قرآن حڪيم ۾ حڪمت جو مفهوم
”نبي امي، جيڪو هن قرآن جو فيض ورتل آهي، سو بيهودين ريتن رسمن ۽ گمراهه دينن پاران جڪڙايل زنجيرن کي ٽوڙي ۽ وهمن جا طوق ٽوڙي انسانن جون ڳچيون (هر غلاميءَ کان) آجيون ڪرائي ٿو.“
وَ یَضَعُ عَنۡہُمۡ اِصۡرَہُمۡ وَ الۡاَغۡلٰلَ الَّتِیۡ کَانَتۡ عَلَیۡہِمۡ۔ (الاعراف 157)
ڪٿي اها تعليم آهي ته: منجهس انساني زندگيءَ جي اهم شعبن بابت مفصل تعليم موجود آهي. ڪٿي اهو اشارو آهي ته توهين ان جي اندر ڪو داخلي تضاد نه لهندؤ. ان جون سموريون تعليمات هڪ ٻئي سان ٺهڪندڙ آهن. هر صفت، ان ڪتاب ۽ ان جي تعليم جو ڪو اهم پهلو بيان ڪري ٿي. هيٺين آيتن تي ٿورو غور ڪريو:
* ذٰلِکَ الۡکِتٰبُ لَا رَیۡبَ ۚۖۛ فِیۡہِ۔ (البقرۃ 2)
(شڪ شبهي کان پاڪ ڪتاب.)
* ہُدًی لِّلنَّاسِ وَ بَیِّنٰتٍ مِّنَ الۡہُدٰی۔ (البقرۃ 185)
(ماڻهن لاءِ هدايت ۽ هدايت جي دليلن سان ٽمٽار.)
* وَ اتَّبَعُوا النُّوۡرَ الَّذِیۡۤ اُنۡزِلَ مَعَہٗۤ۔ (الاعراف 157)
(نور- جيڪو پيغمبر سان قرآن جي صورت ۾ گڏ آهي.)
* وَ نَزَّلۡنَا عَلَیۡکَ الۡکِتٰبَ تِبۡیَانًا لِّکُلِّ شَیۡءٍ۔ (النحل 89)
(هر شيءِ جو بيان ڪندڙ ڪتاب.)
* وَ لَوۡ کَانَ مِنۡ عِنۡدِ غَیۡرِ اللّٰہِ لَوَجَدُوۡا فِیۡہِ اخۡتِلَافًا کَثِیۡرًا۔ (النساء 82)
(اگر اهو ڪتاب، الله کانسواءِ ٻئي وٽان اچي ها ته منجهس کوڙ سارو اختلاف ڏسو ها.)
هتي اسين اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته قرآن، حڪيم آهي ۽ حڪمت کي وري مطلق خير ڪثير به چوي ٿو. هيٺ ڪجهه اهڙيون آيتون ڏجن ٿيون، جن ۾ حڪمت ۽ ڪتاب جو گڏوگڏ ذڪر آهي:
* لَمَاۤ اٰتَیۡتُکُمۡ مِّنۡ کِتٰبٍ وَّ حِکۡمَۃٍ۔ (اٰل عمرٰن 81)
(ته جو ڪتاب ۽ حڪمت اوهان کي ڏيان)
* وَ یُعَلِّمُہُمُ الۡکِتٰبَ وَ الۡحِکۡمَۃَ۔ (البقرۃ 129)
(۽ انهن کي ڪتاب ۽ دانائي سيکاري ٿو)
* عَلَّمۡتُکَ الۡکِتٰبَ وَ الۡحِکۡمَۃَ۔ (المائدۃ 110)
(۽ جنهن وقت توکي ڪتاب ۽ حڪمت سيکاريم)
* یُعَلِّمُہُمُ الۡکِتٰبَ وَ الۡحِکۡمَۃَ۔ (الجمعۃ 2)
(۽کين ڪتاب ۽ عقلمندي سيکاري ٿو)
* فَقَدۡ اٰتَیۡنَاۤ اٰلَ اِبۡرٰہِیۡمَ الۡکِتٰبَ وَ الۡحِکۡمَۃَ۔ (النساء 54)
(پوءِ بيشڪ اسان ابراهيم جي اولاد کي ڪتاب ۽ دانائي ڏني)
* وَ اَنۡزَلَ اللّٰہُ عَلَیۡکَ الۡکِتٰبَ وَ الۡحِکۡمَۃَ۔ (النساء 113)
(۽ الله توتي ڪتاب ۽ حڪمت لاٿي آهي)
قرآن حڪيم جي اندر، زندگيءَ جي هر اهم شعبي بابت احڪام موجود آهن. پر ڪٿي به قرآن پنهنجو پاڻ کي ”ڪتاب الاحڪام“ نه ٿو چوي. ان جو اهو ئي مطلب ٿي سگهي ٿو ته احڪام صادر ٿيندا آهن حڪمت جي بنياد تي ۽ هر حڪم جي تهه ۾ ڪا نه ڪا حڪمت هوندي آهي، جيڪا انفس و آفاق تي غور فڪر ڪندڙن تي ئي کُلندي آهي. حڪم کي، رڳو حڪم طور پيش ڪرڻ ۽ ان کي واجب الاطاعت قرار ڏيڻ، مطلق العنان حڪمرانن جي آمريت پاران ئي ٿي سگهي ٿو، جيڪي چون چرا کانسواءِ ئي محڪومن جي فرمانبرداريءَ جا خواهشمند هوندا آهن، پر ڪائنات جو خدا، محض حاڪم ناهي، بلڪه حڪيم به آهي. افلاطون جي جڳ مشهور ڪتاب: ”جمهوريت“ ۾ سقراط جي زباني اهو بيان ڪيو ويو آهي ته انساني جماعتن ۽ سوسائٽين ۾ تيستائين حقيقي عدل قائم نه ٿو ٿي سگهي، جيستائين اها صورت پيدا نه ٿئي يا ته حڪيم حڪمران بڻجي وڃن يا وري حڪمران حڪيم بڻجي وڃن! سماج ۾ اندروني ۽ بيروني فساد جو ڪارڻ اهو آهي ته جيڪي شخص حاڪم ۽ اقتدار ڌڻي بڻجي وڃن ٿا، اهي حڪمت کان وانجها هوندا آهن ۽ جيڪو مرد حڪيم آهي ان کي سياسي اقتدار ناهي ملندو. افلاطون ۽ سقراط، اٽڪل اڍائي هزار ورهيه اڳ حڪومتن جي جنهن انداز کي بيان ڪيو آهي، اهو انداز هاڻي به تسليم ٿيل آهي ۽ تمام ڊگهي جدوجهد واري انساني سفر ۾ ڪٿي ڪٿي ڪسو پڪو حڪومتن ۾ ڏسجي ٿو. قرآن، اهڙي خدا ۽ فطرت جي خلقڻهار کي پيش ڪري ٿو جيڪو قادرِ مطلق آهي، جيڪو حاڪم هجڻ سان گڏ حڪيم به آهي. وٽانئس هر حڪم، ڪنهن نه ڪنهن حڪمت تحت ئي سرزد ٿيندو آهي. بي اصول حڪمراني خدا به ناهي ڪندو جيڪو عليٰ ڪل شيءِ قدير به آهي! خدا، هادي آهي. صرف انسانن جو هادي ناهي بلڪه جمادات و نباتات ۽ شمس و قمر ۽ ڪائنات جي هر ذري جو به هادي آهي.
