انساني وحدت ۽ توحيد جو عقيدو
اِنَّ الَّذِیۡنَ یَکۡفُرُوۡنَ بِاللّٰہِ وَ رُسُلِہٖ وَ یُرِیۡدُوۡنَ اَنۡ یُّفَرِّقُوۡا بَیۡنَ اللّٰہِ وَ رُسُلِہٖ وَ یَقُوۡلُوۡنَ نُؤۡمِنُ بِبَعۡضٍ وَّ نَکۡفُرُ بِبَعۡضٍ ۙ وَّ یُرِیۡدُوۡنَ اَنۡ یَّتَّخِذُوۡا بَیۡنَ ذٰلِکَ سَبِیۡلًا اُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡکٰفِرُوۡنَ حَقًّا ۚ وَ اَعۡتَدۡنَا لِلۡکٰفِرِیۡنَ عَذَابًا مُّہِیۡنًا وَ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا بِاللّٰہِ وَ رُسُلِہٖ وَ لَمۡ یُفَرِّقُوۡا بَیۡنَ اَحَدٍ مِّنۡہُمۡ اُولٰٓئِکَ سَوۡفَ یُؤۡتِیۡہِمۡ اُجُوۡرَہُمۡ ؕ وَ کَانَ اللّٰہُ غَفُوۡرًا رَّحِیۡمًا۔
(النساء 150-151-152)
(بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس رسولن جو انڪار ڪن ٿا ۽ الله ۽ سندس رسولن جي وچ ۾ فرق ڪرڻ گهرن ٿا ۽ چون ٿا ته ڪن تي اسين ايمان آڻيون ٿا ۽ ڪن جو انڪار ڪريون ٿا ۽ ان (ڪفر ۽ ايمان) جي وچ ۾ هڪ رستو ڪڍڻ گهرن ٿا. اهي ئي سچ پچ ڪافر آهن. ۽ اسان ڪافرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب تيار ڪري رکيو آهي. ۽ جن الله ۽ سندس رسول تي ايمان آندو ۽ انهن مان ڪنهن به هڪڙي جي وچ ۾ فرق نه ڪيائون تن کي الله سندن اجر ڏيندو ۽ الله گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.)
ان آيت ۾ غور طلب ڳالهه اها آهي ته جنهن خوار ڪندڙ عذاب جو واعدو ڪيو ويو آهي، اهو انهن جي حالت مان هن دنيا ۾ ئي ظاهر ٿيڻ لڳندو آهي. ذلت ۽ پستي انهن جو مقدر بڻجي ويندي آهي. ساڳيءَ ريت صالح عقيدي جا مفيد نتيجا به عام امن جي صورت ۾ هتي ئي ظاهر ٿيو پون.
قرآن ۾ پيش ڪيل اسلام جا ٻه اهم رڪن آهن:
* وحدت الٰہ
* وحدتِ انسان
انهن جا بنياد هڪ ته انسانذات جو واحد ماخذ آهن ۽ ٻيو بنياد وحدتِ اديان آهي. ان جي وضاحت، قرآن ۾ هينئن آهي:
خَلَقَکُمۡ مِّنۡ نَّفۡسٍ وَّاحِدَۃٍ۔ (الاعراف 189)
(اسين توهان کي هڪ ئي جيءَ منجهان خلقيو.)
وَ مَا کَانَ النَّاسُ اِلَّاۤ اُمَّۃً وَّاحِدَۃً فَاخۡتَلَفُوۡا۔ (یونس19)
(سڀ انسان هڪ ئي امت هيا پر ماڻهن اختلاف پيدا ڪري وڌو.)
وَ اِنۡ مِّنۡ اُمَّۃٍ اِلَّا خَلَا فِیۡہَا نَذِیۡرٌ ۔ (فاطر 24)
(هر امت ۾ ڊيڄاريندڙ پيدا ٿيندا رهندا آهن ۽ هر قوم ۾ هادي به آيا آهن.)
