مذهب

اسلامي روشن فڪري

هن ڪتاب ۾ اسلام جا بنيادي تصور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اسلام، دنيا جي وڏن مذهبن ۾ هڪ قديم ترين ۽ ساڳئي وقت اهڙو جديد ترين مذهب آهي جنهن کي سڄي دنيا جي ماڻهن منجهان وڏو حصو مڃي به ٿو ۽ ان تي ڪنهن نه ڪنهن لحاظ سان عمل پيرا به آهي.
ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ جا جنهن ڪتاب موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book اسلامي روشن فڪري

اسلام ۽ فڪر جي آزادي

اسلام، انسانن جي جهان ۾ ڪيترائي نظرياتي ۽ عملي انقلاب پيدا ڪيا، پر جيڪڏهن اسلام جي اڀار جي هم عصر تهذيبن، تمدن ۽ مذهبن جو جائزو وٺبو ته اها ڳالهه بنا ڪنهن ترديد جي خوف جي چٽي ٿي سامهون ٿي ايندي ته سڀ کان اهم ترين انقلابي ڳالهه، جيڪا اسلام ڪئي، اها آهي: ”ضمير جي آزاديءَ جي تلقين ۽ ان تي عمل!“ قرآن حڪيم ۾ انسان جي فطرت بابت هڪ بنيادي صفت اها بيان ڪئي وئي آهي ته انسان هڪ صاحبِ اختيار هستي آهي. آدم جي پيدا ٿيڻ کان اڳ جمادي- نباتي ۽ حيواني ڪائنات موجود هئي ۽ فرشتا به تخليق جي ابتدا کان ئي نظامِ ڪائنات ۾ خلقڻهار جا نمائندا ۽ ڪارندا هيا. پر ملائڪن سميت سمورين مخلوقن جي ڪيفيت اها هئي جو، هر مخلوق فطري طور تي خدا جي اطاعت ڪرڻ تي مجبور هئي. ان جبري اطاعت سان ڪا به مخلوق تنگي محسوس نه ڪندي هئي. هرشيءِ پنهنجي جوڙجڪ پٽاندڙ فطري تقاضا پوري ٿي ڪئي، ۽ پنهنجي فطري تقاضا پوري ڪرڻ ۾ جنهن قسم جو جبر ملندو آهي اهو خراب نه لڳندو آهي. آدم جي تخليق وقت خلقڻهار نئون تجربو ڪرڻ چاهيو ۽ اهو اِهو ته هڪ اهڙي مخلوق پيدا ڪجي جنهن کي راءِ جي آزاديءَ ۽ انتخاب جو حق ڏجي. ان کي نيڪي ۽ بديءَ جا سڀئي دڳ ڏيکارجن ۽ کيس اختيار ڏجي ته اها انهن ٻنهي رستن مان جيڪو چاهي، سو اپنائي. کيس وحي جي رستي اهو علم ڏجي ته انهن متضاد رستن تي هلڻ جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا پر ان جي ارادن تي ڪو به جبر نه هجي. ان ئي اصول هيٺ انسان جي تخليق ٿي. اها مخلوق، جنهن کي احسن تقويم هجڻ جي ناتي گناهه جو اختيار به ڏنو ويو آهي سا مجاز آهي ته پنهنجي مرضيءَ سان اهو دڳ اپنائي جيڪو مشيت الاهي جي مطابق آهي ته انهيءَ سان اها ڪائنات ۾ سڀ کان وڌيڪ مانائتي ۽ شانائتي ٿي پوي. پر جيڪڏهن شعور ۽ علم جي باوجود اها غلط دڳ کي ترجيح ڏئي ته اها سمورين مخلوقن جي ڀيٽ ۾ ادنيٰ بڻجي اسفل سافلين بڻجيو وڃي. ڪنهن شاعر جي هڪ مشهور شعر جو مطلب آهي ته آدم زادو، فرشتي ۽ حيوانيت جو هڪ عجيب معجون مرڪب آهي، منجهس ٻئي عنصر ڏسجن ٿا. ملڪوتي کي ترقي ڏجي ته فرشتن کان به بالاتر ٿيو وڃي ۽ حيوانيت کي ترجيح ڏيو ته کاالانعام بل هم اضل بڻجي سمورن حيوانن جي ڀيٽ ۾ ذليل ۽ گمراهه ٿيو وڃي!
