لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

آغا سليم پاران ڪيل شاهه جي رسالي جي ترجمن جو اڀياس

هي ڪتاب ” آغا سليم پاران ڪيل شاهه جي رسالي جي ترجمن جو اڀياس “ ايم اي ۾ لکيل مونوگراف آهي. هي تحقيق محترمه ارم فاروق جمالي پاران ڪيل آهي.
Title Cover of book آغا سليم پاران ڪيل شاهه جي رسالي جي ترجمن جو اڀياس

نتيجا

نتيجا

انهي ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته آغا سليم کي سنڌي ادب جو آل رائونڊر چيو ويندو آهي. آغا صاحب سنڌي ادب جي ميدان ۾ تقريباً هر هڪ صنف تي قلم آزمائي ڪئي آهي. ناول، ڪهاڻيون، ڊراما، فلمون، سفرناما، شاعري، ترجما توڙي لطيفيات تي بهترين انداز ۾ ڪم ڪري پاڻ مڃرايو آهي. آغا سليم نثر توڙي نظم ۾ ڪتاب لکي سنڌي ادب جي زرخيزي ۾ اضافو ڪيو آهي. انهيءَ تخليقي ڪم کانسواءِ آغا سليم ترجمي جي ميدان ۾ پڻ پاڻ ملهايو آهي. ترجمي جو ڪم تخليق کان وڌيڪ اڙهانگو هوندو آهي. آغا سليم جو ترجمي جي معاملي ۾ ڳُوڙهو مطالعو به ساراهه جوڳو آهي.
ترجمي جي حوالي سان آغا سليم شاهه سائين جي ڪلام کي جيتري قدر پرکيو ۽ سمجھيو آهي، اوترو آئون ڀانيان ٿي ته ٻي ڪنهن نه پڙهيو نه سمجھو هوندو.
آغا سليم شاهه جي ڪلام جي مفهوم کي ڪيئن گھرائي ۾ ڏٺو آهي ان جو وڏو مثال سندس ڪتاب “ لات جا لطيف جي” آهي جيڪو لطيفيات جي حوالي سان سنڌي ادب لاءِ انمول تحفو آهي.
آغا سليم مختلف صنفن سان گڏوگڏ پنهنجي لکڻين ۾ موضوع به مختلف آندا آهن. آغا سليم جي لکڻين ادب ۾ نواڻ آندي آهي. آغا سليم جي ناولن توڙي ڊرامن ۾ شعور جي وهڪري “Stream of consciousness” ڏانهن رجحان گھڻو ٿو لڳي.
آغا سليم جي نثر ۾ سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته پاڻ ڪلاسيڪيت کي رومانيت واري انداز ۾ پيش ڪرڻ جو ڏانءُ رکن ٿا. سندس ان خوبي هن کي الڳ ٿلڳ ڪيو آهي.
آغا سليم شاهه جي ڪلام کي ترجمي جي صورت ۾ ٻين ٻولين (اردو انگريزي) ۾ آڻي بهترين ڪم سر انجام ڏنو آهي. جيئن ته ترجمي جو ڪم تخليق کان به اوکو آهي. آغا سليم جي محنت ۽ سندس مقصد قابلِ تعريف آهي. آغا صاحب ڪيترين ئي جاين تي شاهه صاحب وارو ساڳيو مفهوم برقرار رکڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي آهي، ان جي باوجود به ڪٿي ڪٿي تشنگي محسوس ٿئي ٿي. ان جو اهو مطلب هر گز نه وٺبو ته ڪو آغا جي مطالعي ۾ ڪا ڪمي پيشي هوندي. آغا سليم جو مطالعو نهايت ڳُوڙهو ڏسڻ ۾ ٿو اچي، پر اها ڳالهه شروع کان هلندي اچي ته