اسلامي تهذيب جو تصور
انگريزي ٻوليءَ ۾ ”سولائيزيشن“ ۽ ڪلچر جي اصطلاحن ۾ به مونجهارو باقي آهي. گهڻن مصنفن ٻنهي لفظن کي هم معنيٰ سمجهي ڪڏهن تهذيب جو لفظ استعمال ڪيو ته ڪڏهن تمدن جو! اسان جي خيال ۾ ”تمدن“ سولائيزيشن جو قريب تر ترجمو آهي ۽ ڪلچر جو مفهوم تهذيب جو لفظ بهتر ادا ڪري ٿو.
اسلامي تهذيب جي تصور ۾ اسان کي تهذيب ۽ تمدن ٻنهي عنصرن کي شريڪ ڪرڻو پوندو ۽ اهو به غور ڪرڻو پوندو ته هڪ جو ٻئي تي عمل ۽ رد عمل ڪهڙي انداز جو ٿيندو آهي.
سولائزيشن ۽ ڪلچر بابت اسين جڏهن مغربي مفڪرن جو جائزو وٺئون ٿا ته ان ۾ اهڙي گوناگوني نظر اچي ٿي جيڪا مزو پيدا ڪندڙ ۽ فڪر انگيز ته هوندي آهي پر وصف، حدبندي ۽ تعين ڪرڻ بابت ڪا وضاحت پيدا ناهي ڪندي.
”ميٿو آرنلڊ“ چوي ٿو ته ڪلچر جو مثال ائين آهي جيئن ماکيءَ جي مکين جو مانارو! جنهن ۾ ماکي به هوندي آهي ۽ ميڻ به، ماکيءَ ۾ مٺاس به آهي غذا، دوا ۽ شفا به، ماناري ۾ جيڪا ميڻ هوندي آهي ان مان لاٽ پيدا ڪندڙ ميڻ بتي ٺهندي آهي، انسان کي علم جي نور ۽ ڪردار جي مٺاس، ٻنهي جي ضرورت آهي، ۽ ڪلچر جو لب لباب به اهي ٻئي عنصر آهن.
اهو به چيو ويو آهي ته: تهذيب ، تربيت يافته فطرت جو نالو آهي ۽ بهترين تهذيب ۽ تمدن اهو آهي جنهن جي اندر هر فرد کي پنهنجي فطرت جي ممڪنات کي پڌري ڪرڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ موقعا ميسر هجن. هڪ حڪيم ۽ داناءُ چوي ٿو ته: ”اصل تهذيب اها آهي ته انسان ، ملتن ۽ جماعتي تعصبات کان بالاتر ٿي وڃي.“ اِهو اهو ئي خيال آهي، جيڪو غالب هن شعر ۾ بيان ڪيو آهي.
ہم موحد ہیں ہمارا کیش ہے ترک رسوم
ملتیں جب مٹ گئیں اجزائے ایمان ہو گئیں
ڪو چوي ٿو ته تهذيبِ اخلاق، احساس جو نالو آهي، مذهبي شخص چوي ٿو ته مهذب زندگي اها آهي جيڪا خداجي مرضيءَ جي مطابق گذاري وڃي. ڪنهن ان خيال جو اظهار ڪيو آهي ته ”انسان جي زندگي کيس لاڳيتو گدلاڻ ۽ جمود ڏانهن ڇڪيندي رهندي آهي، ان کان بچڻ لاءِ لطيف جذبات، لطيف تاثرات ۽ لطيف افڪار ۾ زندگي بسر ڪرڻ تهذيب آهي. هڪ تصور اهو به آهي ته ”خارجي فطرت ۽ باطني فطرت، انفس ۽ آفاق هڪ خام جنس آهن، انهن جي اندر نظم ۽ آئين جي تلاش، تخليق ۽ حسن وجمال ۽ توازن پيدا ڪرڻ جو نالو آهي تهذيب! ڪنهن چيو آهي ته تهذيب ، سگهڙ عورتن جي اثر سان پيدا ٿيندي آهي ۽ هڪ ٻئي مفڪر ان ۾ اهو اضافو ڪيو آهي ته: ڪنهن تهذيب کي جاچڻ جو معيار اهو آهي ته ڏسجي ته ان ۾ عورتن سان ڪهڙو سلوڪ ٿئي ٿو؟ ڪجهه مفڪرن تهذيب ۽ تمدن جي خراب پاسن ڏانهن توجهه ڇڪرايو آهي. فرانسيسي ڏاهن ۾ روسو انهن جو اڳواڻ ليکبو آهي، اهو چوي ٿو ته ”انسان کي فطرت آزاد پيدا ڪيو هيو، پر تهذيب ۽ تمدن کيس هٿڪڙيون ۽ ٻيڙيون وجهي ڇڏيون آهن...“ ڪنهن انگريز چيو آهي ته: سولائيزيشن هڪ مرض آهي جيڪو انسانيت کي وڪوڙي ويو آهي، هاڻي ان ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته ان جي تشخيص ڪجي ۽ ڪو علاج تجويز ڪجي.