ڪا به هدايت، محض حڪم ناهي هوندي. هر هدايت جو سرچشمو به ڪا نه ڪا اونهي علت هوندي آهي ۽ ان علت ۾ ان هدايت جي حڪمت لڪل هوندي آهي. خدا ڏٺو ته دنيا جا حڪمران لڳ ڀڳ حڪمت کان ڪورا هوندا آهن جن جي خاندانن ۾ شخصي يا خانداني يا طبقاتي خود غرضي لڪل هوندي آهي، وٽن عدل ناهي هوندو. تنهن ڪري انسانن کي هدايت ۽ عادلانه زندگيءَ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. انهيءَ ڪري ئي خدا، نبي سڳورا معبوث فرمايا. جيڪي خدا جا حڪمت ڀريا احڪام، ماڻهن جي آڏو پيش ڪن ۽ اهي نافذ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پر هر نبيءَ کي، مشيت الهيءَ اهو موقعو ڪو نه ڏنو ته هو دنياوي زندگيءَ ۾ صاحبِ اقتدار حڪمران به بڻجي! گهڻن نبي سڳورن کي اهائي ذميواري ملي ته: ”هو، صاحب اقتدار طبقن جي خلاف صداءِ احتجاج بلند ڪن ۽ ماڻهن جا ضمير بيدار ڪن، کين سندن عملن جي نتيجن کان آگاهه ڪن ۽ معاشرتي عدل تي آماده ڪن. منجهانئن گهڻن نبين سڳورن جي صدا، محض رڃ ۾ رڙ ثابت ٿي يا وري انساني ضميرن ۾ ڪي تمام ٿوريون لهرون پيدا ٿيون، پر قرآن چوي ٿو ته: سڀ نبي سڳورا، اوامر و نواهيءَ سان گڏوگڏ حڪمت به سيکاريندا هيا. اهي پاڻ به وڏا وڏا حڪيم هيا. اهي ماڻهن کي عملن جي فطري سببن ۽ علتن کان به واقف ڪندا هيا ۽ جيڪي ڪجهه چوندا هيا، ان جي معقول هجڻ جو ڪو نه ڪو سبب به ٻڌائيندا هيا. انساني نفسن جي بيماري سڃاڻندا هيا ۽ انهن جو علاج به تجويز ڪندا هيا.
عام طور اهو خيال ڪيو ويندو هو ته نبي ۽ حڪيم ٻه جدا جدا گروهه آهن پر قرآن سچي نبوت ۽ حقيقي حڪمت ۾ ڪو به سنڌو نٿو قائم رکي. هو اڪثر نبي سڳورن جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو ته: انهن کي نبوت سان گڏ حڪمت به عطا ڪئي وئي آهي. ان مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته: هر نبي حڪيم هوندو آهي پر هر حڪيم نبي ناهي هوندو! اصل حڪمت اها آهي جيڪا نبوت سان واڳيل هجي. جيڪڏهن حڪمت، نبوت کان مورؤن الڳ ٿي وڃي ته ان جا ٻه نتيجا ئي سامهون اچي سگهن ٿا:
* اهڙي حڪمت محظ ظني ۽ استدلالي ڀلڪاريون هوندي.
* مظاهرِ فطرت جي ڪنهن پاسي بابت ڪا جزوي معلومات ڏيندڙ هوندي جيڪا سڌو سنئون انساني زندگيءَ تي اثرانداز نه ٿي سگهندي.
حڪمت جي مفهوم بابت ڪجهه وڌيڪ وضاحت جي ضرورت آهي. لفظ: ”حڪمت“، دينيات کان الڳ ٿي ڪري ڪڏهن فلسفي جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي ۽ ڪڏهن سائنس جي معنيٰ ۾. فلسفي جا مسئلا ۽ دين جا مسئلا گهڻي ڀاڱي مشترڪ هوندا آهن ۽ انهن مسئلن جي حل جا رستا ڪجهه دير تائين پورو ڇوٽ هلندا آهن، پر خاص حدن کان اڳتي طرز استدلال ۽ حقيقت تائين پهچ جا وسيلا هڪ ٻئي کان منفرد ۽ مختلف ٿي ويندا آهن. هڪ فلسفي به زندگيءَ جي بنيادي ۽ ڪلي صداقتن ۽ بنيادي حقيقتن کي ڄاڻڻ چاهيندو آهي ۽ دين به انهن ئي حقيقتن جو نالو آهي. عقل هڪ خدا پاران عطا ڪيل جوهر آهي ۽ انسان جي نرالي خاصيت آهي. اهوئي سبب آهي جو قرآن، عقل استعمال ڪرڻ تي وڏو زور ڏنو آهي. قرآن جيڪا تعليم به وحي جي ذريعي پيش ڪري ٿو، ان سان گڏوگڏ هي به چئي ٿو ته تفڪر ۽ تدبر ڪرڻ وارا ”اولو لالباب“ جيڪڏهن چڱي طرح مشاهدو، سوچ ويچار ۽ استدلال ڪندا ته ان تعليم کي درست لهندا. برابر عقل ۽ وحي ۾ امتياز ۽ فرق موجود آهي پر قرآن انهن جي باهمي مخالفت جو قائل ڪونهي. جيڪڏهن ٻنهي ۾ اهڙي مخالفت هجي ها ته قرآن پنهنجو پاڻ کي حڪمت جو ڪتاب نه چوي ها ۽ نه وري فطرت جي مظاهرن جي مطالعي سان حقيقت جي تهه تائين پهچڻ تي ايترو زور ڏئي ها. قرآن جي تعليم ۾ هي يقين موجود آهي ته حڪمت جو صحيح استعمال ديني حقيقتن جي آخرڪار ضرور تائيد ڪندو. اهوئي سبب آهي جو قرآن حڪمت سان لاڳاپيل سرگرمين کي دين ۽ عبادت جو جز سمجهي ٿو.
هاڻي ڏسڻو هيءُ آهي ته شرح صدر سان سوچيندڙ فلاسافر ۽ نبيءَ ۾ فرق ڪٿان ٿو پيدا ٿئي. نبيءَ وٽ نه رڳو ڪائنات جو مشاهدو ۽ استدلال پر ڪجهه سڌين سنئين حقيقتن جو وجدان ۽ ادراڪ پڻ آهي. يقيناً فلاسافر ۾ پيدا ٿي سگهي ٿو پر اهو علم اليقين جي حد تائين رهندو آهي، ان کان اڳتي عين اليقين ۽ اڃا به اڳتي حق اليقين جو درجو آهي. اهي آخري ٻه درجا رڳو استدلال سان نٿا ماڻي سگهجن. مشهور صوفي ابو سعيد ابوالخير جي بوعلي سينا سان ملاقات ٿي. بوعلي سندس آڏو ڪائنات ۽ زندگيءَ جي حقيقتن تي عقلي ڳالهه ٻولهه ڪندو رهيو ۽ عقل ۽ ڏاهپ جي روءِ سان انهن سڀني حقيقتن جي تائيد ڪندو ويو جن جي تعليم دين ۾ ملي ٿي. ابو سعيد انهن سڀني ڏاهپ ڀرين دليلن جي جواب ۾ رڳو اهو چيو ته
”هرچه تومي داني من مي بينم“
اهو دانش ۽ بينش (ڏاهپ ۽ معرفت) جو وڏو فرق آهي. ان فرق کي اقبال رحه پڻ هر هنڌ مختلف من موهيندڙ انداز ۾ بيان ڪيو آهي.
