مذهب

اسلامي روشن فڪري

هن ڪتاب ۾ اسلام جا بنيادي تصور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اسلام، دنيا جي وڏن مذهبن ۾ هڪ قديم ترين ۽ ساڳئي وقت اهڙو جديد ترين مذهب آهي جنهن کي سڄي دنيا جي ماڻهن منجهان وڏو حصو مڃي به ٿو ۽ ان تي ڪنهن نه ڪنهن لحاظ سان عمل پيرا به آهي.
ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ جا جنهن ڪتاب موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book اسلامي روشن فڪري

ايمان ڇا آهي؟

انسان جون قسمين قسمين منطقي، غير منطقي ۽ نفسياتي وصفون بيان ڪيون ويون آهن. هڪ عام وصف جيڪا منطق جي ڪتابن ۾ ملي ٿي سا اها آهي ته: ”انسان حيوان ناطق آهي.“ منطق ۾ ڳالهائڻ به شامل آهي ۽ عقل به. عام طور تي ان جي معنيٰ: ”عقل وارو حيوان“ ڪئي ويندي آهي پر انسان جا عقلي ۽ غير عقلي عنصر ۽ محرڪات ايترا ته گهڻا ۽ شديد آهن جو هاڻي جديد نفسيات ان کي عقل وارو حيوان چوڻ کان لنوائي ٿي ۽ اها تعليم ڏئي رهي آهي ته ”انسان اهو حيوان آهي جيڪو پنهنجين جبلي خواهشن ۽ غير شعوري لاڙن کي عقل ۽ استدلال جو ويس ڍڪائي پنهنجي ڪمن ڪارين کي عقل وارو ثابت ڪندو آهي.“ ظاهر آهي ته اها حرڪت ڪو ٻيو حيوان ناهي ڪندو، تنهن ڪري اها انسان جي نرالي خاصيت آهي. انسان جون ٻيون به کوڙ خاصيتون بيان ڪيون ويون آهن، جيڪي ٻين حيوانن ۾ ناهن. مثال طور: ”انسان کلندڙ جانور آهي.“ ان سان گڏ اهو به چئي سگهجي ٿو ته: ”انسان روئندڙ جانور آهي.“ ڇاڪاڻ ته ٻيو ڪو به جانور نه ڪي کلندو آهي نه ڪي روئندو آهي. انسان جي هڪ وصف اها به ڪئي وئي آهي ته: هو ”اڳتي ۽ پٺتي ڏسندڙ جانور آهي.“ حافظو، انسان جي ماضيءَ کي عالَمِ شعور ۾ حال بڻائي ڇڏيندو آهي ۽ ان جي اڪثر افعال ۽ افڪار جو رخ، مستقبل قريب يا بعيد جي طرف هوندو آهي. زندگي، پنهنجي ادنيٰ مظهرن ۾ به- ايستائين جو نباتي ۽ حشراتي دور ۾ به مقصد سان ڀرپور رهي آهي پر انسانيت جي سطح کان هيٺ اهو مقصد غير شعوري هوندو آهي. جيئن وڻ جون ٽاريون سج جي روشنيءَ ۽ تپش ماڻي يا اڀيون ٿينديون آهن يا پنهنجو رخ بدلائي ڇڏينديون آهن. جانورن جي حيرت انگيز زندگي به گهڻي ڀاڱي جبلي ۽ غير شعوري هوندي آهي، پر مستقبل جو ڪو نقشو سامهون رکي ڪري، ان ڏانهن ڪوشش جون واڳون موڙڻ به انسان جي ئي خاصيت آهي.
انسان جي هڪ ٻي به وصف ٿي سگهي ٿي ته: ”انسان پوڄا ڪندڙ جانور آهي.“ ڪنهن ٻئي حيوان ۾ اها جبلت نظر نه ٿي اچي. وحشت جي گهٽ کان گهٽ دورن کان وٺي تهذيب ۽ تمدن جي حيرت انگيز بلندين تائين اسين انسان کي ڪنهن نه ڪنهن شيءِ جي پوڄا ڪندي ئي ڏسندا آهيون. هو ڪڏهن موجود جي پوڄا ڪندو آهي ۽ ڪڏهن موهوم يا اڻ ڏٺل کي تصور ۾ سوچي ڪري پوڄيندو آهي. انسان پنهنجي سموري زندگي اميد ۽ نااميديءَ جو شڪار رهندو آهي. ڪڏهن هو طبيعي فطرت جي مظهرن کان خوفزده ٿي انهن جي شر کان بچڻ جي ڪوشش ۾ پوڄا ڪندو آهي ۽ ڪڏهن خواهشون ۽ اميدون، سندس لاءِ معبود گهڙينديون آهن. ان سان ملندڙ جلندڙ انسان جي هڪ وصف اها به ٿي سگهي ٿي ته: ”انسان صاحبِ ايمان هستي آهي.“ اها وصف به، اسان جي سمجهه موجب انسان جي بنيادي فطرت جي صحيح عڪاسي ڪندڙ آهي. اهو خيال، ڪجهه وضاحت طلب آهي.
ايمان جو صحيح ۽ سادو مفهوم اهو آهي ته ڪنهن اهڙي حقيقت کي سچ مڃڻ جيڪو نه صرف ڪنهن فرد جي انفرادي تجربي کان بالاتر ۽ ان جي محسوسات کان ماوراءَ هجي، بلڪه اجتماعي طور تي اهو ڪنهن جو محسوساتي تجربو نه هجي. مختصر طور تي هيئن چئجي ته ايمان جي مفهوم ۾ اها ڳالهه لازمي طور تي شامل آهي ته ايمان ڪهڙي به قسم جو هجي، اهو ايمان بالغيب هوندو آهي. انسان صرف اڳتي پٺتي ڏسڻ وارو حيوان ناهي، بلڪه تجربي کان ماوراء حقيقتن کي تسليم ڪرڻ وارو حيوان آهي. قسمين قسمين معبود به هو، اهڙي ئي ايماني جذبي جي ڪري گهڙيندو آهي ۽ انيڪ قسم جا مقصد ۽ نصب العين به هو اهڙي قسم جي لاڙن جي بدولت ئي ٺاهيندو آهي. انسان جي فطرت آهي ته هو محض ظاهر مان ڪڏهن به مطمئن ناهي ٿيندو ۽ ڪنهن اهڙي صورت جو سَڌائتو رهندو آهي جيڪا اڃا غيب جي پردي ۽ عدم جي پيٽ ۾ هوندي آهي. ايستائين جو اها سڌ، جيڪا کيس ڪڏهن به سهارو نه ڏئي سگهي ۽ توڻي جو ان جي ٺوس هجڻ جو يقين به ساڻس وابسته نه هجي. انسان اهڙين سڌن جي عملي صورت وٺڻ تي به ايمان آڻيندو آهي، جن جي پوري ٿيڻ لاءِ ڪي به اسباب موجوده حالتن ۾ نه ٿا ڏسجن، پر انساني ارتقا جي سموري تاريخ ان جي شاهد آهي ته اسباب، ايمان تي مقدم نه هيا، پر ايمان جي استقلال ۽ ان جي مضبوطيءَ اسباب مهيا ڪيا. ان لحاظ کان اهو چئي سگهجي ٿو ته ايمان هڪ تخليقي قوت آهي.