انسان کي ملڪوتيت ۽ حيوانيت کان سواءِ هڪ ٽيون عنصر به عطا ڪيو ويو ، اهو آهي اختيار ! انسان جي عظمت ۽ ذلت جو معيار ان اختيار جي صحيح يا غلط استعمال تي آهي. آدم جي قصي ۾ ان حقيقت جو انڪشاف آهي ته هن اختيار جي جوهر جو منڍ ۾ ئي غلط استعمال ڪيو ۽ ان سان اهو ثبوت ڏنائين ته هو ٻين سمورين مخلوقن کان جيڪي مجبور ۽ مطيع آهن، ڪا ٻئي قسم جي مخلوق آهي. آزاديءَ جي اهڙي عملي ثبوت مهيا ٿيڻ سان انسانيت جي شروعات ٿئي ٿي، ڀلي نا تجربيڪار انسان، پهرين وک ۾ ئي لڏي لمي ڇو نه وڃي!
خدا، ڏٺو ته مخلوقات جي جبري اطاعت ۾ اهو لطف ناهي جيڪو ان بندي جي اطاعت ۾ آهي جنهن کي نافرمانيءَ جو اختيار هيو پر ان جي باوجود هن پنهنجي مرضيءَ سان اطاعت ڪئي. صراط مستقيم کي نجات جي راهه سمجهيائين ۽ پنهنجي مرضيءَ کي خدا جي مرضيءَ سان هم آهنگ ڪري ڇڏيائين ۽ ان اتحاد جي ڪري کيس الوهيت جو اهو قرب حاصل ٿيو جيڪو جليل القدر ملائڪن کي به نصيب نه هيو. خدا چيو ته هاڻي اسين ڪائنات کي محض غلامن جي وسندي ڏسڻ نه ٿا چاهيون. خدا، خود آزاد آهي، هن چاهيو ته هاڻي هو پنهنجي هڪ هم آهنگ مخلوق پيدا ڪري جيڪا اختيار ۽ آزاديءَ سان پنهنجي خوديءَ کي خدا جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ پنهنجو پاڻ کي ”من تو شدم تومن شدي“ جي معراج تي پهچائي ڇڏي. آدم جي قصي ۾ لاهين چاڙهين جي داستان جي اندر اسلام جي سموري تعليم جو جوهر موجود آهي. پنهنجي مرضيءَ سان ٺوڪر کائي پاڻ سنڀاليندڙ انسان، آهستي آهستي نيابتِ الاهي ۽ ارضي خلافت جي رتبي تائين پهچي سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اسلام ، سڀ کان وڌيڪ ضمير جي آزادي، فڪر جي آزادي ۽ عمل جي آزاديءَ کي مذهب ۽ تهذيب جو بنياد قرار ڏنو آهي. انسان صداقتن جا پيچرا ڳوليندڙ مخلوق آهي ۽ جيڪڏهن جستجوءَ ۾ آزادي نه هجي ۽ غلطي ڪرڻ جو امڪان نه هجي ته پوءِ انسان ۽ جمادات ۾ ڪهڙو فرق ٿيندو ؟ دين، سڀ کان پهريان نيڪيءَ جو نالو آهي، پر جيڪا نيڪي جبر سان پيدا ڪئي وڃي اها اخلاقي طور تي نيڪي نه ليکبي. اهڙي جبري نيڪيءَ لاءِ ڀلا ڪير ڪنهن کي واکاڻ جوڳو ۽ اجر جو مستحق سمجهندو ؟ ڀلا اهڙي شخص جي دين جي ڪهڙي اهميت، جنهن کي تلوار جي زور تي يا تحقير ۽ تشهير جي خوف تحت ڪنهن عقيدي جي اقرار تي مجبور ڪيو ويو هجي ؟! ان جبر سان ان جي انسانيت جو جوهر ئي ميسارجي ويندو، جيتوڻيڪ دين جو ڪم ان جوهرکي اجاگر ڪرڻ آهي. هڪ مغربي مستشرق لکيو آهي ته قرآن جي تعليم ۾ سڀ کان وڌيڪ شاندار شيءِ لَا اِکرْاہُ فِی الدِیَنْ جو اعلان آهي ته دين جي معاملي ۾ ڪنهن به قسم جو جبر روا ڪونهي. پاڻ سڳورن ۽ صحابه ڪرام جي مثالي جدوجهد ۾ هڪ به اهڙو مثال نه ٿو ملي جنهن ۾ پاڻ ڪنهن کي زوريءَ اسلام قبول ڪرڻ تي مجبور ڪيو هجائون. ڪافرن سان جنگيون ان ڪري نه جوٽيون ويون جو کين مغلوب ڪري زوريءَ مسلمان ڪجي، بلڪه ساڻن جنگ جوٽڻ جو ڪارڻ اهو هيو ته هنن مسلمانن کي ضمير جي آزاديءَ جي انساني ۽ بنيادي حق کان محروم ڪرڻ ٿي چاهيو. انهن ، محض دين جي ڪري مٿن زندگيءَ جا دروازا بند ڪري ڇڏيا هيا. قرآن جي روءِ سان جهاد ۽ قتال صرف ان گروهه جي خلاف جائز بلڪه فرض آهي جيڪي انسانيت کي ضمير جي آزاديءَ کان محروم ڪري انهن کي زور ۽ جبر سان پنهنجن عقيدن جي مطابق زندگي گهارڻ تي ضد ٻڌيون ڏنيون بيٺا هجن. قرآن حڪيم ان بابت نهايت وضاحت سان چيو آهي ته ”جيڪڏهن خدا اهڙين ظالم ۽ جابر قومن جي خلاف، آزاديءَ جي علمبردارن کي قتال ۽ جهاد لاءِ کڙو نه ڪري ها ته مڙهيون ۽ مندر ، مسجدون ۽ ڪليسائون دنيا مان ميسارجي اڻ لڀ ٿي وڃن ها.“ ان آيت سڳوريءَ جي اندر جنهن وسعت سان سمورن مذهبن لاءِ آزاديءَ جو جيڪو اعلان آهي، ان تي غور ڪريو ته خدا هر اهڙي گروهه کي تباهه ڪرڻ لاءِ جوڌن جوانن کي اٿاريندو آهي جيڪي صرف اسلام جي حفاظت لاءِ پنهنجي جان ۽ مال جي بازي ناهن لڳائيندا، بلڪه سمورن مذهبن ۾ انساني ضمير جي آزاديءَ کي ڪچليندڙ قوتون جتي به اڀرن انهن کي هيسائڻ ، مغلوب ڪرڻ هو پنهنجو اولين فرض سمجهندا آهن. مٿئين آيت ۾ مسجدن جو ذڪر سمورن مذهبن جي عبادتگاهن جي حفاظت کان پوءِ ڪيو ويو آهي ته جيئن مسلمان اهو نه سمجهن ته فقط پنهنجي مذهب جي معاملي ۾ ئي ضمير جي آزادي لاءِ جهاد فرض آهي ۽ بس!
اهڙي تعليم جو عملي نتيجو اهو ٿيو جو جڏهن اسلامي گروهه ۽ مملڪت محفوظ ٿي وئي ته هر ملت کي ضمير جي آزادي ءَ جو چارٽر عطاڪيو ويو. عيسائين کي عطا ڪيل اهو چارٽ اڃا سوڌو پنهنجن لفظن سميت حضرت عمر فاروق ؐ جي فرمانن ۾ محفوظ آهي. ان جو عملي طريقو پاڻ سڳورنﷺ جي مثال کان شروع ٿيو ته مديني ۾ پنهنجي آمد مبارڪ سان ئي اتان جي يهودين کي اهو چارٽر عطا ڪيو ويو ته ”جيڪڏهن توهين امن قائم ڪرڻ ۾ اسان سان سهڪار ڪندؤ ته اوهان کي پنهنجي مذهب ۽ زندگيءَ جي طريقي بابت سمورا اهي حق حاصل هوندا جيڪي مؤمنن جي جماعت کي حاصل آهن.“ ان کان پوءِ جڏهن مديني جي يهودين ، اسلام ۽ مسلمانن جي پيرن ڪڍڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪري ڏني ۽ اسلام جي ويرين سان ڳٺ جوڙ شروع ڪيائون ته انهن جي خلاف جنگ جوٽي کين تابعدار بنائڻو پيو، پر ڪنهن يهوديءَ کي زوريءَ مسلمان نه بڻايو ويو.