عقل گو آستاں سے دور نہیں۔ اس کی تقدیر میں حضور نہیں
اهو حضور ئي آهي جنهن کي ڪو مشاهدو ٿو چوي، ڪو وجدان ٿو سڏي، ۽ ڪو مڪاشفو. نبين سڳورن وٽ ان جي جيڪا صورت ۽ جيڪو درجو آهي ان کي وحي چوندا آهن. اقبال ان لاءِ عشق جو اصطلاح استعمال ڪيو آهي. رومي ۽ بوعلي جي ڀيٽ ۾ هو ان ئي عشق کي دل جو سوز قرار ڏئي ٿو، جنهن کانسواءِ عقل حقيقت شناس نٿو ٿي سگهي. عشق ۽ سوز، وجدان ۽ مشاهدي کانسواءِ حڪمت ۽ ڏاهپ خيرڪثير (تمام گهڻي ڀلائي) هجڻ باوجود ڪامل ۽ مڪمل نٿي بڻجي سگهي. نبي سڳورن وٽ وجدان ۽ فڪر ۽ قول ۽ فعل سڀ هيڪڙائي ۽ هم آهنگيءَ ۾ هوندا آهن. عقل پرست ڏاهي وٽ اُها هم آهنگي هجڻ ضروري ڪانهي.
حڪيمن جو اهو قسم، جن کي فيلسوف نه پر سائنسدان چئجي ٿو، الڳ نوعيت جو آهي. خارجي ۽ باطني فطرت جا بي شمار درجا ۽ شعبا آهن. فطرت جي مظاهر جي نوعيت الڳ الڳ آهي. ڪٿي مادي مظاهر آهن، ڪٿي نباتي ته ڪٿي حيواني! ڪٿي فلڪيات جو جهان آهي، ڪٿي انساني جسم جو مطالعو آهي، ڪٿي ان جي نفسيات جو. خلقڻهار جي ڪائنات هڪ ناقابل تقسيم وحدت آهي. ان جو ڪو به حصو ٻئي حصي کان بنهه الڳ ڪونهي پر ان وحدت جي اندر هڪ انيڪ ڪثرت ڀريل آهي جيڪا هڪ ئي وقت ڪنهن انسان جي محدود مطالعي، مشاهدي ۽ استدلال جي احاطي ۾ نه ٿي اچي سگهي. انسان جي محدود قوتن، مظاهرِ عالم جي مطالعي لاءِ انهن کي الڳ الڳ بابن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو ته جيئن ڪنهن هڪ شعبي جو آئين، ادراڪ جي گرفت ۾ اچي سگهي. ڪو سائنسدان، سڄي ڄمار هڪ جيت جي مطالعي ۾ صرف ڪري ڇڏي ٿو. ڪو وري انسان جي ڪنهن هڪ عضوي جي جوڙجڪ ۽ ڪم جي مطالعي ۾ مهارت پيدا ڪري ٿو. ڪو ذري ۽ ايٽم جي اٿاهه تحقيق ۾ مگن آهي. اهي سڀ دراصل حڪمت جا پياسا ۽ ان جي ئي تلاش ۾ آهن، پر جزوي حقيقتن جي تحقيق لاءِ جزوي عقل ئي استعمال ٿيندو آهي. علمن ۾ جيتريقدر تخصيص (اسپيشلائيزيشن) ترقي ڪندي پئي وڃي، اوتري قدر هڪ سائنسدان، هڪ جز جو عالم هجڻ سان گڏوگڏ زندگي ۽ ڪائنات جي ٻين حقيقتن کان جاهل مطلق ٿيندو پيو وڃي. اهو گهٽ کان گهٽ شيءِ جو وڌ کان وڌ علم حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ زندگيءَ جي حقيقتن کان ويڳاڻو ٿيندو پيو وڃي. پر جيڪڏهن هو پنهنجي تحقيق هيٺ جزن جا به سڀ پاسا ڄاڻي وٺي ته هو به ڪلي حقيقتن کان آگاهه ٿي وڃي پر ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي مطالعي کي خاص حدن جي اندر محدود ٿو رکي ان ڪري هو ڪل جي وسعتن کان محروم ٿو رهي. هر جز هڪ ڪل جو جز هوندو آهي ۽ اهو ڪل به وري ڪنهن ٻئي ڪل جو جز هوندو آهي.
هڪڙي شاعر گل سان ڳالهيون ڪندي چيو پئي: ”مون کي نه، جي تنهنجي پوري حقيقت معلوم ٿي وڃي ته هوند! مون کي انسان ۽ خدا جي معرفت به حاصل ٿي وڃي!“
قرآن، فطرت جي مطالعي جي تلقين ڪري ٿو، پر گڏوگڏ اهو به تاڪيد ڪري ٿو ته فطرت جي ڪنهن به مظهر کي ان جي مطلق سرچشمي ۽ واحد خلقڻهار سان وابسته ڪري پوءِ سمجهو ۽ اهو ڏسو ته ڪُلّي فطرت ۽ فاطرالسماوات والارض سان ان جو ڪهڙي قسم جو رابطو آهي ۽ ڪيئن ٿو هر جز، ڪل ڏانهن رهنمائي ڪري. قرآن جي نظر ۾، حڪمت ان شيءِ جو نالو آهي. اها حڪمت جنهن کي قرآن، خير ڪثير چوي ٿو، محض انساني احڪام ۽ اعمال کان بالاتر شيءِ آهي. جيتوڻيڪ انسان جا صحيح عمل انهيءَ حڪمت مان عمل ۾ ايندا آهن، ڇاڪاڻ ته انسان جا عمل ڪائنات جي ڪلي حقيقت کان جدا نٿا ٿي سگهن. قرآن جنهن شيءِ کي حڪمت چوي ٿو، اها دراصل زندگيءَ جي مقصدن جو علم آهي. جيڪڏهن حڪمت جي جدوجهد زندگيءَ جي مقصدن تائين نه پهچي سگهي ۽ انساني زندگيءَ جي نصب العين کي واضح نه ڪري سگهي ته اها اڌوري رهجي ويندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اڌورو علم، جهالت کان وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيندو آهي.
