نبي ڪريمﷺ جي تعليم جا بنيادي عناصر
وَ اِلَیٰ رَبِکَ الْمُنْتَہٰی۔
(۽ آخري منزل تنهنجو پالڻهار ئي آهي.)
اها منتهيٰ، اصل ۾ هڪ شروعات به آهي، جيئن هڪ ميوي جو ٻج وڻ جي شروعات آهي ۽ ارتقا جي انجام ۾ ميوي جي صورت ۾ ان جي انتها به اهو ٻج ئي آهي. توحيد جا تصورات اسلام کان اڳ، نبي سڳورن به پيش ڪيا ۽ حڪيمن به، پر انسانن جي فڪري پستيءَ هميشه انهن ۾ شرڪ کي ملائي ڇڏيو. يا وري ڪن حڪيمن وانگر منجهن ايتريقدر منطقي هيٺانهين پيدا ڪري ڇڏي جو، خدا بي صفات بڻجي هڪ مجرد تصور رهجي ويو، جنهن مان نه ڪي عقل ڪا روشني ماڻي سگهي، نه ڪي اهو خدا عملي زندگيءَ ۾ ڪنهن ڪم اچي سگهي. قرآن واري اسلام جو سڀ کان وڏو ڪارنامو، ان تصور کي خالص ڪرڻ هيو. اچو ته ان تي هڪ سرسري نظر وجهئون ته وڏن دينن ۽ فلسفن ۾ خدا جو تصور، ڪهڙيءَ ريت مسخ ٿي چڪو هيو...
هندن جي مذهبي فلسفن ۾ خدا جي ذات، واجب الوجود ڪائنات کان ايتري قدر ماورا ٿي وئي هئي جو شنڪر اچاريه جي ويدانت ۾ خدا، بي ڳُڻو يعني صفات کان وانجهو ٿي ويو هيو. هو، ڪائنات جو خلقڻهار نه هيو، ڇاڪاڻ ته ذات مطلق حقيقي هئي ۽ ڪائنات وهمي مايا يا ادراڪ جو فريب! انسان جو جسم ۽ نفس به ڪائنات سان گڏ بي حقيقت ٿي پيو هيو. خير ۽ شر جي پرچار به وهمي هئي. اعمال ۽ انهن جا نتيجا به غير حقيقي مظهرن جو تاڃي پيٽو هيا. مهاتما ٻڌ، برهمڻيت ۾ وڏي اصلاح جي ڪوشش ڪئي، پر اتي به نه ڪي خدا ٿو نظر اچي ۽ نه ڪي وري انساني نفس ڪو حقيقي جوهر رهي ٿو. جيڪو اچي ٿو سو ڌوڪو آهي. اهي سڀ ٺَلها ۽ خالي جسم آهن، جن جي تهه ۾ ڪو به جوهر ڪونهي ۽ زندگيءَ جو مقصد، انهن سمورن ڌوڪن کان نجات ماڻڻ آهي ۽ اها نجات تيستائين نه ملي سگهندي، جيستائين سموريون سڌون، ايستائين جو زندگيءَ جي سَڌ به پاڙئون نه پٽي وڃي، برهمڻيت ۽ ٻڌمت، زندگيءَ کان بيزاريءَ جي تعليم ڏني ته جيئن انسان، عملن ۽ انهن جي تڪراري چڪر مان نڪري وڃي. انهن مذهبن ۾ اها تعليم به ملي ٿي ته: ”خدا، ڪڏهن ڪڏهن انسان جي صورت ۾، اصلاح جي غرض سان دنيا ۾ لهي ايندو آهي.“ ڀڳوت گيتا ۾ ان عقيدي بابت هڪ اشلوڪ آهي جنهن جو فيضيءَ ترجمو ڪيو آهي ته:
چوں بنیاد دیں سست گرد و بسے
بر آریم خود را بشکل کسے
(جڏهن دين جا بنياد تمام گهڻا ڍلا ٿي پيا. تڏهن اسين پاڻ کي ڪنهن شخص جي شڪل ۾ کڻي آياسون.)
عيسائيت ۾ به اهوئي اوتار جو تصور سموري دين جو محور بڻجي ويو ۽ مسيح عليه السلام کي، عيسائين عين خدا بڻائي ڇڏيو جيڪو دنيا ۾ انسان جي صورت ۾ ان لاءِ آيو ته انسانن جي ناقابل معافي گناهن جو، جيڪي کين آدم کي جنت مان نڪرڻ جي ڪري ورثي ۾ مليا هيا، ڪفارو بڻجي پوي!
