لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

آغا سليم پاران ڪيل شاهه جي رسالي جي ترجمن جو اڀياس

هي ڪتاب ” آغا سليم پاران ڪيل شاهه جي رسالي جي ترجمن جو اڀياس “ ايم اي ۾ لکيل مونوگراف آهي. هي تحقيق محترمه ارم فاروق جمالي پاران ڪيل آهي.
Title Cover of book آغا سليم پاران ڪيل شاهه جي رسالي جي ترجمن جو اڀياس

شاهه جي رسالي جي انگريزي ترجمي جو اڀياس

هي منهنجي ٿيسز جو ٽيون باب آهي. منهنجي سڄي ٿيسز جو تاڃي پيٽو به هن باب تي بيٺل آهي. هن باب ۾ آئون آغا سليم جي ڪيل شاهه جي سُرن جي ترجمن جو اڀياس پيش ڪندس. منهنجو خاص مقصد تنقيدي اڀياس پيش ڪرڻ آهي. تنقيدي اڀياس مان مراد ته آغا جي شاهه جي سُرن جي ڪيل ترجمن ۾ ڇا آغا سليم شاهه جي شعرن جي اصل روح کي برقرار رکي سگھيو آهي؟ ڇا آغا جيڪي لفظ استعمال ڪيا آهن، اُهي اصل لفظن سان ٺهڪي بيهن ٿا يا نه؟ ڇا آغا سليم شاعري جي اصولن موجب ترجمو ڪيو آهي؟ يا فقط لفظي ترجمو ڪيو اٿس؟ هي باب اِنهن سڀني سوالن جي جوابن تي ئي مشتمل هوندو.
ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ترجمي جي اهميت تخليق کان گھٽ ناهي هوندي، ترجمو تخليقي عمل کان گھٽ ناهي هوندو. هن ۾ پاڻ ٻيڻو تجربو گُھربل هوندو آهي. ترجمي ۾ مترجم کي ٻنهي ٻولين يعني جنهن ۾ ترجمو ڪري ۽ جنهن مان ترجمو ڪري ٻنهي ٻولين تي عبور حاصل هجڻ لازمي آهي. دراصل ترجمو ٻن قسمن جو ٿيندو آهي. هڪ آزاد ترجمو ۽ ٻيو لفظي ترجمو، آزاد ترجمو گھڻو ڪري لفظي ترجمي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ معياري ليکيو ويندو آهي. پر ان ۾ به ليکڪ کي اصل لکڻيءَ جو روح برقرار رکڻ ضروري هوندو آهي.
آغا سليم شاهه جي شاعريءَ جي ترجمي ۾ لفظي ترجمي جي قسم کي ڪم آندو آهي. آغا سليم وٽ vocabulary جو وڏو ذخيرو موجود ٿو لڳي، پر آغا سليم شاعري جي اصولن کي برقرار رکي ناهي سگھيو.
سُر ڪلياڻ جو پهريون شعر جيڪو آغا سليم پنهنجي انداز ۾ هن طرح ترجمو ڪيو آهي:
اول، الله، عليم، اعليٰ، عالم جو ڌڻي،
قادر پنهنجي قدرت سين، قائم آهه قديم
والي، واحد، وحده، رازق، رب رحيم
سو ساراهه سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم
ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جھان جي،
هاڻ آغا جو هن شعر جو انگريزي ترجمو پيش ڪيان ٿي:
The very first is Allah, the
Omniscient, the supreme, the
Lord of the universe,
The omnipotent is there since
Infinity by his own omnipotence
He is uncreated.
The lord, the one, the sustainer,
Fosterer, the benevolent
Praise he true lord and compose a hymn of wisdom,
The gracious grant wishes of all.
آغا صاحب جو هي ترجمو شاهه سائين جي ڀيٽ ۾ استعمال ٿيل لفظن ۽ موسيقيت جي لحاظ سان بلڪل هٽيل آهي. آغا سليم قافين جي بيهڪ ۽ لفظن جي ساڳئي معنيٰ کي استعمال نه ڪري سگھيو آهي.
پهرين سِٽ جو ترجمو “ اول الله” آغا هن ريت ڪيو آهي“ The very first is Allah” هن جي بدران اول الله لاءِ بهتر لفظ “foremost” آهي، جيڪو هڪ خاص صفت کي بيان ٿو ڪري. لفظ کي جملي ۾ نه پر جملي کي هڪ ئي لفظ ۾ بيان ڪرڻ وڏي ڏات آهي.
شاهه جي شاعري فقط لفظن ذريعي ئي ڪيترا جملا سمجھائي ڇڏي ٿي، ۽ ان کي جملن ۾ نه پر هڪ ئي لفظ ۾ آڻڻ ئي بهتر آهي.
Praise the true lord and compose a hymn of wisdom
“سو ساراهه سچو ڌڻي چئي حمد حڪيم” آغا سليم لفظ “compose” هتي ڪم آندو آهي جيڪو “چوڻ” يا “چئي” جي معنيٰ سان بلڪل ٺهڪي نٿو بيهي. “compose” لفظ “ ٺاهڻ” يا “ٺهڻ” جي معنيٰ ٿو ڏيکاري. هڪ ٻيو لفظ “hymn” هي لفظ اڪثر (ڀَڄنِ) جي معنيٰ طور ڪم ايندو آهي. حمد لاءِ اڪثر“praise” لفظ استعمال ٿئي ٿو. آغا جي هن جملي ۾ تمام گھڻو جھول آهي. جنهن جو ترجمو هن طرح ٿي سگھي ٿو:
“ چئي حمد حڪيم”
ترجمو:
“Compose the hymn of wisdom ” بدران “ His praise sing” ٿي ٿو سگھي. هن ساڳي شعر جو ترجمو امينا خميساڻي جيڪو ڪيو آهي، ان سان ڀيٽ ڪجي ٿي ته جيئن جملن ۽ لفظن جي چٽائي ٿي سگھي.
