اسلام ۽ جمهوريت
مطلق العنان حڪومت (آمر) هر قسم جي سياسي ، معاشي ۽ اخلاقي تباهيءَ جو سرچشمو۽ زندگيءَ جي سمورن قدرن جي تباهيءَ جو ڪارڻ هوندي آهي، خلافت کان پوءِ پيدا ٿيل شهنشاهيت تي قابو پائڻ بلڪل ائين محال بڻجي ويو ڄڻ سيلاب کي هٿن سان روڪڻ جي ڪوشش هجي ! مسلمان ملوڪيت جي غلاميءَ ۾ اهڙو جڪڙجي ويا جو چوڏهن سئو ورهين ۾ به ان غلاميءَ جون پاڙون نه پٽي سگهيا. فتح ٿيل علائقن ۾ وڏيون وڏيون جاگيرداريون قائم ٿيڻ لڳيون. عالمن سڳورن جو وڏو انگ ، ظاهري عبادتن ۽ معاملات جي باري ۾ فقهي اختلافن ۾ الجهي رهجي ويو. بادشاهن سان واڳيل عالمن جي ڪرت وڃي اها رهي ته اهي بادشاهن جي خباثت جي جواز ۾ فتوائن جا دفتر ڪارا ڪرڻ ۾ مگن رهڻ لڳا.
اسلامي سلطنتن جو فقط اهو مطلب وڃي رهيو ته اتي حڪمران ۽ وزير ۽ امير اسلام جو نالو وٺن ٿا ۽ مسلمان سڏجن ٿا! بس اسلام نالي ۾ وڃي رهيو، ڪم جو بلڪل به نه رهيو! جيڪو شخص ظالم هيو، فاسق ۽ فاجر هيو- تخت تي ويٺو ته ان جي قصيده گوئي شروع ! ان قصيده خوانيءَ صرف شاعريءَ جي ئي ڪوڙ بدوڙ ۽ مبالغي جو دفتر نه بڻايو بلڪه قوم کي به ڪوڙ بڪڻ جو عادي بڻائي ڇڏيو. مسلمان پنهنجي بادشاهن جي شان شوڪت تي فخر ڪرڻ لڳا. ان اندازِ نگاهه جو اثر ايڏو ته همه گير آهي جو اقبال جهڙي شاعر به دکن جي قطب شاهي بادشاهن جي قبرستان ۾ وڃي انهن جي ثنا ۾ هڪ مؤثر نظم لکيو ۽ چيو ته پنهنجي بادشاهن کي هيءَ امت وسارڻ واري ناهي ! ۽ حفيظ جالنڌري وري ويٺو اسلامي تاريخ کي منظوم ڪرڻ ۽ ان جو نالو ئي تجويز ڪيائين: ”شاهنامئه اسلام“ فردوسيءَ لاءِ ته شاهنامي جو اصطلاح ٺيڪ هيو، پر اسلام جو شهنشاهيت سان ڇا ؟! شهنشاهيت کان وڌيڪ اسلام لاءِ ٻي ڪهڙي شيءِ هاڃيڪار ٿي سگهي ٿي؟ اتفاق سان ڪٿي ڪٿي ڪو بادشاهه به مؤمن ۽ عادل سلطان نظر اچي ٿو پر اهو شهنشاهيت جو انسٽيٽيوشن مورؤن غير اسلامي آهي. پاڻ سڳورن کي جنهن به مَلِڪ / بادشاهه ڪري سڏيو ته پاڻ ٺهه پهه فرمايائون ته: مان شاهه يا سلطان ناهيان، ۽ هڪ حديث شريف ۾ آهي ته:
”شهنشاهه جو لقب، خدا جي حضور ۾ ڪنهن انسان لاءِ حد درجي جو مڪروهه لقب آهي!“ ۽ اسان جو الميو اهو آهي ته، پاڻ سڳورن سان نسبي نسبت جي دعويٰ ڪندڙ،پنهنجو پاڻ کي ”شاهه“ چورائيندي نه ٿا هٻڪن!!!