5) قرآن ڪريم ۾ فطرت جي مشاهدي ۽ تفڪر ۽ تدبر جي تلقين ايتري قدر تاڪيد سان ملي ٿي ته ان جو مثال ٻين مذهبي صحيفن ۾ اڻلڀ آهي. زندگي ۽ ڪائنات لامحدود آهن ۽ انهن جي مظهرن کانسواءِ انهن قانونن جو به ڪو شمار ڪونهي جيڪي قرآن جي اصطلاح ۾ خدائي ڪلمات سڏجن ٿا.
سڀ سمنڊ ۽ انهن کان به وڌيڪ جيڪڏهن لکڻ لاءِ مس بڻجي وڃن ته اهي سڀ خشڪ ٿي وڃن، پوءِ به ان جي ڪلمات جو بيان ختم نه ٿيندو. عبادت جو صحيح مفهوم اهو آهي ته ”انسان جي سموري ڄمار ۽ ان جو هر لمحو انفس وآفاق جي آئين ۽ قانونن جي جستجوءَ ۾ صرف ٿيڻ گهرجي ، جيڪڏهن فڪر جي آزادي نه هجي ته عبادت ڪيئن ٿي ادا ٿي سگهي ؟ تفڪر جي ماهيت ۾ ئي آزاديءَ سان سوچڻ شامل آهي، فڪر جي آزاديءَ کان اسلام ان ڪري نه ٿو گهٻرائي ڇاڪاڻ ته کيس يقين ڪامل حاصل آهي ته فڪر جي آزادي هزار دفعا ڀٽڪڻ جي باوجود به انسان کي زندگيءَ جي صداقتن کان آشنا ڪندي آهي...“
6) مسلمانن جي سلطنت ۾ شروع کان ئي غير مسلم گهڻي يا ٿوري تعداد ۾ آباد رهيا آهن. ڪڏهن ڪنهن مسلم حڪمران سندن ذهني آزاديءَ جي لتاڙ نه ڪئي. اهو اسلام جي تعليم ۽ مسلمانن جي رويي جو هڪ روشن پهلو آهي، جنهن انساني تهذيب ۾ هڪ سگهاري عنصر کي داخل ڪيو، پر ان ڳالهه جو ذڪر افسوس سان ڪرڻو ٿو پوي ته خلافت جي بادشاهت ۾ تبديلي بعد ڪجهه بادشاهن جي غلط رٿابندي ۽ وقت گذرڻ سان اسلام ۾ پيدا ٿيڻ وارن فرقن اسلام جي ان سبق کي وساري ڇڏيو. غير مسلمن سان ته ڪو جهڳڙو ڪو نه ڪيائون ته هو پنهنجن سوچن ۽ عقيدن ۾ هر طرح آزاد رهن پر مسلمانن پاڻ ۾ رواداريءَ کي ختم ڪري ڇڏيو. آمر حڪمرانن معاشي حقن لاءِ اٿندڙ آوازن کي حرفت سان دٻايو ۽ سياست جي معاملي ۾ عام مسلمانن کي بي دخل ڪري ڇڏيو ۽ مذهبي فرقن مان ڪنهن هڪ کي اختيار ڪري ٻين لاءِ سوچ، فڪر ۽ اظهار جي آزاديءَ کي ممنوع قرار ڏئي ڇڏيو. ننڍن ننڍن فروعي ۽ فقهي اختلافن تي هڪ ٻئي کي مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا. ڪٿي شيعي سني جي جهيڙي ۾، ڪٿي جبر ۽ اختيار جي بحثن ۾، ڪٿي خدائي ذات ۽ صفات يا خلق قرآن جي عقيدي بابت اختلاف راءِ رکڻ وارن خلاف ويڙهه ۾ مصروف رهيا. ٿوري ٿوري ڳالهه تي دنيا کي ڪفر جون فتوائون جاري ٿيڻ لڳيون. نتيجو اهو نڪتو جو مسلمان جن جو فرض ضمير جي آزاديءَ جو پيغام پهچائڻ هو سي دنيا جا سڀ کان وڌيڪ معتصب شمار ٿيڻ لڳا. امت جي زوال جا ٻيا به ڪيترائي سبب آهن پر سڀ کان وڏو سبب فڪر جي آزاديءَ جي اڻاٺ آهي.
