سندس ڪي ٻيون تصنيفون:
• اڻ کٽ فاصلا (ڪهاڻي)
• ڌرتي روشن آهي (ڪهاڻي)
• رت ورنو روءِ (ڪهاڻي)
• مان ئي وار وجود جو ( ڪهاڻي)
• شبنم شبنم ڪنول ڪنول جو اڀياس (مضمون)
• سنڌي ڪهاڻي تي هڪ نظر ( مقالو)
• جھولي لال (سفرنامو)
• برف پنکڙيون ۽ چنڊ (سفرنامو)
• پن ڇڻ ۽ چنڊ ( شاعري)
• پٺاڻ ( تاريخ تي لکيل ڪتاب)
• سچل سارو سچ (سچل تي لکيل)
• صدين جي صدا (شيخ اياز تي لکيل)
• سندهي ڊرامي ڪي تاريخ (اردو ڪتاب)
• سنده مين موسيقي ( اردو ڪتاب)
• اونداهي ڌرتي روشن هٿ (ناول)
• هم اوست (ناول)
• روشني جي تلاش ( ناول)
• اڻ پورو انسان ( ناول)
• گل ڇنو گرنار جو ( ٽي وي ڊرامو)
• دودو چنيسر (ٽي وي ڊرامو)
• گلن جھڙا گھاءُ (ٽي وي ڊرامو)
• روپ ٻهروپ (ٽي وي ڊرامو)
• خواب جو سورج (ٽي وي ڊرامو)
• واپسي (ٽي وي ڊرامو)
• پاڳل خانو (ٽي وي ڊرامو)
• تماشو (ٽي وي ڊرامو)
• ٽيليفون ( ٽي وي ڊرامو)
• پرهه جا مسافر ( ٽي وي ڊرامو)
• چانڊوڪي جو زهر ( ٽي وي ڊرامو)
• پاس ناپاس ( ٽي وي ڊرامو)
• سک جي وستي ( ٽي وي ڊرامو)
• پوياري جا پاڇا ( ٽي وي ڊرامو)
• درد جي روشني ( ٽي وي ڊرامو)
• دولهه دريا خان ( ٽي وي ڊرامو)
• چانڊوڪي (سنڌي فلم1969ع)
• محبوب مٺا (سنڌي فلم1971ع)
• رت جا رشتا (سنڌي فلم1975ع)
• بابا فريد جا دوها ( ترجمو)
• ڍولا مارو-
• لات جا لطيف جي ( لطيفيات)
• سُر سارنگ، سُر ڪلياڻ، سُر سورٺ، سُر مومل راڻوجو ترجمو (لطيفيات)
• لالن لال لطيف ڪهي
(شاه جي رسالي جو مڪمل اردو ترجمو)
آغا سليم جي سڀني لکڻين ۾ شعور جو وهڪرو stream of consciousness نظر اچي ٿو. انڪري هو سنڌي ٻولي جو اهم تخليقڪار سمجھو وڃي ٿو.
سنڌي ٻولي جو اهم فنڪار آهي، آغا صاحب پهريون تخليقڪار آهي جنهن ڪهاڻي سان گڏوگڏ ساڳئي وقت ناول تي به قلم آزمائي ڪئي آهي. آغا سليم سنڌي ادب جو پُرجلال ۽ پُرجمال چهرو آهي، پاڻ شاهه ڀٽائي، سچل سرمست ۽ سامي جو انگريزي مترجم ۽ موسيقي جو پارکو آهي. سندس تخليقي لکڻين ۾ رومانس، تصوف ۽ انقلاب کي پنهنجو فڪر بڻايو اٿس. افسانوي ادب کي رومانيت واري رنگ ۾ رنڱي پنهنجي فڪر جي اُپٽار ڪئي اٿس. آغا سليم اهڙو نثر نويس آهي، جنهن سنڌي ٻولي ۾ افساني، ناول ۽ ڊرامي کي تاريخي، فلسفيانه، وطن پرستي، ۽ ڪلاسيڪي انداز سان پيش ڪيو آهي. نصير مرزا آغا سليم بابت لکن ٿا ته “ آغا صاحب سنڌي شاعري جي ڪلاسيڪل اثاثي کي اردو ۽ انگريزي ۾ متعارف ڪرايو. آغا صاحب جو ٻيو اهم ڪارنامو آهي، بابا فريد گنج شڪر جا دوها پڻ پهريون ڀيرو هندي ۽ پنجابي مان سنڌي ۾ آندا آهن، ۽ گڏوگڏ بابا گرونانڪ جي ٻاڻين ڪبيرداس جي دوهن، ميران ٻائي جي ڀڄنن، خان خانان جي ڪلام ۽ ننڍي کنڊ جي اهڙي ٻئي تخليقي اثاثي ورثي کي سنڌي ۾ شيئر ڪيو. ۽ صرف ايترو ئي نه، پر هن جديد ڪلاسيڪل ۽ سنڌ جي مائل اسٽون شاعر شيخ اياز کي پڻ نئين رُخ سان دريافت ڪيو ۽ جيئن شاهه بابت “لات جا لطيف جي” لکيو ائين ئي شيخ اياز بابت “صدين جي صدا” لکيائين. اِهي ٻئي ڪتاب آغا جي قلم جا نوان ڪرشما آهن.” (5)
آغا صاحب اهو جديد ليکڪ آهي جنهن ادب جي سڀني لاڙن کي منفرد انداز سان پيش ڪيو آهي، جنهن ڪلاسيڪيت کي جديديت ۽ رومانيت جي رنگ ۾ رنڱي ادب ۾ چار چنڊ لڳايا آهن.