جن فلسفن ۾ خدا جو تصور ملي ٿو، اتي به ان مان نه ڪي ڪائنات ۽ زندگيءَ جي ڪا توجيهه ٿي سگهي ٿي ۽ نه ڪي وري اهو ڪو انساني زندگيءَ ۾ ڪم اچي سگهي ٿو. افلاطون وٽ، خدا ناظم ۽ ڪاريگر آهي پر ان صفت جو خام مواد سندس پيدا ڪيل ناهي. اصل حقيقت ثابت ٿيل شين جي آهي. خدا، انهن جي ڀيٽ ۾ ثانوي حيثيت رکي ٿو. ارسطوءَ وٽ خدا، خالص عقل يا فڪر محض آهي. ان ازلي فڪر جو موضوع ۽ معروض هو پاڻ ئي آهي. موجودات سان ان جو ڪو به واسطو ڪونهي. هو، ڪليات جو هڪ منطقي نظام آهي جيڪو زندگيءَ جي جزئيات کان لاتعلق آهي. هو، نه ڪي ڪائنات جو ناظم آهي نه ڪي ان جو رب ۽ خلقڻهار! انسان جو انفرادي نفس هڪ حادث مظهر آهي، جيڪو خدا سان دعا يا عبادت جو ڪو رابطو پيدا نه ٿو ڪري سگهي. ان نفس کي بقا به حاصل ٿي نه ٿي سگهي. يوناني فلسفي جي آخري صورت فلاطينوس اسڪندريءَ جو فلسفياڻو تصوف آهي، جنهن جا چٽا نقش عيسوي ۽ اسلامي صوفي فڪر ۾ ملن ٿا. ان جديد افلاطونيت ۾ به، خدا نه ڪي خلقڻهار آهي نه ڪي پالڻهار! هو، ارادو ڪندڙ ۽ صاحبِ اختيار هستي به ناهي. موجودات کانئس ايئن پيا سرزد ٿيندا آهن، جيئن سج مان ڪرڻاپيا نڪرندا آهن. هو پنهنجي ذات ۾، مڙني صفتن کان وانجهو يعني ويدانت جي عقيدي جي مطابق بي گُڻو آهي! نور جي انهن ڪرڻن ۾ جيڪي هستيون کيس وڌيڪ ويجهيون آهن اهي اوتريون ئي روشن آهن. دوريءَ سان نور ۾ ڪمي ۽ اوندهه ۾ اضافو ٿي ويندو آهي. جنهن کي اسين مادي ڪائنات چوندا آهيون، سا اونداهو ماڳ آهي! انسان جو جسم به ان اوندهه جي چتي آهي. ذات مطلق، اهڙي اڪيلي اڪائي آهي جنهن ۾ نه ڪي ارادو آهي نه ڪي شعور! سڀ ڪجهه منجهائنس اتفاق سان پيو سرزد ٿيندو آهي. هو پاڻ، نه ڪي سميع آهي نه ڪي بصير!
هاڻي ان مختصر تهميد کانپوءِ ٿورو ان جو جائزو وٺو ته محمد رسول الله، وحي جي ذريعي ۽ ايماني بصيرت جي ذريعي، ماڻهن جي آڏو خدا جو ڪهڙو تصور پيش ڪيو؟!
اسلام جو خدا، هڪ ذي شعور ۽ ذي اراده خالق آهي. هُن، ڪائنات کي هڪ مقصد ۽ ارادي سان خلقيو. هو خلقڻهار آهي. ان جي خلقڻهاريءَ جي صفت ازلي ۽ ابدي آهي. هو جيترو چاهيندو آهي، خلقت ۾ اضافو ڪندو رهندو آهي. وٽس زندگي ۽ وجود جا خزانا اڻ کٽ آهن، پر هو هر شيءِ کي هڪ اندازي سان پيدا ڪندو آهي. هو خلقڻهار هجڻ سان گڏ هڪ ناظم به آهي. سندس ارادن ۾ ماٺار ناهي ايندي. ان جي خلقڻهاري ان جي حڪمت سان به ٺهڪندڙ آهي ۽ ان جي ٻاجهه سان به سلهاڙيل آهي. سندس رحمت هرشيءِ تي ڇانيل آهي. هو، ڪائنات ۽ موجودات کان ماورا به آهي ۽ پنهنجيءَ قدرت، مشيت ۽ حڪمت سان ذري ذري ۾ جاري ۽ ساري به آهي. سندس سنت يا عادت فطرت جي اندر آئين جوڙيندڙ آهي:
وَ لَنۡ تَجِدَ لِسُنَّۃِ اللّٰہِ تَبۡدِیۡلًا۔ (الاحزاب 62)
(هرگز نه لهندين تون الله جي سنت ۾ ڪا تبديلي.)
