اسلام ۾ مادي ترقيءَ جو مفهوم
اَنَّ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضَ کَانَتَا رَتۡقًا فَفَتَقۡنٰہُمَا۔ (الانبیآء 30)
(بي شڪ آسمان ۽ زمينون مليل جليل هڪ مادو هيا پوءِ انهن کي الڳ ڪيوسون.)
فلڪيات جا اجسام ، جن ۾ اسان جي ڌرتي به شامل آهي، اڳتي هلي هڪ ٻئي کان الڳ ٿيا ۽ الڳ الڳ طور شڪل پذير ٿيا. پوءِ نباتي ۽ حيواني زندگيءَ بابت طبيعي سائنس جو هڪ نظريو، قرآن ڪريم ۾ موجود آهي، جنهن تائين طبيعياتي ماهرن کي پهچڻ ۾ وڏو عرصو لڳوته نباتي ۽ حيواني زندگي، يعني ڪنهن به قسم جي بائيلوجيڪل زندگي، پاڻي کان سواءِ ممڪن ڪانهي:
وَ جَعَلۡنَا مِنَ الۡمَآءِ کُلَّ شَیۡءٍ حَیٍّ۔ (الانبیآء 30)
(اسين هر زنده شيءَ جو بڻ بنياد پاڻيءَ کي بڻايو.)
خود، مادي ۾ ڪنهن قسم جي جان آهي يا نه ؟، ان بابت قرآن جي تعليم اها آهي ته جان ۽ شعور جي درجن ۾ مادي دنيا به مطلقاّ بي جان ۽ بي شعور ناهي، پوءِ اها الڳ ڳالهه آهي ته ان جي شعور جو اندازو انسان، پوريءَ ريت سمجهي نه ٿو سگهي.
سڀ آسمان ۽ زمينون ، دنيا ۽ ان ۾ جيڪو ڪجهه آهي سڀ خدا جي تسبيح يعني ان جي جوڙيل ضابطن ۽ قانونن تي عمل ۾ مشغول آهن، يعني مادي جهان جي به پنهنجي نماز ۽ تسبيح آهي. اسلامي ڏاها جن جو نظريئه ڪائنات يوناني فيلسوفن جو ڳيجهو ناهي، جهڙوڪ: جلال الدين رومي وغيره ! انهن جو به اهڙو عقيدو هيو ته طبيعي عناصر جو عالم به روحاني عالَم آهي. اسين مادي کي مئل ٿا سمجهئون پر خدا وٽ اهو هڪ زنده حقيقت آهي:
خاک وباد آب و آتش بنده اند
بامن وتو مرده باحق زنده اند
(يعني هوا ۽ پاڻي ۽ باهه سڀ فرمانبردار آهن، تنهنجي ۽ منهنجي ليکي مئل پر الله وٽ زنده آهن)
وَ اِنۡ مِّنۡ شَیۡءٍ اِلَّا یُسَبِّحُ بِحَمۡدِہٖ وَلٰکِنۡ لَّا تَفۡقَہُوۡنَ تَسۡبِیۡحَہُمۡ۔ (بنی اسرآءِیل 44)
(هر شي الله جي تسبيح يعني ان جي ضابطن پٽاندر هلڻ ۾ مگن آهي پر توهين سمجهي نه ٿا سگهو)
غالب وٽ به اهو ئي نظريو ٿو ملي ته ذري ذري کان وٺي سج چنڊ تائين دليون ئي دليون، روح ئي روح آهن:
از مہرتابہ ذرہ دل و دل ہے آئینہ
طوطی کوشش جہت سی مقابل ہے آئینہ
مير ” درد “، جيڪو هڪ حڪيمانه مزاج وارو صوفي شاعر آهي، چوي ٿو:
آہستہ سے چل میاں کہسار
ہر سنگ، دکان شیشہ گر ہے