قرآن حڪيم جي تعليم جو بنياد توحيد آهي، يعني زندگي ۽ ڪائنات جي وجود جو سرچشمو هڪ ئي ذات آهي. فيلسوف ۽ سائنسدان، وجود جي مظهرن ۾ علت ۽ معلول، سبب ۽ اثر جا رابطا تلاش ڪندا رهندا آهن. عام زبان ۾ به ڪنهن شيءِ يا ڪنهن واقعي کي ڄاڻڻ جي معنيٰ هيءَ هوندي آهي ته انساني عقل ان کي ڪنهن قاعدي ڪنهن قانون تحت آندو آهي. قانون جي معنيٰ آهي: تغير ۾ ثبات جي تلاش! (يعني ڦير گهير ۾ قائم رهندڙ شيءِ جي تلاش) عالم ظاهر ۽ باطن ۾ هر مظهر، هر وقت تغير پذير رهندو آهي. ظاهري نگاهه ۾ سموري هستي تغير پذير لڳندي آهي. ڪثرت ظاهر آهي ۽ وحدت لڪل. حڪمت جي تلاش دوران، انسان جزئيات کي ڪليات ۾ پوئيندو ويندو آهي، پوءِ ڪيترن ئي ڪلين کي ڪنهن هڪ ڪليي جي دامن ۾ آڻيندو آهي. عقل ۽ فهم جي ترقيءَ سان ڪليات جو تعداد مٿي چڙهندي چڙهندي گهٽبو ويندو آهي.
نباتات ۾ هر نسرندڙ شيءِ پنهنجو مخصوص رنگ روپ رکندي آهي ۽ ان جي واڌ ويجهه جو قانون پڻ مخصوص هوندو آهي، پر نباتات جو ماهر ان تنوع ۽ ڪثرت کي انواع تحت آڻي مخصوص انواع جا مخصوص قانون ڳوليندو آهي. اهڙيءَ ريت حيوانات جو ماهر ان جا قسم ٺاهيندو آهي ۽ هر قسم جو هڪ نالو تجويز ڪندو آهي. اهو نالو ڪنهن هڪ فرد جو ناهي هوندو پر هڪ نوع جو نالو هوندو آهي، جنهن اندر اڻ ڳڻيا فرد صفتن جي هڪجهڙائپ ڪري علم جي لحاظ کان هڪ لڙيءَ ۾ پوئيندا ويندا آهن. قرآن حڪيم ۾ پڻ علم جو اهوئي مفهوم آهي. آدم جي قصي ۾ سمورن ملائڪن تي انسان جي فضيلت انهيءَ بنياد تي ثابت ٿي ته کيس سڀني شين جا نالا معلوم ٿي ويا. تمام گهڻن کي هن وڻ چيو، قسمين قسمين ننڍن وڏن پٿرن کي هن پٿر چيو. انهيءَ جو نالو عقل ۽ علم آهي ۽ انهيءَ راهه تي اڳتي وڌندو رهڻ حڪمت ۽ ڏاهپ جي ترقي آهي.
قرآن جو نظريو ۽ ان جي تعليم اها آهي ته هيءَ نه کٽندڙ ڪثرت ۽ تغيرات جي ڪائنات هڪ وحدت مان ڦٽي نڪتي آهي ۽ ان کي سمجهڻ جو به لازمي طريقو اهو آهي ته انسان ڪٿي به ڪثرت کي رڳو ڪثرت نه سمجهي بلڪه هر وک ته ان کي ننڍين يا وڏين وحدتن ڏانهن موٽائيندو هلي، ايستائين جو، هو وحدتِ ڪليءَ تائين پهچي وڃي جيڪا اول به آهي ۽ آخر به، ظاهر به آهي ۽ باطن به. سمورين علمي ۽ عملي ڪوششن جو ڇيهه به ”خدا“ آهي ۽ سموري حڪمت ۽ ڏاهپ جو مقصود پڻ هستيءَ جي هيڪڙائيءَ جو فهم آهي. قرآن جيڪا توحيد جي خالص تعليم ڏئي ٿو اها حقيقت ۾ ڪائنات جي معرفت جو درس آهي. علم جي زبان ۾ جنهن کي قانون يا آئين چئبو آهي. قرآن جي زبان ۾ ان کي ”سنة الله“ چيو ويو آهي، جنهن بابت ڪيترين ئي جاين تي چيو ويو آهي ته: ”توهين الله جي سنت ۾ ڪا به تبديلي نه لهندؤ.“ ڪائنات جي خلقڻهار ۽ وجود جي هاديءَ جي مشيت ڪي قائم ۽ ثابت اصول رکندڙ آهي. خدا جي مشيت ۽ ان جو ارادو، انساني خواهش ۽ ارادي وانگر ناهي جيڪو ڪڏهن ڪيئن هوندو آهي ته ڪڏهن ڪيئن! زندگيءَ جي آئين کي قائم رکڻ، خدا جو هڪ واعدو آهي ۽ خدا هرگز واعدي خلافي ناهي ڪندو. سائنس ۾ ڪنهن نظريي جي صداقت هن ڳالهه مان لڌي ويندي آهي ته ان جي مطابق جيڪا اڳ ڪٿي ڪئي وڃي، بعد ۾ ايندڙ مظاهر ۽ حوادث ان جي تصديق ڪن. معنيٰ ته سائنس جو مدار به ان الله لايخلف الميعاد تي ئي آهي. انسان جي فطرت هجي يا ڪائنات جي ڪنهن شعبي جي فطرت، انهن سڀني جي متعلق قرآن جو هي فيصلو آهي ته الله جي خلقت جي قانونن ۾ ڪا به تبديلي نه ڏسندؤ. قرآن چوي ٿو ته انهيءَ ڳالهه کي مڃڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جو نالو دين آهي ۽ انهيءَ جي معرفت حاصل ڪرڻ حڪمت آهي. دنيا جي ڪنهن به مذهبي صحيفي ۾ هيءَ تعليم اهڙي وضاحت سان نٿي ملي. دين جي هن ماهيت کي قرآن هميشه لاءِ واضح ڪري ڇڏيو آهي ۽ عقل ۽ حڪمت سان ان جو گڏ هجڻ لازم ٻڌائي ڇڏيو آهي.
فِطۡرَتَ اللّٰہِ الَّتِیۡ فَطَرَ النَّاسَ عَلَیۡہَا ؕ لَا تَبۡدِیۡلَ لِخَلۡقِ اللّٰہِ ؕ
ذٰلِکَ الدِّیۡنُ الۡقَیِّمُ۔ (الروم 30)
(الله جي ان فطرت کي ڏسو جنهن تي هن انسانن کي پيدا ڪيو آهي. خلقت جي قانونن ۾ ڪا تبديلي ڪونهي. اهوئي آهي دين قيم.)