ڪنهن وري تهذيب تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ”تهذيب جي ترقيءَ ۾ عوام کي ذليل ڪري خواص کي اڀاريو ويندو آهي...“ ڪو وري چوي ٿو ته: ”جتي ذاتي ملڪيت ۽ خود غرضيءَ لوهي ديوارون کڙيون ڪري ڇڏيون هجن، ان معاشري کي مهذب نه ٿو چئي سگهجي...“ انسان جي هڪ وصف اها آهي ته: ”هو اوزار استعمال ڪندڙ حيوان آهي... پر اوزارن جي ترقيءَ سان عضوا نڪما ٿيندا ويندا آهن، گاڏي هلائيندڙن جو ٽنگون بي ستيون ۽ بي ساهيون ٿي وينديون آهن.“ هڪ مصلح مزاج مصنف لکي ٿو ته ان سماج کي مهذب نه ٿو چئي سگهجي جنهن ۾ قيد خانا ۽ پاڳل خانا هجن. ڪنهن چيو آهي ته اسان جي تهذيب ۽ تمدن کي غور سان ڏسو ته انسان ان نتيجي تي پهچي ٿو ته اسان جي ڌرتي عالَمِ ارواح جي چرين جو گهر آهي، هڪ خيال اهو به آهي ته ڪنهن ترقيءَ کي ڪامل نه ٿو چئي سگهجي ڇو جو هر تهذيب ۾ ترقيءَ سان گڏ ان جي تخريب جا عوامل به پيدا ٿيندا آهن، ڀلي اهي ڊگهي عرصي تائين اکين کان اوجهل ئي هجن، ان بابت غالب جو هي شعر ڏاڍو موزون آهي:
مری تعمیر میں مضمر ہے اک صورت خرابی کی
ھیولیٰ برقِ خرمن کا ہے خون گرم دھقان کا
اهڙن افڪار بيان ڪرڻ مان توهان کي اندازو ٿي ويو هوندو ته تهذيب ۽ تمدن جو مفهوم ڪيڏو نه مبهم ۽ منجهيل آهي! ۽ ٻڌو، ڪارلائل پنهنجي مغربي تهذيب جو جائزو وٺندي چوي ٿو ته اها تهذيب ٽن عنصرن تي مشتمل آهي.
* ٻانهون
* ڇاپ خانا
* پروٽسٽنٽ مذهب!
تهذيب ۽ تمدن بابت اعليٰ پايي جي مفڪرن، جن جي عقليت ۽ روحانيت عام طور تي لطيف ۽ دور رس هئي، سي اهڙيون ڀوڪپائيءَ جهڙيون ڳالهيون به ڪري ويا آهن، جيئن ايمرسن جي اها فتويٰ ته ”اعليٰ تهذيب ، گرم ملڪن ۾ پيدا ئي نه ٿي ٿي سگهي...“ ”سياست، معيشت ۽ معاشرت ۾ آزادي اتي ويجهندي آهي جتي برف باري ٿيندي آهي...“ جنهن گرم آب هوا ۾ ڪيلا پچندا هجن اتي جا ماڻهو هوس پرست ۽ ظالم ٿيندا آهن... ”ايمرسن“ جهڙو پختو ڏاهو، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪٿي به نه ڀٽڪيو آهي !