امينه خميساڻي جو ترجمو: “ Foremost omniscient and supreme is world lord”
آغا سليم جو ترجمو:
The very first is Allah, the
Omniscient, the supreme the
Lord of the universe
هاڻ هتي لفظ “foremost” “ اول الله” جي معنيٰ سان هم آهنگ لڳي ٿو. پر آغا جو پورو جملو:‏
“The very first is Allah” ان جي ابتڙ معنيٰ ٿو ڏي. اُهو ائين جو “The very first is Allah” جي معنيٰ “سڀ کان پهرين الله آهي” ٿي بيهي. جڏهن ته پورو جملو شاهه سائين پڻ هڪ لفظ “اول الله” ۾ سمجھايو آهي، جنهن لاءِ انگريزي لفظ “Foremost” بلڪل ساڳي معنيٰ ۽ مفهوم سان ٺهڪي ٿو بيهي.
ان کان پوءِ امينه صاحبه شاهه جي ڪافين کي پڻ برقرار رکيو آهي. پر آغا صاحب جي ڪيل ترجمي ۾ شاهه جي ڪافيي کان بلڪل منهن موڙيل ٿو لڳي.
امينه صاحبه:
Foremost, omniscient and supreme is world’s lord
Of his own might is existence
Since a eons old
Nightly creator, merciful, sustainer one and only
His praise sign, he planned and perfected the universe
امينه خميساڻي شاهه صاحب جيان قديم ۽ رحيم لفظن وانگر “Lord” ۽ “old” کي هم ڪافيه رکيو آهي.
آغا صاحب جو ترجمو:
The very first is Allah, the omniscient,
The supreme, the lord of universe,
The omnipotent is there since, infinity
By his own omnipotent, he is uncreated,
The lord the one, the sustainer, the fosterer, the benevolent,
Praise the true lord and compose a hymn of wisdom,
The gracious grants wishes of all,
هاڻ آغا جي هن ترجمو ڪيل شعر ۾ ڪٿي به ڪا سٽ ڪوبه لفظ هم ڪافيه ناهي. آغا شاعري کي به نثري انداز ۾ ترجمو ڪيو آهي. اهو ساڳيو بيت آغا سليم اُردو ۾ پڻ ترجمو ڪيو آهي، ان کي شيخ اياز جي ترجمو ڪيل شاهه جي اردو بيت سان ڀيٽ ڪجي ٿو.
شاهه جو بيت:
اول، الله عليم، اعليٰ، عالم جو ڌڻي،
قادر پنهنجي قدرت سين قائم آهه قديم،
والي واحد وحده، رازق رب رحيم،
سو ساراهه سچو ڌڻي چئي حمد حڪيم،
ڪري پاڻ ڪريم جوڙُون جوڙ جھان جي،
آغا سليم جو هن بيت جو ڪيل اردو ترجمو:
اول الله عليم اعليٰ عالم ڪا دهني،
قادر اپني قدرت سڳ قائم اور قديم،
والي واحد وحده، رازق رب رحيم
مرحت ڪي اس سچي رب ڪي، ڪهه ڪڳ حمد حڪيم،
وه والي وه ڪريم، وه جگ ڪهه ڪام سنواري.
شيخ اياز جو هن بيت جو ڪيل اردو ترجمو:
تيري هي ذات اول و آخر، تو هي قائم هڳ اور تو هي قديم
تجھ سڳ وابسته هر تمنا هڳ، تيرا هي آسرا هڳ رب ڪريم
ڪم ڪي جتني ڪريڻ تيري تو صيف، تو هي اعليٰ هڳ اور تو هي عظيم
والي شش جھاڻ واحد ذات، رازق ڪائنات رب رحيم.
ٿلهي ليکي آغا صاحب جي ترجمي جو مفهوم ته دُرست آهي، پر آغا صاحب هتي لفظ “دهني” جيڪو استعمال ڪيو آهي، اهو لفظ اُردو ٻولي جي لغت ۾ ملي ئي نٿو نه ئي وري عام مروج آهي. آغا صاحب هن ترجمي ۾ باقي سڄو بيت لڳ ڀڳ ساڳيو ئي رکيو آهي جيڪو سنڌي ۾ آهي. فقط ڪجھ لفظن جي ڦهير گھير سان آغا سليم ترجمو ڪيو آهي.
آغا سليم شاهه جي بيتن کي لفظ به لفظ ترجمو ڪيو آهي، پر آغا صاحب انگريزي ترجمي ۾ Alliteration۽ Rhyme, Rhythm جو صحيح استعمال ناهي ڪيو. آغا صاحب معنيٰ ۽ مفهوم ته شاهه وارو ساڳيو رکيو آهي، پر ان ۾ شاعراڻو رنگ نه ڀري سگھيو آهي.
شاهه سائين اگر ڪٿي پنهنجي شاعري ۾ ڪو سوال اُٿاريو آهي ته ان سوال جو جواب ٻي سِٽ ۾ ئي ڏنو اٿس. جيئن شاهه سائين جي هي سِٽ ڏسو:

تان تون وڃيو ڪيئن، نايين سر ٻين کي،
هاڻ هتي شاهه سائين هڪ پاسي سوال ٿو ڏي ته ٻي پاسي اُن جو جواب به ٻڌائي ٿو.