اسان انسان کي ئي صاحب ايمان هستي چيو آهي، پر جيڪڏهن گهري نظر سان ڏسجي ته اها حقيقت چٽي ٿي وڃي ٿي ته حيواني زندگيءَ ۾ به ادنيٰ کان اعليٰ ڏانهن ارتقا، ايمان جي ئي بدولت ٿي آهي. زندگي ڪڏهن به مادي اسباب ۽ اوزارن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل ناهي رهي ۽ نه ڪي وري ميڪانڪي علت ۽ معلول جي زندان ۾ قيد رهي آهي. حياتيات ۾ جن ڏاهن، ارتقا جو نظريو پيش ڪيو آهي، انهن منجهان ڪي ان ڳالهه جاقائل آهن ته جيت جڻن ۽ پکين پرندن ۾ به زندگيءَ جي ارتقا جيڪي انقلابي قدم کنيا آهن، انهن جو ڪارڻ ڪن خارجي سببن جو جمع ٿيڻ يا ماحول جي فياضي نه هئي، بلڪه ان ڳالهه تي غيرشعوري ايمان هيو ته بلند تر زندگي ممڪن الوجود آهي. اسلامي تاريخ ۾ زندگيءَ جي ارتقا جي مبلغن منجهانُ رومي، نهايت قداور هستي آهي، جنهن واضح نموني نظريو پيش ڪيو ته زندگي ڪنهن به مرحلي ۾ قالب جي پيداوار ناهي هوندي. بلڪه روحِ حيات، خود قالب جو سرجڻهار آهي:
قالب از ماہست شد نے ما ازو
(قالب اسان منجهان جڙيو آهي، نه ڪي اسين قالب منجهان!)
بلند ۽ بهتر زندگيءَ تي ايمان، انسان ۾ تخليقي قوت پيدا ڪندو آهي ۽ انسان جي لڪل حسرتن کي ظاهري سطح تي کڻي ايندو آهي. مادي کان انسان تائين جيڪا قوت، زندگيءَ کي اڀاريندي آئي آهي، ان کي، رومي، عشق، چوي ٿو! اهوئي عشق زندگيءَ جو وجدان به آهي ۽ زندگيءَ جو ايمان به! مادي کي، نباتي زندگيءَ جو ڪو به تجربو ڪو نه هيو پر ان جو ارتقائي جذبو، ايمان پيدا ڪندڙ هيو ته: بلندتر هستيءَ سان رابطو جوڙي، مان اهو ڪجهه ٿي سگهان ٿو جيڪو اڃا منهنجي وهم گمان ۾ به ڪونهي پر ايئن ٿيڻ يقيني آهي. رومي، حياتيءَ جي ارتقا تي پير پير چڙهندڙ زندگيءَ کي ڏسندي اهو ايمان ٿو رکي ته:
آنچہ اندر وہم نامد آں شوم
”اهو جيڪو اڃا وهم جي اندر هيو، آئون اهو ٿي چڪو آهيان.“
جنهن به هستيءَ موجود حيات کي پنهنجي منزل سمجهي ورتو ۽ آئنده جي ناقابلِ بيان ممڪنات کي موجود بنائڻ تي يقين نه ڪيو، ايمان جي ڪمزوريءَ سبب ان جي ترقي رڪجي وئي. عارف روميءَ ڪيترن ئي هنڌن تي اهو يقين باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته: ”موجوده انسان به هڪ عارضي مخلوق آهي يا حيوانيت ۽ فوق الانسان ڏانهن وڌڻ لاءِ هڪ پلِ آهي.“ جڏهن کيس چيو ويو ته: ”اسان کي ته اهو فوق الانسان نه ڪٿي نظر ٿو اچي ۽ نه ڪي ان جو تصور ئي اسان جي ذهنن ۾ اچي سگهي ٿو؟! ته ان جو جواب روميءَ اهو ڏنو ته: ”موجوده انساني زندگيءَ ۾ حياتيءَ جي جيڪا صورت اڃا حتمي ناهي، مون کي ان جي آرزو آهي ۽ آئون ان جي حتمي ٿيڻ تي ايمان پڻ رکان ٿو!“
روميءَ ڪيترن ئي هنڌن تي اها تشريح ڪئي آهي ته زندگيءَ جي وسيع ۽ بلندتر سطح جو ڪو به واضح تصور ان بلند ترين سطح تائين پهچڻ کانسواءِ ممڪن ناهي. ان جو هڪ مثال روميءَ اهو ڏنو آهي ته ”گرڀ جي اندر جيڪڏهن ٻارڙو محض پنهنجي موجوده زندگيءَ جي تجربي مان استدلال ڪري ته ان لاءِ ان حقيقت جو قائل ٿيڻ محال ٿيندو ته ماءُ جي پيٽ کان ٻاهر هڪ عظيم الشان جهان ۽ لامحدود، رنگ برنگي ۽ گونان گون دنيا آهي، جنهن جي ڀيٽ ۾، آئون موجوده حالت ۾ هڪ سوڙهي ۽ اونداهي قيدخاني ۾ قيد آهيان. نو مهينا ان قيدخاني ۾ گذارڻ کانپوءِ هو ڪنهن تجربي ۽ استدلال جي بدولت ٻاهر ناهي ايندو، بلڪه زندگيءَ جي وسعتن جو هڪ لڪل ايمان، کيس وسيع تر جهان ۾ آڻيندو آهي، پر جتي پهچي ڪري تجربو ان غيرشعوري ايمان جي تصديق ڪندو آهي. ان مان، رومي اهو استدلال ٿو ڪري ته هي زمان ۽ مڪان جو عالَم هي عالَم رنگ و بو، هي مٽي ۽ پاڻيءَ جو جهان پنهنجين وسعتن ۽ رنگينين ۽ دلرباين جي باوجود هڪ گرڀ/رِحم آهي، جنهن جي اندر انساني جانيون پلجن پيون، پر اهو ٽِڪي پوڻ جو ماڳ ناهي. هڪ راهه آهي، منزل ناهي! رڳو استدلال سان ان کان بالاتر عالم جو نه ڪي ثبوت ملي سگهي ٿو ۽ نه ڪي ڪو تصور حاصل ٿي سگهي ٿو، پر انساني روح جي اندر اهو ايمان لڪل آهي ته اڻ کٽ زندگيءَ کي نه زمان ۽ مڪان قيد ڪري سگهي ٿو ۽ نه ڪي مظاهر جي علت ۽ معلول جون زنجيرون! زمان ۽ مڪان جي ماهيت تي غور ڪندڙ نفس، خود ان زندان ۾ قيد رهي نه ٿو سگهي. قرآن حڪيم ان حقيقت ڏانهن، هن آيت ۾ اشارو ڪيو آهي:
یٰمَعۡشَرَ الۡجِنِّ وَ الۡاِنۡسِ اِنِ اسۡتَطَعۡتُمۡ اَنۡ تَنۡفُذُوۡا مِنۡ اَقۡطَارِ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضِ فَانۡفُذُوۡا ؕ لَا تَنۡفُذُوۡنَ اِلَّا بِسُلۡطٰنٍ ۔ (الرحمٰن: ٣٣)
(اي جنن ۽ انسانن جا گروهو! جيڪڏهن توهان ۾ سگهه آهي ته توهين آسمانن ۽ زمين جي حدن مان ٻاهر نڪري سگهو ته ڀلي ايئن ڪري ڏسو! توهين ڪنهن سلطان کانسواءِ ٻاهر نه نڪري سگهندؤ!)
