدل ۽ انصاف قائم ڪيو وڃي. جيڪي شخص دنياوي خوشحاليءَ سان ڀرپور آهن، اهي ضرورت کان واڌاري، پنهنجي سموري دولت تان انهن جي حق ۾ هٿ کڻي وڃن جيڪي هٿين خالي آهن. مڙني اختلافن کي دور ڪري انسانيت کي اهڙيءَ ريت جوڙيو وڃي ته جيئن اها اتحاد جو هڪ مثال بڻجي وڃي. آقا ۽ خادم ، آفيسر ۽ اسسٽنٽ سيٺ ۽ مزدور، زميندار ۽ ڪُڙمي مرد ۽ عورت جي درميان انصاف قائم ڪيو وڃي. طاقتور جي ظلم ۽ زيادتين کان ڪمزور جي حفاظت ڪئي وڃي. ضمير ۽ عبادت جي اهڙي آزاديءَ جو تحفظ ڪيو وڃي جنهن فرقه پرستيءَ جي صورت اختيار نه ڪئي هجي. آدم جي زوال تي زور ڏيڻ جي بجاءِ آدم جي عروج جي عقيدي کي هڪ زنده ايمان جو لازمي جز بڻايو وڃي. قرآن ۾ مثالي انسان ان شخص کي سمجهيو ويندو آهي، جنهن جي آڏو، فطرت جون سڀ ڏسڻ ۾ ايندڙ ۽ نه ڏسڻ ۾ ايندڙ قوتون، يعني: ملائڪ به سربسجود ٿيا، ڇو جو علم ۾ برتريءَ جي ڪري انسان کي زمين تي خدا جو خليفو بڻايو ويو. قرآن چوي ٿو:
”جيڪي ڪجهه آسمان ۽ زمين ۾ آهي اهو سڀ انسان جي وس ۾ ڏنو ويو آهي. بشرطيڪه انسان پنهنجي حقيقت سان وفاداري ڪري ۽ پنهنجي ارادي کي ڪل جي مرضيءَ جي موافق ڪري ڇڏي.“ (الجاثيه: 13)
اسلام جي معنيٰ: ”امن ۽ خوشحاليءَ جي تسخير ۽ تسليم و رضا جي ذريعي اقتدار حاصل ڪرڻ آهي، اها سپردگي، ڪنهن فطري طاقت ۽ دنيوي قوت جي آڏو جهڪڻ جو نالو نه آهي. قرآن جي مطابق ان جي بنيادي حقيقت الوهيت جي علمبردار آهي، ڇو جو خلقڻهار، ان جي خاڪي بدن ۾ پنهنجو روح ڦوڪيو آهي. هن جي فطرت پنهنجي خلقڻهار سان هڪ واعدو آهي ۽ ان الستي واعدي جي تڪميل ابدي زندگي آهي.“
انسان، مقصد جو متلاشي ساهدار آهي. جڏهن هو غلط مقصد پنهنجي آڏو رکندو آهي ته زندگيءَ ۾ خساري جو شڪار ٿي ناڪام رهجي ويندو آهي. اسلام، انسان جي آڏو هڪ اهڙو نصب العين رکي ڇڏيو آهي، جتي ان جي رسائيءَ جو سلسلو هميشه جاري رهندو آهي. خدا، زندگيءَ جو مقصد به آهي ۽ زندگيءَ جو سرچشمو به! ۽ خدا نالو آهي: ازلي علم ۽ ابدي سونهن ۽ سٺائيءَ جو! علم ۽ عشق انتهائي وکون آهن جن جي ذريعي، اسلام انهن قدرن کي ٻاهر ڪڍي اچي ٿو، جيڪي هڪ ٻئي سان ملي ڪري پاڪيزه زندگي تشڪيل ڏين ٿا. خدا زندگي آهي ۽ زندگيءَ جي حقيقت هر مرتبي کان زندهه تر ۽ برتر زندگيءَ جي علمبردار آهي. علم نور وانگر آهي. خدا بابت قرآن چوي ٿو:
”الله آسمانن ۽ زمين جو نور آهي.“ (النور: 35)
اهوئي نور، انسان ۾ عقل جو جوهر بڻجي ظاهر ٿيو ۽ جنهن شخص کي ڏاهپ عطا ٿي، تنهن کي خير ڪثير جو گنج ملي ويو. الله جو عشق جيڪو سموري زندگيءَ جي تخليق ۽ حفاظت ڪري ٿو سمورن بنيادي علمن جو سرچشمو ٿيو پوي ۽ اهڙيءَ ريت، علم ۽ عشق توڙي جو تصوراتي طور تي الڳ هجن ٿا پر انهن جو بڻ بنياد ساڳيو ئي آهي. قرآن چوي ٿو:
”بي شڪ! انسان خساري ۾ آهي، سواءِ انهن شخص جي جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيائون.“ (العصر: 3-2)
ان راهه کانسواءِ هر ڪاميابي دوکو آهي جيڪا انسان کي حقيقي خساري ۽ ناڪاميءَ ڏانهن ڌوڪيندي وڃي ٿي.