لطيفو وري اهو آهي ته مسلمان مصنف، ابن خلدون جي زماني ۾ نهايت سنجيدگيءَ سان ان تي بحث ڪندا هيا ته يورپ وارا ايترا غبي ڇو هوندا آهن ؟ ۽ مزي جي ڳالهه ته، اهي ان نتيجي تي پهتا هيا ته، سندن سرد آب هوا ۽ برف باريءَ انهن جي سوچن کي منجمد ڪري ڇڏي ٿي، جيڪا کين عقلي نشوونما جو موقعو ئي نه ٿي ڏئي ...
ان فڪري لطيفن جي جهان مان نڪري هاڻي اچو ته اسلامي تهذيب بابت ڪجهه ڳالهايون. اسلام جو ماخذ قرآن ۽ ان عظيم هستيءَ جو ڪردار آهي جنهن پنهنجي قول ۽ فعل سان تهذيب جو هڪ خاڪو ۽ نمونو ، دنيا جي آڏو پيش ڪيو. هتي تهذيب ۽ تمدن ۾ فرق ڪرڻو پوندو. اسلام، پهريان ان قوم کي سنوارڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جو تمدن، گهڻي ڀاڱي قبائلي هيو. عرب جي چوڌاري اهڙيون قومون هيون جيڪي هزارين ورهين کان تهذيب ۽ تمدن جون ڪيتريون ئي منزلون طئه ڪري چڪيون هيون پر عربن وٽ نه ڪي علم هيو نه ڪي فنون! فنون لطيفه منجهان شعر جي فن کان سواءِ وٽن ڪجهه به ڪو نه هيو، قرآن کان پهريان عربن ۾ ڪو به ڪتاب ڪو نه هيو، جنهن کي ڪنهن عربي مصنف تصنيف ڪيو هجي.
هندستان، بابل، مصر، يونان، چين، پنهنجي پنهنجي دؤر ۾ علوم ۽ فنون ۽ اسباب ۽ تمدن ۾ حيرت انگيز ترقيءَ جا نمونا، زماني جي اکين آڏو آڻي چڪا هيا. اسلام وٽ ڪي به علم نه هيا، جيڪي مهذب قومن جي آڏو مثال طور پيش ڪري سگهجن. ايراني، مصري ۽ رومي، تمدن جي لحاظ کان عربن کان هزار ڀيرا اڳتي هيا. اسلام پيش ڪندڙ نبي سڳورو، انهن تمدنن جي اڪثر پهلوئن کان واقف هيو. هو آس پاس جي مذهبن جو به جائزو وٺي چڪو هيو، هو قديم مذهبن جا به داستان ٻڌي چڪو هيو ۽ انهن جي عروج ۽ زوال جا نقشا به سندس حقيقت پسند اکين جي آڏو هيا. هو ان نتيجي تي پهتو ته تمدن، تهذيبن ۽ مذهبن تي ڪٽ چڙهي وئي آهي، عيش جو سامان ظلم جي ذريعي پيدا ڪيو پيو وڃي، ظاهري حسن ۽ جمال جي تهه ۾ هڪ گهري بي دردي آهي. ماڻهو، هر جاءِ تي انيڪ قسمن جي ظلمن جو شڪار آهن، مذهبي ظلم جي ذريعي ماڻهن تي روحاني غلامي طاري آهي، محنت هڪڙا ٿا ڪن ۽ کٽيو ٻيا ٿا کائن. ماڻهو، ماڻهن جي ماس تي پلجي رهيا آهن ۽ انسان، انسانن کي پنهنجو محتاج ۽ غلام بڻائي رهيا آهن، حڪمران پنهنجو پاڻ کي ماڻهن جي عزت ۽ جان مال جو مالڪ سمجهڻ لڳا آهن. مذهب، هرجاءِ تي ڀٽڪي چڪو آهي، ماڻهو، رهبانيت کي روحانيت سمجهن ٿا ۽ ٻئي پاسي، پير ۽ ملان ، حڪمران ۽ سرمائيدارن سان گڏ عوام جي ڦرلٽ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ۽ مددگار بڻيل آهن. انساني مساوات جو تصور، ڪنهن به انسان جي ذهن ۾ نه ٿو گذري. مرد، عورتن کي، چوپائي وانگر پنهنجو مال ٿا سمجهن، مذهبن ۽ تهذيبن، انسانيت تي تذليل جو ٺپو هڻي ڇڏيو آهي، علم جا دروازا عوام لاءِ بند آهن...