اسلام کان اڳ جا ڪائناتي نظريا جيڪي ڪي قدر دينن جو به حصو بڻجي ويا هيا، مادي جهان کي حقارت جي نظر سان ڏسندا هيا. ڪو چوندو هيو ته مادي جهان محض نظر جو ڌوڪو يا مايا آهي، ارسطوءَ چيو هيو ته دنيا عدم آهي، جنهن ۾ وجود کي قبول ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، پر في نفسه ان جو ڪو به وجود ڪونهي. ڪي ته مادي عالم کي مورڳو شيطاني عالم چوندا هيا ۽ اها تعليم ڏيندا هيا ته مادي جهان ، روحن جو قيد خانو آهي ۽ زندگيءَ جو مقصد ، ان قيد خاني مان نجات ماڻڻ آهي، لاهوتي پکيئڙا ، عنصري پنڃري ۾ اچي قيد ٿي ويا آهن. فلڪيات ۾ ته کين وڏو رياضياتي نظم وضبط پئي نظر آيو، پر مٽيءَ جي جهان ۾ آسمان هيٺان کين رڳو بدنظمي ٿي نظر آئي ، اهڙي قسم جا سمورا فلسفا ۽ دين ، انسان کي زندگي مخالف رهبانيت ڏانهن ڌڪي آيا ۽ جسم ڇاڪاڻ ته مادي عنصرن مان ٺهيل آهي تنهنڪري ان جي فريب جي ڪڍ پئجي ويا. هڪ ئي وقت ۾ نفس ڪُشي ۽ جسم ڪُشي عين روحاني رياضت ۽ الله جي قرب جو وسيلو سمجهڻ ۾ آئي. اسلام سيکاريو ته جسماني عضوا،روح جا اوزار ۽ وسيلا آهن جيڪي کين ان ڪري عطا ٿيا آهن ته اهي انهن جي ذريعي ڀلائي ماڻي سگهن، هر عضوي جي پنهنجي پنهنجي ڪرت آهي ۽ ان ڪرت کي صحيح طريقي سان اداڪرڻ ان جي تسبيح آهي. جسم کي تندرست ۽ پاڪ صاف رکڻ دين جو حصو قرار ڏنو ويو ۽ جسماني طهارت ، رباني عبادت لاءِ اڻٽر بڻجي وئي. غيراسلامي مغرب وٽ رهبانيت وارن جو اهو رد عمل رهيو ته غسل ڪرڻ هڪ قسم جو گناهه آهي، وارن ۾ جڏهن جوؤن پئجي وينديون هيون ته انهن کي خدا جو روحاني موتي چيو ويندو هيو، جن سان راهب جو پهراڻ جَڙجي ويندو هيو. ترڪِ دنيا ۽ بدن جي تخريب جا منظر اڃا تائين به ڪن ساڌن ۾ نظر ايندا آهن، قديم زماني ۾ اهي وڌي شدت سان موجود هيا، مهاتما ٻڌ جي سوانح ۾ لکيل آهي ته: ” اهو به غلط روايتن ۽ شعائر جي اثر ۾ اچي ڳچ عرصو، بدن جي تخريب ۽ آزاريءَ ۾ مصروف رهيو، پر حقيقت کلي پوڻ تي ان کي گمراهي قرار ڏنائين...“
اسلام ، رهبانيت کي مذهب ۽ انساني زندگيءَ مان خارج ڪري ڇڏيو، توڙي جو غير اسلامي اثرن جي ڪري ڪن سَڌڙين صوفين ان کي اپنايو به، پر اسلام ، بار بار چوي ٿو ته عام انساني ڀلائيءَ جي ڪمن لاءِ دل کولي خرچ ڪريو ته وڏي سعادت جي ڳالهه آهي، پر ان مان لازم اچي ٿو ته پهريان ، جدوجهد جي ذريعي زندگيءَ جا اسباب حاصل ڪريو ۽ ايڏا ته ججها حاصل ڪريو جو ٻين انسانن کي به ان مان فائدو پهچي ، تنهنڪري جيڪڏهن فقر جو اهو مطلب هجي ته ماڻهوءَ وٽ پنهنجي لاءِ ئي سامان نه هجي ته اهڙ و فقر خيرات ڇا ڪندو ، اهو ته پاڻ ئي محتاج ۽ مسڪين هوندو ، پاڻ سڳورن فرمايو آهي ته:
اَلفَقر سَوَ ادالوجه في الدارين۔
(مفلسيءَ سان ٻنهي جهانن ۾ منهن ڪارو ٿيندو آهي.)