آغا صاحب پنهنجي لکيل ۽ ترجموڪيل ڊرامن ۾ سماج جي هر هڪ پهلو جي عڪاسي ڪئي آهي، سندس هر ڊرامو، ڪهاڻي توڙي ناول پنهنجي فن تي پورو لهي ٿو. سندس لکيل ڊرامي “دودو چينسر” ۾ آغا صاحب داستان جي خوبصورت پيشڪش سان گڏوگڏ ڪمال جي منظرنگاري چٽي آهي، لکي ٿو ته:
“سارو محل ڪنوار وانگر سينگاريل آهي، شمعدانن جي جھڪي روشني ۾ اگر بتين جو هلڪو هلڪو دونهون ماحول کي ننڊاکڙو ٿو بڻائي، ٻن درين جي وچ ۾ هنڌ تي سينگاريل سيج تي ڪوئل ڪنوار ٿي ويٺي آهي، پسمنظر ۾ شهنائي جا ويڳاڻا ۽ ڏوکيل سُر گونجن ٿا. ننگر اندر اچي ٿو هن جي مٿي تي موڙ آهن، ڪوئل ننگر کي ڏسي هوريان هوريان سيج تان اُٿي ٿي ۽ ننڍيون ننڍيون وکون کڻندي ننگر جي ويجھو اچي ٿي. اڄ اسانجي سُهاڳ رات آهي، هيڏانهن شرنايون پيون وڄن ۽ هوڏانهن جنگ جو نگارو، گھوٽ وڃ ۽ جنگ جي ميدان ۾ ڳاڙهو گھوٽ ٿي”
ننگر: شل ديس لاءِ مران، وري وري جيئان ۽ وري مران، ائين مري وري جيئندو ۽ جي وري مرندو رهان، هن جي منهن تان موڙ ڪري ٿا پون.
ڪوئل (جھڪي موڙ کڻي ٿي) ڪنوارون گھوٽن جي حياتي لاءِ دعائون گھرنديون آهن، پر جڏهن ڌرتي ماءُ جي لڄ لتاڙي ويندي آهي، تڏهن ڪنوارون به گھوٽن لاءِ دُعا گُھرنديون آهن ته شل هنن گلن جھڙا گھاءُ لڳنئي شل هنن ميندي رتل هٿن جيان ريٽو ٿئين.
ننگر: شل پنهنجي رت سان پنهنجي ديس جي ڌرتي جا اُهي گھاءُ ڌوئان جيڪي ڌارين گھوڙن جي سنبن هن کي ڏنا آهن.