اها قوت ۽ ان قيد کي ٽوڙيندڙ سلطان اهي ئي شيون آهن جن کي ايمان چئبو آهي. ان ئي ايماني سلطان جي بدولت جمادي قيد مان نڪري، نباتي زندگي ۾ داخل ٿبو آهي. جتي مٽي گل ۾ تبديل ٿي ويندي آهي. مٽي محض پنهنجي جمادي قوت سان ڪڏهن به گل نه بڻجي سگهي ها جيڪڏهن مٽي، محض مادي اسباب مهيا ڪرڻ ۾ لڳي رهي ها ۽ ان جي اندر ممڪن کي موجود ڪرڻ جو ايمان ۽ رجحان نه هجي ها ته ابدالآباد تائين، جماد جماد ئي رهي ها. ان جمود مان ڪڍڻ واري قوت، مٽيءَ جو ايمان آهي جنهن فقط موجوده اسباب تي قناعت نه ڪئي، بلڪه بلندتر زندگيءَ لاءِ اسباب، اوزار ۽ حالات پيدا ڪيا. زندگيءَ جي اهڙي نظريي جا اهي ڏاها به قائل آهن جن هلندڙ دور ۾ اوڻويهين صديءَ جي گمراهه ڪندڙ ماديت ۽ ميڪانيت کي رد ڪري، انساني روح لاءِ آزاديءَ جون راهون کولي ڇڏيون. اتفاقي طور تي عضون جي جوڙجڪ جي تبديلين سان، ٽانڊاڻي پنهنجو ڏيئو ڪو نه ٻاريو، بلڪه رات جي اونداهيءَ ۾ رستي جي تلاش جي تمنا جي شدت اها برقي بيٽري هڪ ذرڙي جي اندر پيدا ڪري ڇڏي! سمنڊ جي گهرين اونداهين ۾ به ڪيتريون ئي مڇيون خود پنهنجي نور جي روشنيءَ ۾ پنهنجي زندگيءَ جو ڪار وهنوار هلائينديون آهن. اقبال، انسان کي خودداريءَ جي تعليم ڏيندي فرمائي ٿو ته:
تا کجا طور پہ دریوزہ گری مثل کلیم،
اپنی مٹی سے عیاں شعلۂ سینائی کر۔
اِهو، اُهو ڪم آهي، جيڪو باغ جو ٽانڊاڻو ۽ سمنڊ جون مڇيون، انسان کان کوڙ عرصو اڳ ڪري چڪيون آهن، جيڪي هن اشرف المخلوقات لاءِ سبق آموز آهن. ان خيال کي ته زندگي، حالتن ۽ وسيلن جي محتاج ڪانهي بلڪه زندگي خود انهن کي تخليق ڪندي آهي، ڏاهي اقبال ڪيڏي نه عمدگيءَ سان ان حقيقت کي هن شعر ۾ بيان ڪيو آهي:
کبک پا از شوخیٔ رفتار یافت،
بلبل از ذوقِ نوا منقار یافت۔
(بلبل جي چنهنب ۽ ان جي ڳلي جي ساز، گيت تخليق نه ڪيا، بلڪه سرور جي شديد ذوق اهو ساز مهيا ڪيو آهي، چڪور جي رقص جي شوق، کيس موزون پير عطا ڪيا آهن، ايئن ڪونهي ته ڪو پيرن جي خاص بناوٽ جي ڪري هو رقص ڪندو آهي.)
هن بيان جو تت اهو آهي ته ايمان جي قوت ئي زندگيءَ جي تخليقي قوت آهي. جمادات کان وٺي انسان تائين، زندگيءَ جو هڪ ئي قانون آهي. توڙي جو ان قانون جي اطلاق ۾ الڳ الڳ نمونا ۽ لاڳيتو وڌندڙ وسعتون ۽ بلنديون به ڏسجن ٿيون.