۽ پوءِ ان جي تشريح هنيئن فرمايائون ته:
کَادالفقر ان یکون کفرّا۔
(مفلسي، انسان کي ڪفر ڏانهن ويجهو ڪندي رهندي آهي.)
مفلس لاءِ ايمان جي سلامتي مشڪل بڻجي ويندي آهي، جيڪو شخص همت ڪري ڪمائيندو نه ته ، لازمي طور تي پنهنجي خود داري وڃائي گداگريءَ تي لهي ايندو ۽ عجيب وغريب چڪر هلائي ٻين جي آڏو هٿ ٽنگيندو وتندو. جنهن فقر جي پاڻ سڳورن تعريف ڪئي آهي ته: الفقر فخري ”فقر منهنجي لاءِ قابل فخر آهي“ ته اهو هڪ نهايت ئي بلند انداز زندگي آهي، اهو فقر دراصل زندگيءَ ۾ ارادي سان اختيار ڪيل سادگي آهي، اهو فقر، زندگيءَ جا فرض پورا ڪندي مادي نفعي ۽ نقصان کان بي نيازي حاصل ڪرڻ آهي. فقر ان اخلاق جو نالو آهي ته جڏهن عام خلق جون بنيادي ضرورتون پوريون نه ٿي رهيون هجن ته ڪو صاحبِ دل انسان پاڻ وٽ عياشيءَ جي سامان جا ڍير نه لڳائيندو رهي.
7) قرآن مادي دنيا ۽ جسماني زندگيءَ کي سمورن الزامن کان پري ڪري ڇڏيو ۽ اها تعليم ڏني ته مختلف دنيائن، زمين ۽ آسمان، بناتات ۽ جمادات، حيوان ۽ انسان ۾ جيڪا ورڇ آهي اُها درجي بندي جي قانون پٽاندڙ آهي. فَضَّلْنَا بَعْضَہُمْ عَلٰی بَعْضٍ (ترجمو: يعني مراتب جي درجيبندي ٿيل آهي) پر انهن وچ ۾ ڪي اڻ کٽ وڇوٽيون ڪو نه آهن. زندگي ۽ ڪائنات سڄو هڪ مسلسل وجود آهي جنهن ۾ درجا ته آهن پر ڪٿي به ويڇا ۽ خال ڪو نه آهن. هيٺان کان مٿي تائين مسلسل وجود جون ڪڙيون زندگيءَ جي هڪ اڻ کٽ سلسلي ۾ ڳنڍيل آهن. جهڙيءَ ريت سڀني موجودات جو خالق آهي جنهن جي ذات ۾ ڪو تضاد ڪونهي. اهڙيءَ ريت موجودات ۾ به سهڪار ۽ هم آهنگي آهي، اختلاف ڪونهي. اسلام فقط خدا جي ئي وحدت (هڪجهڙائي) جو قائل ڪونهي پر ان جي پيدا ڪيل موجودات جي وحدت جي پڻ تعليم ڏئي ٿو. دنيا جي ڪنهن پهلوءَ کي حقارت جي نظر سان نه ڏٺو وڃي، ڇاڪاڻ ته رب فقط ڪنهن هڪ جو رب ڪونهي پر رب العالمين آهي.