تاريخي لحاظ کان هي هڪ ناقابل ترديد حقيقت آهي ته خلافت راشده کانپوءِ جلد ئي اسلامي انقلاب جي خلاف هڪ ردعمل ٿيو جنهن ڪري اسلام جي اصل مشن جي تڪميل اڻائي ٿي پئي. ليڪن ان مان هي به نتيجو نٿو ڪڍي سگهجي ته تاريخي حيثيت ۾ اسلام بلڪل ناڪام ثابت ٿيو. تاريخ شاهد آهي ته ان جي باوجود به مسلمان ڇهن ستن صدين تائين تهذيب ۽ تمدن يا علمن ۽ فنن جي حوالي سان ٻين قومن جي مقابلي ۾ اڳ اڳرا رهيا. اها اڳرائي رڳو ملڪي فتحن جي ڪري ملي نه ٿي سگهي. ملڪي فتحون به تهذيب ۽ علمن کان وانجهيل قومن کي به مليون آهن. مسلمانن جي انهيءَ ترقيءَ جو اصل محرڪ اسلامي تعليم جا اهي روشن اصول هئا جيڪي ڪجهه نه ڪجهه پنهنجي اصليت باقي رکندا آيا. مسلمانن غلامي ته ختم ڪو نه ڪئي پر غلامن سان ٿيندڙ وحشياڻي سلوڪ جو خاتمو ڪيو. ايستائين جو غلام پنهنجي آقائن جا استاد، وزير ۽ ڪٿي ڪٿي سلطان به بڻجي ويا. غير مسلمن سان مذهبي رواداريءَ جا جيڪي بنياد حضرت محمد ڪريمﷺ وڌا هئا سي مسلمانن لاءِ نمونو بڻيل هئا. فطرت جي مظهرن تي غور کي قرآن عبادت قرار ڏئي ڇڏيو هو ۽ رسول ڪريمﷺ عالم کي عابد جي مٿان ترجيح ڏئي ڇڏي هئي. اهڙي طرح عالم جي مس کي شهيد جي خون کان وڌيڪ افضل چيو ويو هو. علم جي حاصلات کي پينگهي کان وٺي قبر تائين مسلسل ڪوششن تائين ڦهلايو ويو هو ۽ ان کي دين جو لازمي جز بڻايو ويو هو. گڏوگڏ هي به تاڪيد ڪئي وئي ته علم حاصل ڪريو توڻي جو توهان کي چين تائين وڃڻو پوي. جنگي قيدين کي اڻ پڙهيل ماڻهن کي پڙهائڻ عيوض ڇڏڻ جي روايت قائم ٿي ۽ زندگيءَ جي حسناڪين ۽ زينت کي انسانن لاءِ حرام نه ڪيو ويو.
جيتوڻيڪ مسلمانن ۾ سياسي جمهوريت تمام جلد اڻ لڀ ٿي وئي ۽ معاشي جمهوريت ڏانهن به انهن ڪو خاص توجهه نه ڏنو، پر اسلامي تعليم جي باقيات صالحات مان هڪ شيءِ مسلمانن ۾ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ هميشه نمايان رهي. اها، جمهوريت جو اهو پهلو آهي ، جنهن کي سوشل ڊيمو ڪريسي يا معاشرتي جمهوريت چئجي ٿو.