هاڻ آغا جو ان سِٽ جوترجمو اردو ۾ ته ٿورو مفهوم ڏي ٿو چوي ٿو ته:
پهر ڪيوڻ غيرڪهه دُوار، جا ڪر سر ڪو جُھڪائي
پر آغا صاحب هن بيت جو انگريزي ۾ ترجمو ته بلڪل معنيٰ ۽ مفهوم کان هٽي ڪري ڪيو آهي چوي ٿو ته:
How is that you bow before others?
هي ترجمو آغا جي پنهنجي ڪيل اُردو ترجمي سان ته ٺهڪي ٿو بيهي، پر شاهه جي سِٽ جي معنيٰ سان بلڪل نٿو ٺهڪي. هتي آغا جو ترجمو فقط لفظي آهي، باقي مفهوم سان بلڪل به هم آهنگ ناهي.
شاهه صاحب جي بيتن ۾ جيتري قدر مفهوم ۽ معنيٰ جي گھرائي آهي، اُوتروئي شاهه سائين جي لفظن ۾ سونهن سمايل آهي. شاهه سائين پنهنجي هر بيت ۾ تمام ڳُجھي ۽ لڪل ڳالهه سمجھائي آهي. شاهه سائين جيڪي لفظ استعمال ڪيا آهن، سي ظاهري طرح هڪ معنيٰ ٿا ڏيکارين مگر سندن اندروني معنيٰ ٻي آهي.
شاهه سائين جي ڏنل هيٺين بيت ۾ جيتري قدر سونهن ۽ ڪمال آهي، اُوتروئي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ پيچيده پڻ آهي. ان لاءِ هِن بيت کي ٻي ٻولي ۾ ساڳئي مفهوم ۾ ترجمو ڪرڻ ڪو گھٽ مشڪل ناهي:
پڙاڏو سوئي سڏ، ور وائي جو جي لهين،
هئا اڳئين گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
آغا سليم جو انگريزي ۾ ڪيل ترجمو:
You ponder and will discern that,
Echo is in fact that sound,
They were one but is listening become
آغا سليم جي ڪيل هن بيت جي ترجمي ۾ شاهه جي شعر جو مفهوم ئي نٿو ملي، آغا نه ته وري بيت جو ڪافيو برقرار رکي سگھيو آهي. آغا صاحب انگريزي لفظن کي به انهيءَ ساڳئي معنيٰ مطابق استعمال نه ڪيو آهي. آغا لفظ “sound” جو استعمال ڪيو آهي جيڪو “ آواز” جي معنيٰ ٿو ڏي. جڏهن ته شاهه سائين “ آواز” جو لفظ بيت ۾ استعمال نه ڪيو آهي. شاهه سائين “پڙاڏو ۽ سڏ” لفظ استعمال ۾ آندو آهي. جنهن لاءِ انگريزي لفظ “echo” ۽ “call” استعمال ٿي سگھي ٿو. آغا صاحب شاهه جي قافيي کي به انهيءَ انداز ۾ پيش نه ڪيو آهي. شاهه لطيف جي بيتن کي انهيءَ معنيٰ، مفهوم ۽ ترنم سان پيش ڪرڻ ڪو سَولو ڪم ناهي. آغا اگر انهن لفظن بدران هيٺ ڏنل لفظ ترجمي ڪرڻ وقت استعمال ڪري ها ته پوءِ مفهوم شاهه جي بيت سان ٺهڪي بيهي ها:
Echo and call are close and near
Formerly together, but separate to hear
آغا جو هيٺ ڏنل جملو درحقيقت فقط هڪ عام رواجي جملو پيو لڳي جنهن ۾ شعريت نٿي ملي. چوي ٿو ته:
Echo is infect the sound
هن جي لفظي معنيٰ ۽ گراميٽيڪل معنيٰ هي ٿيندي “ پڙاڏو در حقيقت ۾ هڪ آواز آهي” جڏهن ته شاهه سائين سندس بيت ۾ ڪٿي به اهڙو مفهوم ٻڌايو ئي ناهي. ساڳئي بيت جو اردو ترجمو آغا صاحب هن طرح ڪيو آهي:
ايڪ صدا ايڪ گونج، سنني ميڻ هيڻ دو،
غور سڳ گر سُن لو، مخر ج ان ڪا ايڪ هي.
هاڻ شاهه صاحب فقط ٻڌڻ يا ٻڌائڻ جي ڳالهه نٿو ڪري، پر هو پڙاڏي جو تصور ٿو سمجھائي. آغا سليم “پڙاڏو سو ئي سڏ” لاءِ لفظ “ ايڪ صدا ايڪ گونج” ته ٺيڪ لکيو آهي، پر آغا صاحب “مخرج” جو لفظ هروڀرو استعمال ڪيو آهي.
“ ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا” جو ترجمو “ مخر ج ان ڪا ايڪ هي” ڪجهه دل سان نٿو لڳي. ڇو ته سڏ ۾ پڙاڏو جو مخرج ساڳيو ڪونهي. پڙاڏو ته محض آواز جي موٽ آهي. ان لاءِ ترجمو ڪيل شعر ۾ شاعراڻي سونهن اڻ لڀ آهي.