اسلام جي تعليم اها آهي ته رزق، زمين تي ڳوليو به ۽ ان مان پيدا به ڪريو، پر ظلم جي ذريعي نه! جيئن سرمائيدار ۽ زميندار ڪن ٿا. رزق خوب ڪمايو پر انصاف ۽ ٻاجهه سان. توهان جيترا با صلاحيت آهيو ۽ وڌ کان وڌ رزق حاصل ڪريو ٿا اوتري ئي سخاوت سان اهو انسانيت لاءِ ڦهلائي به ڇڏيو ۽ خزاني جي مٿان نانگ نه بڻجو. اسلام جي اهڙي تعليم جو اثر اهو ٿيو جو صدين تائين، مسلمان پنهنجين هم عصر قومن کان وڌيڪ خوش پوش هيا، سهڻين جاين ۾ رهندا هيا، سهڻيون سواريون رکندا هيا. هڪ حديث پاڪ ۾ آهي ته: ”ڪشادو گهر ۽ تيز سواري ، خدا جي خاص نعمتن منجهان آهي، جنهن کي حاصل هجن سو وڏو خوش نصيب آهي.“
هڪ مغربي مصنف لکيو آهي ته: ”ٻارهين تيرهين صديءَ تائين صورتحال اها هئي جو اسلامي ملڪن ۾ وچولي طبقي جو مسلمان، رهائش ۽ پوشاڪ ۾ يورپ جي شهزادن کان به وڌيڪ بهتر هيو. اهو لکي ٿو ته جلدي جلدي ڪپڙن مٽائڻ جو رواج يورپ جي اعليٰ طبقن ۾ به نه هيو ۽ وهنجندا ته ڪو وِرلي هيا. باغبانيءَ جو فن، مسلمان، مغرب ۾ کڻي ويا ۽ يورپ ۾ اعليٰ درجي جا ميوا مسلمانن جي ذريعي اتي پهتا ، مسلمانن ۾ هر دولتمند هڪ سهڻو باغ پوکڻ تهذيب جو لازمي حصو سمجهندو هيو. مسلمانن، تعمير جي فن ۾ جيڪي نمايان ڪم ڪيا، انهن منجهان کوڙ ته اڃا به پنهنجي شان ۽ وقار سان موجود آهن- جيڪي فن جي ماهرن کان خراج تحسين وصول ڪري چڪا آهن ۽ ڏسندڙن لاءِ فردوس بڻيل آهن.
مسلمانن جي ترقي، محض اخلاقي ۽ علمي ترقي نه هئي، بهتر اخلاق ۽ بهتر عمل سان مادي زندگيءَ کي به ترقي ملندي آهي، ايمانداريءَ سان صنعت ۽ تجارت ۾ به ترقي ٿيندي آهي.
مسلمانن، اڳوڻين قومن جون صفتون حاصل ڪيون ۽ پوءِ پنهنجين جدتن سان انهن کي چار چنڊ لڳايائون. چمڙي جي اعليٰ قسم جي رڱائي مسلمانن، يورپ وارن کي سيکاري، اڃا تائين چمڙي جي هڪ اعليٰ ۽ نرم قسم کي مراڪشي چمڙو سڏجي ٿو. ڪاغذ، مسلمانن جي ذريعي يورپ ۾ پهتو، هينئر مغرب جا مؤرخ به ان ڳالهه جو اقرار ڪن ٿا ته تجرباتي سائنس جي ابتدا مسلمانن ڪئي جنهن پاسي کان يوناني حڪمت بنهه غافل هئي، يورپ جي نشاةِ ثانيه مسلمانن جي طفيل آهي.