قرآن حڪيم اڳين نبين متعلق هي فرمايو آهي ته اهي ماڻهن کي ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم ڏيندا هيا. جنهن جو مطلب هي آهي ته اهي خدائي حڪمن سان گڏ ماڻهن کي عقيدن ۽ عملن جي فطري ضرورت، سببن ۽ نتيجن کان به آگاهه ڪندا هئا. رڳو حڪم ئي نه ٻڌائيندا هئا پر ان جي حڪمت به واضح ڪندا هئا. اڳين نبين جا حڪم زمان ۽ مڪان ۽ قومن جي خاص مزاج جي مطابق هئا. ان ڪري جيڪا حڪمت اهي پيش ڪندا هئا سا به محدود ۽ مخصوص هئي. ”جيتري ڄاڻ ايترو ڪلامِ“ نبوت ۽ حڪمت لاءِ اهوئي قاعدو بڻيل هو. پر آخر ۾ جڏهن ابدي حقيقتن پيش ڪرڻ وارو عالمگير دين آيو ته ان ۾ حڪمت جو پهلو به سموري موجودات ۽ سموري انسانذات تي محيط ٿي ويو. قرآن جي نازل ٿيڻ کانپوءِ دين ۽ حڪمت جا دائرا الڳ الڳ نه رهيا. ان ڪري ڪجهه مخصوص فلسفن ۽ دين ۾ ٽڪراءُ ته ٿي سگهي ٿو پر فطرت جي مظاهرن جي آئيني ترتيب ۽ دين اسلام ۾ تضاد ۽ مخالفت جو ڪو به امڪان ڳولي نه ٿو سگهجي.
قرآن، مختلف سائنسي علمن جي پيرائتي ۽ مخصوص معلومات نه ٿو ڏئي. قرآن، نه ڪي فلڪيات جو ڪتاب آهي ۽ نه ڪي طبيعيات، ڪيميا ۽ رياضيءَ جو ڪتاب! پر ان جي باوجود قرآن الله جي قانونن جي يڪسانيت ۽ جوڙجڪ کي ٻڌائي سائنس جي سمورن بنيادن کي مضبوط ڪري ڇڏيو آهي. ڪائنات جي ڪنهن شعبي جو قانون ڪڏهن ڪهڙو ۽ ڪڏهن ڪهڙو ٿي وڃي ته هيءَ ڪائنات، ڪائنات نه رهي سگهي. ان جو قائم رهڻ ته پري رهيو پر ان جو وجود ئي مورڳو ناممڪن بڻجي پوي جيڪا شيءِ عدم مان وجود ۾ ايندي آهي. اُها هڪ خاص اندازي سان ظاهر ٿيندي آهي. قرآن چوي ٿو ته خدا جي قدرت ۽ ان جا خزانا اڻ کٽ آهن، پر جيڪو ڪجهه وجود ۾ ايندو آهي اهو هڪ خاصي اندازي ۽ تناسب سان ايندو آهي.
اِنَّا كُلَّ شَیۡءٍ خَلَقْنٰہُ بِقَدَرٍ۔
هستيءَ جي ان حقيقت کي قرآن ميزان (توريل تڪيل) پڻ چيو آهي:
اَللہُ الَّذِیۡۤ اَنۡزَلَ الْکِتٰبَ بِالْحَقِّ وَ الْمِیۡزَانَ۔
قديم دور ۾ اڪثر مذهبن جي پيروڪارن اهو عقيدو قائم ڪري ورتو هو ته ھر قسم جا سائنسي نظريا سندن مذهبي صحيفي ۾ وحيءَ جي طرفان ڄاڻايل آهن، تنهن ڪري ڪنهن سائنسدان وڻ ۽ پٿر يا سج ۽ چنڊ بابت جو ڪجهه چيو ان کي ان نظر سان ڏٺو ويندو هو ته اهو مذهبي صحيفي ۾ بيان ڪيل تعليم مطابق آهي يا ان جي ابتڙ. فلڪيات جي بطليموسي قياسيات کي دين جو جز سمجهيو ويو هيو. جڏهن جديد تجرباتي سائنس ان جي تائيد نه ڪئي ته ”گيليليو“ جهڙي محقق کي قابلِ تعزير قرار ڏنو ويو.
يورپ ۾ مذهب ۽ سائنس جي ڇڪتاڻ، انساني ضميرن کي ڏاڍو جنجهوڙيو ۽ اها جنجهوڙ اڃا تائين باقي آهي. سائنس جو آغاز مسلمانن جي تجرباتي تحقيق سان ٿيو پر ڪنهن مسلمان مفڪر جي اهڙين ڪوششن کي ملعون ۽ مردود قرار نه ڏنو ويو. فطرت جي مظاهر ۾ آزادانه طور تي تحقيق ذريعي آئين تلاش ڪرڻ هڪ چٽو قرآني حڪم هيو. تنهن ڪري دين ۽ سائنس جي جنگ اسلام جي تاريخ ۾ نه ڪي پهريان نظر اچي ٿي ۽ نه ڪي هاڻي ان جو ڪو امڪان آهي. باقي جيڪڏهن قرآن، اهڙن تنگ نظر فقيهن ۽ مفسرن جي ور چڙهي وڃي- جيڪي مغرب جي عيسائين وانگر سائنس جي جزئيات کي به قرآن ۽ حديث مان تلاش ڪرڻ جي فضول هڻ وٺ ۾ لڳا رهن ته اها الڳ ڳالهه آهي!
قرآن حڪيم حڪيماڻو زاويئه نظر پيدا ڪيو آهي جنهن سان ابد الآباد تائين حڪمت ۽ معرفت جا رستا کلي پيا آهن. قرآن ۾ جيڪڏهن وڻن ۽ پٿرن يا سج ۽ چنڊ، يا کنوڻ ۽ مينهن جو ذڪر ملي ٿو ته ان جو مقصد ڪنهن طبيعي سائنس بابت جزئي نظريا پيش ڪرڻ هرگز ناهي بلڪه فصاحت، بلاغت ۽ اسلوبِ بيان سان زندگيءَ جي مقصد کي واضح ڪرڻ آهي. تشبيهون ۽ تمثيلون ڪنهن سائنس جا آئين ۽ قانون ناهن هونديون. مظاهر فطرت جون کوڙ ساريون شيون ٻوليءَ جي عام محاورن ۾ داخل ٿي وينديون آهن ۽ فصاحت جي تقاضا اهائي هوندي آهي ته اهي دلڪش انداز ۾ پنهنجي بيان ۾ سموئي ڇڏجن. دين، گهڻين روحاني حقيقتن کي تشبيهن ۽ تمثيلن ۾ پيش ڪيو آهي ۽ ان جو سبب اهو آهي ته خالي منطقي استدلال، عام انساني طبقن لاءِ ايترو دلنشين ۽ اثرائتو ناهي هوندو جيترو مثالن ۽ تشبيهن ذريعي اثرائتو ٿيندو آهي. قرآن فرمائي ٿو ته تشبيهات ۽ تمثيلات کي فقط راسخ العلم ماڻهو ئي سمجهي سگهن ٿا. اها الڳ ڳالهه آهي ته تنگ نظر ۽ فتني باز ماڻهو لفظن ۽ صورتن ۾ الجهي پوندا آهن! قرآن پاڪ، نهايت حڪيمانه انداز ۾ محڪمات کي متشابهات کان الڳ ڪري پيش ڪيو آهي. دين جو لازمي جز محڪمات آهن. يعني اهي ٺوس حقيقتون، جيڪي فطرت مطابق هجڻ جي ڪري اٽل آهن! خود جنت جي دل لڀائيندڙ بيانن سان گڏ قرآن اهو به ٻڌايو ته جنت جو مثال ايئن آهي ڄڻ هڪ باغ!