قرآن اهو به چيو ته خدا وٽ سمورا نبي سڳورا سچ تي هيا، انهن سمورن جو درجو الله وٽ الڳ الڳ آهي. هڪڙن کي ٻين تي فضيلت حاصل آهي، پر بنيادي لحاظ کان منجهن فرق ڪرڻ ٺيڪ ڪونهي. ماڻهن لاءِ اهوئي مناسب ۽ واجب آهي ته اهي ايئن چون ته: ”اسين منجهن فرق نه ٿا ڪريون.“ ماڻهن لاءِ دين جي هڪ اڳواڻ کي ٻئي کان افضل قرار ڏيڻ، فتني ۽ فساد جو ڪارڻ بڻبو آهي. ساڳئي قرآني هدايت جي وضاحت ۾ رسول ڪريمﷺ فرمايو ته: ”توهين اهو به نه چئو ته آئون، يونس ابن متيءَ کان افضل آهيان.“
آمريڪا جي خطباتي دوري دوران، مون هڪ وڏي ڪاليج ۾ اسلام جي توحيد جي عقيدي تي ليڪچر ڏنو ته هڪ پادري منهنجي ڪڍ پئجي ويو ته ٻڌاءِ ته مسيح ۽ محمد صه مان توهين ڪنهن کي ٿا افضل سمجهو؟ مون وراڻيو ته: ”خدا ۽ رسول، مون کي ان قسم جي بحثن ۾ پوڻ کان منع ڪيو آهي ته هڪ نبيءَ کي ٻئي کان افضل قرار ڏجي. انهن جي درجن ۾ جيڪڏهن ڪو فرق آهي ته ان جو علم، عليم خدا کي آهي. انسانن کي فضيلت مقرر ڪرڻ کان منع ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ايئن ڪرڻ سان جاهلاڻو تعصب پيدا ٿيڻ جو انديشو آهي:
کُلٌّ اٰمَنَ بِاللّٰہِ وَ مَلٰٓئِکَتِہٖ وَ کُتُبِہٖ وَ رُسُلِہٖ ۟ لَا نُفَرِّقُ بَیۡنَ اَحَدٍ مِّنۡ رُّسُلِہٖ۔ (البقرۃ 285)
(سمورا مسلمان، الله، ان جي فرشتن، ان جي صحيفن تي ان جي رسولن تي ۽ آخرت تي ايمان رکن ٿا ۽ (ڀيٽ جي ذريعي) منجهن فرق نه ٿا ڪن.)
شديد گمراهي ۽ ڪفر ان کي چئبو آهي ته ڪو شخص، خدا ۽ ان جي ملائڪن ۽ ان جي ڪتابن ۽ رسولن جو منڪر هجي:
وَ مَنۡ یَّکۡفُرۡ بِاللّٰہِ وَ مَلٰٓئِکَتِہٖ وَ کُتُبِہٖ وَ رُسُلِہٖ وَ الۡیَوۡمِ الۡاٰخِرِ فَقَدۡ ضَلَّ ضَلٰلًۢا بَعِیۡدًا۔
(النساء 136)
(۽ جنهن الله ۽ ملائڪن ۽ ڪتابن ۽ رسولن ۽ قيامت جو ڪفر ڪيو ته بي شڪ! اهي پڌري گمراهيءَ ۾ ڪاهي پيا.)
امتن ۾ فرقيواريت جو هڪ ٻيو سبب عبادتن ۽ مناسڪ، طور طريقن ۽ شعائر جو فرق به آهي. ان کان علاوه معاملات بابت رسمن، رواجن ۽ قانونن ۾ به فرق ڏسجي ٿو. ان فرق جو ڪجهه ڪارڻ ته قومن جي مزاج جو فرق آهي ۽ ڪجهه وري تاريخي، معاشي ۽ جاگرافيائي حالتن جو مختلف هجڻ. قرآن، ان قسم جي عارضي ۽ فروعي اختلافن کي جهڳڙي جو ڪارڻ بنجڻ کان روڪي ٿو:
لِکُلِّ اُمَّۃٍ جَعَلۡنَا مَنۡسَکًا ہُمۡ نَاسِکُوۡہُ فَلَا یُنَازِعُنَّکَ فِی الۡاَمۡرِ۔ (الحج 67)
(هر قوم جي عبادت جو طريقو الڳ آهي. ان ڏس ۾ هرگز جهيڙو ڪرڻ جائز ناهي.)
هر قوم جي عبادت جو قبلو الڳ آهي. قبلن جو اختلاف ڪا بنيادي اهميت نه ٿو رکي. مشرق ۾ به وجه الله آهي ته مغرب ۾ به وجه الله! سمورا طرف خدا جا ئي آهن:
وَ لِلّٰہِ الۡمَشۡرِقُ وَ الۡمَغۡرِبُ۔
(جيڏانهن رخ ڪريو، الله ئي الله آهي.)
جيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، تيڏانهن صاحب سامهون
راڻو ئي راڻو، ريءَ راڻي ناهي ٻيو ڪي.
پنهنجن پنهنجن عبادت جي طريقن تي قائم رهندي به سمورين ملتن کي نيڪين ۽ انساني ڀلاين ۽ سعادتن جي حاصلات ۾ اڳرائي ڪرڻ گهرجي:
لِکُلٍّ جَعَلۡنَا مِنۡکُمۡ شِرۡعَۃً وَّ مِنۡہَاجًا۔ (المائدۃ 48)
(توهان مان هر هڪ (ملت) لاءِ اسين الڳ شريعت ۽ رستا ٺاهيا آهن.)