جنهن بابت اقبال فرمايو آهي ته:
بجھ کے شمع ملت بیضا پریشان کر گئی،
اور دیا تہذیب حاضر کافروزان کر گئی،
دور گردوں میں نمونے سیکڑوں تہذیب کے،
پل کے نکلی مادر ایام کی آغوش سے۔
هاڻي سوال اڀرندو ته مسلمانن جي ترقيءَ جا داستان اکين تي ! پر هاڻي ڪهڙي بلا کاڌو اٿن جو ڏينهون ڏينهن تنزل ۽ تباهيءَ ڏانهن ڌڪجي هڪ ٻئي جا گريبان ڦاڙي ۽ ڄُنڊا پٽي رهيا آهن ؟
مغربي قومن ۾ صدين جي ماٺار کان پوءِ لاڳيتي حرڪت پيدا ٿيندي رهي ۽ مسلمانن ۾ سموري چرپر ماٺي ٿي وئي، اسان جي زندگيءَ جو درياهه ويران ٿي ويو ۽ هُتي ساحل، وڌندڙ ٻوڏن جي آغوش ۾ هلندا ويا.
تاريخ جي فلسفي جو هڪ محقق لکي ٿو ته قومون، هڪ ئي انداز تي زندگي گهاريندي ۽ پنهنجي خاص فڪر ۽ جذبي سان تهذيب ۽ تمدن جو هڪ ڍانچو ٺاهيندي ڇهه سؤ ورهين جي عرصي ۾ ٿڪجي پونديون آهن. زندگيءَ جي انداز جا ڪجهه ليڪا ٺهي پوندا آهن ۽ زندگي انهن ليڪن کان ٻاهر نه ٿي سگهندي آهي. ان کانپوءِ انقلاب جي ضرورت هوندي آهي جيڪو پراڻن سمورن ڍ انچن کي ڪيرائي نيون عمارتون اڏيندڙ هجي.
ڪن مؤرخن جو خيال آهي ته تاتاري ڪاهه کان پوءِ مسلمانن جي تهذيبي، تمدني ۽ علمي ۽ فني ترقي رڪجي وئي. انهن جا ڪتب خانه ۽ درسگاهون، باهه ۾ ساڙيا ويا ۽ سندن عالمن کي نابود ڪيو ويو، ان کان پوءِ ترڪن مسلمان بڻجي سياسي طاقت ته حاصل ڪئي پر علم ۾ اضافو نه ڪري سگهيا، ٻيون قومون پنهنجي عملي ميدان ۾ مسلمانن کان وڌيڪ اسلامي زاويئه نظر پيدا ڪنديون ويون ۽ قرآن جي اصول مطابق ڌرتيءَ جون وارث بڻجي ويون ، هاڻي صورتحال اها آهي جو مسلمانن کي اسلامي تعليم جي عملي صورت به ٻين کان سکڻي پوي ٿي. قرآن ته فرمائي ڇڏيو هيو ته:
وَ تِلۡکَ الۡاَیَّامُ نُدَاوِلُہَا بَیۡنَ النَّاسِ۔ (اٰل عمرٰن 130)
(اهي ڏينهن آهن، جيڪي اسين ماڻهن جي درميان ڦيرائيندا رهندا آهيون.)
خدا وٽ به قوم ، ابدي ۽ ازلي طور تي، محض لفظن ۽ عقيدن کي دهرائڻ سان ڪو لاڏلي ۽ نجات ماڻيل ٿي نه ٿي سگهي. اسلام کي قائم ڪرڻ وارا اهي هئا جن بابت فرمايو: کنتم خيرامته اخرجته للناس هاڻي مسلمانن سمجهي ورتو آهي ته هُو خيرامته ۾ شامل آهن پوءِ ڀلي سندن اعمال خيرامته وارا نه به هجن. اها خود فريبي آهي. اسلام همه گير ترقي چاهي ٿو ۽ مادي ترقي به ان ئي همه گير ترقيءَ جو هڪ لازمي پهلو آهي ، باقي رهي اسلاف جي انمول داستانن جي ڳالهه ته اقبال ويچارو ته اڳ ۾ رڙيون ڪري ويو آهي ته:
وہ تو تھے تیری آباؤاجداد لیکن تم کیا ہو؟
ہاتھ پہ ہاتھ دھرے بیٹھے ہو اور منتظر فردا ہو!