مَثَلُ الۡجَنَّۃِ الَّتِیۡ وُعِدَ الۡمُتَّقُوۡنَ ؕ فِیۡہَاۤ اَنۡہٰرٌ مِّنۡ مَّآءٍ غَیۡرِ اٰسِنٍ۔ (محمد 15)
(جنهن جنت جو متقين سان واعدو ڪيو ويو آهي ان جو مثال ايئن آهي جهڙوڪر نه خراب ٿيندڙ پاڻيءَ جون نهرون.)
اهڙيءَ طرح جهنم بابت فرمايو ويو ته ان جا شعلا دلين مان اٿندا آهن ته جيئن سمجهڻ وارا سمجهي وٺن ته جهنم ڪاٺين ۽ ڪوئلن جو ڪو بٺو ناهي.
نَارُ اللّٰہِ الۡمُوۡقَدَۃُ الَّتِیۡ تَطَّلِعُ عَلَی الۡاَفۡـِٕدَۃِ ۔ (الہمزۃ 6-7)
(الله جي اها ٻاريل باهه، جيڪا دلين مان دکندي آهي.)
قرآن ۾ ڪن جاين تي فقط احڪام ملن ٿا، جن سان گڏوگڏ انهن جي حڪمت بيان نه ڪئي ويندي آهي، پر ڪٿي ڪٿي آئين سازيءَ جا اصول به بيان ڪيا اٿس. مثال طور: شراب ۽ جوئا بابت قرآن، نهايت سٺو قاعدو بيان ڪيو آهي ۽ انهن عملن جي ممانعت جو سبب ٻڌائي ڇڏيو آهي. ڪو قاعدو يا قانون اهڙو ناهي جيڪو هر حالت ۾ هر شخص کي نفعو يا نقصان پهچائي. ڪو به طريقيڪار هجي ان ۾ ڪن ماڻهن کي ڪن حالتن ۾ فائدو پهچندو ۽ ڪن کي نقصان. انساني فطرت ۽ معاشرن جي بناوٽ ئي اهڙي آهي جو ايئن ٿيڻ لازمي آهي. قرآن چوي ٿو ته انهن عملن سان ڪن ماڻهن کي ڪي فائدا به پهچندا آهن، پر سموري انساني معاشرت ۽ نفسيات کي سامهون رکي اجتماعي زاويي سان ان جو جائزو وٺو ته انهن جا نقصان انهن جي فائدن کان وڌيڪ هوندا آهن. قانون ۽ قاعدا اڪثريت جي بنياد تي ٺهندا آهن. انهن ۾ چند فردن جو نفعو يا نقصان نه ڏسبو آهي. قرآن جي حڪمت اهو ٻڌائي ڇڏيو ته قانون جو جڙڻ عام فائدي لاءِ هوندو آهي. قانون انسانن لاءِ ٺهندا آهن، انسان هر گٺل، ڦٽل ۽ منجهيل فضول قانونن جي پابنديءَ لاءِ ناهن ٺهيا.
قرآن، انسان کي حڪمت پسند بنائڻ لاءِ هڪ ٻيو به اهم قدم کنيو. اسلام کان اڳ جي سمورن مذهبن پنهنجو بنياد، معجزن تي قائم ڪيو هيو ۽ ماڻهن جي اها عادت عام ٿي وئي هئي ته هر نبيءَ کان اها تقاضا ڪجي ته هو پنهنجي صداقت جي ثبوت ۾ ڪي معجزا ڏيکاري. اهڙا ئي مطالبا، قريش جا مشرڪ به، پاڻ سڳورن کان بار بار ڪندا هيا. انهن جي جواب ۾ قرآن چوي ٿو ته: ”توهان کان پهرين ۾، معجزن ڪهڙو ايمان پيدا ڪيو جو هاڻي وري ساڳيو تجربو توهان سان دهرايو وڃي؟ معجزن جي مطالبي ۾ قرآن، بار بار فطرت جا منظر پيش ڪري ٿو ۽ فطرت جي مشاهدي ذريعي فطرت جي خلقڻهار تي ايمان آڻڻ جي تلقين ڪري ٿو. مٽيءَ مان رنگ برنگي گلن جو ڦٽڻ ۽ قسمين قسمين ميون جو ڦَرجڻ هجي يا انسانن جون مختلف ٻوليون ۽ انهن جا مختلف رنگ يا فلڪيات جو پورن ٽاڻن تي حساب ڪتاب سان گردش ڪرڻ، اهي سڀ معجزائي ته آهن.
ان معنيٰ ۾ نه ته اهي معمول جي خلاف آهن بلڪه خدا جي رحمت ۽ ان جي حڪمت جا ان مٽ مظهر آهن. انسان هڪ طرف ان جي قدرت آڏو عاجز آهي جو هڪ مَکِ جو پر به نٿو ٺاهي سگهي. ٻئي طرف سندس ڪمزوريءَ جي اها حالت آهي ته هو هڪ پن يا هڪ ذرڙي جي حقيقت کي به ڀليءَ ڀت نٿو سمجهي سگهي. ڪو واقعو انسان لاءِ فرق عادت (معمول جي خلاف) هجي ته خدا لاءِ ته فرق عادت نٿو ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته خدا چوي ٿو ته مان پنهنجي عادت يا سنت ۾ ڪا به تبديلي نٿو ڪريان، جنهن کي انسان معجزو سمجهي ٿو اهو پڻ خدا جي ڪنهن آئين ۽ قانون تحت ظاهر ٿيندو آهي. ڏاهي ۽ حڪيم آڏو جيتريقدر ڪائنات جا قانون واضح ٿيندا ويندا آهن اوتري قدر اُها پُراسرار بڻبي ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته هر وجود پنهنجي اندر ۽ ٻاهر اڻ کٽ آهي.
روس جي مشهور اديب ۽ عارف ”ٽالسٽاءِ“ ڪيڏي نه زبردست ڳالهه ڪئي آهي ته: ”ڪليسائي عيسائيت، باري تعاليٰ جي ثبوت ۾ اهو معجزو ٿي پيش ڪري ته مسيح بنا پيءُ جي پيدا ٿيو، پر آئون ته خدا جو ان لاڳيتي معجزي جي ڪري قائل آهيان جو ماءُ ۽ پيءُ جي ٻنهي مان ڪيڏي نه حيران ڪندڙ طريقي سان روزانو نوان انسان جنم وٺن ٿا. ڏسو ته هڪ عيسائي عارف ۽ حڪيم پنهنجي بصيرت سان اهائي ڳالهه ڪري رهيو آهي جيڪا چوڏهن سئو ورهيه اڳ قرآن ڪئي هئي ته: ”خدا کي، حيرتناڪ معجزن ۾ نه ڳولهيو بلڪه سندس قائم ڪيل ٺوس قانونن ۽ طريقن ۾ تلاش ڪريو.“ پاڻ سڳورن جي مستند سوانح ۾ ڪو به صحابي اهڙو نظر نه ٿو اچي جنهن ڪنهن خارقِ عادات يا معجزي جي ڪري خدا ۽ رسول تي ايمان آندو هجي. جنهن به ايمان آندو، ان پاڻ سڳورن جي سيرت، ان جي سچائي ۽ ان جي تعليمات جي خوبين کان متاثر ٿي ڪري سندن جانثارن جي ٽولي ۾ شريڪ ٿيو. ڪن صحابين، ڪن موقعن تي اهڙيون ڳالهيون ڏٺيون، جيڪي عالم اسباب جي محدود علم ۾ رهندي انهن لاءِ حيرت انگيز ضرور هيون پر انهن جي ايمان آڻڻ جو ڪارڻ هرگز نه هيون. قرآن فيصلو ڪري ڇڏيو ته جيڪو به ايمان جي نور سان منور ٿيڻ چاهي اهو اسلامي تعليمات جي خوبين کي پرکي اسلام ۾ داخل ٿئي. اسلام، دين جو رخ معجزن کان عام فطرت ڏانهن ۽ خوارق عادت کان حڪمت طلبيءَ ڏانهن ڦيري ڇڏيو. اهو، انسانيت جي ارتقا ۾ هڪ نهايت ئي اهم قدم هيو.