قرآن ۽ صاحب قرآن نسلي فرق کي پنهنجي زندگيءَ ۾ پوريءَ طرح مٽائي ڇڏيو ۽ ان کي ايتريقدر ڪمزور ۽ ڌنڌلو ڪري ڇڏيائون جو مختلف نسلن جا مسلمان، گورا – ڪارا- پيلا- سانورا، مڙني ۾ يڪ رنگي ۽ هم آهنگيءَ جو شعوري يا تحت الشعوري جذبو، هر حالت ۾ گهٽ يا وڌ قائم رهيو، اسان جي خيال ۾ اسلام جيڪي انسانيت تي احسان ڪيا انهن منجهان اهو احسان نهايت عظيم احسان آهي ! دنيا ۾ ، اسلام جي اشاعت جي حيرت انگيز تيزيءَ جا اسباب مغرب جي غير مسلم مستشرقن کي سمجهه ۾ نه ٿا اچن ۽ ان جو سبب اهو آهي ته تعصب ، انهن جي تاريخي بصيرت ۾ خلل وجهي ڇڏيو آهي. تنهنڪري اهي سڀ اڪثر اهو ئي ڪوڙ ورجائيندا رهن ٿا ته: ”اسلام، تلوارجي زور تي ڦهليو آهي!“ تاريخ جو اڻ ڌريو مطالعو ان بهتان کي رد ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. دنيا ۾ اهڙا خطا موجود آهن جتي مسلمانن جي سياسي قوت، لڳ ڀڳ هڪ هزار ورهين تائين مزاحمت کان سواءِ ئي باقي رهي، پر اتي مسلمانن جي آباديءَ جي ڪثرت ناهي. يورپ جي مشرق ۽ مغرب ۾ مسلمانن، سوين ورهيه پوري جلال ۽ جمال سان حڪومت ڪئي، پر اتي به مسلمان اقليت ۾ ئي رهيا، ڇاڪاڻ ته دين جي باري ۾ جبر کي قرآن، ناجائز ۽ حرام قرار ڏيئي ڇڏيو آهي! ان جي مقابلي ۾ اهڙاخطا به موجود آهن جتي مسلمانن جي قومي مملڪت نه هئي پر اتان جي گهڻي آبادي مسلمان آهي، ٻين جو مذهب ، سياسي يا معاشي زور سان يا وري مسلسل ۽ منظم تبليغ سان بدلائي سگهجي ٿو، پر اهڙو ڪو به ثبوت ڪٿي به نه ٿو ملي ته مسلمان بادشاهن، ڪوبه سياسي يا معاشي جبر ڪري ماڻهن کي لالچون ڏئي کين مذهب تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪيو هجي، مسلمانن ۾ نه ڪي منظم ڪليسا هئي ۽ نه ڪي مشنرين جاگروهه- جن کي حڪومتن يا سرمائيدارن وٽان ڪا مدد ملندي هجي، اهڙين ڪوششن جي فقدان جي باوجود به اسلام، انڊونيشيا جهڙي وسيع خطي ۾ ڦهليو ته ان جو ڪهڙو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو؟ ان جا ٻه ڪارڻ ئي ٿي سگهن ٿا:
* اسلام جون ساديون صداقتون
* نسل ۽ رنگ جي فرق کان سواءِ ڀائيچاري ۽ برابريءَ جو احساس.
هڪ ڀيري بنگال جي مشهور ڪيميادان سر پي سي راءِ جيڪو نهايت وسيع النظر ۽ بي تعصب انسان هيو، ۽ غالباّ برهمڻ سماج جو پيروڪار هيو، چيو ته: ”جيڪو چوي ٿو ته اسلام، تلوار جي زور تي ڦهليو آهي، اهو نهايت مڪروهه ڪوڙ ٿو ڳالهائي، بنگال کي ئي وٺو، منهنجي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ يعني ويهين صديءَ جي شروعات ۾ بنگال ۾ مسلمانن جي سياسي قوت بنهه اڻ لڀ هئي، وٽن معاشي قوت به ڪانه هئي ۽ مسلمان ڏيوالپڻي جي ان دؤر ۾ بنگال ۾ اقليت ۾ هيا، پر پوءِ تيزيءَ سان ڏسندي ئي ڏسندي ، مسلمانن جو تعداد هندن کان به وڌي ويو، ڀلا بنگال ۾ ڪنهن تلوار هلائي؟... دراصل، اتي اسلام جي ڦهلاءَ جو واحد سبب اهو ئي اسلامي ڀائيچاري ۽ برابريءَ جو احساس هيو، پاڻ کي اعليٰ ذات سمجهندڙ هندن، ويچارن کي اڇوت ۽ شودر سمجهي جانورن کان به بد تر سلوڪ ڪيو، اهي ٻين انساني ڀلاين جي خاطر اسلامي برادريءَ ۾ داخل ٿيندا ويا...
اڄ ڪلهه جمهوريت ، محض هڪ حڪومتي نظام جو نالو ناهي. بلڪه مذهب وانگر جمهوريت به هڪ همه گير تصور بڻجي وئي آهي ۽ جهڙيءَ ريت مذهب جو تصور مخصوص، اڻ چٽو ۽ غير معين ٿي پيو آهي، ساڳيو ئي حال جمهوريت سان به آهي. ڪميونزم يا اشتراڪيت ۽ سوشلزم ٻنهي جي دعويٰ آهي ته: ”جمهوريت جي صحيح شڪل وٽن ئي آهي. آمريڪا جي ملڪن ۾ گهڻا ماڻهو نه رڳو ڪميونزم جي خلاف آهن بلڪه سوشلزم کي به پنهنجي جمهوريت جي منافي سمجهن ٿا.