شاهه جو هڪ ٻيو بيت جنهن جي ظاهري معنيٰ ته هڪڙي ٿي ڏسڻ ۾ اچي، مگر ان جي اندروني معنيٰ ٻي آهي. اُهو هي بيت آهي:
ايڪ قصر، در لک، ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون
جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون،
هاڻ هتي شاهه سائين “در دروازن” جا لفظ ته استعمال ڪيا آهن. پر اُهي تمثيلي طور هن جھان کي بيان ٿا ڪن. شاهه سائين چوي ٿو ته هي جھان ڪيڏو نه وسيع آهي. پر منهنجي نظر جيڏانهن به وڃي ٿي تنهن پاسي مونکي پرين ٿو ڏسڻ ۾ اچي. آغا جو انگريزي ۾ ڪيل هن بيت جو ترجمو پيش ڪجي ٿو:
The palace is one, its doors and
Windows are numerous
Whenever I look, the lord is there
هتي آغا صاحب لفظن ۽ جملن جي معنائن مطابق انگريزي لفظ ڪتب آندا آهن. آغا جواهو ترجموايلسا قاضي جي انگريزي ترجمي ۽ امينه خميساڻي جي انگريزي ترجمي سان هڪجھڙائي ٿو رکي. هي شعر ٽنهي مترجمن ساڳي انداز ۾ ترجمو ڪيو آهي. “در ۽ ڳڙکيون” لفظن لاءِ ٽنهي مترجمن انگريزي لفظ “doors and windows” لفظ ڪتب آندا آهن، جيڪي شاهه جي لفظن سان ٺهڪي ٿا بيهن، پر شاهه جي شعر جي اصل مفهوم جي چٽائي سهي نموني نه پيا ڪري سگھن. هتي لفظ “doors and windows” هڪ محدود دائري جي معنيٰ ڏانهن اشارو ٿا ڪن، جڏهن ته شاهه جو مفهوم انتهائي وسيع آهي.
شاهه صاحب “در ۽ دريون” مان مراد بيحد اونهي معنيٰ مشرق ۽ مغرب جي ٿو ڏي، جيڪي لامحدود حدون آهن ۽ حقيقي محبوب لاءِ ۽ ان کي پرکڻ لاءِ ڪا حد نٿي ٿئي. حقيقي محبوب لامحدود حدن ۾ آهي. ۽ شاهه سائين حقيقي محبوب لاءِ ڪا به حد مقرر ناهي ڪئي. هتي شاهه سائين “در ۽ دريون” تمثيلي طور آندا آهن، جڏهن ته انهن لفظن جو مفهوم وسيع آهي.
ساڳيو شعر آغا صاحب اُردو ۾ هن ريت ترجمو ڪيو آهي:
ايڪ قصر در لاک، اور ڪروڙيڻ کڙڪياڻ
جدهر اُٽڳ يه آنڪه، اُدهر هڳ سُندر روپ سجن ڪا.
هتي آغا صاحب لفظن جو ته بهترين ترجمو ڪيو آهي، پر شاهه صاحب جي ڪن لفظن جي مفهوم ۽ معنائن کي نه سمجھيو اٿس. آغا سليم جي اُردو ترجمي کي اگر شيخ اياز جي ڪيل اُردو ترجمي سان ڀيٽ ڪجي ته ڪجھ وڌيڪ چٽائي ٿي سگھندي. شيخ اياز جو اردو ۾ ڪيل هن بيت جو ترجمو پيش ڪجي ٿو:
ايڪ قصر هڳ اور در لاکوڻ، هر طرف بي شمار هين روزن،
مجهه ڪو هر سمت سڳ نظر آيا، جلوه گر ايڪ هي رخِ روشن
آغا سليم جو ڪيل اردو ۾ ترجمو پيش ڪجي ٿو:
ايڪ قصر در لاک، اور ڪروڙوڻ کڙڪياڻ،
جدهر اُٽهڳ يڳ آنک، اُدهر هڳ سُندر روپ سجن ڪا.
هتي ٻنهي مترجمن بهترين ترجمو پيش ڪيو آهي. پر هتي به لفظ “ڪروڙين” شاهه صاحب وٽ ڪروڙين يا لکين جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيل ناهي. پر شاهه صاحب جو “ڪروڙين” مان مطلب “بيشمار، بي حساب” ٿو ٿئي. هتي آغا جو “ڪروڙين” لفظ ان مفهوم موجب سهي معنيٰ نٿو ڏي. بلڪ شيخ اياز جو “بيشمار روزن” ڪجھ هڪجھڙي معنيٰ ٿو ڏي. باقي آغا سليم جو“سندر روپ سجن ڪا” تمام خوبصورت فقرو آهي. پر هن شعر جو به لفظي ترجمو چوڻ ئي مناسب ٿيندو.
شاهه لطيف پنهنجن بيتن ۾ تشبيهن، استعارن، لفظن ۽ جملن جو اهڙو ته شاندار استعمال ڪيو آهي جو انهن کي ترجمو ڪرڻ لاءِ ٻي ٻولي ۾ لفظن جي چونڊ انتهائي پيچيدو ڪم آهي.
شاهه سائين جو هڪ ٻيو بيت آهي:
کڻي نيڻ خمار مان، جان ڪيائون ناز نظر
سورج شاخون جھڪيون، ڪوماڻو قمر
تارا ڪتيون تائب ٿيا، ديکيندي دلبر
جَھڪو ٿيو جوهر، جانب جي جمال سين.
آغا صاحب هن بيت جو انگريزي ۾ هيئن ترجمو ڪيو آهي:
Whenever my friend lifts eyes coquettishly
Sun lows its rays, moon becomes Haggard
The stars and Pleiades seeing the beloved raced
Pearls lore their glean before luster of his beauty
هتي آغا سليم جن ٿلهي ليکي مفهوم کي ته سهڻي نموني پيش ڪيو آهي. پر آغا صاحب لفظن جي چونڊ سهي ناهي ڪري سگھيو. آغا صاحب لفظ “خمار” لاءِ “Coquettishly” استعمال ڪيو آهي. پر اهو لفظ “خمار” جي معنيٰ نه پر “چنچل” جي معنيٰ ٿو ڏي. جڏهن ته خمار ۽ چنچل لفظن ۾ فرق آهي. لفظ “Coquettishly” جو مطلب آهي“چنچل” جڏهن ته شاهه صاحب “چنچل” لفظ شعر ۾ ڪٿي به استعمال ناهي ڪيو. جنهن لاءِ انگريزي لفظ “drowsiness” استعمال ٿيندو آهي. جيڪو آغا صاحب ڪم ناهي آندو. آغا صاحب کي“Coquettishly” بدران “drowsiness” ڪم آڻڻ کپي ها.