شاعري کي ترجمو ڪري نٿو سگھجي اگر ڪبو تڏهن به سندس اصل مفهوم کي ٻي ٻولي ۾ منتقل ڪرڻ نهايت ڏکيو هوندو، ڇو ته شاعري احساسن ۽ جذبن جي اظهار جو نالو آهي. ۽ احساسن کي منتقل ڪري نٿو سگھجي. هر شخص وٽ پنهنجا جذبا هوندا آهن، ۽ هر شخص انهن جذبن جي ردعمل ۾ ئي ڪا شيءَ تخليق ڪندو آهي، ان لاءِ ڪو ٻيو ماڻهو انهن احساسن کي واضع طريقي سان ٻي ٻولي ۾ بيان نٿو ڪري سگھي. اهو ئي سبب آهي جو آغا سليم شاهه سائين جي مفهوم کي ائين بيان ناهي ڪري سگھيو جھڙي طرح شاهه سائين پاڻ پنهنجي بيتن ۾ اظهار ڪيو آهي. شاهه سائين پنهنجي شاعري ۾ “universal truth” بيان ڪيا آهن، ۽ اهڙن ته نج سنڌي لفظن ۾ بيان ڪيا آهن، جو اُهي ٻي ٻولي ۾ آڻڻ سان انهن جو مفهوم ئي مٽجيو وڃي.
شاهه سائين جي شاعري آفاقي آهي جيڪا ٻي ٻولي ۾ منتقل ڪرڻ انتهائي ڏکيو ڪم آهي. انگريزي ٻولي ۾ شاعري لاءِ ڪي خاص اصول ڪم آڻبا آهن، جن جو استعمال آغا صاحب پنهجي قابليت موجب ڪيو آهي، جنهن سان اختلاف ڪري سگھجي ٿو. اُهو اِهو ته جيئن سنڌي ٻوليءَ ۾ پڙهڻ سان گڏ لکڻ ۾ به وڏو فرق آهي. ائين انگريزي نثر ۾“Apostrophe” جو استعمال گھٽ ٿئي ٿو. نثر لکڻ ۾ گھڻي ڀاڱي پورا لفظ استعمال ڪيا ويندا آهن. اڌ اکر نثر ۾ لکڻ جي بجاءِ نظم ۾ وڌيڪ ڪم آڻبا آهن. جيئن Do not کيt ‘Don، I had کي d ‘I ۽ have کي ve‘h ڪري لکبو آهي. پر آغا سليم ترجمي وقت ڪٿي به ان اصول جو خيال ناهي ڪيو. ان کانسواءِ ٻي خاص ڳالهه شاعري جي انگريزي ۾ ترجمي لاءِ اها آهي جو انگريزي نثر ۾ You, Your, yours تون، تنهنجو، تو لاءِ اهي لفظ استعمال ٿيندا آهن، ۽ اهي لفظ شاعري ۾ You, Your, yours نه بلڪه “The, Thou, They” استعمال ڪبا آهن. ۽ شاعري جي پڙهڻي ۾ به نثر کان تبديلي ڏيکارين ٿا. جيئن لڳي ته اها شاعري آهي. جنهن ۾ ترنم ۽ موسيقت هجي. “ The, Thou, They” اهي لفظ شاعري ۾ “rhyme” ۽ “rhythm” کي برقرارا رکن ٿا. جڏهن ته آغا سليم هر شعر ۾ You جي جاءِ تي You تنهنجو کي Your ئي لکيو آهي. آغا سليم شاعري جي “rhyme” ۽ “rhythm” کي برقرار نه رکيو آهي.
آغا صاحب شاهه صاحب جي مفهوم جي ڳُوڙهي مطالعي ڪرڻ جي باوجود به ترجمن ۾ شايد مفهوم قائم رکي سگھي سگھيو آهي. آغا صاحب لفظي ترجمي کي وڌيڪ ترجيح ڏني آهي. آغا سليم ڪٿي وري اهڙا لفظ استعمال ڪيا آهن جن لاءِ ماڻهو داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگھي. ان جو وڏو مثال لفظ “ڪاگ” آهي، جيڪو آغا سليم هيٺين بيت جي اردو ترجمي ۾ استعمال ڪيو آهي:
شمع جلاتڳ شب، پوپهٽي پرڀات،
تيري ديد ڪو ترسڳ نينان، رانا! آجا اب،
تيري يار طلب، ڪاگ اُڙاوان ڪاڪ ڪڳ.
هونئن ته لفظ “ڪاگ” اصل هندي ٻولي جو لفظ آهي، جيڪو ڪبير به پنهنجي هڪ دوهي ۾ استعمال ڪيو آهي. ڪبير جو اُهو دوهو هيٺ پيش ڪجي ٿو:
ڪاگا کهايو، تن من کهايو، چُن چُن کهايو ماس
دونينان مت کهايو، جنين پيا ملن ڪي آس
اردو جا ڪيترائي اديب لفظ “ڪاگ” کي اردو ٻولي ۾ استعمال ڪندا آهن هاڻ ته هي لفظ اردو ٻولي ۾ جھڙوڪر مروج ٿي ويو آهي. آغا سليم به هتي هندي لفظ “ڪاگ” کي ترجمي ۾ استعمال ڪيو آهي جيڪا سندس خوبي آهي، ڇو ته اردو ۾ “ڪانگ” کي “ڪوا” چئبو آهي، جيڪڏهن آغا سليم بيت ۾ لفظ “ڪوا” استعمال ڪري ها ته اهو ٺهڪي نه بيهي ها ان لاءِ لفظ “ڪوا” جو متبادل لفظ آغا سليم هندي ٻولي مان کڻي آيو جيڪي بيت ۾ ٺهڪي ٿو بيهي. مترجم جي اها ئي خوبي هوندي آهي ته هو پوري ڪوشش ڪري متبادل لفظ ڳولي استعمال ڪري جنهن سان اصل مفهوم جي چٺائي ٿي سگھي.
ٻي هنڌ آغا صاحب اهڙا لفظ استعمال ڪيا آهن، جيڪي شاهه جي لفظن جي معنائن سان ٺهڪي نٿا بيهن. آغا سليم هڪ شعر ۾“هرجائي” لفظ استعمال ڪيو آهي، جيڪو شاهه جي استعمال ڪيل لفظ “چلولا” جي معنيٰ نٿو ڏي. ۽ انهيءَ لفظ لاءِ آغا صاحب انگريزي جو لفظ“flirts” ڪم آندو آهي جيڪو “چلولا” لفظ جي نه بلڪه “دوکي باز ۽ ٺڳ” لاءِ استعمال ٿيندو آهي. اهو نه شاهه جي لفظ سان بلڪل به ٺهڪي نٿو بيهي. اهڙا ٻيا به ڪيترائي لفظ آهن جيڪي شاهه جي جملن سان ٺهڪي نٿا بيهن. تنهن هوندي به آغا صاحب جي سموري محنت جو ڪو مٽ ئي ناهي. آغا سليم سنڌي ادب جي دنيا ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو آهي. آغا سليم پنهنجي طبيعت ۽ مزاج ۾ بي حد خودار آهن، هر ڳالهه بنا حجاب جي چئي ڏيڻ سندس طبيعت جي اهم خصوصيت آهي.
آغا سليم سندس لکڻ ۽ ادب ۾ پير پائڻ جو خاص سبب ڄاڻائيندي چون ٿا ته :
“مون اڄ تائين جيڪو ڪجھ لکيو آهي اهو پنهنجي اندر جي رانجھي کي ريجھائڻ لاءِ لکيو آهي، مون پئسن لاءِ نه لکيو آهي، مون ته پنهنجي پاڻ کي خوش رکڻ لاءِ لکيو آهي، سڄي حياتي لکيو آهي. اڄ به لکان پيو” (1)
آغا سليم کي ڪتاب لکڻ جو شوق هڪ انوکي انداز سان ٿيو. سندس وڏو ڀاءُ ڪتاب آڻيندو هو آغا انهن ڪتابن جي ٽائيٽل کي ڏسندو هو ته کيس اُتي پنهنجي تصوير هئڻ جو شوق ٿيندو هو ته پاڻ به ڪتابن پويان پنهنجي تصوير ڏسي ۽ اتان ئي سندس دل ۾ لکڻ جو اُتساهه پيدا ٿيو.
حوالا:
1. ڪاوش دنيا مئگزين ،24 جنوري 2016ع ص 8