يهودين ۽ عيسائين جيڪو پاڻ سڳورن کي نبي تسليم ڪرڻ ۽ ان جي پيروڪاريءَ کان انڪار ڪيو ته ان جو هڪ وڏو سبب به اهو هيو ته انهن جا شعائر ۽ رستا الڳ هيا. انهن جون شريعتون پاڻ سڳورن جي پاران پيش ڪيل شريعتن کان گهڻيون منفرد هيون. تنهن ڪري قرآن چيو ته: ”اي محمد! اهي ماڻهو توکي ڪڏهن ڪو نه مڃيندا جيستائين تون انهن جي ملتن جي پيروڪاريءَ تي آماده نه ٿئين.“ ملتن جي پيروڪاريءَ مان مراد انهن جي هٿ ٺوڪين شعائر ۽ تنگ نظر رستن ۽ مسخ ٿيل شريعت جي پيروڪاري آهي. يهودين ۽ عيسائين سان ان قسم جي هم آهنگي، محمد رسول اللهﷺ جهڙي عظيم انقلابي اڳواڻ لاءِ ناممڪن هئي. ڪنهن انقلابي تحريڪ جي معنيٰ ئي اها آهي ته بنيادي عقيدن جي اصلاح کان علاوه معاشرت جي انداز ۾ به اهم تبديليون پيدا ڪجن. جيڪڏهن پاڻ سڳوراﷺ رڳو توحيد جي عقيدي کي ئي ٽيڏاين کان پاڪ ڪري ڇڏين ها ته اهو به هڪ عظيم الشان ڪارنامو هجي ها، پر عبادتن ۽ قانونن ۾ به اهم تبديلين کانسواءِ دين جي تعميل ممڪن ڪا نه هئي تنهن ڪري پاڻ سڳورنﷺ هڪ همه گير تبديلي آندي. جيڪو به وڏو سڌارڪ ايندو آهي اهو لازمي طور تي زماني جا انداز به بدلائيندو آهي. جيڪي قدامت پرست ان جي مخالفت تي سندرو ٻڌي بيهندا آهن، رڳو انهن جي عقيدي جي اصلاح ناهي ٿيندي، بلڪه کين آداب، اطوار ۽ آئين ۾ اهڙيون تبديليون ناگوارا لڳنديون آهن. جن تي گهٽيا مفادپرستين يا قدامت پسندين جي تقدس مٿن مهر لڳائي ڇڏي هوندي آهي. هر قوم، فقط پنهنجن عقيدن کي ئي دين ناهي سمجهندي، بلڪه سمورا شعائر، عقيدن کان به وڌيڪ دين ليکبا آهن. ظاهر پرستيون انهن لاءِ هر شيءِ کان وڌيڪ عزيز هونديون آهن. ملتن ۽ قومن ۾ انهن ئي ظاهر پرستين جهيڙا مچائي ڇڏيا آهن. هندستان ۽ پاڪستان جي دينن تي نظر ڊوڙايو ته اوهان کي انساني فطرت جي فڪري ٽيڏائپ واضح طور نظر ايندي. هندو ڌرم ڪن ٺوس عقيدن جو نالو آهي. خدا کي مڃيندڙ، خدا جا منڪر، ديوتا پرست- ديوتائن جا منڪر، ويدن کي مڃيندڙ، ويدن جا منڪر، ڪرشن کي اوتار مڃيندڙ ۽ کيس معمولي اخلاق کان به وانجهو سمجهندڙ، مطلب ته هر قسم جا خوش عقيده ۽ بدعقيده، هندو مت مان خارج نه ٿا ٿي سگهن، بشرطيڪه اهي چند ظاهري رسمن جا پابند هجن. انهن ظاهري رسمن ۽ عقيدن ۾، ذات پات، متڀيد کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. امبيڊ ڪر بلڪل درست چيو هيو ته: ”جيڪڏهن هندو مت ان تفريق کي ڇڏي ڏي ته اها ڪجهه به نه رهندي، ڇاڪاڻ ته ان کان علاوه ڪو مشترڪ عنصر ان قوم ۾ نظر نه ٿو اچي، جيڪا هندو سڏجي ٿي.