شاهه سائين چوي ٿو ته:
سورج شاخون جھڪيون، ڪوماڻو قمر
آغا صاحب انگريزي ۾ ترجمو هيئن ٿو ڪري:
Sun lowers its rays
هاڻ “rays” لفظ شعاع لاءِ استعمال ٿئي ٿو. “rays” سج جي شعائن کي چئبو آهي. جڏهن ته شاهه صاحب لفظ “شعاع” نه بلڪ “شاخون” استعمال ڪيو آهي. جنهن لاءِ لفظ “rays” نه بلڪ “boughs/branches” استعمال ڪرڻ کپندو هو.
ٻيو لفظ جيڪو شاهه صاحب “جھڪيون” استعمال ڪيو آهي، ان لاءِ به آغا صاحب جو“lowers” لفظ “جھڪيون” جي معنيٰ سان ٺهڪي نٿو بيهي. “lower” جو خاص مطلب آهي “هيٺيائون” يا “گھٽ” شاعري ۾ خاص طور تي “جَھڪڻ” جي معنيٰ لاءِ “lower” لفظ ٺهڪي نٿو بيهي. شاعري ۾ عام مروج لفظن کان ڳجھي معنيٰ وارا لفظ وڌيڪ استعمال ٿيندا آهن. هتي “جھڪڻ” لاءِ لفظ “notate” استعمال ٿيڻ کپي ها.
“سورج شاخون جھڪيون” ان جملي جو ترجمو ڪجھ هن ريت مناسب ٿو لڳي:
“Sun boughs/branches notates”
يعني سورج شاخون جھڪيون. هاڻ “Sun lows its rays,” هن جي معنيٰ ٿي “سج پنهنجا شعاع ڪرايا” جڏهن ته اهڙي قسم جو مفهوم گھٽ مان گھٽ شاهه جي بيت مان نٿو نڪري. آغا صاحب ٻين بيتن جيان هن بيت جو ترجمو به فقط لفظي بيان ڪيو آهي، جنهن مان مفهوم جي چٽائي نٿي ٿي.
شاهه جي شاعري ۾ خوبصورت منظرنگاري جو مظاهرو ٿيل آهي، ٻي طرف سندس ڪلام محاڪات، تشبيهن ۽ استعارن جو خوبصورت سنگم آهي. شاهه سائين سنڌ ڌرتي جي هر نظاري کي پنهنجي اک مان ڪڍيو، پوءِ انهن منظرن ۾ پکي پکڻ جي اُڏار، ٻولي، دريا جو خوبصورت منظر، ترندڙ ٻيڙيون، مهاڻن جي مڇي مارڻ ۽ کپائڻ جي ڪرت، هجي توڙي ڏتڙيل طبقي جي هر ڪردار کي ڀرپور انداز ۾ ۽ پنهنجي چِند سنڌي لفظن ۾ بيان ڪيو آهي، ان لاءِ اهڙن لفظن کي ٻي ٻولي ۾ آڻڻ لاءِ به لفظن جي چونڊ ڄڻ ته ٿيو پُل صراط تان ٽپڻو. ڪنهن به لفظ جي چونڊ ۾ اگر اوڻيهه ويهه ٿئي ٿي ته پوءِ سڄي شعر جو مفهوم ئي بگڙيو وڃي.
شاهه سائين جو شعر آهي:
شمع ٻاريندي شب، پرهه باکون ڪڍيون،
موٽ مران ٿي ميندرا، راڻا! ڪارڻ رب،
تنهنجي تات طلب، ڪانگ اُڏايم ڪاڪ جا.
هن شعر جو آغا صاحب انگريزي توڙي اُردو ٻنهي ٻولين ۾ ترجمو ڪيو آهي آغا صاحب اُردو ۾ ڪجھ هن ريت ترجمو ڪيو آهي:
شمع جلاتڳ شب، پوپهٽي پرڀات،
تيري ديد ڪو ترسڳ نيناڻ، رانا! آجا اب،
تيري يار طلب، ڪاگ اُڙاواڻ ڪاڪ ڪڳ.
آغا صاحب هتي اهڙا لفظ ڪم آندا آهن جيڪي اُردو ٻولي ۾ ڪٿي به نٿا ملن. هاڻ “ڪاگ” لفظ اُردو ۾ ڪنهن به معنيٰ ۾ نٿو ملي. پر هي لفظ هندي ٻولي ۾ موجود آهي، “ڪانگ” لفظ جڏهن آغا کي اردو مان ڪو بهتر لفظ نه مليو ته هن هندي ٻولي مان “ڪانگ” لفظ لاءِ متبادل لفظ “ڪاگ” ترجمي جي صورت ۾ استعمال ڪيو، ۽ اها ئي هڪ مترجم جي خوبي آهي ته هو ترجمي وقت ڪوشش ڪري وڌ کان وڌ مفهوم سان ٺهڪي ايندڙ لفظ استعمال ڪري. آغا سليم ۾ اها خوبي موجود آهي. ڇو ته “ڪانگ” لاءِ اردو ۾ لفظ “ڪوا” ملي ٿو مگر اهو لفظ اڻ سونهندڙ آهي ان جي بجاءِ لفظ “ڪاگ” ٺهڪي ٿو بيهي. هي شاهه سائين جو اهڙو بيت آهي، جنهن ۾ دل لُڀائيندڙ منظر نگاري ۽ عڪس چٽيل آهن، ۽ لفظ اهڙا ته نج سنڌي استعمال ٿيل آهن جو مترجم کي انهن لفظن جا متبادل لفظ اردو ٻولي ۾ ملي ناهن سگھيا.