ايمان جي ماهيت ۾ ئي اها ڳالهه داخل آهي ته اهو ان حقيقت جو يقين آهي، جيڪو عالَمِ شهادت جي ڀيٽ ۾، اڃا سوڌو عالم غيب ۾ آهي. ايمان جو ضد، ”ڪفر“ آهي، ڪفر جو مفهوم عالَمِ غيب جو انڪار آهي. قرآن حڪيم ۾ آدم ۽ ابليس جو قصو، اصل ۾ ايمان ۽ ڪفر جي فرق جي وضاحت آهي. خدا، آدم کي مٽيءَ مان جوڙيو. شروع کان هينئر تائين جيترا به انسان آهن، انهن مڙني جي تخليق جو بنيادي جوهر مٽي ئي آهي. گوشت، ماس، هڏيون، رت ۽ چمڙي، سڀ مٽيءَ جي ئي عناصر جون مختلف صورتون آهن. سموري غذا مٽيءَ مان پيدا ٿيندي آهي. مٽي، ٻوٽا بڻبي آهي ۽ ٻوٽن کي حيوانات بدن جي جزن ۾ تبديل ڪندا آهن. انسان جڏهن سبزي کائيندو آهي يا گوشت کائيندو آهي ته ايئن سمجهڻ گهرجي ته هي مٽيءَ جو پتلو، مٽي ئي کائي رهيو آهي. ان مٽيءَ جي بت جي اندر فطرت جي خلقڻهار، پنهنجو روح ڦوڪيو آهي:
وَ نَفَخۡتُ فِیۡہِ مِنۡ رُّوۡحِیۡ۔ (الحجر 29)
خدائي روح جي ڪري ئي اڻ کُٽ زندگيءَ جا ممڪنات ۽ لامحدود قوتون ان جي اندر سمائجي چڪيون، جهڙيءَ ريت هڪ ڦلدائڪ وڻ ٻج جي هڪڙي داڻي ۾ سمايل هوندو آهي. ملائڪ، زندگيءَ جي مختلف مَلڪن (Energes) جو نالو آهي. مَلڪ ۽ ملائڪ جو لفظي مادو هڪ ئي آهي! روميءَ، پنهنجي ملفوظات: ”فیہ مافیہ“ ۾ ملائڪن کي ان عقلِ ڪل جون انيڪ صورتون قرار ڏنو آهي جن جي بدولت زندگيءَ ۽ ڪائنات جو نظام قائم آهي. ان جو مثال هن اهو ڏنو آهي ته: ”ميڻ مان ڪيترن ئي قسمن جا پکي جوڙي سگهجن ٿا، پر جيڪڏهن انهن سڀني کي ڳاري ڇڏجي ته رڳو ميڻ کانسواءِ ڪجهه حاصل ڪو نه ٿيندو، ڇو جو انهن جا بت محض مادو هيا جن جو جوهر ميڻ هئي. آدم جي قصي ۾ اهو بيان ڪيو ويو آهي ته: ملائڪن کي حڪم ٿيو ته توهين هن نئين مخلوق جي آڏو ڪنڌ جهڪايو. خدا جا فرمانبردار توهين ته آهيو ئي پر هاڻي الله جي حڪم سان هنن جي به اطاعت ڪريو جن ۾ الله جو روح ڦوڪيو ويو آهي. ان مخلوق جي تقدير اها آهي ته اها هن ڌرتيءَ تي، الله جي نيابت جي ذميوار آهي. الله جو نائب هجڻ، الله جي عبادت جي ابتڙ ناهي بلڪه الله جي حڪم سان لازم آهي. آدم کي صاحبِ اختيار هستي بنائڻ جو هڪ لازمي نتيجو اهو به ٿي سگهيو پئي ته هو ان اختيار جو غلط استعمال ڪري ۽ ان کي زندگيءَ جي تعمير جي بجاءِ تخريب ۾ ڪتب آڻي. ملائڪن يا فطرت جي قوتن کي انسان جو اهو پاسو ڏسڻ ۾ آيو ته هي فساد کڙو ڪندو ۽ رت جي راند کيڏندو ۽ ان حالت ۾ هو فرمانبردار نه رهندو. انسان جي فطرت جو اهو پاسو به حقيقت آهي- تنهن ڪري ملائڪن کي ان جي اندر جيڪو ڪجهه نظر آيو اهو به صحيح هيو پر غلطي انهن جي اندر اها هئي ته:
عیب او جملہ بگفتی ہنرش نیز بگو
(ان جون خاميون ته سموريون ٻڌايئي، ڀلا ان جي خوبين تي به ڪجهه ڳالهاءِ.)
آدم جي علم ۽ هنر جو پاسو مجبور فطرت جي نگاهن کان اوجهل هيو. آدم جي تخليق کي بليغ شعرن ۾ علامه اقبال ڏاڍي مؤثرانداز ۾ بيان ڪيو آهي:
فطرت آشفت کہ از خاک جہان مجبور
خود گرے، خود شکنے، خود نگرے پیدا شد
(فطرت ڏٺو ته دنيا جي مجبور مٽيءَ مان، هن پنهنجو پاڻُ جوڙيو پنهنجو پاڻ کي ڊاٺو ۽ پنهنجو پاڻ اڀري پيدا ٿي پيو.)
آدم جي ورود کان اڳ ڪائنات ۾ ڪا به اهڙي هستي ڪا نه هئي جنهن کي پنهنجو پاڻ جوڙڻ ۽ ڊاهڻ جو اختيار هجي. ٻين لفظن ۾ اها هستي هڪ حد تائين پنهنجي تقدير جي پاڻ جوڙڻهار هجي. ڪنهن مخلوق ۾ پنهنجي ذات جو شعور به ڪو نه هيو. ضرورت موافق ماحول جو شعور، جانورن ۾ هيو. ان کان اڳتي نه ڪي ذات جو شعور هيو نه ڪي الله جو! شعور جي ابتدا کانپوءِ، فطرت جي قوتن، آدم جي اطاعت ان ڪري قبولي جو، شين ۽ حوادث (واقعن) جي بدولت انسان جي ڪائنات کي تسخير ڪرڻ واري حقيقت مٿن کلي چڪي هئي. فطرت جي تسخير انسان جي زندگيءَ جي خاص ڪرت ۽ آدم جي مانائتي هجڻ جو معراج آهي.
فطرت جي قوتن ان جي عظمت تي ايمان آندو، پر ابليس انڪاري ٿي ويو. ان ڪفر جي ماهيت به قرآن جي آدم واري قصي مان پڌري آهي. ان قصي ۾ ابليس، ان ماديت جو نمائندو آهي جنهن کي مادي جي ترڪيبن جي اندر مادي عناصر کان وڌيڪ زندگيءَ جو ڪو مستقل جوهر نظر نه آيو. قرآن وارو ابليس، ظاهر پرست آهي. ان آدم کي فقط ان نظر سان ڏٺو ته هو محض مٽيءَ جو هڪ پتلو آهي. هن بي حقيقت مخلوق کي ملائڪن جي مسجود هجڻ جو حق ڪٿان مليو؟! اڄ به جيڪي ڏاها، طبيعي ماديت ۽ ڪوڙي ميڪانيت جي فلسفي جو شڪار آهن، اهي انسان کي زميني عناصر جو هڪ اتفاقي مجموعو ۽ مرڪب سمجهن ٿا. اهي منجهس حيواني زندگيءَ کان علاوه ڪنهن اهڙي روح جي آواز کي جسم جي ساز جو آواز سمجهن ٿا، جيڪو ساز ٽٽڻ سان خاموش ٿي ويندو. يا وري انسان کي بدن جي ڏيئي جي تيل جي عارضي روشني سمجهن ٿا، جيڪا ڏيئي جي ٽٽڻ يا تيل جي ختم ٿي وڃڻ سان هميشه لاءِ اجهامي ويندي. جهڙوڪر، انسان- باندرن جي هڪ ترقي يافته شڪل آهي جنهن باندرن کان وڌيڪ ذهين ٿي ڪري، وڌندڙ ضرورتن لاءِ آلات (اوزار) جوڙي ورتا آهن. مادي پرستن کي انسان جي اندر، ابدي حياتيءَ جو ڪو به قرار نظر نه ٿو اچي. اڪبر الهه آباديءَ ڪيڏي نه حڪمت ڀري ڳالهه ڪئي آهي ته:
کہا منصور نے: خدا ہوں میں!