انساني فطرت کي هن پنهنجي فطرت جي مطابق جوڙيو آهي. تنهن ڪري انساني زندگيءَ جون بنيادي حقيقتون به دراصل خدائي حقيقتون آهن. انهن ئي حقيقتن جو ادراڪ ۽ انهن جي مطابق زندگيءَ کي سنوارڻ جو نالو آهي: دين!
فِطۡرَتَ اللّٰہِ الَّتِیۡ فَطَرَ النَّاسَ عَلَیۡہَا۔ (الروم 30)
(الله جي ان فطرت تي غور ڪريو، جنهن مطابق هن انسان کي خلقيو آهي.)
ذٰلِکَ الدِّیۡنُ الۡقَیِّمُ(الروم 30)
(اهوئي ٺوس دين آهي.)
لَا تَبۡدِیۡلَ لِخَلۡقِ اللّٰہِ(الروم 30)
(الله جي تخليق ۾ ڪا به تبديلي ناهي ٿيندي.)
هن ڪائنات ۾ انسان، خدا جو شاهڪار آهي. قرآن جو آدم، ملائڪن جو مسجود ۽ ڪائنات کي تسخير ڪندڙ آهي. آدم مان ڪو هڪڙو فرد مراد ناهي، بلڪه آدم انسانيت جو نصب العين آهي. خدا جو عابد ۽ ساجد هجڻ جي ناتي هو فطرت جي سمورين قوتن جو به مسجود ٿيو وڃي. خدا جو محڪوم بڻجي هو ڪائنات تي حڪمراني ڪندو آهي. انسان جي ممڪنات جي ڪا به انتها ڪانهي. ڇاڪاڻ ته زندگيءَ جي ارتقا ڪٿي به رڪجي نه ٿي. اسلام، خدا جي تصور سان گڏ ڪائنات ۽ انسانيت جي تصور کي به درست ڪري ڇڏيو. هن چيو ته خدا حقيقت جو خلقڻهار آهي، هو، ڪوڙ کي پيدا نه ٿو ڪري سگهي. زندگي ۽ ڪائنات محض راند ۽ تماشو ناهن. زندگيءَ جا مقصد نهايت سنجيده ۽ ٺوس آهن:
رَبَّنَا مَا خَلَقۡتَ ہٰذَا بَاطِلًا۔ (اٰل عمرٰن 191)
(اي اسان جا رب! تون ڪائنات کي بي حقيقت پيدا ناهي ڪيو.)
اسلام، آزادي، ڀائيچاري ۽ مساوات جي تعليم آهي. آزادي، انسان جي جوهر ۾ فطري طور تي موجود آهي. آدم، الله جي حڪم جي خلاف ورزي ڪري آزاديءَ جو ثبوت ڏنو. آزاديءَ جي معنيٰ ۾ اهو به داخل آهي ته ان جو غلط استعمال به ٿي سگهي ٿو ۽ صحيح به! پر خلاف ورزيءَ جي احساس کانپوءِ توبهه تائب ٿيڻ به انسان جي فطرت ۾ داخل آهي. آدم جو قصو بيان ڪري، قرآن گناهه جو تصور به بدلائي ڇڏيو. عيسائيت، آدم جي غلطيءَ کي ناقابلِ معافي قرار ڏنو ۽ ان جي گناهه کي ايندڙ اڻ کٽ نسلن لاءِ موروثي بڻائي ڇڏيو. پاڻ سڳورن جي ذريعي، انسانن کي ان غيرمنصفاڻي تصور کان نجات ملي. قرآن چيو ته هڪ فرد جو گناهه، ان جي انفرادي لغزش آهي ۽ توبهه تائب ٿيڻ سان انسان ان جي خراب نتيجن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو. نيڪيون، بدين کي ميساري ڇڏين ٿيون:
اِنَّ الۡحَسَنٰتِ یُذۡہِبۡنَ السَّیِّاٰتِ۔(ہود 114)
(نيڪيون براين کي، ميساريو ڇڏين.)