ان کان علاوه آغا صاحب لفظ “پربهات” استعمال ڪيو آهي، جيڪو پڻ سنڌي جو پنهنجو اصلوڪو لفظ آهي، هاڻ هنن مثالن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته آغا صاحب ڪيترن ئي سنڌي لفظن جا اردو ٻولي ۾ متبادل لفظ ڏيئي ناهي سگھيو ان لاءِ ترجمي ۾ اهو رنگ ناهي رچي سگھيو جيڪو هجڻ کپي ها. شاعري ۾ فقط لفظن جو ترجمو ناهي ڪبو، پر انهن سان گڏوگڏ لفظن ۾سمايل انهن احساسن کي جيڪي شعر ۾ شاعر مخصوص ڪيفيتن جي ردِ عمل ۾ پوئيندو آهي انهن کي به ٻي ٻولي ۾ ڀرپور نموني ڏيڻ جي ڪوشش ڪبي آهي، جيتوڻيڪ احساس ترجمو ناهن ٿي سگھندا پر انهن جا متبادل لفظ ڳولي ٻي ٻولي ۾ به اهڙين ڪيفيتن جو اظهار ڪري سگھجي ٿو. مگر آغا سليم فقط لفظن جا ترجما ڏنا آهن، ان لاءِ سندس اردو ترجمي ۾ رُکائي محسوس پئي ٿي.
ساڳي شعر کي آغا صاحب انگريزي ۾ پڻ ترجمو ڪيو آهي، جيڪو هيٺ پيش ڪجي ٿو:
I kept the candle burning till the rays of sun appeared
I am dying Come back Mandhro, for God‘s sauce
Yearning and longing for you I follow the
Crows of kaak
هن شعر جي ترجمي ۾ آغا صاحب لفظي ترجمي تي زور ڏنو آهي، آغا شاهه جي بيت جي مفهوم کان بلڪل هٽي ويو آهي. ائين ٿو لڳي ته آغا صاحب شاهه جي بيت جو ترجمو ناهي ڪيو، مگر پاڻ پنهنجو ڪو انگريزي ۾ بيت سرجيو اٿس. شاهه سائين جي شعرن جي ترجمي ڪرڻ وقت اسان کي گرامر جي اصولن تي پڻ توجھ رکڻو آهي. شاهه سائين جا شعر اسان کي زمان مڪان جي ڄاڻ پڻ ڏين ٿا. دنيا جي هر ٻولي جو پنهنجو گرامر آهي، ۽ گرامر وسيلي ئي ٻولي جي بيهڪ جي خبر پوندي آهي. هتي شاهه سائين “شمع ٻاريندي شب، پرهه باکون ڪڍيون” هاڻ شاهه سائين هتي حال جي ڳالهه ٿو ڪري، نه ئي جاري جي. “ٻاريندي” لفظ لاءِ انگريزي ۾ “Burnt” لفظ استعمال ۾ اچي ها ته وڌيڪ بهتر هو. ڇو ته “burning” لفظ “ٻاري رهيو هئڻ” يا “ٻاري رهي هئڻ” لاءِ ڪم ٿو اچي. جيڪو شاهه صاحب لفظ ڪم نه آندو آهي. اڳتي آغا صاحب ترجمو ڪيو آهي:
“Rays of sun appeared ” هي جملو اسان کي بلڪل الڳ معنيٰ پيو ڏي. آغا صاحب سج جي اڀرڻ جي ڳالهه ٿو ڪري ۽ شاهه صاحب پرهه ڦٽي جي ڳالهه ڪئي آهي. پرهه ڦٽي ۽ سج جي اڀرڻ ۾ وڏو فرق آهي. “پرهه باکون ڪڍيون” ان لاءِ “rays of sun appeared” جي بجاءِ “And set days first streak in the stay” لکڻ شاهه جي مفهوم جي وڌيڪ ويجھو آهي. آغا صاحب جو ڪيل ترجمو شاهه سائين جي مفهوم جي سهي چٽائي نٿو ڪري. سندس ترجمو مفهوم ئي ڪو الڳ ٿو بيان ڪري. ان کان علاوه آغا صاحب “موٽ مران ٿي ميندرا” هاڻ “ مران ٿي” لاءِ آغا صاحب “I am dying” استعمال ڪيو آهي. جڏهن ته شاهه سائين “مران ٿي” فقرو ڪم آندو آهي، نڪي “مري رهي آهيان” ڪتب آندو اٿس جو آغا صاحب “I am dying” لفظ استعمال ڪيو آهي. هتي “I am dying” بدران “I die” استعمال سهي هو جيڪو زمان حال ڏيکاري ٿو ۽ شاهه سائين جي شعر ۾ به گرامر موجب اهو فقرو زمان حال سان تعلق رکي ٿو.
شاهه جي سُر برووسنڌي جو هي شعر:
ڇا کي وڃيو ڇو، ٻيلي ٿئين ٻين جو؟
وٺ ڪنجڪ ڪريم جي، جڳ جو والي جو،
سؤکو هوندو سو، جنهن جوعشق الله سين.