ڈارون بولے بوز نہ ہوں میں،
سن کے کہنے لگے مرے اک دوست،
فکر ہر کس بقدر ہمت اوست۔
قرآن، مظاهر پرستي ۽ ماده پرستيءَ کي ئي ابليس جو انداز ڪري پيش ڪيو آهي، جنهن کي آدم جي اعزاز جا اسباب نظر نه ٿا اچي سگهن. ان جو استدلال، ماده پرستيءَ جي اندر محصور آهي: ڇاڪاڻ ته آدم بس مٽيءَ جو پتلو آهي. آدم جو ظاهري ڏيک برابر ته خاڪي هيو. ان جي اڻ کٽ ممڪنات تي يقين، ايمان جو گهرجائو هيو، جيڪو ابليس ۾ پيدا نه ٿي سگهيو. ان جي سموري معلومات، موجود ۽ حاضر ادراڪن جي طفيل هئي. حاضر کان غيب جي حقيقتن ڏانهن وڌڻ جي صلاحيت منجهس ڪا نه هئي، جنهن کي مختصراً ايئن چئي سگهجي ٿو ته ابليس، ايمان کان وانجهو هيو. ابليس هڪ تمثيل آهي، ان محصور ۽ محدود نظر واري انسان جي- جيڪو زندگيءَ جي اڻ ڳڻين رازن ۽ ان جي لامحدود ارتقائي قوتن جو قائل ناهي. ماده پرستي، حاضر پرستي آهي. اها ان ڳالهه جي انڪاري آهي ته هر حالت ۾ غيب، حاضر جي ڀيٽ ۾ بيحد وسيع آهي ۽ وڌيڪ اهو به ته غيب حاضر جي ڀيٽ ۾ انسان جي ذات توڙي ڪائنات ٻنهي جي اندر حقيقت کي کوليندڙ به آهي ۽ ايمان جي واسطي سان زندگيءَ ۾ اخلاقيات پيدا ڪندڙ پڻ! جنهن سماج ۾ غيب تي ايمان ڪونهي انهيءَ ۾ اخلاقيات پيدا ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي.
ابليس ۽ آدم جي قصي ۾ ٻيا به کوڙ اسرار لڪل آهن. رڳو ماديت جو قائل ۽ ظاهر پرست انهن سمورين حقيقتن بابت انڪار ڏانهن مائل هوندو آهي، جيڪي سندس محدود حواس جي سانچي ۾ نه گهڙجي سگهنديون آهن. طبيعي سائنس جي ترقيءَ زندگي ۽ ڪائنات جو جيڪو غلط نظريو خلقيو آهي، اهو خود انسان جي نفسي حقيقتن جو به منڪر ٿي پيو! ڇاڪاڻ ته نفس جي ڪا مستقل حقيقت، مادي مظهرن جي علت ۽ معلول جي ڪڙين ۾ ڪٿي به نظر نه ٿي آئي. ماديت جو مدار رياضيات تي هيو. ان نظريي جي مطابق هر شيءِ جي حقيقت رياضياتي تناسب جو نتيجو هوندي آهي، جنهن شيءِ تي رياضيءَ جو اطلاق نه ٿي سگهي اها محض وهم جي پيداوار آهي. ماديت جي بنياد تي جيڪا نفسيات لکي وئي، ان روح يا نفس کي بحث مان ئي ڪڍي ڇڏيو ۽ نوبت وڃي ايستائين پهتي جو خود اهو شعور به بي حقيقت بڻجي ويو، جنهن اهڙو نظريئه حقيقت پيدا ڪيو هيو. يعني ڄڻ ته ان باطل خيال جي ڪري ماڻهو پاڻ کان منڪر ٿي پيو. مادي مظاهر جي سلسلي جو اقرار باقي رهجي ويو ۽ ان کان علاوه زندگيءَ جي سمورين حقيقتن بابت انڪار ئي انڪار! اهڙي لاڳيتي انڪاري ڪروڌ سان هڪ ڪوڙو واهمو ۽ غرور پيدا ٿي پيو. ماده پرستيءَ ۾ عالم ڪل هجڻ جي خيال، ترقي پذير حق جي سڃاڻ جا دروازا بند ڪري ڇڏيا. قرآن ڪريم واري ابليس ۾ ان ڪري توهان کي انڪار ۽ غرور نظر ايندو آهي! جڳ مشهور حقيقتن جو انڪار، انسان جي نفس کي محدود ڪري ڇڏيندو آهي. زندگيءَ جي معرفت لاءِ لازمي آهي ته انسان، زندگيءَ جي حقيقت جي لامحدوديت جو احساس رکي. جيڪي ڪجهه هاڻي تائين معلوم ٿيو آهي، ان کي نامعلوم جي ڀيٽ ۾ بنهه گهٽ سمجهي ۽ ڀَلان ڀَليءَ جي تلاش جاري رکي. ربِّ زِدْنِیۡ عِلْمًا جي مسلسل دعا ان لاءِ ئي سيکاريل آهي. علم سان گڏ عمل اهڙي ئي زاويئه نظر سان پيدا ٿيندو آهي. افلاطون چيو هو ته علم جي ابتدا حيرت کان ٿيندي آهي. حيرت، انسان جي اندر سوال پيدا ڪندي آهي ۽ پيدا ٿيل سوال جي جواب لاءِ انساني نفس تجسس، مشاهدي ۽ استدلال کان ڪم وٺندو آهي. زندگيءَ بابت جنهن شخص جي اندر حيرت پيدا ناهي ٿيندي، ان جي اندر حڪمت جو آغاز به ناهي ٿيندو. يوناني حڪمت، حيرت جي بدولت علم ۾ ترقيءَ جون کوڙ وکون اڳتي وڌايون پر اهي علم جي ان ترقيءَ تائين نه پهچي سگهيا، جيڪا انسان کي وري هڪ نئين حيرت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي آهي. ان نئين حيرت مان ئي نئين معرفت جو آغاز ٿيندو آهي ۽ اهو سلسلو اڻ کٽ آهي. عرفيءَ ان مقصد کي نهايت بليغ انداز ۾ بيان ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته: ”عوام جن ڳالهين کي معلوم ۽ واضح سمجهندو آهي، ڄڻ انهن کي ڄاڻڻ ۾ ڪا مشڪل ئي ڪانهي. انهن جي پردي ۾ پراسرار حقيقتون آهن، جنهن جو اندازو بصيرت واري اک يا عارفانه حيرت ئي ڪري سگهي ٿي:
ہر کس نہ شنا سندۂ راز است و گرنہ
این ہاہمہ راز است کہ معلوم عوام است
(هر ڪو ماڻهو، راز شناس ناهي، نه ته حقيقت اها آهي ته راز دراصل سمورا عوامي راز ئي آهن.)