هر فرد پنهنجن عملن جو ذميوار پاڻ آهي، روحاني حيثيت ۾ ڪنهن انسان جو ٻوجهه ٻئي انسان تي نه ٿو وجهي سگهجي:
وَ لَا تَزِرُ وَازِرَۃٌ وِّزۡرَ اُخۡرٰی۔ (الزمر 7)
(ڪوئي شخص، ٻئي جو ٻوجهه نه کڻندو.)
جيئن ته خدا انسان کي پنهنجي فطرت جي مطابق گهڙڻ چاهي ٿو، تنهن ڪري هو سندس اختيار سلب نه ٿو ڪري. هو هدايت ۽ گمراهيءَ جون واٽون نروار ڪري ٿو، جنهن جو جيءُ چاهي، سو هيءَ واٽ وٺي يا هوءَ! جيڪا به واٽ وٺندو، ان جي نتيجن کان هو لنوائي نه سگهندو. الله سائين فرمائي ٿو: ”جيڪڏهن اسين چاهيون ها ته سمورن انسانن کي زوريءَ مؤمن بڻائي ڇڏيئون ها، پر اسين ايئن ڪرڻ نه چاهيو.“
ڇاڪاڻ ته جبر ۽ ايمان پاڻ ۾ متضاد شيون آهن. مجبور لاءِ نه نيڪي نيڪي آهي ۽ نه وري ان لاءِ بدي ڪا بدي آهي! ۽ جبر کانپوءِ ثواب ۽ عذاب به بي معنيٰ آهي. تنهن ڪري قرآن وڏي واڪي چئي ڇڏيو ته:
لَا اِکْرِاہَ فِی اْلدِّیْنِ
(دين جي معاملي ۾ جبر روا ناهي.)
جڏهن خدا جيڪو قادرِ مطلق آهي، انسان تي جبر روا نه ٿو رکي ته ڪنهن انسان کي اهو حق ڪيئن ٿو ملي سگهي ته هو، ڪنهن انسان کي مجبور محض يا غلام بڻائي وٺي؟! جيڪڏهن مسلمان، قرآن حڪيم جي ان حڪيماڻي تعليم جا نتيجا اخذ ڪري اهي پوريءَ ريت معاشري تي نافذ ڪن ها ته دنيا منجهان غلاميءَ جو اوس خاتمو ٿي پئي سگهيو، پر افسوس جو مسلمانن، ان ڳالهه ۾ ڍر ڪئي. غلامن سان سلوڪ، ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ ته بهتر ٿيو، پر اها انسانيت ڪُش رسم باقي رهجي وئي! دين جي معاملي ۾ رواداري، اسلامي تعليم جو سڀ کان وڌيڪ قابلِ فخر پهلو هيو، پر اسلام جي روح کان ويڳاڻو بڻيل مُلن، غير اسلامي تنگ نظري ۽ تعصب کان ڪم وٺي خود مسلمانن جي اندر جبر، ڏاڍ ۽ ڪفر جي فتوائن جي بازار گرم ڪري ڇڏي.