“ هندو صوفي: ”رام تيرٿ“ بلڪل سچ چيو هيو ته: ”هندو مت وڃي بورچي خاني جو مذهب رهيو آهي. ڇا کائڻو آهي ۽ ڪيئن کائڻو آهي ۽ کاڌي کي ڪنهن جي پاڇي کان بچائڻو آهي، سڄو زور انهي تي وڃي رهيو آهي ۽ عقيدن کي ڪو کنگهي ئي ڪو نه ٿو.“ ساڳيو حال سِکن جو آهي. ان مذهب ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت ان ڳالهه کي حاصل آهي ته: ”جسم جي ڪهڙي حصي جا وار نه ڪوڙائجن؟“ هر قسم جي بداخلاقي ۽ بدعقيدگيءَ جي باوجود هڪ سِک، سِک ئي رهندو آهي ۽ ملت مان کيس خارج نه ڪيو ويندو آهي، پر وارن ڪوڙائڻ سان مذهب جو به صفايو ٿيو وڃي! جهڙوڪر سمورو دين سميٽجي اچي وارن ۾ ڦاٿو آهي!! پنڊت نهروءَ هڪ ڀيري چيو هيو ته: ”هندو ڪلچر هاڻي گهڻو ڪري وڃي ڇيڻو رهيو آهي.“ ڳئون ۽ ان جي مُٽَ ۽ ڇيڻي کي جيڪا اهميت حاصل آهي، اها نه ڪنهن عقيدي کي حاصل آهي نه ڪي ڪنهن ڪردار کي...!“ ملتون هڪ ٻئي جي شعائر تي چٿرون ڪن ٿيون، پر جنهن ملت جا جيڪي شعائر آهن اهي وٽن نهايت ضروري ۽ مقدس آهن. اهڙن ئي شعائر بابت قرآن حڪيم چيو آهي:
کُلُّ حِزۡبٍۭ بِمَا لَدَیۡہِمۡ فَرِحُوۡنَ۔ (المؤمنون 53)
(هر ملت، پاڻ وٽ موجود شيءِ تي خوش آهي!)
اهڙو ئي حال هتي مسلمانن جي ڪجهه فرقن پنهنجي مذهب ۽ مسلڪن جو ڪري ڇڏيو آهي.
عبادتن، عملن ۽ شعائر ۾، هر ملت کي پنهنجا طريقا پسند آهن، پر قرآن فرمائي ٿو ته: ”انسانيت ۾ وحدت ۽ اشتراڪِ عمل انهن اختلافن جي باوجود به پيدا ڪري سگهجي ٿو“ ۽ ان ڏس ۾ اسلام جي ڪوششن جو خود قرآن گواهه آهي. جڏهن ان ڳالهه جو تجربو ٿيو ته اهڙن مذهبن جا پيروڪار- جن جو بنياد توحيد هئي، محض شعائر ۽ شريعتن جي اختلافن ۽ مصنوعي فرق جي ڪري حالتِ جنگ ۾ رهن ٿا ته قرآن انهن جي پيروڪارن کي دعوت ڏني ته: ”اچو ته پاڻ گڏجي هڪ بنيادي ڳالهه تي ڪٺا ٿيئون جيڪا اسان ۾ ۽ توهان ۾ مشترڪ آهي...“ اخلاقيات جا بنيادي عنصر، مهذب قومن ۽ دينن ۾ مشترڪ هوندا آهن. زنا، چوري، ظلم، مارڌاڙ، ڪهڙي مذهب ۾ جائز آهي؟ ان کان علاوه جيڪڏهن توحيد جي عقيدي ۾ به هم آهنگي پيدا ٿي پوي ته مهذب دنيا ۾ وڏي حد تائين وحدت پيدا ٿي سگهي ٿي:
قُلۡ یٰۤاَہۡلَ الۡکِتٰبِ تَعَالَوۡا اِلٰی کَلِمَۃٍ سَوَآءٍۢ بَیۡنَنَا وَ بَیۡنَکُمۡ اَلَّا نَعۡبُدَ اِلَّا اللّٰہَ وَ لَا نُشۡرِکَ بِہٖ شَیۡئًا وَّ لَا یَتَّخِذَ بَعۡضُنَا بَعۡضًا اَرۡبَابًا مِّنۡ دُوۡنِ اللّٰہِ۔ (ٰاٰل عمرٰن64)
(چئو ته اي اهل ڪتاب! هڪ اهڙي ڳالهه ڏانهن اچو جيڪا اسان جي ۽ توهان جي درميان مشترڪ هجي/آهي: اُها اها آهي ته اسين الله کانسواءِ ڪنهن جي بندگي نه ڪريون ۽ ڪنهن شيءِ کي ان جو شريڪ نه بڻايون ۽ اسان منجهان ڪو به ٻئي کي، الله جي مقابلي ۾ رب نه بڻائي.)