لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

آغا سليم پاران ڪيل شاهه جي رسالي جي ترجمن جو اڀياس

هي ڪتاب ” آغا سليم پاران ڪيل شاهه جي رسالي جي ترجمن جو اڀياس “ ايم اي ۾ لکيل مونوگراف آهي. هي تحقيق محترمه ارم فاروق جمالي پاران ڪيل آهي.
Title Cover of book آغا سليم پاران ڪيل شاهه جي رسالي جي ترجمن جو اڀياس

آغا سليم جي تخليقن جو تعارف

آغا صاحب شڪارپور جي لکيل پڙهيل خاندان سان تعلق رکندڙ آهن. هن مخصوص ۽ منفرد نثر نويس جي حيثيت ۾ پاڻ کي سنڌي علم ادب ۾ متعارف ڪرايو ۽ مڃايو آهي. پاڻ مختلف صنفن ۾ شعر به چيو اٿس. هائي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران ادب ڏانهن متوجھ ٿيو ۽ پنهنجي پر ۾ محنت ڪندي پختي قلم جو ڌڻي ٿي ويو. آغا صاحب جي علم ادب ڏانهن لاڙي بابت ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو پنهنجي پي- ايڇ- ڊي جي ٿيسز “شڪارپور شهر جو علم ادب ۾ حصو” ۾ لکي ٿو ته: “ آغا سليم سنڌي ٻولي جي ادب جو مهان نالو آهي، جنهن ادب کي پنهنجي بهترين فني، فڪري ڪاوشن ۽ تخليقن سان سرشار بڻايو آهي. هو هڪ ئي وقت بهترين ڪهاڻيڪار، ناول نويس، ڊرامانگار، شاعر، اديب ۽ ترجمان آهي، هو جنهن به صنف ۾ پنهنجي احساسن جذبن ۽ خيالن جو اظهار ڪرڻ ٿو چاهي انکي آسانيءَ سان اپنائي ٿو سگهي. آغا صاحب ڪهاڻين ۽ ناولن کانسواءِ ڪوين جي قطار ۾ به نظر اچي ٿو، ٻيءَ ڳالهه ته سندس افسانا ۽ ناول سندس ڪويتائن تي حاوي محسوس ٿين ٿا، اُهي به آغا جي افسانن ۽ ناولن جيان اهم آهن، ڇو ته انهن سڀني جو سرجڻهار آغا سليم آهي. آغا سليم جي هر هڪ تخليق پنهنجي وجود ۾ وڏا ولولا ۽ فڪر آڻي ٿي. جيڪي ادب ۽ سماج لاءِ سون آهن.” (1)
آغا سليم جن جي علم ادب جي لاڙي بابت يوسف سنڌي پنهنجي ڪتاب“ سنڌي ادب (هڪ سؤ سنڌي اديبن جي سوانح ۽ ڪم جو جائزو) ۾ لکي ٿو ته: “ آغا سليم جي وڏي ڀاءُ کي لکڻ پڙهڻ جو شوق هوندو هو، هو ڪتاب وٺي ايندو هو ۽ آغا صاحب جي لاءِ ٻاراڻا ڪتاب به وٺي ايندو هو، جيڪي آغا صاحب پڙهندو هو. انهن جا ٽائيٽل ڪو معنيٰ خيز هوندا هئا. انهيءَ سان آغا صاحب جو تعليم ڏانهن لاڙو وڌندو ويو. آغا صاحب پهرين آغا شاهين جي نالي سان لکندو هو، سندس پهرين تخليق“ لذتِ گناهه” جي نالي سان پهريون افسانن جو مجموعو شايع ٿيو. آغا صاحب سنڌي ۽ اردو ٻنهي ٻولين ۾ لکندو رهيو آهي.” (2)