قرآن، نجات تي ڪنهن به قوم جي ٺيڪيداري روا نه رکي ۽ جيڪي ماڻهو، محمدي شريعت جي دائري ۾ داخل نه ٿي سگهيا انهن سان به ڪمال جي رواداري روا رکي. جنهن وقت يهودي ۽ عيسائي، مسلمانن سان جنگ جوٽي رهيا هيا، ان وقت به انصاف کان ڪم وٺي اهو چيو ته: ”ڏسو! سڀ جو سڀ هڪجهڙا ناهن هوندا ۽ اهلِ ڪتاب ۾ به وڏا وڏا خدا ترس ۽ خدا پرست ڪردار موجود آهن...“ ۽ ٻين به ڪجهه ملتن جا نالا وٺي، قرآن وضاحت سان چيو ته: ”منجهن جيڪو به فرد- خدا پرست، آخرت جو قائل ۽ انسانن جو محسن آهي اهو نجات يافته آهي. اهڙا ماڻهو، جيڪڏهن ٻين ملتن ۾ به هجن ته اهي الله جا ولي ليکبا ۽ هر قسم جي خوف ۽ خطري کان بالاتر هوندا.“
رڳو اتفاق سان مسلمانن جي گهراڻن ۾ پيدا ٿيندڙ، مردم شماريءَ وارا مسلمان نجات جا ٺيڪيدار ناهن. اسلام جي تعليم جو جيترو حصو جيڪو فرد يا جيڪا ملت اپنائيندي آهي، اوتري ئي اها اسلام مان فائدو ماڻيندڙ ۽ ترقيءَ کي ويجهي هوندي آهي. پاڻ سڳورنﷺ اعلان ڪيو ته اسلام، بادشاهي ۽ شهنشاهيءَ کي منسوخ ڪري ڇڏيو آهي:
لَا قَیْصَرَ وَلاَ کِسْریٰ ۔
(هاڻي نه ڪي قيصر باقي رهندو نه ڪي ڪسريٰ.) يعني دنيا جي ڪنهن به مطلق العنان، غاصب ۽ سامراج کي باقي رهڻ نه ڏبو.
پر مسلمانن ۾ اها ملعون شيءِ جلد واپس موٽي آئي ۽ روحِ اسلام کان وانجهن- سَڌڙين شاعرن ۽ پيرن، گمراهيءَ جي انهن سرچشمن کي ظلُ الله قرار ڏئي ڪري مسلمانن جي اجتماعي، انفرادي آزاديءَ کي چٿي ڇڏيو. اسلام، دولت ۽ زمين جي سرمائيداريءَ جا رستا بند ڪري ڇڏيا هيا، پر ٿوري ئي عرصي ۾ انسانيت کي لوئيندڙ اهڙا رستا ٻيهر کلي پيا ۽ اسان جا علماءِ سوء سرمائيداري ۽ جاگيرداريءَ جا جواز قرآن ۽ حديث مان پيش ڪرڻ لڳا!
اسلامي آزاديءَ جي هڪ لازمي تقاضا اها هئڻ گهرجي ته مسلمان، زندگيءَ جي حقيقت تي آزاديءَ سان غور فڪر ڪن ۽ حالات جي ڦير گهير سان گڏوگڏ، اسلام جي ازلي اصولن مان هنگامي ۽ عارضي مسئلا حل ڪري وٺن. ان جو نالو آهي اجتهاد! پر مسلمانن جي زندگيءَ جي جامد ٿيڻ کانپوءِ اهو عقيدو مضبوط ٿي ويو ته فقهه ۾ اجتهاد جو دروازو چوٿين صدي هجريءَ کانپوءِ قيامت تائين بند ٿي ويو آهي. هاڻي مسلمانن لاءِ فقط لڪير جو فقير هجڻ ۽ روايت پرست هجڻ باقي رهجي ويو آهي. ان جو نتيجو اهوئي نڪتو جيڪو لازمي طور تي نڪرڻ گهرجي ها. امت روايتن ۾ وڃائجي وئي ۽ حقيقت خرافات ۾ کوهجي وئي ۽ زندگيءَ جون تخليقي قوتون، جن کي اقبال، ”عشق“ چوي ٿو، ماٺيون ٿي ويون:
جبھی عشق کی آگ اندھیر ہے
مسلمان نہیں، راکھ کا ڈھیر ہے
---
قافلے دیکھ اور ان کی برق رفتاری بھی دیکھ
رہ رو درماندہ کی منزل سے بیزاری بھی دیکھ
پر مسلمان وٽ خدا جو ڪتاب محفوظ آهي ۽ پاڻ سڳورن جي اسوهء حسنه تي نظر رکڻ وارو هاڻي به مڙني برڪتن مان فيضياب ٿي سگهي ٿو. مسلمانن کي زندگيءَ جون بنيادي حقيقتون ۽ اصول ٻين وٽان کڻڻ جي ضرورت ڪانهي. جيڪڏهن خدا آهي ته، ان جو تصور، اسلام کان وڌيڪ خالص ڪٿي به نه ٿو ملي سگهي. سچي آزادي، عدل ۽ ٻاجهه جي تعليم حقيقي اسلام کان وڌيڪ ڪٿي ڪا نه ملندي. علم جي حاصل ڪرڻ جي ترغيب قرآن کان وڌيڪ ڪنهن به ٻئي مذهبي صحيفي ۾ نه لهندؤ. اسلام جو مقصد اهو آهي ته موجوده زندگيءَ ۾ ئي جمال ۽ ڪمال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي! جيڪو هتي اندر جو انڌو آهي، سو محشر ۾ به انڌو ئي هوندو. زندگيءَ جي ڪنهن به جائز لذت کي اسلام حرام ناهي ڪيو. قرآن پڇي ٿو ته: ٻڌايو، ڪير آهي جنهن الله جي زينتن کي حرام ڪيو آهي؟ رهبانيت کي، اسلام حرام قرار ڏئي ڇڏيو ته جيئن زندگيءَ جي وهڪري کان ڀڄڻ ناممڪن ٿي پوي. حدودالله سامهون رکي زندگي گهارڻ سان انسان لاءِ زندگي سوڙهي ناهي ٿيندي، بلڪه لامحدود خدا سان رابطو قائم ڪري زندگيءَ کي لامحدود بڻائي سگهجي ٿو.