آغا صاحب هن شعر جو اُردو توڙي انگريزي ٻنهي ٻولين ۾ ترجمو ڪيو آهي. آغا صاحب اُردو ٻولي ۾ هن شعر کي بهترين ترجمي جو ويس پهرايو آهي. ۽ اردو ۾ به هن شعر جو ساڳيو مفهوم ٺهڪي ٿو بيهي. سندس ڪيل اردو ترجمو هيٺ پيش ڪجي ٿو:
ڪس ڪارن تو غير ڪا، بنا هڳ يار! غلام؟
جو هڳ والي جگ ڪا، اس ڪا دامن تهام،
وه پائيڻ آرام، جن ڪا عشق الله سي.
آغا صاحب شاهه جي اسلوب کي اردو ٻولي ۾ به ساڳي انداز ۾ ترجمو ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. هتي ٻولي جو مزاج بيت سان ٺهڪندڙ آهي. آغا اردو ترجمي ۾ ڪافين جو استعمال به نهايت خوبصورتي سان ڪيو آهي. هن کي بهترين ترجمو چئي سگھون ٿا بلڪ بهترين ترجمو آهي.
هي ساڳيو شعر آغا صاحب انگريزي ۾ ڪجھ هن ريت ترجمو ڪيو آهي:
Why and what for you be servant of others
Hold stirrup of the gracious horse
Who is the lord of the universe?
He will surely comfortable, who loves only Allah.
هن ترجمي کي پڙهي چئي سگھجي ٿو ته آغا صاحب ترجمي جي اصولن کي ڄڻ ته ننديو آهي، ڇو ته هتي آغا صاحب نه ته “rhyme” برقرار رکي سگھيو آهي نه وري “rhythm” کي ۽ نه وري هن ۾ “Alliteration” نه وري گرامر جو سهي استعمال ڪيو اٿس. آغا سليم جي هن شعر جي ڪيل انگريزي ترجمي کي جيڪڏهن لفظي ترجمو چئون تڏهن به غلط ٿيندو. ڇو ته هتي آغا صاحب لفظ به غلط ڪم آندا آهن. شاهه صاحب “ڇا کي وڃيو ڇو” استعمال ڪيو آهي. ۽ آغا صاحب وري انگريزي ۾“why and what you be servant of others” ترجمو ڪيو آهي. جنهن ۾ ڪابه شعريت ڏسڻ ۾ نٿي اچي. هي ته پاڻ شاهه جي شعر کي ئي ابتو ڪري ٿو ٻڌائي. آغا جو ڪيل انگريزي ترجمو “ڇو کي وڃيو ڇا” جي معنيٰ پيو ڏي. ۽ آغا صاحب “what for you” هن جملي جو استعمال الائي ڇو ڪيو آهي. جڏهن ته گرامر جي حوالي سان “for what” جو استعمال ڪٿي به ناهي ٿيندو. اصولن هنن لفظن جو هتي استعمال غلط آهي. ۽ اهو جملو به شاهه صاحب جي مفهوم سان ٺهڪي ئي نٿو. آغا صاحب جي ڪيل هن ترجمي کي جيڪڏهن H.T.Sarley جي ڪيل انگريزي ترجمي سان ڀيٽ ڪجي ته آغا جو ڪيل ترجمو اصولن غلط ثابت ٿيندو. هتي ٻنهي مترجمن جا ڪيل ترجما پيش ڪجن ٿا:
آغا سليم جو ترجمو:
Why and what for you be servant of others
Hold stirrup of the gracious horse
Who is the lord of the universe?
He will surely comfortable,
Who loves only Allah?
H.T.Sarley جو انگريزي ترجمو:
After what go thou?
Why doesn’t Thou remain, the servant of others?
Stirrup-leather laid hold of the merciful one
Even the lord of the worlds
For certain that main will be Happy
Whose love towards Allah is turned?
هتي آغا صاحب ۽ ايڇ ٽي سارلي جي ترجمن ۾ فرق نمايان آهي. آغا صاحب ترجمو فقط لفظي ڪيو آهي، باقي مفهوم کي منتقل ڪرڻ ۾ بلڪل به ناڪام ويو آهي.
ايڇ ٽي سارلي جي ترجمي ۾ مفهوم پڻ واضح آهي. آغا صاحب شاهه صاحب جي بيتن کي ترجمي ڪرڻ وقت انگريزي شاعري جي اصولن کي نظر انداز ڪيو آهي. انگريزي شاعري لکت ۾ نثر کان مختلف ايئن ايندي آهي جو ان ۾ Apostrophe جو استعمال گھڻو هجي ٿو. يعني اڌ لفظ لکيا وڃن ٿا. جيئن “even” کي “en‘E” have کيI’ve ڪري لکيو ٿو وڃي. آغا سليم جي ڪيل سڄي ترجمي ۾ ان جو ڪٿي به استعمال نٿو ملي. ٻيو انگريزي شاعري ۾ You جي بجاءِ thou, they يا thee استعمال ڪجي ٿو. جڏهن ته آغا سليم هر جڳهه تي فقط You جو استعمال ڪيو آهي.
شاهه جي شاعري ۾ جيتري قدر وسعت آهي ۽ معنيٰ ۽ مفهوم ۾ گھرائي آهي، آغا صاحب اها گھرائي يا وسعت انگريزي ترجمي ۾ برقرار رکي ناهي سگھيو.
شاهه سائين جو هڪ شعر آهي:
دل جو دلبر هيڪڙو، گھڻا تان نه ڪجن،
دل ڏجي تنهن هڪ کي توڻي سَو سِڪن،
سي چلولا چئجن، جي در در لائين دوستي.