ساڳيو مضمون مرزا غالب پنهنجي انداز سان پيش ڪيو آهي:
واقف نہیں ہے تو ہی نواہائے راز کا
یاں ورنہ جو حجاب ہے پردہ ہے ساز کا
اها عارفانه حيرت، ”ايمان بالغيب“ کانسواءِ پيدا ٿي نه ٿي سگهي. زندگيءَ جي راز جو احساس، عالم غيب جي وسعت جي احساس جو نالو آهي. اسان وٽ حڪيماڻي مزاج جي وڏن وڏن صوفين عارفانه حيرت کي ئي علم جو انجام قرار ڏنو آهي. رومي فرمائي ٿو:
علم را بفروش و حیرانی بجز
(علم کي وڪڻي، حيراني خريد ڪر.)
ڇاڪاڻ ته محض علم سان خيال پيدا ٿيندو آهي ۽ حيرت سان نظر ۾ وسعت ۽ اضافو پيدا ٿيندو آهي. عطار جو هي چؤ سٽو به نهايت ئي عارفانه آهي:
کاملے گفت است می باید بسے،
عقل و حکمت، تا شود گویا بسے،
باز باید عقل بے حدو شمار،
تا شود خاموش یک حکمت شعار۔
(هڪڙي ڪامل چيو آهي ته جڏهن عقل ۽ حڪمت ڪنهن سان راز سلڻ شروع ڪندا آهن، تڏهن سمجهه بي حساب ٿي پوندي آهي ۽ پوءِ اهو حڪمت رتو انسان خاموش ٿي ويندو آهي.)
اِذَا تَمَّ الْعَقُلُ نَقَصَ الْکَلَامُ
(جڏهن عقل ڪامل ٿيندو آهي ته گفتگو گهٽجي ويندي آهي.)
پر اها خاموشي به وري هڪ نئين حقيقت جي متلاشي ٿي پوندي آهي ۽ ان مان وري هڪ نئين سطح جي گفتگو شروع ٿي ويندي آهي جنهن ۾ عاجزي به هوندي آهي ۽ اقرار به! ان جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته انڪار ۽ هٺ ختم ٿي ويندا آهن ۽ ”ايمان بالغيب“ سان معرفت ۾ لاڳيتو اضافو ٿيندو ويندو آهي. ڪنهن انسان جي من ۾ اهو خيال ته: ”مان حقيقت جي معرفت تائين پهچي چڪو آهيان.“ مٿس وڌيڪ ترقيءَ جا رستا بند ڪري ڇڏيندو آهي، تنهن ڪري عارف رومي اها هدايت ٿو ڪري ته هستي، اڻ کُٽ آهي سو ڪنهن هڪ مقام کي آخري منزل سمجهي اتي ديرو نه ڄمائي ويهجو:
اے برادر بے نہایت در گہیست
ہر چہ بروے می رسی بروے ماسیت
معرفت جي متلاشي انسان ۾ ڪڏهن به انڪار، تڪبر ۽ هٺ پيدا ٿي نه ٿو سگهي. قرآن، زندگيءَ لوئيندڙ انهن حرڪتن کي ابليسيت چيو آهي. روحانيت ۽ الوهيت کي زندگي ۽ ڪائنات جو بنياد سمجهندڙ هڪ قسم جي لاادريت جي باوجود، معرفت ۾ ترقي ڪندو رهندو آهي. عقل، ادراڪ ۽ انساني تجربن مان حاصل ٿيل معلومات کي هو ڪڏهن به کلي حقيقت جو مَٽ ناهي سمجهندو. هڪ عظيم الشان نبي جنهن تي معرفت جا ڪيترائي دروازا کوليا ويا اهو به علي الاعلان اقرار ڪري ٿو ته:
مَاعَرَفُنَاکَ حَقَ مَعْرِفَتِک۔
(اسين توکي تنهنجي معرفت جي شايانِ شان نه سڃاڻي سگهياسون.)
علم، هستيءَ جو ئي ٿيندو آهي. جيڪڏهن هستي، لامحدود آهي ۽ ان ۾ لاڳيتو اضافو به ٿيندو رهندو آهي ته ان مان اهو نتيجو نڪرندو آهي ته انسان جو علم ڪنهن هڪ منزل تي به پوري هستيءَ تي حاوي ٿي نه ٿو سگهي. قرآن حڪيم هڪ پاسي، هستيءَ جي لامحدود هجڻ ڏانهن اشارو ڪيو آهي ته ٻئي پاسي علم ۾ محدود هجڻ جو احساس به انسان کي ڏياريو اٿس. ڪلمات الاهي، جن جي طفيل تخليق زندگي ۽ ڪائنات جي بقا آهي، انهن جي لامحدود هجڻ بابت فرمايو ويو ته:
وَ لَوۡ اَنَّ مَا فِی الۡاَرۡضِ مِنۡ شَجَرَۃٍ اَقۡلَامٌ وَّ الۡبَحۡرُ یَمُدُّہٗ مِنۡۢ بَعۡدِہٖ سَبۡعَۃُ اَبۡحُرٍ مَّا نَفِدَتۡ کَلِمٰتُ اللّٰہِ۔ (لقمٰن 27)
(۽ جيڪڏهن زمين جا سمورا وڻ، قلم بڻجي وڃن ۽ سمنڊ بلڪه ان کان علاوه ٻيا ست سمنڊ به مس بڻجي پون، تڏهن به الله جا ڪلمات ۽ سندس جوڙ جو تذڪرو ختم ٿيڻ جا ناهن.)
وَ مَاۤ اُوۡتِیۡتُمۡ مِّنَ الۡعِلۡمِ اِلَّا قَلِیۡلًا۔ (بنی اسرآءِیل 85)
(توهان کي بنهه ٿورو علم ڏنو ويو آهي.)