ڪوئل: شل سڀئي گھاءُ سيني ۾ لڳنئي ۽ ڪو گھاءُ پٺيءَ ۾نه لڳنئي (نغارو وڄي ٿو) وڃ ڪانڌ وڃ گھوڙو چڙهه ۽ ويرين کي وڍيندو ۽ سُرهو ٿي سيج ماڻ” (6)
آغا صاحب تاريخي داستانن کي رومانيت واري انداز ۾ لفظن جي اهڙي ته دلڪشي سان پيش ڪيو آهي جو پڙهندڙ ان مان معلومات وٺڻ سان گڏوگڏ لطف اندوز پڻ ٿئي ٿو. ساڳئي طرح آغا صاحب “ گل ڇنو گرنار جو” ۾ سورٺ راءِ ڏياچ جي تاريخي قصي کي نئين انداز ۾ بهترين مقالمن جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي. ڊائلاگ پڙهڻ سان ئي آغا جا پيش ڪيل ڪردار ڄڻ ته اکين آڏو ڦرڻ لڳن ٿا ۽ ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ته اهو منظر پڙهندڙ پاڻ پنهجي اکين سان حقيقت ۾ ويٺو ڏسي. ٻيجل جي سِر گُھرڻ ۽ ڏياچ جي سِر ڏيڻ واري واقعي کي پيش ڪرڻ لاءِ آغا صاحب لفظن جا اهڙا ته بهترين قالب گھڙيا آهن جو پڙهندڙ کي ائين محسوس ٿو ٿئي ته ڄڻ هو ٻيجل ۽ ڏياچ جي وچ ۾ ٿيندڙ گفتگو سامهون ويٺو ٻڌي. “ گل ڇنو گرنار جو” ۾ آغا صاحب ٻيجل ۽ ڏياچ جي گفتگو بيان ڪندي لکي ٿو ته:
ٻيجل: منهنجي سُرندي جي ساراهه ئي مون لاءِ سڀ کان وڏو دان آهي مهاراج.
ڏياچ: ٻيجل تون اسان کان ڪو دان نٿو گھرين، پر تنهنجو سُرندو اسان کان ڪجھ گُھري ٿو، تنهنجي ساز ۾ ڪو راز آهي، تنهنجي من ۾ ڪا مام آهي، جيڪا اسان پروڙي نٿا سگھون، ٻڌاءِ ٻيجل تنهنجو سُرندو اسان کان ڇا ٿو گُهري؟
ٻيجل: اوهانجي پيرن ۾ پناهه ٿو گُهري مهاراج.
ڏياچ: نه ٻيجل تنهنجو سُرندو پنهنجي الستي آواز سان اسان کان ڪجھ گھري رهيو آهي، تنهنجي ساز ۾ ڪو راز آهي، جيڪو اسان سمجھي نٿا سگھون، ٻڌاءِ ٻيجل تنهنجي سُرندي جي من ۾ ڪهڙي مڱ آهي؟
ٻيجل: منهنجي سُرندي جي من ۾ اوهان جي ڇٽ جي ڇانَو ۾ رهڻ جي مڱ آهي.
ڏياچ: اسان جو ڇٽ! اسان جو سِر ۽ ساهه تنهنجي تند آڏو تڇ آهي، تنهنجي تند اسانجي جند کي ڌوڻي ڇڏيو آهي، ۽ اسانجو سرير ذريون ذريون ٿي اڪ جي ڦلڙين جيان آڪاش ۾ ٿو اُڏامي تنهنجي آواز اسانجي اندر ۾ اهڙي اُڃ اٿاري آهي جو تنهنجي آواز کانسواءِ هي سارو سنسار رُڃ ٿو لڳي وري تند تنوار، وري آتما جي اُڃ اُٿار.
(ٻيجل سُرندو سوري ڳائي ٿو)
تو در آيس راجا، ههڙو وٺي حال
اونائيج عليل جو، سٻاجها سوال
اڱڻ مٿي اُن جي، ڪهي ڪي ڪوال
ڀلا! ڪري ڀال، امن ڏيو ان کي
ڏياچ: ٻيجل تون اسانجي اڱڻ ڪهڙو سوال کڻي آيو آهين؟
ٻيجل: ٻيا در ڏيئي ٻن، آيس تنهنجي در
سونهارا سورٺ ور، ڪا منهنجي ڪر
ڀلا ڀير ڀر، پالهو پاند پينار جو
ڏياچ: (بي چين ٿي) اسان تنهنجو پالهو پاند ڇا سان ڀريون ٻيجل؟
اسان آڪاش مان سج چنڊ آڻي تنهنجي جھول ۾ وجھون پر انهن جي جوت تنهنجي راڳ جي روشني اڳيان جَھڪي ٿي ويندي، اسان انڊلٺ جو هار تنهنجي ڳچي پايون پر انڊلٺ جا ست رنگ تنهنجن ستن سُرن آڏو بي رنگ ٿي ويندا، اسان توکي ستن آڪاسن جي اوچائي تي ويهاريون، پر ڀڳوان پاڻ آڪاسن جي اوچائي تان لهي تنهنجي سُرندي ۾ ساهه ٿو کڻي، ٻڌاءِ ٻيجل تنهنجو پالهو پاند ڇا سان ڀريون؟
ٻيجل: مهاراج هڪڙي معمولي مڱ من ۾ آهي جيڪا............