آغا صاحب جو نظريو آهي ته هي زندگي پنهنجين تمام اوڻاين ۽ اڻ سهڻاين جي هوندي به رهڻ جي لائق آهي، جنهن ۾ پيار کي ازلي چڱائي جو مرتبو مليل آهي. آغا صاحب جن ماهوار پرک کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ادب ۾ پير پائڻ بابت ڪجھ هن طرح ٻڌائي ٿو ته “ اها شڪارپور جي زماني جي ڳالهه آهي، مان سوچيو هو مان دنيا گھمندس مان ڏاڍا ڪتاب پڙهندس جيئن ٿورو شعور ٿيو ته ڪتابن جي دنيا ۾ شامل ٿيس، شڪارپور ۾ هڪ مشهور پبليشر هوندو هو “پوڪرداس” ان جو هڪ بازار ۾ دڪان هوندو هو، مونکي جيڪا به خرچي ملندي هئي ان جا ڪتاب خريد ڪندو هيس، پوءِ جڏهن آئون حيدرآباد آيس تڏهن به ڪتابن پڙهڻ جو سلسلو جاري رکيم، انهن ڏينهن ۾ آئون ڪرشن چندر کان تمام گھڻو متاثر هيس ان وقت مونکي خبر نه هئي ته ترقي پسندي ڇا آهي، باقي جيڪي ترقي پسند رائيٽر هئا، جن ۾ ڪرشن چندر هو. ابراهيم جيلس جنهن جو ڪتاب “چاليس ڪروڙ بکاري” هو. ان وقت سڄي هندستان جي آبادي چاليهه ڪروڙ هئي. ڪرشن چندر مونکي ڏاڍو وڻندو هو، جنهن انقلاب کي ڏاڍو رومانٽڪ ڪيو. ادب سان منهنجو شوق هو اديب مون لاءِ ڏاڍيون پُراسرا شخصيتون هوندا هئا.” (3)
تنهن کانپوءِ تنوير ۽ سراج سان بطور ڪاليج فيلو ملاقات ۽ دوستي ٿيس. انهن جي رنگن ۾ رنڱجي هن 1952ع ۾ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. پهرين ڪهاڻي جيڪا هن لکي تنهن جو نالو “ آهه! اي ظالم سماج” هو، جيڪا هالا مان نڪرندڙ “فردوس رسالي” ۾ ڇپي.
آغا صاحب هڪ ئي وقت ۾ ادب جي گھڻن صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي جھڙوڪ: ناول، ڊرامه، فلمون، ڪهاڻيون، شاعري، سفرنامو، ۽ ترجما. انهن سڀني صنفن ۾ آغا صاحب هڪ ئي وقت عبور حاصل ڪيو آهي. ان کانسواءِ آغا صاحب تحقيق ۽ صحافتي ميدان ۾ به پاڻ ملهايو آهي، اُهوئي سبب آهي جو يوسف سنڌي پنهنجي ڪتاب سنڌي ادب ۾ چوي ٿو ته“ آغا سليم کي سنڌي ادب جو آل رائونڊر به چئي سگھجي ٿو” (4)
آغا سليم هيٺين عنوانن سان سنڌي ادب جي مختلف صنفن تي لکيو. عنوانن جا نالا صنفن سان گڏ ڏجن ٿا.
سڀ کان پهرين آغا سليم ڪهاڻي وسيلي ادب جي وسيع ميدان ۾ لٿو، پهرين ڪهاڻي 1952ع ۾“ آهه! اي ظالم سماج” جي عنوان سان هئي. اها سندس پهرين ڪهاڻي ليکي وڃي ٿي. ان کان پوءِ سندس ٻيون ڪهاڻيون آهن:
1. چنڊ جا تمنائي: هي سندس ڪهاڻين جو مجموعو آهي جنهن ۾ هيٺين عنوانن سان ڪهاڻيون آهن.

• نيٺ بهار ايندو
• خوابن جا سوداگر
• سڄڻ نت سوجھرو
• ڊڄڻي
• ماريس پنهنجي پرين کي
• جُڳن جا جُڳ
• ٽهڪ
• خوني