هاڻي اچو ته ان سوال جي جواب تي ويچاريئون ته جڏهن خدا جو ڪتاب، ڪتابِ حڪمت آهي ته قرآن، ڪتاب کان علاوه حڪمت جو ذڪر ڇو ٿو ڪري؟ نبي ڪريمًﷺ کي حڪم آهي ته تون ماڻهن کي پنهنجي رب ڏانهن سڏ. خدا، ان جا ٽي طريقا ٻڌايا آهن:
* حڪمت.
* موعظت.
* دليل يا مجادلو:
اُدۡعُ اِلٰی سَبِیۡلِ رَبِّکَ بِالۡحِکۡمَۃِ وَ الۡمَوۡعِظَۃِ الۡحَسَنَۃِ وَ جَادِلۡہُمۡ بِالَّتِیۡ ہِیَ اَحۡسَنُ۔
(النحل 125)
(پنهنجي رب ڏانهن حڪمت، عمدي وعظ جي ذريعي دعوت ڏي ۽ بهترين طريقي سان مباحثو ڪج.)
مطلب ته قرآن پاڪ ماڻهن جا ٽي قسم ٻڌايا آهن ۽ هر قسم کي دعوت ڏيڻ جو طريقو الڳ آهي. هڪڙن انسانن کي حڪمت سان سمجهائڻ جو چيو ويو. توڙي جو انهن جو تعداد بنهه ٿورو هجي ٿو، حڪمت پسند هوندا آهن. انهن جي آڏو جيڪڏهن ڪو عقيدو يا عمل جو طريقو بيان ڪيو ويندو آهي ته هو، ان جون علتون ۽ اسباب ڄاڻڻ چاهيندا آهن ۽ پڇندا آهن ته انهن ڳالهين تي ڇو يقين ڪجي؟ يا ان عمل ۾، جنهن جي تلقين ڪريو ٿا، ڪهڙيون خوبيون آهن؟ ۽ جن عملن کان روڪيو ٿا، انهن ۾ ڪهڙيون برايون آهن؟ جيستائين ڪنهن علم جي علت کين سمجهه ۾ نه ايندي آهي، تيستائين اهي ان تي عمل ڪرڻ گوارا ناهن ڪندا. اهڙن ماڻهن کي اهو نه ٿو چئي سگهجي ته بس اهو خدا جو حڪم آهي! حڪمت پسند ماڻهو، جيستائين حڪم جي ضرورت ۽ ان جي نتيجن کان آگاهه نه ٿيندو، تيستائين فرمانبرداريءَ تي آماده نه ٿيندو. عربن ۾ علوم ۽ فنون نه هيا ۽ ڪتابي علم به نه هيو، پر منجهن هڪ تعداد اهڙن ماڻهن جو هيو، جن ۾ غيرمعمولي ذهانت هئي. جيڪڏهن منجهن اها فطري صلاحيت موجود نه هجي ها ته اڳتي هلي بهتر حڪمرانيءَ جا حيرت انگيز ڪارناما سرانجام نه ڏئي سگهن ها.
اها نهايت افسوس جوڳي حقيقت آهي ته اڄوڪي زماني ۾، اهڙا هٿ ٺوڪيا مبلغ ۽ هادي ڏسجن ٿا جو کانئن شريعت جي ڪنهن حڪم جي علت يا حڪمت بابت پڇو ته ٺهه پهه وراڻيندا آهن ته ”دين جي معاملي ۾ علت ۽ حڪمت ڄاڻڻ ضروري ناهي. دين جي تقاضا آهي ته ان تي چون چرا کانسواءِ ئي ايمان آڻيو...“ هلندڙ دور عقليت ۽ حڪمت جو دور آهي. جاهلن کي ته بنا سمجهڻ جي دين جي پابنديءَ جي تلقين ڪري سگهجي ٿي پر علم سان ٽمٽار ماڻهو، جن کي سوچڻ جي عادت آهي، اهي اهڙو جواب ٻڌي، مورؤن دين جي ضرورت تي ئي شڪ ڪرڻ لڳندا آهن. هاڻي، تعليم يافته طبقي کي حڪمت جي ذريعي ئي دين جو قائل ڪري سگهجي ٿو، پر افسوس! جو دين جا کوڙ دعويدار، پاڻ ئي ويچارا حڪمت جي جوهر کان وانجها آهن.
پاڻ سڳورن کي هڪ ٻئي گروهه سان ٻيو طريقو اپنائڻ جو چيو ويو. هي اهو طبقو آهي جنهن ۾ حڪمت طلبيءَ جو عنصر گهٽ هوندو آهي. هن طبقي لاءِ وعظ، نصيحت ۽ سهڻا سخن سندن سيرت جي اصلاح جو ذريعو بڻجي سگهن ٿا. حڪمت پسند طبقي جي ڀيٽ ۾ هن گروهه جو تعداد هميشه گهڻو رهيو آهي پر نصيحت به ان واعظ جي اثرائتي ٿي سگهي ٿي جنهن ۾ پاڻ ۾ عملي طور اخلاص هجي، جنهن جو قول ان جي فعل جي مطابق هجي. نه ته يقولون مالاتفعلون جي گروهه بابت اها ڳالهه بلڪل ٺهڪي ايندي جيڪا حافظ چئي ويو آهي:
واعظاں کیں جلوہ بر محراب و منبر می کنند
چوں نجلوت می روند آں کار دیگر می کنند
(ڏسو ته واعظ حضرات محراب ۽ منبر تي ڪهڙا نه جوهر ٿا ڏيکارين، پر جڏهن اهي خلوت ۾ هوندا آهن ته ڪم ئي ٻيا هوندا اٿن.)