اسلام جو آغاز هڪ مذهب جي حيثيت سان ٿيو. ان هڪ مملڪت ٺاهي ۽ آخرڪار هڪ تهذيب بڻجي ويو. مذهب، خدا پرستي ۽ نيڪ زندگيءَ جو مجموعو هيو ۽ مملڪت ان زندگيءَ جي حفاظت جو ذريعو هئي. اسلام، تهذيب ۽ تمدن جي لحاظ کان اهڙيون کوڙ شيون پاڻ ۾ سمايون جن کي انسانن هزارين سالن ۾ وجود بخشيو ۽ اهڙيون شيون رد ڪري ڇڏيائين جيڪي ان جي تخيّلي خاڪن سان ٺهڪندڙ نه هيون. جڏهن اسلام جي شروعاتي تصورن جي رفتار ماٺي ٿيندي وئي ته کوڙ غيراسلامي تصورن ۽ رسمن، مسلمانن ۾ اثر پيدا ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. اسلام جي سادي ۽ جمهوري اشتراڪيت کي ملوڪيت ۽ جاگيرداراڻين مملڪتن سخت ڌچڪا ڏنا ۽ اسلام جي بنيادي انقلابي تحريڪ رڳو جوابي تحريڪن جو شڪار ٿيندي رهي. اهڙين سمورين رڪاوٽن جي باوجود اسلام، اٺن صدين تائين انساني دنيا جي قيادت ڪندو رهيو. جديد تمدن جي مشعل ٻارڻ کانپوءِ مسلم قومون ملائيت ۽ خودغرض شهنشاهيت جي هٿان چيٿاڙبيون ۽ چيهاڙبيون رهيون، تانجو جمود ۽ بي حسيءَ جي حالت طاري ٿي وئي. جديد تمدن کوڙ ساترا، اسلامي اصول ۽ نظريا، جزوي طور تي پاڻ ۾ ضم ڪري ڇڏيا آهن. گذريل ٻن صدين، غير مسلم قومن جو عروج ڏٺو. مغرب حاڪمانه طاقت سان اٿيو ۽ زندگيءَ جي انهن قدرن کي ٺڪرائي ڇڏيو جيڪي ان جي عروج ۽ ترقيءَ ۾ هڪ هزار ورهين کان رڪاوٽ بڻيل هيا. عقليت ۽ انسانيت جي مسلڪ جي ذريعي عيسائيت ۾ سڌارا آندا ويا. اهي اقتدار ۽ حڪومتون جيڪي عملي سائنس ۽ سرمائيدارانه صنعتي نظام مغرب جي هٿ وس ڪري ڇڏيا هيا، مسلمانن جي ڀُتن سياسي ادران تي غالب اچي ويا. مسلمان، جن دنيا جي قيادت ۽ رهنمائي ڪئي هئي، سي هر راهه ۾ پٺتي رهجي ويا. عيسائي مبلغن ۽ سياسي رهنمائن اها مبالغي واري پچار شروع ڪري ڏني ته: ”ڇاڪاڻ ته مسلمانن تي هر هنڌ جمود طاري آهي، تنهن ڪري اسلام جيڪو انهن جي تهذيب جو مشترڪ قدر آهي، انهن جي هيڻائپ ۽ پٺتي پوڻ جو ذميوار آهي. اهڙي پچار ڪرڻ وارا ان سادي تاريخي حقيقت کي وساري ويٺا ته جنهن اسلام کي هو رجعت پسند چئي ڪري طعنا ڏئي رهيا آهن، اهو اهوئي اسلام هيو جنهن مسلم قومن کي هڪ زماني ۾ مڙني ترقين جو امام بڻايو هو. اهي پنهنجي مادي ترقيءَ کي عيسائيت ڏانهن منسوب ڪري رهيا هيا، پر ان جي توجيهه کان قاصر هيا ته اِهو اهوئي عيسائي تمدن ۽ تهذيب هئي جيڪا هڪ هزار ورهين جي عرصي ۾ رڳو اونداها زمانا (Dark Ages) تخليق ڪري سگهي. جنهن اسلام بابت انهن پروپيگنڊا ڪندڙن جو اهو نظريو هو ته اهو ڪجهه رسمي ۽ فرسوده تقليد پرستين ۽ زوالجي ويل سياسي نظامن جو مجموعو آهي سو حقيقت ۾ اهو اسلام نه، بلڪه اسلام جي ڏٺي وائٺي نفي هو. حقيقت هيءَ آهي ته عمر کان وڌيڪ عرصي تائين زنده ۽ باقي رهڻ ته ٺهيو، اسلام پوريءَ ريت پنهنجي