خدا، پنهنجي فيض سان غيب جون حقيقتون ڪوشش ۽ توفيق جي موافق پنهنجن خاص بندن تي کوليندو رهندو آهي پر اهو انڪشاف به جزئي عقيدو آهي. تنهن ڪري ڪو به عارف بالله يا نبي سڳورو مطلقاً عالم الغيب هجڻ جي دعويٰ نه ٿو ڪري سگهي. گهڻو ڪجهه جيڪو عوام لاءِ غيب هوندو آهي، خواص لاءِ موجود ۽ تجربو بڻجي ويندو آهي، پر خواص جي آڏو هميشه گهڻيون شيون غيب ئي رهجي وينديون آهن. تنهن ڪري ايمان بالغيب جي ضرورت اتي به جيئن جو تيئن برقرار آهي.
ماديت پرست ۽ مظاهر پرست، جبري به هوندو آهي! کيس مظاهر ۾ هر هنڌ جبر ئي جبر نظر ايندو آهي، مادي مظهرن جي فطرت، مجبور فطرت آهي. سيارا پنهنجي دائرن ۾، رياضياتي جبر تحت گردش ڪندا آهن. هوائون پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجو رخ بدلائي نه ٿيون سگهن. پاڻي پنهنجي مرضيءَ سان هيٺڀرو وهڻ جي بجاءِ مٿانهينءَ ڏانهن نه ٿو وهي سگهي. مادي مظاهر جي تقدير ٺوس ۽ اٽل آهي. عقل، مظاهرِ فطرت مان قانون حاصل ڪندو آهي. عقل به جبري فطرت جو اولڙو آهي. تنهن ڪري عقل جي روءِ سان جيڪڏهن اختيار کي ثابت ڪرڻ چاهجي ته اها ڪوشش ڪڏهن به ڦلدائڪ نه ٿي سگهندي. ڇاڪاڻ ته عقل جي ڪرت ئي اها آهي ته اهو هڪ پاسي مظاهر فطرت ۾ ۽ ٻئي پاسي استدلال ۾ لازميت جون ڪڙيون تلاش ڪندو آهي. جن شخصن دين جي اندر به محض استدلال ۽ عقل مان ڪم ورتو آهي، اهي خدا پاران عطا ڪيل انساني اختيار کي ثابت نه ٿا ڪري سگهن ۽ هميشه ڪنهن نه ڪنهن ريت جبر تي ئي پهتا آهن. تڏهن ته متڪلمين منجهان اشاعره، جبري ٿي پيا. هنن ڪسب جي عقيدي جي پردي ۾ جبر کي لڪائڻ چاهيو پر جبر لڪي نه سگهيو. صحيح عقيدو اهوئي مڃيل عقيدو آهي ته:
الايمان بين الجبر والاختيار.
(ايمان جبر ۽ اختيار جي درمياني ڪيفيت جو نالو آهي.)
انسان، طبيعي فطرت کان مورؤن الڳ نه ٿو ٿي سگهي. تنهن ڪري ان جي ٻاهر ۽ ان جي اندر به جبر جا کوڙ سارا مظاهر موجود آهن، پر انسان جي امتيازي خاصيت، خدا جو عطا ڪيل اختيار آهي، جيڪو طبيعي فطرت جي علت ۽ معلول جي ڪڙين کان الڳ شيءِ آهي. اهو اختياري احساس، انسان جي زندگيءَ جي وجدان ۾ داخل آهي. جيڪڏهن مظاهرِ فطرت ۽ حڪمتِ طبعيءَ جا مظهر شناس ان جي اقرار لاءِ دليل نه ٿا ڏئي سگهن ته ان سان اختيار باطل نه ٿو ٿئي. ڇاڪاڻ ته زندگي مظاهر فطرت ۽ منطق کان وسيع تر ۽ عميق تر آهي. زندگيءَ جو اهوئي باطني وجدان، فطرت ۽ مظهر شناس عقل جي ڀيٽ ۾ عالم غيب ۾ آهي. جيڪي ڪجهه عالم شهود ۾ ايندو، اهو جبر، منطق ۽ رياضيات جي ڪڙين ۾ پويو ويندو. اهوئي سبب آهي جو سمورا مادي پرست فيلسوف، جبري آهن، پر افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته منطق تي ڀاڙيندڙ ڪجهه دين جا حامي به جبر جي ئي تعليم ڏيندا آيا آهن. علم الڪلام کان علاوه ان تعليم جو اثر اسان جي ڀٽڪيل صوفين تي به پيو ۽ جبر، تصوف جي ذريعي اسان جي شاعريءَ ۾ به ڪاهي پيو:
ناحق ہم مجبوروں پر تہمت ہے مختاری کی
جو چاہیں سو آپ کریں ہیں ہم کو عبث بدنام کیا۔
(میر)
---
جہاز عمر رواں پر سوار بیٹھے ہیں،
سوار خاک ہیں! بے اختیار بیٹھے ہیں!
(آزاد)
فارسيءَ جي صوفياڻي شاعري به ان باطل خيال سان ڀريل آهي. اسلامي تعليم ۽ شاعريءَ ۾ ان جي خلاف شديد جهاد، پهريان پهريان عارف روميءَ، پنهنجي مثنويءَ ۾ ڪيو ۽ اسان جي دور ۾، اقبال به وڏي واڪي جبر جي خلاف احتجاج ڪيو. آدم ۽ ابليس واري قصي ۾ اسين ڏسئون ٿا ته آدم ته پنهنجي غلطيءَ جو اقرار ڪندي مڃيو ته آئون معافيءَ جو طلبگار آهيان. مون اختيار کي غلط استعمال ڪيو پر ماديت ۽ ان سان واڳيل عقليت جي مظهر: ابليس خدا جي حڪم جي خلاف ورزيءَ جو الزام، خود خدا تي مڙهيو ۽ چيائين ته: ”جيڪڏهن مان گمراهه ٿيو آهيان ته قادر مطلق هجڻ جي ناتي، تو ئي مون کي گمراهه ڪيو.“ آدم، اختيار جو اقرار ڪندي معافي گهري ٿو پر ابليس، پنهنجي ماديت جي ڪري جبر جي پناهه چاهي ٿو.

[b]بحث جو خلاصو
[/b]
* ايمان دليل کان بالاتر يقين جو نالو آهي.
* هر ايمان، ايمان بالغيب آهي- يعني جيڪا شيءِ اڃا تجربي ۾ يا وجود ۾ ناهي آئي ان حقيقت بابت يقين ڪرڻ! اميد جو طبعي لاڙو جيڪو انسان ۾ موجود آهي، ان جو نالو ايمان آهي. ”دنيا اميدن تي قائم آهي.“ اها عام چوڻي آهي ۽ ايمان ”آخرت جي اميد تي قائم آهي!“
* ڪجهه ممڪنات بابت قوي يا ضعيف احتمال ٿي سگهي ٿو پر ان کي ظني فلسفو چئي سگهجي ٿو، ايمان نه ٿو چئي سگهجي.