ان عظيم ۽ ٻاجهاري انسان حضرت محمدﷺ پنهنجو مشن اهو ئي قرار ڏنو ته ماڻهن کي هر قسم جي غلامي ۽ ظلم مان نجات ڏيارجي ۽ هڪ اهڙو معاشرو قائم ڪجي جنهن جا بنياد آزادي ، عدل ۽ ٻاجهه تي بيٺل هجن. ماڻهن کي صلح جو پيغام ڏجي ۽ جيڪي ماڻهو، صلح ۽ نئين پروگرام ۾ رڪاوٽ بڻجن، جيڪڏهن اهي تعليم ۽ تلقين سان راهه تي نه اچن ته انهن جي خلاف هر قسم جي طاقت استعمال ڪجي. انساني معاشرن ۾ فتنن جا دروازا بند ڪجن. ضمير جي آزاديءَ لاءِ جيڪڏهن ضرورت پوي ته جنگ به جوٽجي پر دين جي معاملي ۾ ڪنهن تي به جبر نه ڪجي! نه لڪل جبر نه ڪي ظاهري جبر! حڪمرانن کي اهو ٻڌائجي ته اهي قوم جا نوڪر آهن ۽ حڪومت کي قطعاّ ذاتي منافعي جو ذريعو نه بڻايو وڃي. جيڪا ڌر فتني باز آهي، اها پنهنجي عقيدن پٽاندڙ پنهنجي انداز سان زندگي گهاري سگهي ٿي. مسلم رياستن ۾ رهندڙ غير مسلم ماڻهو جي جان مال ۽ آبروءَ کي ، مسلمانن جي جان مال ۽ آبروءَ جي برابر سمجهيو وڃي. قبيلن، قومن ۽ ملتن مان تعصب ۽ برتريءَ جي احساس کي ختم ڪري ڇڏجي ۽ اهو اعلان ڪجي ته ڪنهن عرب کي بحيثيت عرب جي ڪنهن غير عرب تي ڪا به فوقيت حاصل ناهي ۽ نه ئي وري غير عرب ملت، ڪنهن عرب ملت کان مٿانهين آهي. انسانن ۾ فرق صرف سيرت ۽ ڪردار ۽ زندگيءَ جي نصب العين جي فرق سان پيدا ٿيندو آهي ۽ ڪا به ڌر نجات جي ٺيڪيدار ناهي. انسانن کي اها تلقين ڪجي ته اهي وهم پرستي ۽ معجزا طلبيءَ جي بجاءِ پنهنجي فطرت ۽ خارجي فطرت جو مطالعو ڪن. سڀ مظاهرِ فطرت دراصل خدا جون نشانيون آهن، تنهنڪري فطرت ۾ آئين جو متلاشي ، حقيقت خدا جو متلاشي آهي، ڇاڪاڻ ته خدا واحد ئي فطرت جي ڪثرت ۾ وحدت پيدا ڪندڙ آهي، هر فرد لاءِ هر قسم جي ترقيءَ جا موقعا فراهم ڪياوڃن، معاشرو دولت اپائي، پر ان ڳالهه جو ازحد خيال رکي ته دولت جي اپت جا بنياد ظلم تي هرگز نه هجن ۽ دولت، چند هٿن ۾ گردش نه ڪندي رهي بلڪه اها، پوري انسانيت جي جسم ۾ رڳن ۾ رت جيان گردش ڪندي رهي. سامراجيت جي هر شڪل قيصريت ۽ ڪسرائيت جو خاتمو ڪجي، ”لاقيصر ۽ لاڪسريٰ“ جو نعرو بلند ڪيو وڃي...