اها يقيني ڳالهه آهي ته اسلام ۾ کوڙ سارا ماڻهو پاڻ سڳورن جي نصيحتن جي ڪري به داخل ٿيا- جيڪا نصيحت ٿيندي هئي، پاڻ سڳورن جي زندگي خود ان جو هڪ نمونو هوندي هئي. چون ٿا ته زندهه مثال جو اثر، خالي نصيحت کان وڌيڪ ٿيندو آهي، پر نصيحت ۽ ناصح جي زندگي جيڪڏهن هڪ ٻئي جو آئينو هجن ته اثر ۾ نهايت گهرائي پيدا ٿئي ٿي. پاڻ سڳورن جون نصيحتون صبح شام اڄ به تقريرن ۽ تحريرن ۾ تمام گهڻو دهرايون وڃن ٿيون پر ڪنهن جي زندگيءَ تي انهن جو ڪو به اثر نه ٿو ٿئي. ڇاڪاڻ ته نصيحت ڪندڙ جي ڪردار ۽ گفتار ۾ هڪ وڏو خال حائل هجي ٿو!
ٽيون گروهه انهن مناظري بازن جو آهي جيڪي پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ ۽ ٻئي جي ڳالهه کي رد ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيهي رهندا آهن. اهي نه ڪي حڪمت پسند هوندا آهن ۽ نه ڪي نصيحت پذير! هر مصلح جو اهڙن ماڻهن سان به پالو پوندو آهي. ڪنهن اهم ديني مسئلي تي بحث ڪرڻ سان ڪو نبي، ڪيئن ٿو انڪار ڪري سگهي، پر نبيءَ جو ڪم اهو آهي ته هر طبقي لاءِ هڪ سٺو مثال پيش ڪري. نبيءَ کي حڪم مليو ته ساڻن بحث ڪريو- پر دليل سان ۽ سهڻي طريقي سان! ڪنهن مناظري ۾ اخلاص ۽ صداقت کي هٿان وڃڻ نه ڏيو، دل آزار جملي جو جواب صلح ۽ نرميءَ سان ڏيو. هروڀرو ٻئي کي ڪيرائڻ ۽ ذليل ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ، غير معمولي طور صالح نفسن جو ڪم آهي. اهو ڪم، هڪ پاڪيزه نفس رکندڙ ٻاجهارو ۽ سٻاجهو نبي ئي سرانجام ڏئي سگهي ٿو. عام ماڻهن ۾ شايد ئي ڪو اهڙو شخص هجي جيڪو مذهبي بحث ۾ واقعي حق جو طلبگار هجي ۽ مهذب طريقي سان ٻئي جي ٻڌي ۽ پنهنجي ٻڌائي ۽ جتي حريف سچي ڳالهه ڪري، ان جو دل جي گهراين سان داد ڏئي! پاڻ سڳورن، جن ماڻهن سان بحث ڪيو آهي، ان کي سامهون رکي ڏسو ته سندن بحث جو انداز بلڪل سلجهيل آهي. محض شخصي ۽ الزامي گفتگو توهان کي سيرت ۾ ڪٿي به نه ملندي.
ڪتاب ۽ حڪمت بابت ڪن فقيهن جو خيال آهي ته ڪتاب مان مراد: قرآن ۽ حڪمت مان مراد: سنتِ رسول آهي. ان ۾ ڪنهن حد تائين صداقت ضرور آهي، پر اها ڳالهه ڪجهه وضاحت طلب آهي. سنت، پاڻ سڳورن جو عمل آهي جيڪا قرآني تعليم جي عملي صورت آهي. خيالي سطح جي بلند افڪار، دنيا ۾ ڪڏهن به انقلاب برپا ناهي ڪيو. جيستائين انهي فڪر کي ڪو عملي جامو پهرائيندڙ سامهون نه اچي. جيڪڏهن پاڻ سڳورا پنهنجي عمل ۾ خود مجسم قرآن نه هجن ها ته رڳو خدا جو ڪتاب، ڪو به انقلاب برپا نه ڪري سگهي ها. دنيا ۾ اسلام جي طفيل جيڪو انقلاب برپا ٿيو، اهو قرآن ۽ سيرتِ محمديءَ گڏجي پيدا ڪيو. قرآن تي عمل ڪرڻ سان زندگي ڇا بڻجي پوندي آهي؟ ان جو مظاهرو پاڻ سڳورن جي اسوهء حسنه مان ئي ٿيو، پر جڏهن قرآن، ”ڪتاب“ ۽ ”حڪمت“ چوي ٿو ته ان ۾ حڪمت، محض سنت جي ترجمان ناهي. جيڪڏهن ايئن سمجهبو ته هڪ غلط نتيجو سامهون اچي سگهي ٿو ته معنيٰ خود ڪتاب ۾ حڪمت ڪانهي! قرآن ته خدا کي حڪيم ۽ پنهنجو پاڻ کي حڪمت جو ڪتاب چوي ٿو. صحيح معنيٰ اها ٿيندي ته: نبي، خدا جو ڪتاب پيش ڪري ٿو، ان جون آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو پر هو ان تي اڪتفا نه ٿو ڪري. ان ڪتاب جي اندر جيڪا حڪمت آهي اها ٻڌندڙن تي واضح ڪري ٿو. جيڪڏهن هو، مخاطب تي کلي طرح حڪمت واضح نه ڪري ته شايد اها حڪمت رهجي وڃي. هن وقت دنيا ۾ هر علم ۽ فن ۾ ماهر استادن جا تيار ڪيل ڪتاب موجود آهن. يونيورسٽين جا شاگرد، اهي خريد ڪندا ۽ پڙهندا رهن ٿا، پر ان جي باوجود اعليٰ درجي جي پروفيسرن جي رهنمائيءَ ۾ اهي ڪتاب پڙهڻ کانسواءِ ڪو به چارو ڪونهي. جن شاگردن، اعليٰ پائي جي استادن جي آڏو گوڏا نه کوڙيا انهن جي اندر، ڪتابن پڙهڻ سان هڪ ڪمي رهجي ٿي وڃي. حڪمت ڪتاب ۾ موجود هوندي آهي پر استاد جي وضاحت ان کي اجاگر ڪندي ۽ ڪتاب جي هر سٽ کي روشن ڪندي آهي. محض طب جا ڪتاب پڙهڻ سان ڪو حاذق طبيب ٿي نه ٿو سگهي، جيستائين تجربيڪار طبيبن کان هو سکيا نه وٺي!
ان ڪري قرآن جي ٻڌايل ڪتاب ۽ حڪمت ۾ حڪمت، قرآن حڪيم جي ئي حڪمت آهي جنهن کي باطن مان ظاهر ۾ آڻڻ ۽ حڪم کي عمل جو جامو پهرائڻ نبيءَ جو ڪم آهي. منهنجو مطلب اهو آهي ته حڪمت ڪا اهڙي سنت ناهي جيڪا قرآن کان الڳ هجي يا ان ۾ ڪو اضافو ڪندي هجي. قرآن جي اندر ڪٿي احڪام آهن ۽ ڪٿي حڪمت جا اصول آهن. اهي ئي حڪمت جا اصول، دين آهن، جيڪي احڪام جو بڻ بنياد آهن ۽ جن جي ئي بنياد تي بدلجندڙ حالات ۽ نئين ماحول ۾ نوان احڪامات ڪڍي سگهجن ٿا. خود پاڻ سڳورن، پنهنجي زندگيءَ ۾ ۽ کانئن پوءِ خلفاءِ راشدين ۽ ان کانپوءِ مجتهد عالمن به ايئن ئي ڪيو.