سوانح عمري
آغا سليم جي شخصيت ۽ مزاج بابت عبدالقادر جوڻيجو صاحب آغا تي لکيل خاڪي ۾ لکي ٿو ته:
“اهو هڪڙو سنگت جو اڻ لکيو دستور آهي ته چوياريءَ ۾ ڪڏهن “الف” جي هلندي آهي ته ڪڏهن “ب” جي پر آغا جي سنگت ۾ “الف - ب ” ته ڇا پر پورا لشڪر (ان ڪري آغا لشڪر سان سنگت ناهي رکندو) هجن ته به مرضي آغا جي هلندي، ڇو ته آغا جو پهريون حرف الف آهي، الف اڳيان ٻي ڪُت خلق پويان، هونئن به ڳالهائڻ تي ايندو آهي ته ٻئي کي الف ڪندي ڪونه گسندو. آغا ٽاڪئون ڪاٺ آهي، مڙندو ڪونه، پر ڀڄي پوندو، پوءِ اها دوستن جي مرضي آهي ته ٻه ٽُڪر ڪنس يا ٽي ٽُڪر، ۽ آغا جڏهن ٽُڪر ٽُڪر ٿيندو آهي ته سڄو سور پنهنجي قلم مان ڪڍندو آهي. جتي قلم جي پڄت نه هوندي اٿس اُتي زبان کي روهيءَ تي لائي تکو ڪندو آهي.
انهن ارڪانن جي ڪري آغا کي هر وقت ڪنهن نه ڪنهن سنگتي ساٿي جي ضرورت هوندي آهي، جنهن کي هو لفظن جون چُونگون ڏيئي پنهنجو اندر ٺاري سگھي. سندس اهڙن يارن ۾ ڪئپسٽن سگريٽ کي اهم مقام حاصل آهي. جيڪو اندر ٺارڻ سان گڏوگڏ اندر ساڙيندو به اٿس” (1)
“ آغا جي دل جي اوطاق ۾ عورتن لاءِ ڪيئي ڪوچ ڪرسيون رکيل آهن، هي ٻانهن ڀڳل ڪرسي اديبه ڀيڻ لاءِ آهي، هي ڪوچ ڀاڄائي وڏي لاءِ آهي، هت صرف محبوبه ويهي سگھي ٿي، ان معاملي ۾ آغا صفا رُڄ ڳوٺاڻو آهي. پنهنجائي ۾ ته ڪک به ڪونه سهندو، ٻيو سنگت به ست ڪوهه ٽپي رکندو، ياري به شڪل سان ڪونه رکي، “عقل” سان پيچ ڳنڊيندي دير ڪونه ڪندو، عقل کي ڏسي ڏيل ٽڙي پوندا اٿس” (2)
آغا سليم منفرد مزاج وارو انسان آهي خود انتظامي ۽ پنهنجي پروگرامن کي اهميت ڏيئي اڄ جو ڪم سڀاڻ ته نه ڇڏڻ جي خوبين هئڻ ڪري نهايت ڪامياب زندگي گذاري آهي. تصوف جي مطالعي ۽ ٻين علمن جي اڀياس سبب هو ظاهري ۽ باطني مشاهدن سان مالا مال آهي. سندس پڙهڻ ۽ لکڻ کان علاوه اٿڻ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ ٺيٺ شڪارپوري آهي. انساني حسن ۽ ڪائناتي جمال سندس جيءَ ۾ نين روشنين سان جيڪو سوجھرو پيدا ڪيو آهي، سو آغا جھڙوئي سهڻو ۽ سهائو آهي. ان سونهن ڀري سوجھري جي چمڪ ڌمڪ هر تخليق ۽ تصنيف جو حسن حيران ڪُن ڪري ڇڏيو آهي.
حوالا:
1. جوڻيجو عبدالقادر: ٿوهر جي ماکي آغا سليم” خاڪو” رسالو مهراڻ 1977ع: ص 163
2. ايضاً ص: 164