مسلمان به اها دعويٰ ڪن ٿا ته اسلام سماجي انصاف تي آڌاريل هڪ صحيح ۽ خاص قسم جي سوشلزم آهي پر انهن وٽ هي لفظ پنهنجي عملي شڪل ڏيکاري ئي ڪو نه ٿو. هر شخص جيڪو ديني يا سياسي رهبريءَ جو خواهشمند آهي سو عوام کي هم خيال بنائڻ لاءِ اها دعويٰ ته ڪري ٿو، پر انهيءَ سوچ کي مسلمانن ۾ اجتماعي شڪل نٿي ملي. ڪي وري اسلامي سوشلزم جو مرڪب اصطلاح استعمال نه ٿا ڪن. ڇاڪاڻ ته انهن وٽ فقط لفظ: ”اسلام“ هڪ جامع مفهوم آهي ۽ سوشلزم ان جي اندر لڪل آهي، دين ۽ سياست کي گڏ هلائيندڙ ڪجهه ڌريون ، جن جو سوشلزم سان پري جو واسطو به ڪونهي، اهي لامحدود زمينداري ۽ لامحدود سرمائيداريءَ کي به اسلام جي منافي نه ٿا سمجهن. (اسان وٽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي فڪر جي پيروڪارن کان هٽي ڪري، سڀ مذهبي ڌريون اهڙن خيالن جون آهن) باقي اهي ماڻهو جن ماڻهن حرام ڪاريءَ سان غريبن کي چٿي يا ۽ وقت جي حڪمرانن جي چاپلوسي يا وري وطن سان ۽ قوم سان غداريءَ رستي وسيع زمين تي قبضو ڄمائي رکيو آهي، اهي بس زڪواة ادا ڪندا رهن ٿا! اهڙا حڪمران ۽ ملان جيڪڏهن پاڻ ۾ ڳٺ جوڙ نه ڪندا ته کين سرمائيدارن پاران چندو ملڻ بند ٿي ويندو.
اسلام ۽ جمهوريت يا خاص طور تي جمهوريت جي اها شڪل جنهن کي سوشلزم چئجي ٿو، ان بابت ٻه سوال نهايت اهم آهن:
* اسلام ان جو قائل آهي يا نه، جي آهي ته ڪهڙي انداز ۾ ؟
* سياست ۽ معيشت جو اهو انداز هاڻي ڪٿي عملي طور رائج به آهي يا نه ؟ ساڳئي وقت هي ضمني سوال به ان سان جوڙي سگهجي ٿو ته هن وقت سموري دنيا ۾ ڦهليل اسلامي ملڪن ۾ ڪٿي جمهوريت يا سوشلزم آهي به يا نه ؟!
امامِ انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي ، جنهن پنهنجي سموري زندگي انقلابي جذبي سان سرشار ۽ عملي انداز سان گذاري، ڪجهه عرصو روس ۾ به رهيو. جيئن ته مولانا سنڌي، مسلمانن جو انقلابي اڳواڻ هيو، تنهنڪري اسٽالن به کيس ملاقات جو موقعو ڏنو. مولانا سنڌي هُن جي سامهون اسلام جو سماجي انصاف وارو نقشو سامهون رکيو. اسٽالن اسلام جي انقلابي نظرين بابت سڀ ڪجهه ٻڌي مولانا سنڌيءَ کان پڇيو ته: مسلمانن جو ڪهڙو ملڪ يا قوم، ان سماجي انصاف واري نظريي تي هلي رهيو آهي؟ مولانا فرمايو ته: هن وقت ته ڪا به مسلمان قوم ان تي ڪاربند ناهي. اسٽالن وراڻيو ته جڏهن ڪا قوم ان تي عمل ڪري پنهنجو تجربو دنيا جي آڏو پيش ڪندي ته ان وقت اسين ان جي قابل قبول يا قابل عمل هجڻ بابت ڪا راءِ قائم ڪري سگهنداسين!