اسلام، انسانن کي يقين ڏياريو ته جيڪو تمدن انهن بنيادن تي قائم ٿيندو اهو ئي انسانيت جو وقار قائم ڪندو، اهوئي انسانيت لاءِ اڻ کٽ ارتقا جا دروازا کولي ڇڏيندو... ۽ انسانيت ڏٺو ته اهي دعوائون سئو سيڪڙو سچ ثابت ٿيون. اسلام جڏهن حجاز کان هليو ته ان وٽ هڪ نظريئه زندگيءَ کان سواءِ ڪجهه به نه هيو، نه علوم نه ڪي فنون نه ڪي اعليٰ درجي جا وسيلا نه عيش عشرت جو سامان نه ڪي صنعتن جا سحر انگيز نمونا... بقول اقبال:
غیریک بانگ درا کچھ نہیں ساماں تیرا
ان بانگِ درا سان گڏ اهو قافلو ايڏو ته تيزيءَ سان هليو جومشرق ۽ مغرب جا دامن هڪ ٻئي سان ملي ويا. مسلمان پنهنجي تمدني زندگيءَ ۾ ترقي يافته قومن جا علم ۽ فن پنهنجو وڃايل سامان سمجهي حاصل ڪندا ويا. وٽن شروعات ۾ڪجهه به نه هيو، پر اهي ترت ئي هزارين ورهين جي ارتقا ۾ حاصل ڪيل علمن ۽ فنن جا وارث ٿي ويا. مسلمانن اها دولت نه رڳو اپنائي ۽ بچائي بلڪه ان کي ويرئون وڌايو به... سمورن علمن ۽ فنن ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيائون جنهن سان انهن جي حالت بدلجي وئي. ارسطو ۽ افلاطون کان بهتر مفڪر پيدا ٿيا. فرعون جي اهرامن کان بهترتعميرات ڪيائون، پر فرعون وانگر، تعميرات جي عمارت جو گارو، غلامن جي خون ۽ ماس مان نه ٺاهيو ويو.
پر افسوس ، جو ان تهذيب ۽ تمدن جا صاحب، جيڪي حرڪت (چرپر) کي برڪت سمجهندا هيا ۽ ارتقا پذير ۽ تخليقڪار هيا، ڏينهن گذرڻ پڄاڻان ماٺا پوندا ويا. حڪمرانن جا ظلم وڌندا ويا ۽ اهي رعيت جا ڌنار نه رهيا. زميندارن ، هارين کي غلام بڻائي ورتو ۽ دين جي حالت اها وڃي بيٺي ته ڏسندي ئي ڏسندي ان جي ترقيءَ جو محرڪ قرآن پوئتي ڌڪبو ويو ۽ اتان انهن جي پستي شروع ٿي وئي.
حرم جویاں درے رامی پرستند
فقیہاں دفترے رامی پرستند
(حرم جي پانڌين، پير پوڄڻ شروع ڪري ڏنا، فقهين ڪتابن کي پوڄڻ شروع ڪري ڏنو.)
دين جي عالمن ، يهودين جي راهبن وارو دڳ ورتو ۽ برهمڻن وانگر طبقاتي فرق جو شڪار بڻجي ويا.