ڏياچ: (هن جي ڳالهه ڪٽيندي ۽ اُتساهه سان) ٻڌاءِ ٻيجل تنهنجي من ۾ ڪهڙي مڱ آهي؟ اسان تنهنجي مڱ پوري ڪرڻ لاءِ ماندا آهيون، اسان توسان وچن ٿا ڪريون ته هن جنسار مان جيڪو گُھرندي تنهن مان تنهنجو پالهو پاند ڀرينداسين.
ٻيجل: وچن ٿا ڏيو مهاراج؟
ڏياچ: ها ٻيجل توکي مهراجن وارو وچن ٿا ڏيون.
ٻيجل: مهاراج مونکي........... مون کي...........
ڏياچ: هٻڪين ڇو ٿو ٻيجل؟ گُهر جيڪي گُھرڻو اٿئي.
ٻيجل: (يڪدم چئي ٿو) مونکي اوهانجو سِر گُھرجي.
ڏياچ: ٻيجل........!(ڏياچ جي دانهن سان سُرندي ۽ ستار جي گڏيل موسيقيءَ جو چمڪاٽ ٿئي ٿو ۽ پوءِ سُرندو هلڪن سُرن ۾ پس منظر ۾ وڄندو رهي ٿو.” (7)
هتي آغا صاحب جي ڊرامي جا ڪي مقالما پيش ڪرڻ جو مقصد فقط آغا صاحب way of asceticism جي مثال ڏيڻ آهي. هنن مثالن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته آغا صاحب ڪيڏي نه موهيندڙ انداز ۾ مڪالما لکيا آهن جن سان پيش ڪيل منظر بي ساخته نظر اچن ٿا. آغا صاحب پنهنجي هر لکڻي ۾ چٽي منظرنگاري ڪري سماج جي هر پهلو تي نظر وڌي آهي.
آغا صاحب ڊرامي کان علاوه ڪهاڻي لکڻ جي فن ۾ پڻ پاڻ مڃرايو آهي. آغا صاحب پنهنجي ڪهاڻين ۾ سماج جي هر پهلو کي بنا رک رکاءُ جي کليل انداز ۾ بيان ڪيو آهي. ادب جيئن ته آهي ئي سماج جي عڪاسي ڪرڻ لاءِ ان لاءِ ان ۾ رک رکاءُ جو لحاظ نه رکڻ گھرجي.
آغا سليم سندس ڪهاڻين جي مجموعي“ ڌرتي روشن آهي” ۾ بهترين انداز ۾ پنهنجي ڪهاڻين کي رومانيت جو رنگ ڏيئي هڪ نئين اسٽائيل کي متعارف ڪرايو آهي. آغا صاحب جو هي مجموعو ستن ڪهاڻين تي مشتمل آهي. جن جا عنوان هي آهن.
1-ڌرتي روشن آهي.
2- کڙندا کٽڻهار
3- درد جو شهر
4- شڪست جو آواز
5- پل پکيئڙا
6- درد جا رشتا
7- اکيون آرسيون
آغا سليم جي ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو“چنڊ جا تمنائي” آهي، هن ۾ نَو ڪهاڻيون آهن.
ادب ۾ بهترين لکڻي اها آهي جنهن ۾ لکندڙ جو پنهنجو عڪس پڻ پڙهندڙ جي ذهن ۾ ٺهي پوي. آغا صاحب جي هر ڪهاڻي ۾ سندس نفسيات ۽ شخصيت بلڪل نمايان ظاهر ٿئي ٿي. آغا سليم جي سڀني افسانن ۾ “نفسياتي رُخ” ۽ “شعور رو” کي اهميت ڏني وئي آهي. آغا صاحب جي هن مجموعي ۾ هيٺين عنوانن سان ڪهاڻيون ملن ٿيون.
1- نيٺ بهار ايندو
2- خوابن جا سوداگر
3- سڄڻ نِت سوجھرو
4- ڊڄڻي
5- ماريم پنهنجي پرين کي
6- جُڳن جا جُڳ ٿيا
7- ٽهڪ
8- خوني
9- چنڊ جا تمنائي.