پاڻ سڳورنﷺ جي همه گير ۽ وسيع ترين پاڪيزه زندگيءَ کان وڌيڪ بهتر نمونو، انساني تاريخ ۾ بنهه اڻ لڀ آهي. اڻ هوند ۾ زندگي ڪيئن گهارجي؟ مالداريءَ ۾ زندگيءَ جو ڍنگ ڪيئن هجڻ گهرجي؟ ايمانداراڻي تجارت ڪيئن ڪجي؟ زراعت ۾ نفعي خوريءَ کان ڪيئن بچجي؟ ضرورت کان واڌارو مال ڪٿي ۽ ڪيئن خرچ ڪجي؟ عورتن ۽ مردن جي حقن ۽ فرضن ۾ ڪيتري مساوات آهي؟ صلح ۽ جنگ جا ڪهڙا قانون آهن؟ مسلمانن کي پاڻ ۾ ڪيئن رهڻ گهرجي؟ غير مسلمن سان عدل ۽ رواداريءَ جو سلوڪ، جمهوري نظامِ مملڪت جنهن جو نظام اهل الراءِ جي مشاورت سان قائم ڪجي. اقتصادي نظام- جنهن ۾، دولت چند هٿن ۾ رهجي نه وڃي، بلڪه رت وانگر پوري ملت جي جسم ۾ روان دوان هجي. اهڙي طرح چند طئه ڪيل حدن کان علاوه زندگيءَ جي سمورن ڦرندڙ گهرندڙ شعبن ۾ لاڳيتو اجتهاد. اهو هيو بنيادي اسلام! جنهن تي عمل ڪري پاڻ سڳورنﷺ ۽ سندن ساٿين، دنيا جي آڏو عملي طور تي هڪ نصب العين پيش ڪيو. مسلمان جيڪڏهن خودداريءَ سان مهذب ۽ ترقي پسند زندگي گهارڻ گهري ٿو ته قرآن ۽ اسوهء رسول ڏانهن واپس ورڻ کانسواءِ ڪو به چارو ڪونهي. جيڪڏهن ٻين قومن، اسلام جي ڪجهه اهم پاسن کي اپنائي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ ۾ سڌارا ۽ ترقي آندي آهي ته مسلمانن لاءِ شرم جو مقام آهي ته اهي ٻين کان پٺتي رهي انهن جا پڇ لٽڪائو بڻيا رهڻ تي مجبور هجن. بنيادي اسلامي اسوهء حسنه ڏانهن رجوع ڪري ملتِ اسلاميه ٻين کان بهتر نمونو پيش ڪري سگهي ٿي. مسلمانن جو رسول، ڪا ماضيءَ جي شخصيت ڪونهي. هو انسانيت جي حال ۽ مستقبل ۾ هر قدم تي رهنمائي ڪري سگهي ٿو. بشرطيڪه جامد مسلمان، رسول اللهﷺ جي رسالت کي به جامد بڻائي نه ڇڏين. ختم نبوت جو اهوئي مطلب آهي ته: ”اها نبوت هميشه لاءِ دنيا جي قومن جي، هر سطح تي رهنمائي ڪري سگهي ٿي.“