شروعاتي دؤر ۾ مسلمان فقيهه، حالات جي تعمير سان گڏوگڏ ، اسلامي قانونن ۾ وسعت پيدا ڪندا ويا، پر پوءِ جي فقيهن ۾ اجتهاد جي صلاحيت نه رهي، ۽ ٻولڻ لڳا ته ”اجتهاد جو دروازو بند ٿي چڪو آهي...“ جابر بادشاهن جي آڏو حق جو هوڪو ڏيڻ وارا مري ويا... علمن جي ترقي رڪجي وئي... دين، ماٺو بڻجي ڪومائجي ويو... حڪمرانن ۽ ويڪائو عالمن جي ملي ڀڳت، عوام کي جاهل ۽ بي وس ڪري ڇڏيو ... ترقيءَ جي مشعل انهن جي شل بڻجي ويل هٿن مان ڪري پئي ۽ اها ٻين قومن کڻي ورتي:
بجھ کے شمع ملت بیضا پریشان ہوگئی
اور دیا تہذیب حاضر کا فروزاں کر گئی
دور گردوں میں نمونے سینکڑوں تہذیب کے
پل کے نکلی ایام آغوش سے
هن وقت مسلمان پٺتي پيل آهن ، وٽن زندگيءَ جا اسباب ڪونهن، علوم ۽ فنون ۽ معاشرتي سڌارن ۾ ٻيون قومون کانئن سوين ڪوهه اڳتي نڪري چڪيون آهن. هاڻي ان کان سواءِ ڪوبه چارو ڪونهي ته تهذيب جي ان ڌارا کي وهايو وڃي جيڪا هر قسم جي ترقي ۽ آزاديءَ جي ضامن هجي. دين کي عقيدن جي فردي جنگ مان نجات ڏيارجي. انسانن ۾ حقن جي حوالي سان اها مساوات قائم ڪجي جنهن جو نمونو پاڻ سڳورنﷺ ۽ صحابه ڪرام # هن دنيا ۾ پيش ڪيو. تهذيب ۽ تمدن جا بنياد عدل ۽ ٻاجهه تي رکيا وڃن. زندگيءَ ۾ سونهن ۽ سوڀيا پيدا ڪجي، علم جي حاصلات جو جذبو پيداٿئي ۽ انسانيت جو معيار مال دولت نه هجي. رڳو گفتار جا غازي نه پر ڪردار جا به غازي بڻجن! اسلامي تهذيب جو تصور هڪ اڻ کٽ ارتقا آهي. زندگيءَ ۾ تقليد کان وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي ۽ تحقيق کان به وڌيڪ زندگيءَ کي مثالي بڻائڻ جي عملي ڪوششن جي ضرورت آهي.
آخر اسلام ۾ ڪهڙي اهڙي خاصيت هوندي جيڪا کيس ٻين قومن جي تهذيبن کان نرالو ڪري بيهاريندي ؟ هڪڙا ماڻهو چون ٿا ته انگريز اسان کان بهتر مسلمان آهن. اسلامي صفات منجهان جيڪڏهن اسان وٽ پنج سيڪڙو سرمايو بچيو آهي ته انگريزن وٽ پنجاهه سيڪڙو موجود آهي. انگلستان ۾ چور بازاري ڪانهي، آفيسرن ۾ رشوت خوريءَ جو ڪلچر ڪونهي، هر فرد کي ڪنهن به تفريق کان سواءِ اعليٰ تعليم جي حاصلات جا موقعا ميسر آهن. اُتي ڪمال درجي جي مذهبي رواداري موجود آهي ۽ دين جي معاملي ۾ ڪو به جبر ڪونهي. ڪنهن شخص کي ذاتي ۽ مذهبي عقيدن پٽاندڙ نه ئي ڪا فوقيت حاصل آهي ۽ نه ڪي زندگيءَ جي راهه ۾ ڪا رڪاوٽ! مملڪت هر فرد جي تعليم جو بار کنيو بيٺي آهي ۽ اها هر فرد جي صحت جي ضمانت کنيو بيٺي آهي، اسلامي ملڪن ۾ هن وقت ڪٿي به ڪا اهڙي مملڪت ڪانهي! غير مسلم قومون، عام ڀلائي جي رستن تي تيزيءَ سان ڊوڙي رهيون آهن. نتيجو اهو آهي ته هر ڪو ويٺو اهو چوي ته اسان کي انگريزن جي نقشِ قدم تي هلي پاڻ کي سڌارڻ گهرجي. افسوس ! جو اسين ڪنهن به مسلمان مملڪت کي ڪٿي به ڪنهن مثال طور پيش ڪرڻ جي قابل نه رهيا آهيون، تڏهن ته ”اسٽالن“ مولانا عبيدالله سنڌيءَ کان سندس پيش ڪيل اسلامي انقلابي نظريي جي مطابق ڪٿي به ڪنهن مملڪت هجڻ جو سوال پڇيو هو ته مولانا سنڌي لاجواب ٿي ويو هو! چوندڙ اهو به چئي سگهن ٿا ته چوڏنهن سئو ورهيه اڳ جي حالتن ۽ موجوده تقاضائن ۾ ايترو فرق اچي ويو آهي جو هن زماني ۾ ان تجربي کي دهرائڻ محض سادگي آهي ته اهو اعتراض هڪ حد تائين بلڪل درست ٿيندو.