* رڳو، نقل يا سند جي بنياد تي يقين ڪرڻ جو نالو ايمان ناهي، پاڻ سڳورنﷺ به محض ٻين نبين کي سند قرار ڏئي ڪري ايمان حاصل نه ڪيو، ڪجهه وڏن نبي سڳورن جي تعليم بابت پاڻ سڳورا وحي کان اڳ به واقف هيا. پران دور بابت قرآن فرمائي ٿو ته: ”توکي اڃا ايمان جي حقيقت جي پروڙ جي سُڌ نه هئي!“
* جڏهن ڪنهن مذهب جو بنياد، رڳو نقل ۽ سند کانسواءِ ڪجهه نه هجي ته اهو مذهب، ڪمزور ۽ بي اثر ٿيو وڃي. روحانيات ۾ تقليد کي روميءَ نهايت ڀُتو عمل قرار ڏنو آهي.
* ايمان ۽ عشق جو پاڻ ۾ واسطو: عشق جي اندر جيڪا شديد تمنا آهي، ڇا اها ايمان پيدا ڪندڙ ٿي سگهي ٿي؟
* زمان ۽ مڪان ۾ محدود حاضر کي ڪل حقيقت سمجهي ڪري ان تي فتويٰ نه مڙهجي، بلڪه ان کي وسيع تر ڪل جو جز سمجهي ڪا راءِ قائم ڪجي.
* عقل، ارادو ۽ جذبات: انساني نفس جا ٽئي عناصر، ايمان ۾ هڪ ئي هنڌ لڀن ٿا. ايمان جو تعلق انسان جي تجربي سان آهي.
* صبر، ايمان جو لازمي جز آهي: وتَوَاصَوْا بِالْحَقِّ ۬ۙ وَ تَوَاصَوْا بِالصَّبْرِ۔
* ايمان، عقل جي اڏام جو پر آهي. عقل، ڌيرج سان ڇنڊي ڦوڪي وکون کڻندو آهي. ايمان تي عمل ڪرڻ لاءِ عقل گهربل آهي، پر عقل جون قوتون بنا ايمان جي نه ڪي عمل تي اڀاري سگهن ٿيون نه ڪي ڪنهن جذبي تي! اَصْلُہَا ثَابِتٌ وَّفَرْعُہَا فِیۡ السَّمَآءِ۔
* ايمان، نبي سڳورن ۽ ولي سڳورن ۾ جبلي ۽ وهبي هوندو آهي يا وري حق جي شديد تلاش ۽ نفس جي ڪشالن کانپوءِ اهو فيضان حاصل ٿيندو آهي.
* انساني تاريخ ۾ تمام وڏا ڪارناما ڪنهن نه ڪنهن ايمان ۽ يقين جي بدولت نروار ٿيا. ايمان جي قوت ئي اڻ لڀ کي وجود بخشيو ۽ معدوم کي موجود ڪيو.
* ايمان، زندگيءَ جي تخليقي قوتن جو نالو آهي، تخليق به ايمان جي بدولت آهي ۽ بقا جو ضامن به اهوئي ايمان آهي.
* ڪنهن شيءِ تي جيترو ايمان هوندو آهي، انهيءَ آڌار انسان ان جي حاصلات ۽ بقا لاءِ پنهنجي سگهه صرف ڪندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن معاملي ۾ انسان جو عمل، لڏندڙ، لنوائڻ وارو ۽ ڀُتو هوندو آهي ته اهو ان ڳالهه جو قطعي ثبوت آهي ته ان جي تهه ۾ جيڪو ايمان آهي اهو سڌو ناهي!
* انسان، زندگيءَ جو رستو، ظاهري اکين سان نه، بلڪه ايمان جي اکين سان طئه ڪندو آهي. جيڪڏهن ايمان غلط آهي ته انسان غلط رستن تي هلي حقيقي ڪاميابي وڃائي ويهندو آهي.
* غلط ايمان سان صراطِ مستقيم تي هلڻ ناممڪن آهي.
* ايمان هڪ ڀيرو حاصل ٿيڻ کانپوءِ پاڻ مرادو قائم رهي سگهي ٿو يا جسم وانگر ان کي به پنهنجي بقا لاءِ لاڳيتي غذا جي ضرورت آهي؟
* عمل جو آغاز، ايمان سان ٿيندو آهي. جيڪڏهن ايمان درست آهي ته عمل جا نتيجا ان کي سگهه بخشيندا آهن. تنهن ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته ايمان سان عمل ۽ عمل سان ايمان پيدا ٿيندو آهي.
* زندگيءَ جي مصيبتن ۾ ايمان، ڍال طور ڪم ايندو آهي. (الحديث)
* ايئن ٿي سگهي ٿو ته هڪ شخص جو ايمان ان جي زندگيءَ جي سمورن شعبن ۾ جاري ساري ۽ ان جي سمورن محسوسات ۽ تجربن تي حاوي هجي، پر ان جي نه ڪي ڪا منطقي توجيهه ٿي سگهي ۽ نه ڪي ڪو واضح بيان!
* اهو ٿي سگهي ٿو ته مختلف فرد ۽ ملتون پنهنجي ايمان کي مختلف انداز ۾ بيان ڪن، پر بنيادي حقيقت سڀ ۾ مشترڪ هجي.
* ايمان جبر سان پيدا نه ٿو ٿي سگهي، تنهن ڪري ايمان جي باري ۾ جبر ڪرڻ حرام آهي. ڀلي اهو جبر ڳجهو هجي يا پڌرو! اها ايمان جي خامي آهي ته ايمان آڻڻ واسطي جبر کي روا رکجي.
* صحيح ايمان جو تڪڙو انعام اهو آهي ته اهو، انسان کي خوف ۽ غم کان بالاتر ڪري ڇڏيندو آهي. اسلام ۾ نجات جو اهوئي مفهوم آهي.
* هر ان ايمان ۾ صداقت جو جز موجود هوندو آهي جنهن انسان لاءِ ڪنهن قسم جي ڪا ظاهري ۽ باطني ڪاميابي پيدا ڪئي هوندي آهي. ايمان، ڪاميابيءَ جي ئي دعوت آهي.
* ايمان مضبوط ٿي ڪري هڪ جذبو اڀاريندڙ ۽ زندگيءَ جي وجدان جو تخليقڪار ٿي پوندو آهي.
* ايمان سان زندگيءَ ۾ وقار پيدا ٿيندو آهي ۽ آدم جي عزت جو يقين پيدا ٿيندو آهي ۽ انسان محسوس ڪندو آهي ته: ”آئون ماديات، محسوسات ۽ معقولات کان بالاتر مخلوق آهيان.“