زندگي به گذاري نه سگهيو. پنهنجي اسريل دور ۾ به اسلام جو اهڙن غيراسلامي طريقن سان پالو پئجي ويو، جيڪي ان جي مزاج جي ئي خلاف هيا. مغرب اها واٽ ورتي جنهن جو ڏس اسلام ئي ڏنو هو. يعني مغرب علم کي ايئن ئي آزادي بخشي جيئن اسلام پنهنجي اسريل دور ۾ ڪيو هو. ان پنهنجين حڪومتن کي جمهوري رنگ به ڏنو پر اهو ان اسلامي اشتراڪيت جو مقام حاصل نه ڪري سگهيو، جنهن ۾ قوم جو چونڊيل حڪمران، حقيقت ۾ قوم جو خادم هوندو هو. مسلم قومن ۾ جيڪي به ڪوتاهيون آهن، سي اسلام جا اصول اپنائڻ جي ڪري ناهن بلڪه اهي سڌو سنئون ان جي ترقي پذير اصولن کي ترڪ ڪرڻ جو نتيجو آهن ۽ ترقي ڪندڙ قومن جيڪي به خوبيون ۽ ڀلايون ماڻيون آهن اهي دراصل اسلامي اصولن جي ئي طفيل آهن.
دنيا جي موجوده صورتحال اها آهي ته ڪائي قوم مڪمل طور تي اسلامي زندگيءَ سان معمور ئي ناهي. مسلمان صرف نالي جا مسلمان آهن ۽ ايترا مسلمان ته مغرب وارا به آهن. هاڻي دنيا کي اهڙي قوم جو انتظار آهي جيڪا هڪ مڪمل ۽ اسلامي نمونو پيش ڪري سگهي. اسلام، صحيح ۽ ممڪن العمل نصب العين پيش ڪري ٿو، اها ڪا خيالي دنيا ناهي، پر تصورن ۽ عقيدن کي حقيقت جو جامو پهرائڻ ۽ انهن کي تڪميلي وجود بخشڻ ڪنهن هڪ قوم ۽ هڪ ئي زماني ۾ ٿي نه ٿو سگهي. انساني معاشرا انهن نصب العينن جي درجيوار حاصلات کي پنهنجو مقصد قرار ڏئي انهن کي عملي شڪل ڏئي سگهن ٿا. آڳاٽن زمانن ۾ به انهن تصورن کي اپنايو ۽ معاشري ۾ آزمايو ويو آهي، انهن ۾ به تاريخي مجبورين جا نشان ملن ٿا. ڇاڪاڻ جو نظرين کي جڏهن به درجيوار اپنايو ويندو ته بهرحال انهن جي عملي شڪل مختلف زمانن ۾ مختلف انداز جي هوندي.
اسلام جي نشاة ثانيه يا نئين کيپ نه ڪي مغرب جي انڌي تقليد سان ٿي سگهي ٿي ۽ نه ڪي انهن ردي قانونن کي چنبڙيو رهڻ سان جيڪي بدلجندڙ حالتن جو ساٿ نه ٿا ڏئي سگهن. مسلمانن کي اسلام جي بنيادي اصولن تي ٻيهر غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. کين احساس ڪمتري ختم ڪرڻي پوندي، جنهن ۾ هو شدت سان ڦاٿل آهن ۽ جيڪا کين مغرب جي پيش ڪيل هر شيءِ کي اسلام جي مطابق ظاهر ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي. اسلام کي مسلم قومن ۽ ساڳئي وقت مغرب کي به کوڙ ساتري تعليم ڏيڻي آهي. اسلام ۾ ڀائيچاري، آزادي ۽ مساوات جا تصور نهايت ئي ترقي پذير ۽ حقيقي آهن بشرطيڪه اهي چڱيءَ طرح سمجهايا وڃن ۽ عمل ۾ آندا وڃن. مسلم ۽ غير مسلم دنيا جي نئين زندگي ۽ هدايت جو صرف هڪ ئي طريقو آهي ته اسين انهن عالمگير اصولن کي سمجهئون ۽ انهن تي عمل پيرا ٿيئون، جيڪي اسلام پيش ڪيا آهن ۽ پنهنجي زندگي، ان عقل ۽ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻيون جيڪو خدا جي پاران انسان کي عطا ڪيو ويو آهي. *