هن بيت جو آغا صاحب جو اردو ترجمو لفظي ترجمي جو ڏِک ٿو ڏي. ان ۾ هڪجھڙائي موجود آهي. سندس ڪيل اردو ترجمو هيٺ پيش ڪجي ٿو:
دل ڪا دلبر ايڪ هو، اور نه هوڻ درڪار،
دل تو ديڻ اُس ايڪ ڪو، ترسيڻ اور هزار
جائيڻ جو هر دوار، وه تو هيڻ هرجائي.
آغا جو هن بيت جو اردو ترجمو قافيي ۽ ترنم سان هم آهنگي ڏيکاري ٿو. پر آغا آخري سِٽ ۾ لفظ “هرجائي” جيڪو “چلولا ” لاءِ استعمال ڪيو آهي، اهو غير مناسب لفظ آهي. “هرجائي” لفظ جي معنيٰ آهي“ بيوفا يا دوکي باز” هاڻ جڏهن ته شاهه صاحب جي بيت ۾ لفظ “چلولا” استعمال ٿيل آهي. جيڪو اردو ۾“چلبهلا” چئبو آهي. پر اهو لفظ به هتي جملي ۾ ٺهڪي نه بيهندو. ڇو ته شاهه صاحب جي شاعري ۾ ڪي لفظ اهڙا ته چِند سنڌي استعمال ٿيل آهن جو انهن لفظن جا متبادل لفظ ٻي ٻولي ۾ ملڻ ئي مشڪل آهن. پر جيڪڏهن انهن لفظن لاءِ ٻيا لفظ استعمال ڪبا ته يقيناً معنيٰ ۽ مفهوم کي ڌڪ رسندو.
ساڳيو شعر آغا صاحب انگريزي ۾ به ترجمو ڪيو آهي. اهو هيٺ پيش ڪجي ٿو:
There should be one love, not numerous
Heart be given to only one even
As hundred long for it.
They are flirts, who believe in many loves.
سڀ کان پهرين آغا صاحب جي ڪيل ترجمي جي آخري سِٽ کي ڏسجي ته اها سندس اردو ترجمي سان هڪجھڙائي ٿي رکي، ۽ ٺهڪي به بيهي ٿي. پر شاهه سائين جي شعر جو مفهوم ڪٿي به نه پئي ڏي. آغا صاحب لکي ٿو ته:
They are flirts, who believe in many loves.
اردو ۾ وري:
جائيڻ جو هر دوار، وه تو هيڻ هرجائي.
آغا صاحب “flirts” جو لفظ ڪم آندو آهي، جيڪو “هرجائي” ۽“دوکي باز” جي معنيٰ ته ڏي پيو، پر اهو“چلولائي” جي معنيٰ نٿو ڏي. ڇو ته “چلولائي، چلولو يا چلولا” لاءِ انگريزي لفظ “Fickle” ۽ “fickleness” لفظ استعمال ٿيندا آهن. ان کان علاوه شاهه جي سِٽ:
دل ڏجي تنهن هڪ کي توڻي سَو سِڪن
هتي شاهه صاحب جي “سؤ سڪن” مان مراد آهي ته ڪيترائي. هتي سؤ مان مطلب لاتعداد جو ٿو ڏي. پر آغا صاحب هتي به فقط لفظي ترجمي جو مظاهرو ڪندي “سؤ” جي لفظ کي “hundred” لفظ سان ترجمو ڪيو اٿس. جيڪو مفهوم موجب بلڪل غلط ۽ مختلف آهي.
آغا ٻي سِٽ کي هن ريت ترجمي جي شڪل ڏني آهي:
Heart is given to only one even as hundred long for it.
انگريزي ٻولي ۾ ڪيترائي اهڙا لفظ آهن جيڪي اصطلاحن طور ڪتب ايندا آهن. ۽ انهن لفظن ۾ ايتري وسعت هوندي آهي جو پنهنجي پاڻ ۾ پوري جملي جي معنيٰ کي سمائي ڇڏيندا آهن. هتي شاهه صاحب “ دل ڏجي تنهن هڪ کي” دل ڏيڻ جي مفهوم ۾ اصطلاح طور طور ڪتب آندو آهي. هاڻ “Heart be given to only one” بلڪل لفظي ۽ ٻاراڻو ترجمو ٿو لڳي. ان جي بدران جيڪڏهن “Heartstring” لفظ استعمال ڪجي ها ته مناسب ٿي ها. ڇو ته “Heartstring” “ دل ڏيڻ” جي معنيٰ لاءِ بهترين اصطلاح آهي.
شاهه سائين جو شعر:
دل جو دلبر هيڪڙو، گھڻا تان نه ڪجن،
دل ڏجي تنهن هڪ کي توڻي سَو سِڪن،
سي چلولا چئجن، جي در در لائين دوستي.
هن شعر کي جيڪڏهن هن ريت ترجمو ڪجي ته پوءِ معنيٰ ۽ مفهوم ٻئي برقرار رهي سگھن ٿا:
There be one beloved only
Never made many,
Heartstring one only
Tantalize so many
They will be called fickleness
Who alliance many
آغا صاحب جي انگريزي ترجمي ۾ ڪافيو اڻ لڀ آهي. شاهه جي شعرن کي ڪنهن به ٻولي ۾ ترجمي ڪرڻ وقت قافيي کي برقرار رکڻ انتهائي مشڪل ڪم آهي. ان لاءِ چئي سگھجي ٿو ته آغا سليم شاهه جي شعرن جو نثري انداز ۾ ترجمو ڪري اسان کي معنيٰ ۽ مفهوم سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر آغا سليم شاهه جي مفهوم کي چڱي ريت ترجمي ۾ منتقل ڪري ناهي سگھيو.