پر حقيقت اها آهي ته صدين کان اسان جي ترقي رڪيل آهي. اسين اسلام کان پوئتي ٿيندا وياسون ۽ ٻيون قومون اصلاحات ۽ ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ اسان کان نڪرنديون ويون.
قافلے دیکھ اور ان کی برق رفتاری بھی دیکھ
رہرو در ماندہ کی منزل سے بیزاری بھی دیکھ
پر مايوسي ڪفر آهي، ملتن ۽ قومن ۾ زوال ۽ ڪمال ايندا رهندا آهن، اسان جي آڏو ، هزارين ورهين کان ستل رجعت پسند ۽ بيٺل قومون هڪ ئي سٽ ۾ بيدار ٿيون ۽ پنهنجي ڪايا ئي پلٽي ڇڏيائون، آخر ڪهڙي ڪارڻ اسين هميشه پسمانده رهنداسون؟
هن وقت فوري ضرورت ان شيءِ جي آهي ته اسين پنهنجي نصب العين جي وضاحت ڪيون ۽ جديد زندگيءَ جي حقيقتن کي نظر انداز نه ڪريون. پهريان اسين ترقي يافته قومن وٽان خُذُ ما صَفَا دَع ما ڪَدَرَ جي، بنياد تي، ”بهتر شيون حاصل ڪيون ۽ ردي شيون ڇڏي ڏيون“ هاڻي به اسان کي ٻين جي تجربن مان فائدو وٺڻ گهرجي ۽ کوڙ ڳالهين ۾ پاڻ کي ترقي يافته قومن جو شاگرد به ٿيڻو پوندو، پر اسلام اسان جو نصب العين مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ان جي اسين وضاحت ته ڪري سگهون ٿا ۽ زندگيءَ تي ان جي نواڻ به آڻي سگهون ٿا پر ان جي بنيادن ۾ ردوبدل نه ايماناّ ممڪن آهي نه عقلاّ !
اسلام، بنيادي طور تي ايمان باالله ۽ خدمتِ خلق جو نالو آهي. اسلام، انسانن مان مصنوعي تقسيمون مٽائڻ چاهي ٿو. هو نسل پرستيءَ کي حرام سمجهي ٿو ۽ دنيا جي مڙني قومن کي مِنْ حَيْثُ اْلَقْومِ سندن قومي حق مهيا ڪرڻ جي ضمانت ڏئي ٿو..! اسلام، آزادي ۽ مساوات جي تعليم ڏئي ٿو. اسلام هر قسم جي غلامي مٽائڻ گهري ٿو. اسلام انسانن کي عدالت، رحمت، حڪومت ۽ عفت جهڙن فطري آدرشن کي زندگيءَ جو حصو بنائڻ جي تلقين ڪري ٿو. اسلام، دولت ۽ قوت کي هڪ ذريعو سمجهي ٿو، نه ڪي زندگيءَ جو مقصد ۽ نصب العين! اسلامي زندگيءَ جو بنياد الحاد نه بلڪه توحيدآهي! اسلام زندگيءَ ۾ طبعي، اخلاقي ۽ روحاني جمال پيدا ڪرڻ چاهي ٿو. اسلام هڪ پاسي رهبانيت کان ۽ ٻئي پاسي دنيا پرستيءَ کان روڪي ٿو. اسلام زندگيءَ جي سمورن سهڻن نصب العينن جو جامع آهي. هو ڌارين قومن جي ڪمالات کي اپنائڻ ۾ پنهنجي گهٽتائي نه ٿو سمجهي. جيڪڏهن اسلام، اهو ئي آهي ته زندگيءَ جو ڪوبه نصب العين- جيڪو انساني زندگيءَ کي بهتر بنائي سگهي ان کان ٻاهر ٿي نه ٿو سگهي. اسان جو حال خراب آهي، ڪاش! اسان جو نقطه نظر ۽ سوچ جو انداز مسخ ٿيل اسلام جي بجاءِ اوريجنل ۽ حقيقي اسلام جي مطابق ٿي پوي ته هوند ! اسان جو مستقبل اسان جي ماضيءَ کان وڌيڪ چمڪدار ٿي پوي!
وَمَا ذالک عَلَي الله بِعَزِيز.