انساني دنيا ۾ ترقي تحقيق سان ٿيندي آهي ۽ جمود مان تقليد پيدا ٿيندي آهي، جنهن زماني ۾ مسلمان تهذيب ۽ تمدن ۾ پنهنجي همعصر دنيا کان گهڻو اڳتي هئا ان زماني ۾ تحقيق تلقيد تي حاوي هئي. ان دور ۾ باقي دنيا جي پوئتي پوڻ جو سبب اهو هو ته ڪٿي مذهب ۽ علم ۽ فن بابت فڪر جي آزادي نه هئي. مغرب ۾ ڪليسا جي آمريت مغربي زندگيءَ جي هڪ هزار سالن کي اونداهو دور بڻائي ڇڏيو هو. ڪليسا جي تجديد جي تحريڪ بعد مذهبي جنگين مغربي تهذيب کي کوکلو بڻائي ڇڏيو. ارڙهين صديءَ ۾ ان تعصب جي آندل تباهيءَ خلاف زور شور سان ردعمل شروع ٿيو. جيئن ته اتي سڄي تباهي مذهب جي نالي تي آئي هئي، تنهن ڪري مصلح ان نتيجي تي پهتا ته سياست کي مذهب کان جدا ڪيو وڃي. ”نه رهي بانس ۽ نه رهي بانسري.“
اسلام پنهنجي جوهر ۾ جڏهن فڪر جي آزادي، تخليق جي ترغيب ۽ اجتهاد جي اجازت ڏئي ٿو ته ان صورت ۾ اهو زندگيءَ جي ڪنهن به شعبي کي مذهب کان جدا ڪرڻ جو قائل ڪونهي، پر جيڪڏهن تنگ نظري، عدم رواداري ۽ تقليد تحت لڪير جو فقير بڻجڻ جو نالو اسلام ٿي وڃي ته خطرو آهي ته اصلاح پسند ۽ امن پسند ماڻهو اسلامي ملڪن ۾ به دين کي سياست کان جدا ڪرڻ لاءِ سوچڻ لڳن.
ظلم، سياست ۾ پيدا ٿئي يا دين ۾ ، اهو فڪر جي آزاديءَ کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي، ۽ عالمي تاريخ ۾ جابجا ائين ٿيو آهي ته سياسي ظلمن، مذهبي ظلمن سان گڏجي عوام کي غلام بڻايو آهي، جڏهن به ڪنهن قوم ۾، خود داري ۽ آزادي جو جذبو بيدار ٿيندو آهي ته ان ٻٽي مفاهمت جي خلاف جهاد ڪرڻ ضروري ٿي پوندو آهي.
عارف روميءَ ڪيڏي نه زبردست ڳالهه ڪئي آهي ته:
خلق را از انبيا آزادي ست
يعني، نبي سڳورا دنيا ۾ ان لاءِ معبوث ٿينداآهن ته اهي انسانن کي تقليد ۽ غلاميءَ جي زنجيرن مان نجات ڏيارين ۽ آزاد فضا ڏانهن وٺي اچن جتي ڀٽائيءَ چواڻي:
نه ڪا جهل نه پل سڀ ڪا پسي پرين کي !
پر افسوس جو هر مذهب پنهنجي زوال جي دؤر ۾ متعصب ٿي پوندو آهي ۽ دين جو بڻ بنياد سڙي خاڪ ٿي ويندو آهي.
رواداري ۽ فڪر جي آزادي، زندگيءَ جي سمورن قدرن ۽ ترقين جي ضمانت آهن، جتي آزادي ناهي هوندي، اتي نه ڪوئي اخلاق باقي رهندو آهي ۽ نه ڪي وري دين ۽ نفس جي اصلاح جي صلاحيت باقي رهندي آهي، علوم ۽ فنون جي ترقي رڪجي ويندي آهي. تقليد ۽ جمود ، زندگيءَ جي سمورن شعبن تي ڇائنجي ويندو آهي، تحقيق جا رستا بند ٿي ويندا آهن، ڪنهن به ملڪ يا قوم کي زنده ڪرڻ تيستائين ممڪن ئي ناهي جيستائين فڪر جي آزادي، رواداري ۽ تحقيق ملڪ ۽ قوم جو مجموعي وڙ نه بڻجي ، حقيقي اسلام اهو ئي هيو ۽ جنهن غير مسلم قوم جيڪا به ترقي ڪئي آهي اها دراصل اهڙي اسلامي رواداري ۽ آزاديءَ جي ئي طفيل آهي !